لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

ناٽڪ/ ڊرامو

[b]ناٽڪ/ ڊرامو ڇا آهي؟[/b] اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ناٽڪن ۾ ڪهڙا فرق آهن، ناٽڪ جي شروعات ادبي طور تي ٿي يا عملي طور؟ ادب ۾ ناٽڪ جي صنف جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ سنڌي ناٽڪن جو معيار ڪهڙو آهي؟ ڇا سنڌي ناٽڪن سان ادب کي ڪا هٿي ملي آهي؟ اهڙا ڪيترائي سوال ۽ انهن جا جواب هن موضوع جي باري ۾ ذهن ۾ اچن ٿا. انهن تي بحث ڪرڻ سان ادبي قارئين کي وڏي معلومات ميسر ٿيندي، پر جيئن ته صفحن جي ورهاست سان هيءُ هڪ مقالو آهي، اهو تفصيل گهڻو نٿو ڏئي سگهجي، ته به هتي قارئين جي سهولت لاءِ مٿين سوالن جي جوابن تي مختصر روشني وجهجي ٿي.
”شاعري، موسيقي، نقاشي، سنگتراشي ۽ ٻين لطيف فنن وانگر ڊرامو به احساسن ۽ امنگن جي لطيف نزاڪتن ۽ پراسرار زندگيءَ جو اظهار آهي. شاعر، موسيقار، نقاش، ڊرامه نويس ۽ فنڪار هڪڙي فارم (Form)، هڪڙي گهاڙيٽي کي جنم ڏئي ٿو، جنهن ۾ هُن جا احساس، اُمنگ ۽ جذبا هڪ صورت، هڪ شڪل، هڪ روپ وٺي بيهن ٿا، جنهن کي ”فني هيئت“ (Artitistic form) چئجي ٿو. ڊرامو يا پلي هڪ فني هيئت آهي، جنهن ۾ زندگيءَ بابت ڊرامه نويس جي احساسن ۽ جذبن جو اظهار ٿئي ٿو“. (1)
”ڊراما قديم زماني جي سانگ يعني اهل ڪرڻ ۽ نقليات مان بتدريج اسريو ۽ هاڻي اسڪرين ڊراما به ان جي مقبول عام صورت آهي“. (2)
”ناٽڪ نويسيءَ جو فن ساهت جي ٻين شاخن کان لکڻ ۾ اهنجو آهي، ڇوجو اهو رنگ-ڀوميءَ (stage) تي ناٽڪ پيش ڪرڻ جي فن سان ڳنڍيو پيو آهي. ناٽڪ جي ڪاميابي ان کي اسٽيج تي ڪري ڏيکارڻ کان سواءِ مڪمل ٿي ڪانه سگهندي“. (3)
يوناني لفظ ”ڊراءِ“ مان نڪتل ”ڊراما“ جي معنيٰ عمل/ايڪشن آهي. موجوده وقت لفظ ”ڊرامو“ گهڻي ڀاڱي رائج آهي. ڊرامو انساني چرپر جي فطري عمل جو نقل آهي، جنهن جي پيش ڪرڻ ۾ سڄو دارومدار نقاليءَ تي منحصر آهي، پر جيئن ته ڊرامو لکي ۽ ياد ڪري پوءِ ئي پيش ڪيو ٿو وڃي، ان ڪري انهيءَ کي مرڪب فن (Compound Art) سڏيو ويو آهي، جنهن کي هڊسن هن ريت واضح ڪري ٿو ته،
“It must be remembered that the drama is not a pure literature. It is a compound Art, in which the literary element is originally bound up with the elements of stage setting histrionic interpretation.” (4)
مٿي ڏنل حوالي سان اها چٽائي ٿئي ٿي ته ناٽڪ ادب جو حصو هوندي به مڪمل طور ادب نه آهي. هيءُ هڪ مرڪب فن آهي، جو لفظن ۽ ٻوليءَ جو تابع هوندي به سنگيت، ناچ، اداڪاري ۽ ٻين ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽي ويءَ جي گهرجن جو محتاج آهي، پر ته به ناٽڪ نج ادب نه هوندي به ادب سان لاڳاپيل آهي، ڇوجو ناٽڪ نه فقط لکيو وڃي ٿو، پر ياد ڪري پيش به ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان لفظن جي چونڊ ۽ جملن ۾ انهن لفطن جي احسن استعمال ۽ ادائگيءَ جي خاص اهميت آهي ته جيئن اثرانگيزي پيدا ٿئي، تڏهن ئي اهو ناٽڪ ناظرين ۽ سامعين جي توجهه جو مرڪز بڻبو. ناٽڪ/ڊرامو اهو دل وٺندڙ هوندو آهي، جنهن ۾ اداڪار پنهنجي پارٽ ۾ کوئجي وڃن ۽ سندن عمل بلڪل حقيقت محسوس ٿئي ۽ اهو ان وقت ٿي سگهي ٿو جڏهن انهيءَ تحرير ۾ جان هجي ۽ ڊائيلاگ اثرائتا، موضوع سان ٺهڪندڙ، مڪمل انصاف ڪندڙ ۽ لمحي لمحي تي ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ وٺندڙ هجن. مڪالمن جي ادائگيءَ ۾ اداڪار جي اداڪاري ۽ صداڪاريءَ جو دارومدار به سندس ذاتي ايڪٽنگ جي قوت سان گڏ مڪالمن جي جانداريءَ تي هجي ٿو. غيرضروري ۽ موضوع کان هٽيل مڪالما ناٽڪ جي ناڪاميءَ جو دليل آهن.
منهنجي نظر ۾ ناٽڪ/ڊراما لکڻ ۽ خاص طور معياري لکڻ هڪ تمام وڏو فني ۽ ادبي مرحلو آهي، جنهن ۾ ناٽڪ نويس کي نه فقط ادبي لحاظ کان ٻوليءَ تي گرفت ۽ تخليقي قوت جي مضبوطي هجي، پر کيس ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ ٿيٽر جي ڪيترين گهرجن، حدن، پابندين ۽ اهم نقطن کي ذهن ۾ رکي، لکڻ جي سمجهه به هئڻ گهرجي. ناٽڪ جي موضوع، مواد، مقصديت ۽ ٻوليءَ تي خاص توجهه ڏيڻ ناٽڪ نويس جي اهم ضرورت آهي. پر فقط سٺو ناٽڪ به لکڻ سڀ ڪجهه نه آهي، جيستائين ناٽڪ نويس ۽ ناٽڪ کي پيش ڪندڙ سڄي ٽيم جنهن ۾ پروڊيوسر، هدايتڪار، اداڪار ۽ معاونين پاڻ ۾ تعاون نٿا ڪن، تيستائين ناٽڪ سامعين ۽ ناظرين جي ذوق مطابق تيار ٿيڻ مشڪل امر آهي ۽ ماحول ۽ معاشري جي نمائندگيءَ سان گڏ معياري پيشڪش جي ٻين گهرجن جو پورائو نه ڪندڙ ناٽڪ ڪڏهن به ڪا جاءِ والاري نه سگهندو.
