لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

قديم سنڌي شاعري

قديم دور جو علم ادب زباني روايتن ۽ بيانن تي مشتمل هو، جنهن جي ورڇ نثر ۽ نظم طور ٿي آهي. دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب نثر ۽ نظم تي مشتمل آهي. لفظ ”شعر“ عربي ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ. شعر جهالت يا نادانيءَ جو ضد آهي. شعر جي الهامي جذبي کي وڏو درجو ۽ عزت حاصل آهي. سٺو شعر مقصديت ۾ اعليٰ ۽ اخلاقي هجي ٿو. ڀٽ ڌڻيءَ جي موجب ته:

جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهن،
نيومن لائين، پريان سنڌي پار ڏي.
۽ شيخ فريد الدين عطار مطابق ته:
شاعري جزويست از پيغمبري،
جاهلانش کفر دانند ازخري.

هڪ عربي قول آهي ته ”شاعر خدا جا شاگرد آهن“. شعر چوڻ يا لکڻ قدرتي علم ۽ ڏات آهي يا ڏانءُ. انهيءَ کي مرزا صاحب جي لفظن ۾ ڏسنداسين ته ”شعر علم به آهي ته هنر به آهي“. (1) بلڪل صحيح لڳندو. هيءُ منظوم ڪلام جذبي ۽ تخيّل تي آڌاريل هوندي بحر وزن، قافيه ۽ رديف يعني موزونيت جو محتاج آهي.
سنڌي ادب جي نظمي حصي جي پرک ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جو احوال سومرن جي دور کان اڳ نامڪمل ملي ٿو. جڏهن ته هن خطي جي قدامت جي پيش نظر يقيناً سنڌي شاعري انهيءَ کان اڳ موجود هئي ۽ دنيا جي هر شاعريءَ وانگر سنڌي شعر پڻ تسلسل سان قائم رهيو هوندو. ڏٺو وڃي ته هر شاعر ۽ اديب پنهنجي دور سان گڏ کانئس اڳ جي ماحول کان متاثر ٿيل هوندو آهي. جيئن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام تي قاضي قادن شاهه ڪريم ۽ شاهه لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ جا ڪجهه اثر آهن ته پوءِ آخر قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم ڪهڙي شاعريءَ کان متاثر هئا؟ ۽ اهو پراڻو شعر ڪٿي موجود آهي ۽ انهيءَ شعري ارتقا جون ڪڙيون ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت ملي سگهن ٿيون؟ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته چند اهم نقطن جي زيرنظر انهن ڪڙين کي ملائجي.
سومرن جي دور جي مليل شاعريءَ ۾ ڳاهه، ڳيچ، گنان ۽ سينگار شاعري ملن ٿا، انهيءَ کان اڳ هڪ بيت عرب دور جو سنڌي شعر جي قدامت طور ملي ٿو، جيڪو مختلف روايتن مطابق ڪجهه ٿوري گهڻي فرق سان هن ريت موجود آهي:

اره بره کنکره، کراکري مندره،
اره اصره ککرا، کي کرده مندره.

هن بيت تي ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين رايا ڏنا آهن ۽ اهو بيت ٻن ڪتابن ”روضة العقلاء و نزهة الفضلاء“ ۽ ”مجمع التواريخ والقصص“ ۾ آيل آهي، جيڪو مٿي ڄاڻايل نمونن مطابق آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب دمشق ۾ حضرت بلال رضي الله جي مقبري جي اندرين ديوار تي هيءُ بيت لکيل ڏٺو ۽ سندس راءِ موجب ممڪن آهي اهو ڪنهن حبشي زبان جو هجي، پر ”ڪنهن به حالت ۾ هيءُ اوائلي سنڌي بيت ٿي نٿو سگهي“. (2)
ڊاڪٽر الانا صاحب به مٿئين بيت کي سنڌي ٻوليءَ جو بيت نٿا مڃين.
ٻين عالمن هن بيت کي سنڌي شعر جي قدامت لاءِ تاريخي وٿ قرار ڏنو آهي ته گڏوگڏ اهو به ڄاڻايو آهي ته انهيءَ تي تحقيق ڪرڻ گهرجي.
ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب ظني پڙهڻيءَ سان هن بيت جو تعلق لاڙ جي منڌرا قوم سان ڏيکاريو آهي. منهنجي خيال ۾ هن بيت جي ظني پڙهڻي ۽ گمانن تي تڪيو رکڻ جي بجاءِ جيڪڏهن ”روضة العقلاء“ ۽ ”مجمع التواريخ“ جي مصنفن جي ٻين تصنيفن کي جانچيو وڃي ۽ دمشق ۾ موجود (ممڪن آهي قدامت سبب هن تاريخي بيت جي صورت مٽجي ويئي هجي) هن بيت جو عڪس حاصل ڪري، عربي ٻوليءَ جي ديوانن ۽ ٻين ڪتابن مان ڄاڻ وٺجي ته بهتر ٿيندو. جيڪڏهن اهوبيت رسول پاڪ جن جي تعريف ۾ چيل آهي ته ان جي موجودگي اهڙن ڪتابن ۾ ضرور هوندي. حضرت بلال سان هن بيت جي نسبت معلوم ٿيڻ سان ڪجهه وضاحت ٿي سگهي ٿي. پوءِ ئي هن بيت جو تعلق سنڌي ٻوليءَ سان جوڙڻ جي باري ۾ ويچاري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش انهيءَ حوالي کي، ”سنڌي ٻوليءَ جو عربي صورتخطيءَ ۾ سڀ کان پهريون لکيل نمونو ڄاڻايو آهي.“ (3)
مٿي ڏنل تفصيل مطابق سومرن جي دور کان اڳ جو سنڌي شاعريءَ جو احوال اسان وٽ نٿو ملي، باقي سومرا دور جي شاعراڻي سرمايي تي نظر وجهڻ سان قديم شاعريءَ تي روشني پوندي. سومرن جي دور کان ڳيچ، ڳاهون ۽ گنانن جي شاعري ملي ٿي. فني لحاظ کان گنانن جي هيئت، مواد، موضوع ۽ مضمون ۾ سنڌي اوائلي شعر جا اهڃاڻ موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ سان گڏ گنانن ۾ گجراتي، هندي، ڪڇي، لاڙي ۽ ملتاني محاورن جو استعمال شامل آهي. جدا جدا ٻولين جي محاورن وارن گنانن کي ڊاڪٽر نبي بخش معتبر سڏيو آهي. گنانن جا مثال هن ريت آهن:

