ادب جي تعريف
ادب جي شروعات ٻوليءَ جي حوالي سان ته ٿي آهي، پر ماهرن انهيءَ جي لاءِ ڪهڙا اصول وضع ڪيا آهن؟ انهيءَ لاءِ لفظ ادب جي وصف جي وضاحت ڪجي ٿي.
“Literature a body of written works, the name is often applied to those imaginative works of poetry and prose, distinguished by the intentions of their author and the excellence of their exeacution, literature may be classified, according to a variety of systems including language national origin, historical period and subject matter.” (1)
انسائيڪلوپيڊيا جي مٿئين وصف موجب مختصرًا ادب نثر ۽ نظم جو امتزاج هئڻ سان گڏ مختلف موضوعن تي مبني آهي. ڏيهي عالمن لفظ ”ادب“ جي تفصيلي وضاحت هن ريت ڏني آهي:
علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ لفظ ”ادب“ کي عربي زبان جو ڄاڻائيندي وضاحت ڪئي آهي ته ”مادبة“ مان نڪتل هيءُ لفظ ”دعوت“ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ عباسين جي خلافت واري وقت ۾ ادب جو لفظ تهذيبي ۽ تعليمي معنائن ۾ عام جام استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ڪيترن ليکڪن جا ڪتاب ۽ رسالا ادب جي عنوان سان مقبول ٿيا. (2) علامه آءِ آءِ قاضيءَ موجب ادب، تاديب، تربيت، گهڙجڻ ۽ گسڻ پيسڻ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو.
مولوي فيروزالدين ادب جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو ته،
(ا د -ب) (1) هر شيءِ کي نگاهه جي حد ۾ رکڻ (2) علمِ زبان جنهن ۾ نحو، لغت عروض، انشاء معاني ۽ بيان وغيره داخل هجن (3) زبان جو سرمايو يا لٽريچر (6) فارسي ٻوليءَ جي لغت ۾ ادب جي معنيٰ ”فضيلت ۽ حليمت“ ڏني ويئي آهي، جنهن کي چڱين خصلتن جي ڄاڻ چئي سگهجي ٿو. (3)
ادب انساني حياتيءَ جو آئينو به آهي ته سندس زندگيءَ جي تفسير پڻ. جنهن جي نثر ۽ نظم (ٻن شاخن) ۾ نه فقط مصنف جي شخصيت جي جهلڪ سندس قلبي وارداتن ۽ ذهني ڪيفيتن سميت پسجي ٿي، پر هر ليکڪ جي دور جي سماج جون حالتون چٽيون پٽيون ڏسجن ٿيون. سماج جي انيڪ رخن جي نمائندگي ڪندڙ هن زباني ۽ بياني خزاني کي ”لطيف فن“ چيو ويو آهي، جيڪو قومن جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو مڪمل اهڃاڻ آهي.
”اهو تمام علم جيڪو ڪتابن وسيلي اسان تائين پهچي ٿو، ادب آهي.“ (ميٿيو آرنلڊ)
”بهترين ادبي ڪارنامو سمنڊ جي لهرن وانگر آهي، چاهي توهين ان جو جهڙيءَ ريت مطالعو ڪريو.“ (گوئٽي)
”ڪنهن به قوم جو ادب ان جي اخلاقي حالتن جو ترجمان آهي. (ڪارلائيل)
”اعليٰ ادب اهو آهي، جيڪو اعليٰ کان اعليٰ خيال قارئين تائين پيش ڪري. (رسڪن)
”خيالن ۽ احساسن جو اهو تمام سرمايو، جيڪو تحرير ۾ اچي چڪو آهي ۽ اهڙيءَ ريت ترتيب ڏنو ويو آهي، جو پڙهندڙ کي مسرت ۽ خوشي ملي، اهو ادب آهي.“ (نارمن)
Literature is a kind of intellectual light which, like the light of sun may some times enable us to see what we do not like (Jonson)
ادب جي اهميت ۽ افاديت ڪيترن عالمن ۽ اديبن جي قولن ۽ چوڻين مان پرکي سگهجي ٿي. تهذيب، اخلاق، صداقت، سکيا، وندر، علم، سمجهه ۽ شعور جو خزانو ادب انساني حياتيءَ لاءِ ڪتابن جي سوغات معرفت رهبري ۽ رهنمائي آهي، جنهن ۾ ٻولي ۽ ادب جي باهمي عمل (Interaction of language and literature) معرفت ڪيترائي اثرانگيز ۽ انمول فن پارا انساني حياتين کي سنئين دڳ تي لائي ويا آهن.
”ٻولي ۽ ادب ٻيئي پنهنجي پنهنجي دائره عمل ۾ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا.“ (5)
يعني ته ادب جي اظهار ۾ ادبي ٻولي ۽ ادب جو دائرو هڪ ٻئي سان جڙيل آهي. ادبي ٻولي هنڌائتن اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين، گفتارن، تشبيهن، استعارن، علامتن سان سينگاريل هجي ٿي.