جيئن ته ناٽڪ لکڻ سان گڏ اسٽيج/ رنگ ڀومي تي عملي طور پيش ڪرڻ لاءِ هوندو آهي ۽ هن اليڪٽرانڪ دور ۾ اهو ريڊيو ۽ پوءِ ٽي وي جي ذريعي هنڌ هنڌ هر جڳهه تي ڏٺو وڃي ٿو، اسٽيج، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي ناٽڪ جي اوسر ٿئي ٿي، جن سڀني جو مختصر جائزو اڳيان ڏنو ويندو. مجموعي طور ناٽڪ جي فن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اهو چونداسين ته هيءُ هڪ عظيم فن آهي، جنهن جو واسطو انساني زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل سان آهي. ارسطوءَ جي لفظن مطابق بلڪل صحيح آهي ته،
”ناٽڪ ۾ آئيندي جا اهڃاڻ ملن ٿا“. (5)
قسمن جي لحاظ کان ناٽڪن ۾ الميه، طربيه، مزاحيه، تنقيدي ۽ ٻين نمونن جا ناٽڪ هجن ٿا، سبق آموز ۽ اصلاحي هئڻ سان گڏ معاشري جي سماجي، سياسي، علمي، ديني ۽ ٻين مسئلن جي عڪاسي ٿئي ٿي. ناٽڪ جي فني خوبين ۾ پلاٽ، ڪهاڻي، آغاز، انجام، ٻولي ۽ پيشڪش اهم آهن. ناٽڪ جي شروعات قديم يونان ۽ قديم هند کان ٿي آهي. يونان ۽ هندوستان وارن ناٽڪن کي پيش ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا اسٽيج ٺاهيا ۽ وٽن اعليٰ پايي جا ناٽڪ نويس هئا، جن ناٽڪ لکڻ جا اصول مقرر ڪري، شاهڪار ناٽڪ دنيا کي ڏنا، جيڪي پوريءَ دنيا ۾ مقبول ٿيا.
گڏيل هندوستان ۾ سنڌي ناٽڪ هندي، اردو، گجراتي ۽ ٻين ٻولين جي اثر هيٺ لکجڻ لڳو. سنڌ ۽ هند ۾ انهيءَ وقت انيڪ ناٽڪ منڊليون قائم ٿيون. انهن ڊراميٽڪ سوسائٽين جو تعداد پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ موجب هڪ سؤ کان به مٿي هو. 1923ع ۾ ”رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊراميٽڪ ڪلب“ خانچند درياڻي، هيرانند آڏواڻي، لعل چند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ منگهارام ملڪاڻي قائم ڪئي، جنهن ناٽڪ جي ترقيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو ۽ ٻين ناٽڪ ڪمپنين ۾ ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر سوسائٽي“ (1894ع)، ”ڌرم اپڪار ڊراميٽڪ سوسائٽي“ (1897ع)، ”حيدرآباد پليڊرس ڪلب“ (1905ع)، ”چانڊڪا اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي“ (1907ع)، ”حيدرآباد نيشنل ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽي“ (1924ع)، ”سنڌي ساهتيه منڊل بمبئي“ (1948ع)، ”سنڌي سڀا دهلي“ (1953ع)، ”سنڌو ڪلاڪيندر دهلي“ (1950ع)، ”سنڌ نئون جيون سڀا دهلي“ (1953ع)، ”ڪلاڪار منڊل ڀوپال“ (1954ع)، ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل سرڪل“ (1957ع) ۽ ٻين ناٽڪ منڊلين بهترين سنڌي ناٽڪ اسٽيج تي آندا آهن.
سنڌي ناٽڪن جي شروعات 19صديءَ جي آخر کان ٿي آهي، جن کي ٻن دورن ۾ ورهائي، هڪ نظر وجهنداسين. پهرين دور ۾ اهي ناٽڪ اچن ٿا، جيڪي 1947ع کان اڳ ڇپيا ۽ اسٽيج تي پيش ٿيا ۽ ٻئي حصي ۾ 1947ع کان پوءِ جا لکيل ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽي وي جا ناٽڪ آهن.
مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته برصغير ۾ هڪ سؤ کان به مٿي ناٽڪ منڊليون هيون، جيڪي اسٽيجن تي ناٽڪ پيش ڪنديون هيون. شروع دور ۾ ڌرمي ناٽڪ جيئن ”راس ليلا“ ۽ ”رام ليلا“ نموني جا کيل ڪري ڏيکاربا هئا. ڌرمي ناٽڪن بعد رومانوي، سماجي، مزاحيه، طنزيه، سنسني خيز ۽ لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل نمونن جا ناٽڪ پيش ڪيا ويا، جن ۾ مختلف موقعن مهلن تي راڳ يا گانا به هوندا هئا. ابتدائي وقت ۾ زنانا پارٽ نوخيز ڇوڪرن کان ادا ڪرايا ويندا هئا، جو ڇوڪرين جو اسٽيج تي اچڻ عام نه ٿيو هو. ملڪاڻي صاحب موجب ته،
”1937ع کان انارڪلي ڊرامي ۾ انارڪليءَ جو نائيڪا وارو زنانو پارٽ پهريون ڀيرو هڪ حسين ڇوڪريءَ نئن ميرچنداڻيءَ کان ڪرايو ويو، جا شڪل شبيهه ۾ اهڙي حسين ۽ شاندار ٿي لڳي، جو شڪ ناهي ته سچي انارڪلي به کانئس بهتر ڪانه هوندي“. (6)
مٿين ناٽڪ منڊلين انيڪ ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا، جن مان ڪافي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا ته ڪن ناٽڪن جا ڳٽڪا الڳ پڻ ڇپيا. پهريون سنڌي ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو ”ليليٰ مجنون“ (1888ع) شمار ٿيندو آهي، (جو هندي ڏوهيڙن، منظوم شاعريءَ تي مشتمل آهي) ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته ”مرزا صاحب جي ناٽڪ 1880ع کان اڳ ”پهريون ناٽڪ امام بخش خادم جو ”هير رانجهو“ (1879ع) آهي“. (7)
اهو به لکيو اٿن ته ”سنڌي ناٽڪ صدي 1880ع کان 1980ع تائين ملهائڻ ۾ مرزا صاحب جو ڊرامو نظر ۾ رکيل هو. پروفيسر لطف الله بدويءَ ”ڪليات خادم“ جي مهاڳ ۾ ثابتي ڏني آهي ته پهريون سنڌي ناٽڪ امام بخش خادم جو آهي“.