چيتن هارا تمهين چيتجو
ڪريو خوب ڪمائي
انت ڪال ايڪلا چلڻا
ساٿ ڪوئي باپ نه مائي (4)

پير صدرالدين جا گنان مڪمل سنڌي نموني جا آهن.

اُٿي الله نه گهرين بندا، تون ستين سڄي رات،
نڪا جهوري جيوَ جي ٻانها، نڪو سمر ساٿ،
شاهه مڃيئڙو تني کي، جيڪي صبوحڙي جاڳن. (5)

”گنانن ۾ سنڌي اساسي شاعريءَ وانگر تمثيلن ۽ علامتن جي ذريعي عشق جا اسرار ۽ فلسفياڻا نڪتا بيان ڪيل آهن. موضوع جي لحاظ کان تصوف ۽ ويدانت جي اپٽار آهي. دوهي، وائي ۽ ڪافيءَ جي نموني لکيل آهن. ”گنانن ۾ بيشمار ديسي تشبيهون، استعارا ۽ ڪنايا ملن ٿا، جن مان ڪي سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا آهن“.(6)
”پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبيرالدين جا گنان سنڌ جي آڳاٽي شعر جي مطالعي جي لحاظ کان اهم ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جتي جتي گنانن جي شاعري ۽ رسم الخط جا نمونا موجود آهن، اتي ٻيهر قديم نسخن ۽ ڪتابن کي تحقيق جو معيار بنايو وڃي. برٽش ميوزيم لائبريري، انڊيا آفيس لائبريري ۽ اسماعيلي جماعت خانن جي اهم لائبريرين مان مدد وٺڻ سان ممڪن آهي ڪنهن آڳاٽي مستند قلمي نسخي مان ڪا نئين تحقيق سامهون اچي. انهيءَ لاءِ برما، هندستان، سريلنڪا، برطانيا، ڪئناڊا ۽ ٻين ماڳن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
سومرن جي دور جو جيڪو ٻيو شعري مواد اهم آهي، اهو ڳيچ ۽ ڳاهون آهن. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته:
”جيڪو سنڌي شعر پهرين چوڻ ۾ آيو، سو ٻين ملڪن جي شعر وانگر قصن ۽ جنگين بابت هو، جيئن هندستاني ڀاشا ۾ اوائل جو شعر دوهرن ۾ هو ۽ مضمون جنگي يا ڌرمي هو، تيئن سنڌيءَ ۾ به دوهرا يا ڏوهيڙا هئا يعني ٻه سٽون يا ٻه مصرع“.(7)

