لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

سنڌي ادب ۾ تنقيد جي ارتقا ۽ اوسر

”سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل تنقيد جي ڪتابن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪڙا اصولي تنقيد جا ڪتاب يا مضمون وغيره ۽ ٻيا عملي تنقيد جا ڪتاب ۽ مضمون مقالا وغيره. ان کان سواءِ تحقيق جي لحاظ کان لکيل ڪتابن کي به مٿين ٻنهي قسمن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب، جن ۾ نثر يا نظم جي ڪنهن صنف جي فني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ اصول ۽ قاعدا قانون بيان ڪيا ويا هجن، يا ڪنهن فن پاري جو اصولي تجزيو ڪرڻ لاءِ ماڻ ماپا بيان ڪيا ويا هجن، تن کي اصولي تنقيد جي دائري ۾ آڻبو. جڏهن ته ٻيا ڪي اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب، جن ۾ نثر ۽ نظم جي ڪتابن، افسانن، ناولن، ڊرامن ۽ مضمونن تي تنقيدي خيال کان لکيو ويو هجي ۽ مڪمل نموني ڇنڊڇاڻ ۽ پرک ڪري انهن جو ملهه ڪٿڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هجي ته انهن کي عملي تنقيد جي دائري ۾ آڻبو“. (5)
سنڌي ادب ۾ تنقيدي رويي جا اشارا ڊاڪٽر فهميده حسين موجب، ”نائين ۽ ڏهين صديءَ جي زماني ۾ هڪ شاعر ڪويراج شيکر جي هڪ ڊزن کن لکيل عروض، ادب تاريخ ۽ تنقيد جي ڪتابن مان ملن ٿا“. (6)
ان کان پوءِ مولوي ابوالحسن ڏاهري، مير علي شيرقانع ٺٽوي، محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، سيد ثابت علي شاهه ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ ڪجهه تنقيدي اشارا ملن ٿا. باقاعده طور اصولي تنقيد جو پهريون ڪتاب سيد فاضل محمد شاهه جو ”ميزان شعر“ 1875ع شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ علم عروض جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڄاڻ ڏنل آهي. ساڳيءَ ريت خطوط نويسيءَ جي موضوع تي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ”انشاءِ سنڌي“ ۽ ان کان اڳ ”هدايت الانشاء“ حاجي هدايت الله مشتاق جو خط و ڪتابت جي فن جي اصولن ۽ مثالن تي مشتمل ملي ٿو.
اڳيان هلي ڪافي ڪتاب تنقيدي نموني مطابق لکيا ويا، جن ۾ موضوع جي ڇنڊڇاڻ احسن طريقي سان ٿيل آهي، جن ۾ ورهاڱي کان اڳ ”احوال شاهه عبداللطيف“، ”ساميءَ جا سلوڪ“، ”علم ادب“، ”شاهاڻو شاهه“، ”سونهارو سچل“، ”لطيفي سير“، ”مقدمهءِ لطيفي“، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جو مقدمو، جيڪو باقاعده تجزياتي (Analytical) نموني لکيل آهي ۽ انهيءَ تي ٿيل بحث سان سنڌي ادب ۾ تنقيدي روين ۾ وڏي تبديلي آئي) ”قربِ قليچ“، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ”تذڪره لطفي“، ”شاهه جون سورميون“، ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ لکيا ويا.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ تنقيدي ادب ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. سڀ کان پهرين 1949ع ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ”ادب ۽ تنقيد“ نالي سان اهم ڪتاب لکيو، ان کان پوءِ ”ادبي اصول“، ”لطف اللطيف“، ”شاهه لطيف ۽ ان جو فن“، ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (منگهارام ملڪاڻي)، ”انڌا اونڌا ويڄ“، ”سنڌي غزل جو تجزيو“، ”تنقيدون“، ”ادب جا فڪري محرڪ“، ”ادبي اهڃاڻ“، ”ادبي شناس“، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (3 جلد)، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، وريا واهرو“، ”شاهه لطيف جي شاعري“، ”مضمون ۽ مقالا“، ”ادبي اوسر“، ”سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر“، ”سنڌي گيت“، ”شاهه سچل سامي“، ”ويچار“، ”ادبي تنقيد جا اصول“، ”تنقيدنگاري ارتقائي جائزو“، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، ”شعور، شاعر، شاعري“، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۽ ٻيا چند ڪتاب اصولي ۽ عملي تنقيد جا مظهر آهن ۽ خاص طور سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ڪيل تحقيق ۾ هند ۽ سنڌ جي يونيورسٽين مان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا، تنقيد جي مَدَ ۾ اهم آهن. سنڌي ادب جي تنقيدنگارن ۾ چند اهم نالا هن ريت آهن: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سيد اسدالله شاهه، ڊاڪٽر دائودپوٽو، مولانا دين محمد وفائي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، لطف الله بدوي، پروفيسر محبوب علي چنا، رحميداد مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، غلام محمد شاهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر عطامحمد حامي، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ڪملا ڪيسواڻي، لڇمڻ خوبچند، علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، محمد عمر چنڊ، پروفيسر محرم خان، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ڊاڪٽر سحرامداد، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، جڳديش لڇاڻي، لعل پشپ، بدر ابڙو ۽ ٻين ڪيترن تنقيد ۽ تحقيق ۾ ڪم ڪيو آهي.


[b]حوالا[/b]
5. عرساڻي شمس الدين، ”فن شخصيت ۽ انداز“، ڪتابي دنيا اشاعتاڻه اوسر، 2003- ص 95.
6. ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع، ص 102.
7. ايضاً: ص 95.