مرزا صاحب 1880ع کان پوءِ انيڪ ڊراما طبعزاد ۽ ترجما لکيا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي شيڪسپيئر جا اهم ترين ڊراما شامل آهن. مرزا صاحب 1887ع ۾ ”خورشيد“ لکيو، سندن ٻين ناٽڪن ۾ ”حسنا دلدار“ (1897ع- شيڪسپيئر جي ڊرامي ”مرچنٽ آف وينس“جو ترجمو) ازانسواءِ ڪنگ ليئر جو”شاهه ايليا“، سمبلائين جو ”شمشاد مرجانه“، ٽوجينٽلمين آف ويرونا جو ”عزيز ۽ شريف“ روميو جوليٽ جو ”گلزار ۽ گلنار“، ”هيملٽ جو ”شهزادو بهرام“ جي عنوان سان ترجما ”گل بڪاولي“ (1894ع)، ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ (1895ع)، ”نورجهان ۽ جهانگير“ (1896ع)، ”نادر شاهه“ (1897ع)، ”نيم طبيب خطره جان“ (1897ع)، ”شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو“ (1899ع)، ”شهريار شهربانو“ (1918ع)، ”شيرين فرهاد“ (1918ع)، ”جمشيد ۽ حميده“ (1918ع)، ”بدر منير ۽ بينظير“ 1918ع)، ”موهني“ (1924ع) ۽ ٻيا ڪجهه طبعزاد ته ڪجهه ترجما آهن.
ٻين ناٽڪ نويسن پڻ ڪافي ناٽڪ لکيا، جن ۾ ڪشنچند بيوس جا ”خوبصورت بلا“، ”سورداس“، ”هرشنچندر“، ”پريت پڄارڻ“، ”هار جيت“، ليليٰ رام سنگهه جو ”سورج راڌا“، لالچند امرڏنومل جا ”عمر ماروي“، ”سسئي پنهون“، ديوان ليلارام جو ”دروپدي“، ڀيرومل جو ”حرص جو شڪار“ عثمان علي انصاريءَ جو ”گمراهه دوست“، خانچند درياڻيءَ جا ”جيئري تي جيئري“، ”گلاب“، ”موتئي جي مکڙي“، ”رتنا“، ”زمينداري ظلم“، ”زماني جي لهر“، ”بک جو شڪار“، ”ملڪ جا مدبر“، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جا ”ٻي زال“، ”اڪيلي دل“، ”ناخلف پُٽ“، ”پاپ جو ڪيتو“، ”انارڪلي“، ”قسمت“، ”ايڪتا جو آلاپ“، ”شانتا“، نانڪرام ڌرم داس جا ”نيڪ انجام“، ”فريبي فتنه“، پروفيسر رام پنجواڻي ”مومل راڻو“، ”احمد چاڳلا جا ”خوني“، ”ڀوت“، ”ديش جو دشمن“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ”نورجهان جو پٽ“، ”سجائي موڙي“ ۽ ”ڪانگريس“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”بدنصيب ٿري“ 1939ع، مرزا گل حسن ڪربلائيءَ جو ”ماڳ جي محبت“ ۽ ٻيا 1947ع کان اڳ لکيا، ڇپيا ۽ اسٽيج تي پيش ڪيا ويا.
شروع ۾ لکيل ناٽڪ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا، پوءِ ڪجهه ناٽڪ گڏ ڪري مجموعن جي صورت ۾ ڇاپيا ويا. پهريون ڇپيل ناٽڪي ڳٽڪو ”چار چهچٽا“ (1933ع) آهي، جنهن ۾ ”فسادي ڦوڪڻو“، ”راجا رام موهن ”راءِ“ ۽ ٻيا ناٽڪ شامل آهن. انهيءَ کان پوءِ ”اتهاس“ (1935ع)، ”انڊلٺ“ (1939ع- هن ۾ ست ناٽڪ آهن ته گڏ ناٽڪ جي اصولن جو تفصيل مهاڳ ۾ ڏنل آهي)، ”آزاديءَ جي ڪوڏي“ (1938ع)، ”پنج ننڍڙا ناٽڪ“ (1937ع)، ”پنگتي پردا“ (1938ع)، ”رنگ برنگي کيل“ (1940ع)، ”ٻه پردا“ (1941ع)، ”ڪانگريس“، ”سجائي موڙي“ (45-1944ع) ۽ ٻيا مجموعا آهن.
پاڪستان دور ۾ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن ذريعي بي حساب سنڌي ڊراما لکيا ۽ پيش ڪيا ويا آهن. ريڊيو ڊراما ريڊيو اسٽيشنن جي قائم ٿيڻ سان شروع ٿيا آهن. ويهين صديءَ ۾ ريڊيو جي ايجاد کان پوءِ پهريون انگريزي ريڊيو ڊرامو بي بي سي لنڊن تان 15 جنوري 1925ع تي نشر ٿيو. سنڌيءَ ۾ ريڊيو ڊرامن جي شروعات تقريبًا 1950ع کان ٿي آهي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان اڌ ڪلاڪ جا ۽ پوءِ 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ ڪلاڪ جا سنڌي ڊراما نشر ٿيندا هئا.
”ريڊيو تان پهريون سنڌي ڊرامو ”روٽي“ عنوان سان نشر ٿيو، جو سيد منظور نقوي اردوءَ تان ترجمو ڪيو هو“. (8)
اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي ڊرامن ۾ فني طور فرق هئڻ سان گڏ تحريري طور پڻ تفاوت هوندو آهي. ڊرامي جي پيشڪش جي گهرج مطابق ئي ڊراما نگار لکندو آهي.