ڳاهه هڪ قسم جا واقعاتي ۽ بياني بيت آهن، جن جا موضوع رزميه، هجويه ۽ عشقيه آهن، جيئن:
ڳاهه: آهيان سنڌ جو سورمو، مون کي ڊپ نه ڊاءُ،
ڏورئون ڏوري، مون ڏٺو هيءُ پرينءَ جو تلاءُ. (8)
سومرن ۽ گجرن جون لڙائيون، سومرن جي علاؤالدين جي لشڪر سان جنگ، ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ ۽ عشقيه قصن ۾ ليلان چنيسر، عمر مارئي، مومل مينڌرو ۽ ٻيا واقعا ڳاهن ۾ ملن ٿا. پروفيسر محرم خان، ”سومرن جو دور 923ع کان ڄاڻايو آهي“. پاڻ اپڀرنش جي هڪ ڳاهه جو نمونو هيم چندر جي تصنيف (1088- 1172ع) جي حوالي سان ڏنو اٿن. هيءَ ڳاهه ڊاڪٽر حسن هندي ادب جي تاريخ ۾ پڻ ذڪر ڪئي آهي. (9)
ڳيچ تمام قديم آهن، جن جو پتو نٿو پئجي سگهي ته ڪڏهن چيا ويا، پر يقيناً هيءُ جهوني شاعريءَ جو سرمايو سنڌي شاعريءَ جو ابتدائي ۽ اوائلي نمونو آهي. ڳيچ سنڌي ثقافت، سماجي لاڙن، ذهني ڪيفيتن ۽ نفسياتي رجحانن سان گڏ مذهبي حالتن، عقيدن، عادتن، رسمن ۽ رواجن جي ڄاڻ ڏين ٿا.
ڳيچ:
سعيو ٿيو سجايو،
هوت ڀنڀور ۾ آيو. (10)
ڳيچ جي حوالي سان سڀ کان قديم نمونو مائي مرکان شيخڻ جي ڳيچن جو ملي ٿو. سومرن جي دور جي هيءَ بزرگ خاتون 1300ع ڌاري وفات ڪري ويئي. هن خاتون جا جوڙيل پيراڻا، سنڌي ٻوليءَ جو املهه سرمايو آهن. هن جي ٻولي تمنا ۽ آس ڏيکاريندڙ سادن لفظن سان ڀريل آهي، جيئن ڳيچن ۾ ٿيندو آهي. مثال طور:

مريدني تنهنجا ڏِسِ ۾ آوارا ڄاما،
شيخ ني تنهنجا ڏيهه ۾، کؤنري ۾ ڄاما،
پورڙيون ڪيئيم، پير ڀانڊاري،
تنهنجو ساٿ سلامت آيو،
تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو. (11)
ازانسواءِ ٻين به ڪيترين گمنام عورتن جا چيل بي حساب ڳيچ ملن ٿا. ڳاهه جي صنف ۾ ڀاڳو ڀان، سمنگ چارڻ جا نالا اهم آهن. ماموئي فقيرن جي بيتن کان علاوه شيخ حماد جمالي، اسحاق آهنگر ۽ پراڙ جو هڪ بيت ملي ٿو. سما دور ۾ قاضي قادن جي ڪلام جي اهميت تمام گهڻي آهي. مخدوم نوح، سيد علي ثاني شيرازي، شاهه ڪريم، درس علاؤالدين سومرو، عثمان احساني جا نالا شروع شاعريءَ ۾ اهم آهن.
پوءِ جي شاعرن جي ڪلام ۾ شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت رضويءَ جو ڪافي ڪلام ملي ٿو ۽ اڳيان هلي سنڌي ٻوليءَ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان سنڌ سيراب ٿي.
سنڌ صوفين جي سرزمين رهي آهي. هتي تمثيلي قصن ۽ واقعن کي عروج، سماع ۽ ذڪر جي محفلن ذريعي مليو آهي، جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين ڪمال تي پهتو. عرب دور کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن جون ترجيحون بدليون ۽ تصوف جي موضوع پنهنجا اثر سنڌ ۾ مضبوط ڪيا. ذڪر و سماع جي سلسلن ذريعي سنڌي بيت ۽ ڪافيون منظوم ٿيون. سنڌي ذاڪر ۽ قوال سنڌ ۽ ملتان وارن خطن ۾ مشهور ٿيا. شيخ فريد شڪر گنج ۽ غوث بهاءُ الدين جن جي دوهن ۾ سنڌي لفظ ملن ٿا. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جن ته سماع کي حياتيءَ جو لازمي جز قرار ڏنو.
جيئن ته سنڌ جي ايراضي تمام وسيع هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جي ماحول ۽ علم ادب تي مختلف ٻولين، ماڻهن ۽ مذهبن جا اثر ٿيا. ”برصغير جي علم ادب جي قديم تاريخ ۾ ويدن، مهاڀارت، رامائڻ ۽ اپنشدون هتان جي ماڻهن کي متاثر پڻ ڪيو آهي. سنسڪرت، پالي، اپڀرنش، عربي، فارسي، هندي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ٻولين جا اثر سنڌي ٻوليءَ تي رهيا آهن. ڪرشن ڀڳتي،
رام ڀڳتي، ناٿ پنٿني ۽ نرگن هندي ادب خاص ڪري شاعريءَ جون اعليٰ تحريڪون رهيون آهن، جيڪو سنڌ ۾ پهتل جوڳين جو ذڪر قاضي قادن کان ٿيندو شاهه لطيف تائين پهتو. ”ڀڳت ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال، تلسي، رحمٰن، ڪالو ۽ ٻين جا دوها سنڌيءَ ۾ عام مروج ۽ مقبول هئا.“ (12)
ڪيترن مسلمان شاعرن هنديءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، جيئن رحمٰن، ملڪ محمد جائسي ۽ امير خسرو وغيره. ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته:
”گرو گرنٿ جي واڻي سنڌ ۾ عام جام پڙهي ويندي هئي ۽ گنج جي نسخي ۾ پڻ هندي ڪلام جا دوها ۽ ڀڄن موجود آهن. اهڙيءَ ريت هندو ويدانت جي فلسفي جا ڪيترا خيال تصوف ۾ شامل ٿي ويا“. (13)
مٿئين تمهيد جو مطلب ته هندوستان ۾ موجود ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل سنڌي ٻوليءَ جي خزاني جي تحقيق سان مثبت نتيجا سنڌي شعر جي قدامت جي باري ۾ ملي سگهن ٿا. جيئن قاضي قادن جو پويون ڪلام ديوناگري لپيءَ ۾ مليو آهي، ايئن ممڪن آهي ته ڪا نئين کوجنا سامهون اچي. انهيءَ کان سواءِ سنڌي شاعريءَ تي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا به اثر آهن.