ثعالبي موجب عربن پنهنجي علم ادب کي ٻارهن شاخن ۾ ورهايو آهي، جيڪي اصولي ۽ فروعي ۾ ورهايل آهن، انهن ٻارهن شاخن مان گهڻيون ٻوليءَ جي استعمال تي مبني آهن، جيئن صرف نحو، اشتقاق، لغت، قافيه عروض، معاني بيان، علم بديع عروض، علم الخط انشا، شعر ۽ تاريخ، قوانينِ ڪتاب، قوانين قرائت وغيره. علم ادب جا ٻه قسم آهن. ديني ۽ دنياوي. ديني علمن ۾ مختلف مذهبي/ڌرمي ڪتاب ۽ دنياوي علمن ۾ سائنسي، علمي، فني ۽ ادبي ڪتاب آهن. ادبي تصنيفن ۾ ”نثر“ ۽ ”نظم“ جا ڪتاب اچن ٿا، جيڪي ”تخليقي“ ۽ سادي ادب طور ورهايل آهن. دنيا جو هر ادب نظم کان شروع ٿيل آهي، جو ڪاغذ جي ايجاد ۽ جديد ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ ادب جي بقا فقط حافظي جي صورت ۾ هئي، انهيءَ ڪري نظم کي ترجيح هئي. قلمي، ليٿو، ٽائيپ ۽ موجوده وقت ۾ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي ڇپائيءَ ذريعي ڪتابي علم وڏي ترقي ڪئي آهي، جنهن سان ادب جي ترقيءَ جون راهون روشن ٿيون آهن.
قومن جي تهذيبن ۽ تمدن کي پرکڻ لاءِ زبان، رسم ورواج، مذهب ۽ رهائش جو بغور مطالعو انهيءَ قوم جي علم ۽ ادب وسيلي ڏسبو آهي. سنڌي ادب ۾ سنڌي قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي صدين جي تاريخ سمايل آهي، جيڪا نثر توڻي نظم ۾ تمام سهڻي نموني سان پسجي ٿي. نظم واري حصي ۾ ڳاهون، ڳيچ، بيت، وايون، ڪافيون، غزل، دوها، قطعا، چوسٽا، نظم، آزاد نظم، نثراڻو نظم، هائڪا، ٽه سٽا، ترائيل، سانيٽ، سنگيت منظوم ڊراما وغيره شامل آهن ته نثر جي حصي ۾ ڏندڪٿائون، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، ڪهاڻيون، مضمون، مقالا، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، سفرناما، انٽرويوز، تقريرون، ساروڻيون، مقدما، مهاڳ، خط، ڊائريون وغيره ملن ٿيون. جيئن ته دنيا جي هر ادب ۾ لوڪ ادب، اوائلي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ اخلاقيات جا سبق، محنتون، جدوجهدون، جاکوڙون، سورمن جون سورهيائيون، اميدون، بهادريون، يقين جون قوتون، نيڪ مقصد جي حاصلات جون ڪوششون، ناصحانه نموني بيان ڪيل آهن. سو سنڌي لوڪ ادب جا خزانا به اهڙين ڪاوشن کان خالي نه آهن، انهيءَ اهم ادبي ورثي جي حفاظت لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن، جن ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جي تحقيقي رٿا 1955ع مطابق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي رهنمائيءَ ۾ لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جا تقريباً 45 ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا. ٻين به ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن هن ڏس ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جن ۾ ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، ماستر الهبچايو سمون، عبدالحسين شاهه موسوي، ماستر محمد ابراهيم عباسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، نارائڻ داس ڀارتي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (پي ايڇ ڊي مقالو ”سنڌي لوڪ ادب جو ارتقائي جائزو“ آهي)، عثمان اديب، امداد حسيني، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ ٻيا آهن، پر اڃان به هن قيمتي اثاثي جي کوجنا، حفاظت ۽ اشاعت جي اشد ضرورت آهي.
سنڌي ادب جي نثر ۾ پڻ ڪافي ڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف صنفن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن. نثر جي هن حصي ۾ تاريخ، تنقيد، تحقيق، لسانيات، لطيفيات ۽ لغت کان علاوه نثر جي ادبي صنفن ۽ ٻين موضوعن تي معياري ۽ مقداري مواد موجود آهي، جنهن جي ڪٿ لاءِ پڻ ضخيم ڪتاب جي گهرج آهي.
دنيا جي ڪابه ترقي يافته قوم علمي ۽ ادبي خزاني کان خالي ناهي هوندي، جنهن ٻوليءَ ۾ وافر مقدار ۾ علمي ۽ ادبي تصنيفات نه آهن، سا سڃي ۽ سکڻي ٻولي آهي. ۽ اهڙو سماج ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو، جنهن جي ترجماني انهيءَ سماج جي سڄاڻن، سمجهوئن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن معرفت نه ٿيندي. انهيءَ ڪري ادب تي پيل پابندين سان نه فقط لکندڙ متاثر ٿئي ٿو، پر انهيءَ سان سڄو سماج جڪڙجي قيد ٿئي ٿو، ڇو ته سماجي حياتيءَ جي تبديلين جا اثر به فرد واحد کان اجتماعيت تي ٿيندا آهن. فردن جا انفرادي عمل سماج جي اجتماعيت جي مختلف رخن تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ اهڙن عملن جو آئينو ادب جي مختلف تحريرن وسيلي پسبو آهي. معنيٰ ته سچو اديب/شاعر پنهنجي پنهنجي دور جو مڪمل ترجمان آهي ۽ سندس گرفت ماضي، حال ۽ مستقبل تي هوندي آهي. سماج جون معاشي، سياسي، علمي، ديني حالتون ادب ۾ واضح ڏسجن ٿيون ۽ سنڌي ادب ۾ پڻ ساڳيءَ ريت سنڌ جي هر دور جي سماجي تاريخ سمايل آهي.
[b]حوالا[/b]
(1) The New Encyclopadia Britanica (Literary sketches) P 398, 2005
(2) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ”ايڏو شان شعور“، قاسمي چيئر، ڄامشورو، ص 112-113
(3) فيروزالدين مولوي، ”فيروز اللغات“ ص 77، فيروز سنز لميٽيڊ 1971ع
(4) پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر، سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ، سنڌ الاجي 1982ع، ص 9
(5) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو باهمي ميل“ (مقالو)
ٽه ماهي مهراڻ 1/ 1975ع، ص 119