”ريڊيو ڊرامو One act play يا Short play (ننڍڙو ناٽڪ) جي صوتي تصوير آهي، جنهن ۾ ڪا هڪ صورتحال يا هڪ واقعو هوندو آهي. هن ڊرامي ۾ غيرضروري سين ۽ غيرضروري ڪردار ٿين ئي ڪونه. ريڊيو ڊرامو صوتي اثرات، لهجي ۽ پس منظر موسيقيءَ جو نالو آهي، ان جي لاءِ اک جي نه، پر ڪن جي ضرورت آهي. لفظ، لهجو، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقي ڊرامي جي ماحول، سٽاءَ، ڪردارنگاريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اُڻي ان جي مڪمل تصوير ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ٺاهيندا آهن، جنهن ۾ لهجي معرفت نفسياتي حالتن۽ ڪيفيتن کي سچائيءَ سان پيش ڪرڻ صداڪاري آهي. صداڪار يا فنڪار جي عظمت ۽ وڏائي لهجي جي سچائي آهي. صوتي اثرات ماحول جي تصوير چٽين ٿا ته پس منظر موسيقي احساسن ۽ امنگن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي آهي، جيڪا الميه ۽ طربيه نموني جي هوندي آهي“. (9)
وري به ائين چئبو ته ڊرامي جي ٻين لوازمات کان وڌيڪ پهرين اهميت ڊرامي جي لکڻ جي آهي ۽ لکڻ لاءِ اديب جي پهرين گُهرج لفظ آهن، جن ذريعي هو ناٽڪ جي مواد جي تشڪيل ڪري ٿو. اثرائتن لفظن جي ذريعي جڏهن هُو خيالن جي ترجماني ڪرائي ٿو ته اهي لفظ ادبي ۽ ڪردار جي سماجي حيثيت مطابق هئڻ اهم آهن. ناٽڪ ادب جي اهڙي صنف آهي، جيڪا لکڻ سان گڏ عام جي اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪري ڪمرشلائيز به ٿئي ٿي. هڪ پيشه ورانه تحرير ۽ ادبي تحرير ۾ فرق هجي ٿو. خالص ادب جي تخليق ڪمرشلزم سان گڏ پيش ڪرڻ مشڪل امر آهي. پر وري به سٺن ناٽڪ نويسن، ناٽڪ ذريعي سماجي اوڻاين جي اُپٽار ڪري، سڌاري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ناٽڪ کي بي جا بيهودگيءَ کان بچائي، وندر سان گڏ سکيا ۽ بهتريءَ جو وسيلو بنايو آهي، پر ڪٿي ڪٿي غيرمعياري ناٽڪ پڻ پيش ٿين ٿا، جن ۾ ادب ۽ شائستگيءَ کي ملحوظ نٿو رکيو وڃي، پر ٿئي ائين ٿو ته اهڙا غيرمعياري ناٽڪ جٽادار نٿا ٿين.
سنڌي ريڊيو ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون تمام مقبول ٿيون، جن جي لکندڙن ۾ سيد منظور نقوي، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، قاضي خادم، يوسف پنهور، شمشيرالحيدري، امداد حسيني، سحر امداد، علي بابا، امر جليل، آغا سليم، قمر شهباز، غزاله شاهين ڀٽو، يوسف شاهين، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا آهن.
اداڪارن ۾ عبدالرحمٰن ابڙو، محمد صديق مغل، بلقيس سيد، غزاله رفيق، مهتاب چنا، قربان جيلاني، قيصر نقوي، شهزادي، عبدالحق ابڙو ۽ ٻين ڪم ڪيو.
ڊرامن ۾ ”آخري رات“، ”پنرو بدام“، ”واٽون ۽ نيڻ“، ”لاکو ڦلاڻي“، ”پڙاڏو سو سڏ“، ”چنڊ ۽ رلي“. ”خبردار“، ”جهيڙو“، ”جادو“، ”رنگ“، ”موسم ۽ مجبوري“، ۽ ٻيا آهن.
ٽيليويزن ڊراما، قومي نشرياتي رابطي هيٺ ته پوري پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي نشريات شروع ٿيڻ سان اردو ٻوليءَ ۾ ڏيکاريا ويندا هئا، پر
ٽي ويءَ تي سنڌي ڊرامو 1970ع کان شروع ٿيو. پهريون سنڌي ڊرامو ”زينت“ مرزا قليچ بيگ جي ناول کي ڊرامائي تشڪيل ڏيئي ٽي ويءَ تي پيش ڪيو ويو. (ٽن قسطن ۾). انهيءَ کان پوءِ ڪافي ليکڪ ٽي ويءَ تي لکڻ لاءِ ميدان ۾ آيا. ٽي وي تي لکڻ جون به فني طور مختلف گهرجون آهن، جن ۾ ڪي سنڌي ناٽڪ نويس ته تمام گهڻا ڪامياب آهن. نورالهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجو جو مثال اهم آهي. سندن لکيل قسطوار ناٽڪن پوري پاڪستان ۾ (اردو ٻوليءَ) ۾ ريڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪئي. سنڌيءَ ۾ پڻ تمام اهم ناٽڪ لکيائون.
سنڌي ٽي وي پلي رائيٽرز ۾ علي بابا، عبدالڪريم بلوچ، بيدل مسرور، امر جليل، شميرالحيدري، مراد علي مرزا، شوڪت شورو، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجو، قمر شهباز، ممتاز مرزا، نورالهديٰ شاهه، رحمت الله ماڃوٺي، قاضي خادم، يوسف شاهين، عزيز ڪنگراڻي، ممتاز بخاري، منور سومرو، عثمان ميمڻ، سحر گل ڀٽي، ۽ ٻيا آهن. موجوده وقت مشهور ڊرامن ۾ ”ڳاڙهي“، ”دام“، ”آڙاهه“، ”گهر بي گهر“، ”زنجيرون“، ”خالي هٿ“، ”ڪڏهن ته ملنداسين“، ”ڪتڪتائي“، ”نازو“، ”پٿر دنيا“، ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا“ ۽ ٻيا انيڪ ناٽڪ آهن.
اداڪارن ۾ نسيم مغل، غزاله رفيق، روبينه قريشي، پروين عيساڻي، قيصر نقوي، زرينه بلوچ، شهزادي، بينا بيدل، مهتاب چنا، عبدالرحمٰن ميمڻ، ممتاز ڪنول، زبير نوناري، سعيد عابد، رشيد هميراڻي، قربان جيلاني، اي آر بلوچ، ريحانه تبسم، حسين ساريو، يحييٰ ڀٽو، عباس گل، صدف ڀٽو، اقرا گل، نينا ناز، بختاور ايس ڀٽي ۽ ٻين ڪيترن جو ڪم شامل آهي ۽ موجوده وقت مختلف چئنلز جيئن سنڌ ٽي وي، ڪي ٽي اين، مهراڻ ٽي وي ۽ ڪشش تان سنڌي ڊراما اچي رهيا آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ڊرامو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ ذريعي وڌيڪ عام ٿيو آهي. اسٽيج تي گهٽ پيش ٿئي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ ڊي جي ڪاليج ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جي ڊراميٽڪ سوسائٽين، اسٽيج ڊراما پيش ڪيا. هي سڀ سوسائٽيون 1917ع تائين قائم ٿيون هيون. فلمن جو رواج به ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ پيو. پهرين ”خاموش فلمون“ ٺهيون، پوءِ ته سئنيما جي صنعت وڏي ترقي ڪئي.