جيئن ته:
1- سنڌ خطي جي قدامت قديم آثارن جي کوٽائيءَ سان واضح ٿي چڪي آهي. انهيءَ لحاظ کان هن پرڳڻي جي علم ادب جو آڳاٽو مواد ضرور موجود هوندو. ضروري آهي ته قديم سنڌي شاعريءَ جي کوجنا لاءِ هيٺين نڪتن تي ڌيان ڌريو وڃي.
2- موجوده وقت ۾ مليل احوال مطابق سنڌي شعر جا جيڪي اوائلي نمونا دستياب ٿيا آهن، سي سومرن جي شروعاتي دور ۽ عربن جي آخري وقت جا آهن. 187هه جي بيت جي پڙهڻيءَ جي باري ۾ ڪي حتمي نتيجا نه مليا آهن، انهيءَ لاءِ عربي ٻوليءَ جي تصنيفات کي ڏسڻ گهرجي.
3- باقاعده سنڌي شاعري سومرن جي دور کان ڳاهن، ڳيچن، گنانن ۽ سينگار شاعريءَ ذريعي ملي ٿي، جنهن جو وجود درحقيقت انهيءَ دور کان آڳاٽو آهي. ضروري آهي ته لوڪ ادب جي نثري ۽ نظمي مواد ۽ گنانن جي مواد تي وڌيڪ تحقيق ڪئي وڃي.
4- سنڌي قديم شعر تي موضوع، مواد، هيئت ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان هندي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا ڪجهه اثر آهن، انهيءَ ڪري انهن ٻولين جي شاعريءَ کي پرکڻ سان سنڌي شعر جي قدامت معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
5- آڳاٽي سنڌي شعر جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ديوناگري لپيءَ جي مختلف پراڻن نسخن مان پڻ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.
ڏٺو وڃي ته اهي سڀ تحقيقي مرحلا گهڻين انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن سان عمل ۾ اچي سگهن ٿا، جن ۾ قابل ماهرن جي محنت ۽ وڏو ناڻو گهربل آهي ته حڪومت ۽ ٻين وڏن علمي، ادبي ادارن جي سهڪار جي پڻ سخت ضرورت آهي ته جيئن اسين هن مانائتي ٻوليءَ جي قديم ورثي جي کوجنا ۾ ڪامياب ٿي سگهون.

[b]ورتل حوالا
[/b](1) بيگ مرزا قليچ: ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع، ص 227
(2) دائودپوٽو عمر بن محمد علامه: ”قديم سنڌي شاعري“، نئين زندگي سيپٽمبر 1958ع
(3) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، 1999ع، ص 72.
(4) ايضاً ص- 198.
(5) ايضاً ص- 199.
(6) خواجه نورافروز ڊاڪٽر: ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، 2005ع،
ص- 240-241
(7) بيگ مرزا قليچ: ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع، ص 237-238
(8) بلوچ نبي بخش: ”سنڌي بيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1971ع.
(9) پروفيسر محرم خان: ”قديم سنڌي شعر ۽ شاعري“ (تاريخي جائزو)، ڪينجهر-8 2002ع، ص- 55
(10) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر: ”بيت“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع، ص-9.
(11) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، ص146.
(12) عباسي تنوير ڊاڪٽر: ”شاهه لطيف جي شاعري“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص-40.
(13) ايضًا ص- 45.