”خاص طور هندوستان ۾ خانچند درياڻي هن ڏس ۾ پهريون قدم کنيو هو. هن پنهنجي ترجمو ڪيل سنڌي ناٽڪ ”انسان ڪين شيطان“ کي ”انسان يا شيطان“ جي عنوان سان سان اردوءَ ۾ ايسٽرن آرٽس پروڊڪشن جي سهاري سان فلمايو، جيڪا فلم سڄي هندوستان ۾ ڏيکاري ويئي ۽ پوءِ درياڻي صاحب زرعي کاتي جي نوڪري ڇڏي، فلمن جوڙڻ جي ڪمپني ڪڍي جيڪا سنڌين جي پهرين ڪمپني هئي. (10)
پاڪستان دور ۾ ڪجهه سنڌي فلمون ٺهيون، جيئن ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“، ”پرديسي“، ”بادل“ وغيره، پر اهي فلمون گهڻيون ڪامياب نه ٿيون. هڪ ٻه مشهور ٿيون.
1947ع کان پوءِ جي اهم ناٽڪن ۾ ”خورشيد“، ”شاهدي“، ”واڀيئڙو“، محمد عثمان ڏيپلائي، ”آزاديءَ ڏانهن“، ”هاري ۽ تعليم“ محمد ابراهيم جويو، ”هئڊروجن بم کان پوءِ“ ابن حيات پنهور، ”اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن“ ”گهاتو گهر نه آيا“ سراج الحق ميمڻ، ”ليلان چنيسر“ منظور نقوي، ”شڪست لاءِ“، ”شڪنتلا“ (ترجمو) رشيد احمد لاشاري. ”ڪاليداس جي سنسڪرت ناٽڪ شڪنتلا جو دنيا جي گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. هندستان ۾ شڪنتلا هڪ بهترين ادبي تخليق شمار ٿئي ٿو. هن ناٽڪ جو سنڌيءَ ۾ پهريون ترجمو (پنهنجي لفظن ۾) مرزا قليچ ڪيو ۽ ٻيو (لفظي ترجمو) ڪلياڻ آڏواڻيءَ ڪيو ۽ ٽيون ترجمو رشيد احمد لاشاري 1958ع ۾ ڪيو آهي، جنهن ترجمي کي اصليت تي قائم رکندي به نج سنڌي لفظن سان سينگاريو آهي. سڄي مسودي کي ڇپائيءَ کان اڳ ڊاڪٽر دائودپوٽو سنسڪرت جي اصل نسخي سان ڀيٽيو آهي.“ (11)
ان کان سواءِ ”کلندي کلندي مري ويو“، ”نئون صبح“، ”انقلاب“، ”فراق جي وادي“ چنا شبير ناز، ”ماستر“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”وڻجارا“ سندري اتمچنداڻي، ”بليٽن“ ماهتاب محبوب، ”جهڪندڙ اوچايون“ موهن ڪلپنا، ”هندوستان ڇڏي وڃو“، ”دعوت نامو“ ڪيرت ٻاٻاڻي، ”تعبير“، ”سورج مکيه“، ”فيصلو“، ”موت کان پوءِ“ ممتاز مرزا، ”ويهين ورهين کان پوءِ“، ”پڙاڏو سو ئي سڏ“، مراد علي مرزا، ”رضيه سلطانه“، ”تخت طائوس“ غلام محمد گرامي، ”روپ ٻهروپ“، ”دولهه دريا خان“، ”دودو چنيسر“، ”تماشو“، ”خواب جو سورج“، ”پرهه جا مسافر“، ”پوياڙيءَ جا پاڇا“، ”بري هن ڀنڀور“ آغا سليم (پويان چارئي ناٽڪ ٽي ويءَ تي پيش ٿيا). ”چنڊ ۽ ماني“، ”منو“، ”موتئي جهڙو من“، ”روپ ٻهروپ“، ”هيکل جندڙي“، ”دنگي منجهه دريا“ علي بابا (هي سڀ ناٽڪ ٽي ويءَ تي پيش ٿيا، جن ۾ ”دنگي منجهه دريا“ کي ميونخ (جرمني) ۾ ٽيون بين الاقوامي انعام مليو). ”معمو“، ”منزل“ شمشيرالحيدري ”اونڌهه ۽ روشني“، ”ماءُ“ (انعام يافته)، ”مٽيءَ جا ماڻهو“ امرجليل، ”ڪهاڻي هڪ رات جي“، ”ڪار“، ”ڪنگلو“، ”شڪست“ قمر شهباز، ”عمر مارئي“، ”ابوالحسن“، ”ڪاڪ محل“، ”پرمتڙيو“ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“، ”فيصلو“، ”ستارن بنا رات“ ممتاز مرزا، ”ٻرندي رهندي لاٽ“ شوڪت حسين شورو، ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“، ”دودي سومري جو موت“ (منظوم ڊراما) شيخ اياز، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ نثار حسيني، ”مقروضن جو موت“ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ”چنڊ ۽ رلي“ غزاله شاهين ڀٽو، ”لڙڪ لڙڪ زنجير“ (مجموعو) قاضي خادم، ”چڱو ۽ مدو“ محمد سومار شيخ، ”ڳاڙهو لاليٽن“ نجم عباسي، ”مئڪبيٿ“ (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو) مرزا حبيب الله، ”عاشق زهر پياڪ“ رشيد ڀٽي، ”ناٽڪ“ (ستن ڊرامن جو مجموعو) محمد عثمان ڏيپلائي، ”بدنصيب ٿري“ محمد اسماعيل عرساڻي، ”اسٽيج ڊراما“ (10 ناٽڪ) ڊاڪٽر يوسف پنهور، ۽ ٻيا ڪافي ناٽڪ آهن. (آخري چند ناٽڪ ڇپيل موجود آهن).
ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور ڇپيل ناٽڪن جو تعداد 1880ع کان 1980ع تائين 740 ڄاڻايو آهي. مٿي ڄاڻايل فهرست ۾ غزاله شاهين جي ڪتاب ”چنڊ ۽ رلي“ کان سواءِ ٻيا سڀ ڇپيل ڪتاب آهن. ٽڙيل پکڙيل ناٽڪ مختلف رسالن ۾ ڇپيل ته ملندا، پر ڪتابي صورت ۾ اهو انگ تمام محدود آهي. حقيقت ۾ ناٽڪ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ اها اهم ضرورت آهي ته لکجڻ کانپوءِ انهن کي ڇپايو وڃي. عبدالقيوم ”صائب“ ناٽڪ جي ڇپجڻ کان پيش ٿيڻ کي اهميت ڏيندي لکي ٿو ته ”ڪيترائي سهڻا ڊراما ڇاپجڻ کان گهڻو پوءِ اسٽيج تي آيا آهن ۽ ڪامياب ٿيا آهن ۽ ٻيا وري ڇاپي هيٺ اچي سگهيا آهن، پر اسٽيج ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي پيش ٿي نه سگهيا آهن“. سندن نظر ۾ ڇپجڻ کان وڌيڪ اهميت ڊرامي جي پيش ٿيڻ جي آهي. نُڪتو اهو بلڪل وزنائتو آهي، پر آئون سمجهان ٿي ته ڊرامي جي پيش ٿيڻ سان گڏ ڇپجڻ سان نه فقط ادبي طور سٺي لکڻ جي پرئڪٽس عمل ۾ ايندي، بلڪه ڊرامي جي بقا ۽ معيار به ڇپجڻ سان وڌندو. شيڪسپيئر جا ڊراما جيڪڏهن اڄ ڇپيل صورت ۾ موجود نه هجن ها ته آهستي آهستي ختم ٿي وڃن ها. ڇپيل ناٽڪن سان نون لکندڙن جي رهنمائي ٿيندي آهي. بهرحال اها به حقيقت آهي ته ڇپيل ناٽڪ جيستائين پيش نٿو ٿئي، تيستائين اهو فقط ادب جو حصو شمار ٿيندو ۽ ان جو اهو مقصد حل نه ٿيندو آهي، جنهن لاءِ اهو لکيو وڃي ٿو.
موجوده وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي مختلف ڪئبل چئنلن تان سنڌي ناٽڪ نه فقط سنڌ، پر هند ۾ به تمام مقبول آهي ۽ پوريءَ دنيا ۾ ڏٺو وڃي پيو. ضرورت انهيءَ امر جي آهي ته اڃان به ناٽڪن جي معيار تي خاص طور ٻوليءَ تي توجهه ڏجي ۽ موضوعن ۾ به نواڻ ضروري آهي. موضوعن جي ورجاءَ سان پڻ ناٽڪ جو زوال ايندو. ڪمرشلائيز ڪرڻ سبب معيار کي ڪيرائڻ غلط آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي اچارن سان گڏ گرامر تي پڻ ڌيان گهٽ ڏنو وڃي ٿو، جيڪو ٻولي ۽ ادب لاءِ هاڃيڪار آهي. 1947ع کان پوءِ جا چند اهم ڇپيل ناٽڪ هن ريت آهن:
بدنصيب ٿري: هن ناٽڪ جا مصنف مشهور علمي ۽ ادبي شخصيت محمد اسماعيل عرساڻي صاحب آهن. ادبي بورڊ هن ناٽڪ جو ٻيو ڇاپو 1974ع ۾ شايع ڪيو. هيءُ مشهور ناٽڪ عرساڻي صاحب، عثمان علي انصاريءَ جي چوڻ تي لکيو. تعليم بالغان جي تحريڪ جي شروعات ۾ خواندگيءَ جي فائدن ۽ ناخواندگيءَ جي نقصانن کي عام تائين ڄاڻائڻ لاءِ مقصدي طور هن ناٽڪ کي لکي، اسڪولي شاگردن معرفت اسٽيج تي 1939ع ۾ ميرپورخاص ۾ پيش ڪيو ويو ۽ پهريون دفعو 1946ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، جو گهڻو وقت نصاب ۾ پڻ شامل رهيو آهي. تعليم جي کوٽ سبب، سنڌ جو مسلمان گهڻو پوئتي پيل هو. هندو ۽ پنجابي طبقي جي وياج خوري ۽ هوشياريءَ سبب اڻ پڙهيل سنڌي مالي طور تمام ڪمزور ۽ وياج ۾ گهيريل هو. اهوئي هن ڊرامي جو مقصد هو ته سنڌين خاص طور ٿر جي علائقي جي سنڌين ۾ علم جي سجاڳي پيدا ڪئي وڃي. ٿري ٻوليءَ جي لفظن ۽ محاورن جي استعمال سان ماحول مطابق عڪاسي ڪيل آهي.
”کبرون مڙيئي کير. ويٺڙا الله الله ڪريون، ڏوڪري ويچاري بنهه مري ٿي. وڃي سنيهو ڏي ته چنيسر کي چوئي ته تو جو نڪو اسان کي مليو پئسو، نڪو پنجڙ“. (12)
ملڪاڻي صاحب هن ناٽڪ تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، ”خود ساختو ناٽڪ ”بدنصيب ٿري“ جن به ڏٺو هو، سي لکندڙ ۽ کيل ڪندڙن جي ساکن مان ڍاوا ئي نٿي. سڌاري جي مراد سان لکيل هوندي به منجهس ٽپ ٽپ تي ٽهڪ ڀريل هو. عبارت ۽ رٿا جي لحاظ کان شاهڪار هو“. (13)
آخري رات: ممتاز مرزا جي ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪن جو مجموعو زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1979ع ۾ ڇاپيو، جنهن ۾ ”آخري رات“، ”پنرو بدام“، ”واٽون ۽ نيڻ“، ”لاکو ڦلاڻي“ ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”ماءُ ۽ محبت“ ”ريڊيائي ڊراما ته ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“، ”فيصلو“، ”ستارن بنا رات“، ٽي وي ڊراما ڏنل آهن. ريڊيو ڊرامن جي فن جي باري ۾ مراد علي مرزا ۽ ٽي وي ڊرامن جي فن جي باري ۾ عبدالڪريم بلوچ مهاڳ لکيا آهن.
ممتاز مرزا جو نالو سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب سان گڏ لطيفيات ۽ سوانح نگاريءَ جي مَدَ ۾ تمام اهم آهي. کين سنڌ جي تهذيب، تاريخ ۽ لوڪ ادب جي ورثي جي سٺي ڄاڻ هئي. آخري رات ڊرامي جو موضوع موهن جي دڙي جي تباهي آهي. ”پنرو بدام“ ۽ ”لاکو ڦلاڻي“ جا واقعا سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب مان ورتل آهن. الميه ڊرامو ”واٽون ۽ نيڻ“ شاهه صاحب جي رسالي ”سر سامونڊي“ مان اخذ ڪيو ويو آهي. لکاڻو ڦلاڻيءَ مان هڪ ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو:
”دوستو! اوهين سڀئي شاهد رهجو ته لاکي وٽ پنهنجي انجام جي ڪيڏي نه عزت آهي. اوهان وقت اچڻ تي پنهنجي ٻارن کي ٻڌائجو ته لاکو جيترو جنگ جي ميدان ۾ سورهيه هو، اوترو ئي پنهنجي واعدي پارڻ ۾ سخي“. (14)
ماڻهوءَ جو ڀاڳ: محمد ابراهيم جويو صاحب جي 1980ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ سندن لکيل ڪهاڻين سان گڏ ننڍا ٻه ناٽڪ ”آزاديءَ ڏانهن“ 1950ع (ٽي پردا)، ”هاري ۽ تعليم“ 1953ع (پنج پردا) ڏنل آهن. ٻنهي ناٽڪن جو مقصد سنڌي قوم جي علمي سجاڳيءَ جي ڪوشش آهي. تحرير جو نمونو هن ريت آهي:
”اي معصوم انسان! آءٌ علم آهيان، ڄاڻ آهيان، خبر آهيان، ايئن هرگز وسهي ويهي نه رهج ته جيڪڏهن تو لکڻ پڙهڻ ۽ حسابن جي جوڙ ڪٽ سکي ورتي، ته تون ڪو ڄاڻو، باخبر، با علم ٿي چُڪين، اهي انگ اکر ته فقط ٻوليءَ جي تحريري صورت آهن. اي سمجهدار انسان! ياد رک ته اها هرڪا چيز جيڪا تنهنجي جسماني توڙي ذهني غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ٿي، جيڪا توکي تنهنجي آزاديءَ جو واٽون ڏيکاري ٿي، جيڪا تنهنجي زندگي موٽائي توکي هٿ ۾ ڏئي ٿي ۽ جيڪا تنهنجي زبون حال زندگيءَ جي بهتريءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هن ئي دنيا کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ جون خوشخبريون توکي ڏسي ٿي، اها ئي چيز ”علم“ آهي“. (15)
”ادا حمزا! هاري حقدار واري جوان چيو ته جيسين زمين قائم آهي، جيسين اوهان جي پگهر جي پورهئي جي ڪمائيءَ جون پيون بٽيون ٿينديون، تيسين اوهان اهڙا ئي پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا پيا رهندؤ تيسين ته اوهان جي پيٽ جي پورت ٿيندي ته اوهان جا ٻچا ڪو علم پڙهي سگهندا“. (16)

[b]اسٽيج ڊراما:[/b] ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور جا لکيل ڏهه اسٽيج ناٽڪ ڏنل آهن، جيڪي ”سنڌڙيءَ تان صدقي“، ”هوشو“، ”عمر مارئي“، ”ڪاڪ محل“، ”سسئي پنهون“، ”ابوالحسن“، ”پرمتڙيو“، ”گويه اعظم“، ”اڃا ڪي آهين“، ۽ ”مهمان“ آهن، جن ۾ ”سنڌڙيءَ تان صدقي“ سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ کي لڳل باهه جي واقعي جي پس منظر ۾ ترخان دور تي آهي ”ابوالحسن“ الف ليليٰ مان ورتل ۽ ٻيا سنڌ جي لوڪ داستانن مان ته ڪجهه سماجي ۽ مزاحيه ناٽڪ آهن. ناٽڪ ”سنڌڙيءَ تان صدقي“ ۾ ناٽڪ نويس سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ سنڌين جي ٻوليءَ جي بچاءِ لاءِ جدوجهد ڄاڻائي آهي.
”امير خان: ڪيهر انهيءَ ضد تان لهي وڃ! ڇو ته اسان جي سزا اڃان به سخت ۽ سنگين آهي. آئون هاڻي ئي توکي ٽياس تي ابتو ٽنگائي سگهان ٿو. تنهنجون اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏئي ڇڏيان. تنهنجو سَنڌ سَنڌ الڳ الڳ ڪري ڪپيان ۽ ٺٽي شهر جي خاص چونڪن تي ٽنگائي ڇڏيان، مگر تنهنجو ڏوهه انهن سزائن کان به وڌيڪ سنگين آهي، ڇو ته تو سرڪاري زبان فارسيءَ خلاف بغاوت ڪئي آهي“. (17)
”ڪيهر: انهيءَ موت ڀر وڃي ٻين ڪانئرن کي ڪنباءِ! هي ڪيهر آهي ڪيهر! جيڪو سنڌ مٿان پنهنجو ڪنڌ قربان ڪندو، پر اوهان جي آڻ اصل نه مڃيندو. سنڌين کي سک جو ساهه پٽڻ ڏي ته هو سنڌ کي سَرهو ڪن. سنڌي ٻوليءَ جا ٻنڌڻ آجا ڪر ته سنڌي انهيءَ کي وڃي ساهه سان سانڍين“. (18)
[b]ناٽڪ[/b]: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ”ناٽڪ“ عنوان سان محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ستن ناٽڪن جو مجموعو 1985ع ۾ ڇاپيو، جنهن جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه لکيو آهي. هن مجموعي ۾ ”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“، ”سجائي موڙي“، ”شاهدي“، ”نجومي“، ”ڏڪار“، ”واڀيئڙو“، ”مرزا غازي بيگ“ ناٽڪ شامل آهن.
”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“ ۾ دهلي ۽ لاهور جي علائقن جو ذڪر آهي. جهانگير جي دور جي هن سچي واقعي کي ناٽڪ نويس سهڻي اسلوبِ بيان، جاندار مڪالمن ۽ ڪردارنگاريءَ سان پيش ڪيو آهي. ”سجائي موڙي“ سورنهن ايڪٽن تي مشتمل اصلاحي ناٽڪ ۾ ڪراچي ۽ لنڊن جا منظر آهن. علم لاءِ واجهائيندڙ نوجوان مجيد جي باري ۾ هيءُ ناٽڪ آهي. مجيد کي سيٺ يعقوب پڙهڻ لاءِ پئسا ڏئي ٿو ۽ هُو ڪليڪٽر ٿي اڌارا ورتل پئسا جڏهن واپس ڪرڻ اچي ٿو ته کيس سيٺ يعقوب چوي ٿو ته،
”ڇا تو ڪو به اهڙو بيڪس ڳولهي نه لڌو، جنهن کي بيڪسيءَ جي اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍين؟“ (19)
”آئون پنهنجي ڏنل موڙي سجائي سمجهندس. جيڪڏهن منهنجي موڙي رڳو هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ڪيو، جنهن کي ساري ضلع جي ماڻهن تي ضابطو هجي ۽ هُو انهن کي سڌارڻ جو پڪو عهد ڪري ته اهڙي سجائي موڙي ٻي ٿي نٿي سگهي“. (20)
”شاهدي“ مزاحيه ۽ طنزيه ناٽڪ، ڪورٽ ۾ ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ پيشه ور شخص جي اٽڪلن، هيراڦيرين ۽ حاضردماغيءَ تي مبني آهي. ناٽڪ نويس انهيءَ ۾ سماجي اوڻاين تي چٿر ڪندي، ڪوڙن شاهدن جون حرفتون، وڪيلن جون اٽڪلون ۽ انتظاميه جون مصلحتون ۽ مجبوريون سهڻي نموني پيش ڪيون آهن.
”نجومي“ اصلاحي ناٽڪ ويساهه جي وسوڙيلن ۽ اعتقاد جي ڪمزورن جي اک کولڻ لاءِ ڪافي آهي، جنهن ۾ نجوميت جي دعويٰ ڪندڙ ۽ اٻوجهه عوام کي لٽيندڙ جو نقشو چٽيو ويو آهي.
ڏڪار، ون يونٽ جي دور جو ناٽڪ آهي. ليکڪ موجب ان وقت سنڌ کي ”سابق سنڌ“ لکيو ويندو هو. هن ناٽڪ وسيلي ون يونٽ سبب پيدا ٿيل سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪيو ويو آهي. ”ڏڪار“ جو شمار ون يونٽ خلاف لکيل ادب ۾ ٿئي ٿو.
واڀيئڙو: وحدانيت جو درس ڏيندڙ مختلف ۽ منفرد نموني جو ناٽڪ ڀڄ ۽ ڪڇ جي علائقي جي مسجد، مندر ۽ بازار جي منظرن تي مشتمل آهي. ٿري ۽ ڪڇي ٻوليءَ ۾ لکيل هن ناٽڪ جو اصل موضوع شرڪ کان بچاءُ آهي.
مرزا غازي بيگ، ٻن ايڪٽن جو ناٽڪ قنڌار جي شڪارگاهه ۽مرزا غازي بيگ جي درٻار جي منظرن تي محيط آهي. تاريخي ڪردارن جي مڪالمه نگاريءَ معرفت ناٽڪ نويس صحافتي ۽ ادبي آزاديءَ لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. ماضي، حال ۽ مستقبل جي ميلاپ سان ملڪي انتظام کي سڌارڻ جي صلاح ڏنل آهي.
مطلب ته سنڌي ناٽڪ نويسي ادب جو اهم حصو آهي، جنهن ۾ ناٽڪ نويسن سنڌي سماج جي احسن طريقي سان عڪاسي ڪئي آهي. نامور سورهيه اڳواڻن جي ڪارنامن، لوڪ قصن ۽ داستانن سان گڏ سنڌ جي اهم سماجي مسئلن کي ناٽڪن معرفت آندو آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي، ديني، علمي، ادبي، اخلاقي حالتن ۽ اهم مسئلن کي نمايان ڪيو ويو آهي. حقيقت نگاريءَ سان سماج جون ريتون رسمون، اوڻايون، چڱايون ۽ اهم گهرجون پيش ڪيون ويون آهن. اهم سنڌي ناٽڪن کي سنڌي ناٽڪ صديءَ جي سؤ ساله جشن ۾ 1980ع ۾ زبيده گورنمينٽ گرلس ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ پيش ڪيو ويو هو، جن ۾ ”ليليٰ مجنون“ مرزا قليچ بيگ، ”انڪوائري آفيسر“ مرزا قليچ بيگ، ”ٽي پارٽي“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ”زمينداري ظلم“ خانچند درياڻي، ”شاهدي“، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ”تماشو“ آغا سليم جا ناٽڪ شامل هئا. جن جو ڪتاب ”سووينئر سنڌي ناٽڪ صدي مهراڻ آرٽس ڪائونسل ڇپايو. سووينئر مطابق، ”غلام رباني آگرو، مراد علي مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ميرمحمد نظاماڻي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو، الياس عشقي، ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، علي محمد چنا، محمد علي ڀٽي، حميد سنڌي، ڪمشنر عبدالله جي ميمڻ ۽ ٻين جي تعاون سان اهو هفتو ملهايو ويو“. (21)
سنڌي ناٽڪ ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ آهي، پر موجوده وقت ڪجهه معيار ڪسو ٿي رهيو آهي. ضروري آهي ته ناٽڪن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ وقت ادبي خوبين کي سامهون رکيو وڃي. سٺن ناٽڪ نويسن ۽ اداڪارن کي انعام ڏنا وڃن. چڱن ناٽڪن کي ڇپائڻ جي ريت عمل ۾ آندي وڃي.

[b]حوالا[/b]
(16) ممتاز مرزا ”آخري رات“ (ريڊيو ڊراما تعارف مراد علي مرزا) ، زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 18-19
(17) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1982ع، ص- 10
(18) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثرجي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص- 108
(19) William Henary Hudson: An introduction to the study of literature, page.169
(20) ممتاز مرزا ”آخري رات“ (ريڊيو ڊراما جو تعارف: مراد علي مرزا)، زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 18
(21) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص- 145
(22) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2006ع، ص- 7
(23) ممتاز مرزا ”آخري رات“ (ريڊيو ڊراما تعارف: مراد علي مرزا) زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 19
(24) ايضًا ص- 10-12
(25) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص-134
(26) رشيد احمد لاشاري (مترجم) شڪنتلا ازڪاليداس، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1974ع، ص- 8
(27) عرساڻي محمد اسماعيل ”بدنصيب ٿري“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1974ع
(28) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن حيدرآباد 1993ع، ص- 165
(29) ممتاز مرزا ”آخري رات (ناٽڪ ’لاکو ڦلاڻي‘)، زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 117
(30) محمد ابراهيم جويو، ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ ، سسئي پبليڪيشن سلطان آباد، 1980ع، ص- 17
(31) ايضًا ص- 30
(32) پنهور محمد يوسف ڊاڪٽر، ”اسٽيج ڊراما“، زيب ادبي مرڪز 1980ع، ص- 30
(33) ايضًا ص- 38
(34) محمد عثمان ڏيپلائي، ”ناٽڪ“ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو 1985ع، ص-47
(35) ايضًا ص- 48
(36) سووينئر ”سنڌي ناٽڪ“ مهراڻ آرٽس ڪائونسل 1980ع (مهاڳ)