سفرنامو ڇاکي چئجي ٿو؟
جيڪڏهن اهو احوال رپورٽ جي نموني آهي ته انهيءَ کي ”رپورتاز“ پڻ چيو ويو آهي. رپورٽيج/رپورتاز نموني جا سفرناما سنڌي ادب ۾ پڻ لکيل آهن. ماهتاب محبوب جي ”اندر جنين اڃ“ سفرنامي تي موهن ڪلپنا لکيو آهي ته،
”هيءُ سفرنامو بهترين ”رپورٽيج“ جي حيثيت رکي ٿو“. (1)
ڊاڪٽر انور سديد مطابق ”رپورٽيج نموني جي لکڻيءَ کي هڪ الڳ نثري صنف شمار ڪيو ويو آهي“. (2)
سفرنامو نثر جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ آتم ڪهاڻيءَ وانگر فرد واحد جي ڪٿا سندس ئي زباني بيان ڪيل هوندي آهي، پر ته به آتم ڪهاڻيءَ ۽ سفرنامي ۾ وڏو فرق آهي. آتم ڪهاڻي حياتيءَ جي وڏي حصي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لکندڙ جي حياتيءَ جا انيڪ رُخ سامهان اچن ٿا. جڏهن ته سفرنامي ۾ هڪ مخصوص عرصي جو حال احوال ليکڪ جي پنهنجي زباني هوندو آهي، پر انهيءَ ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته اهو احوال خاص طور گهمڻ ڦرڻ، مختلف هنڌن، جڳهين ۽ ملڪن جي معلومات تي مبني هجي ٿو. يعني سفرناما نگار جي ذات دنيا جي مختلف ماڳن ۽ ملڪن جو جيئن مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿي، اهو هُو بياني صورت ۾ قارئين ڏي قلمبند ڪري پهچائي ٿو ۽ ان احوال جي عام ۾ مقبول ٿيڻ ۽ پسند اچڻ ۾ وڏو ڪمال سفرناما نگار جي ذاتي خوبين جو آهي. سندس ذهانت، حافظو، ٻوليءَ جو تحرير ۾ شانائتو استعمال ۽ سفرنامي جي لکڻ جا ٻيا فني لوازمات شامل آهن، جن مطابق هو قاريءَ کي گڏ کڻي هلي ٿو.
سفرنامو نه فقط معلومات وڌائڻ ۾ معاون آهي، پر ادب جي واڌاري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن مان قارئين کي مختلف ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ملڪي حالتن، ماحول، تاريخ، جاگرافي تهذيب ۽ تمدن ۽ انيڪ نين شين، ماڳن، مڪانن، ماڻهن ۽ سماجن جي ڄاڻ ملي ٿي.
دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ سفرناما لکيا وڃن ٿا. برصغير جي ٻولين ۾ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي سفرناما لکيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جي شروعات چند مضمونن سان ٿي، جيڪي ڏيهي سير سفر جي ذڪر تي آڌاريل آهن، پوءِ پرڏيهه جي سفر تي ڪتابي صورت ۾ سفرناما لکيا ويا. موجوده وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ انيڪ سفرناما ڪيترن ئي ليکڪن جا لکيل موجود آهن. عام طور سفرناما ڏيهي ۽ پرڏيهي گهمڻ ڦرڻ ۽ سفر جي احوال تي هجن ٿا، پر جيئن ته پنهنجي ملڪ جي باري ۾ عمومًا قارئين کي ڪافي خبرچار هوندي آهي، پنهنجي خطي جي زبانن، تاريخي جڳهين، ڪرنسي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، مزاج، ماڻهن جي عقيدن، ريتن رسمن متعلق اندروني حال جي خبر چار، عام اخبارن، رسالن ۽ ماڻهن جي ميل جول مان معلوم ٿي ويندي آهي، پر ٻاهرين ملڪن جي باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ عام ته ڇا، پر پڙهيل قاريءَ کي به گهٽ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو پرڏيهه نٿو وڃي. انهيءَ ڪري سفرنامي جي قارئين جو وڏو طبقو ٻين ملڪن جي احوال کي پڙهڻ پسند ٿو ڪري. تنهنڪري عرف عام ۾ ”سفرنامو“ لفظ مان عام طور اهوئي مطلب شمار ڪيو ٿو وڃي ته اهو ڪتاب جنهن ۾ لکندڙ پنهنجي پرڏيهه گهمڻ ڦرڻ جو مطالعو ۽ مشاهدو قلمبند ڪري پيش ڪيو هجي ۽ اهو غيرملڪي معلومات سان معمور هجي.
ڪامياب سفرنامو ڪهڙو قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ انهيءَ لاءِ ايئن چونداسين ته سفرنامو فقط ڪامياب اهو ڪونهي، جيڪو غيرملڪي حال احوال ۽ خبر چار ڏئي ٿو، بلڪه سفرنامي جي لکڻ جا ڪي اصول وضع ڪيل آهن، جن تحت ئي ڪو ڪتاب سفرنامو شمار ڪري سگهجي ٿو. ”سفرنامو“ ادبي صنف آهي ۽ ادبي لکڻين جي اصولن ۾ ٻوليءَ جو شانائتو استعمال يعني ”حسن تحرير“ هئڻ ضروري آهي. شائستگي ۽ اخلاقي حدن ۾ سهڻي اسلوبِ بيان سان موضوع ۽ مواد جي مطابقت مطابق لکيل تحرير ئي ادب جو حصو بنجندي آهي. جيستائين سفرناما نگار ادبي ضرورتن جو پورائو نٿو ڪري، تيستائين سندس سفري تحرير ۾ قاريءَ لاءِ ڪابه رغبت نه هوندي، ادبي قارئين جو هڪ ذوق هجي ٿو، انهيءَ گهرج تحت ئي اديب سماج جي نمائندگي ڪندو آهي. سفرناما نگار کي قاريءَ جي انهيءَ ذهني اپروچ مطابق لکڻو پوي ٿو ته گڏوگڏ کيس فني ضرورتن کي به مدنظر رکڻو آهي، جيئن جيڪڏهن ڪو سفرنامانگار ”اٽليءَ“ جو احوال ٿو لکي ته جيڪڏهن هو ان ملڪ جي معلومات ڏکين ۽ ثقيل لفظن ۾ ۽ مشڪل جملن ۾ ڏيندو ته ڄڻ لڳندو ته قاري اٽلي ملڪ جي جاگرافي پڙهي رهيو آهي، پر جيڪڏهن هُو انهيءَ معلومات کي پنهنجي تجربي ۽ ذاتي احوال سان دلچسپ ۽ پرلطف بنائي، آسان ۽ عام فهم ٻولي ۽ ادبي انداز سان پيش ڪندو ته اهو احوال قاريءَ جي دلچسپيءَ جو باعث بڻبو ته گڏوگڏ مختلف هنڌن تي موقعائتا پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح، شعر، مثال ۽ تشبيهون ڏيڻ سان پڙهندڙ جي دلچسپي قائم رهي ٿي ته انهيءَ ملڪ جي تاريخي هنڌن جو تفصيل، اتي جي ماڻهن جون سوچون، ويچار، عقيدا، ڀرم، مذهب، رهڻي ڪهڻي ڏيڻ سان اهو احوال قاريءَ لاءِ نه فقط نئون هوندو، پر ليکڪ جي سهڻي اندازِ بيان ۽ اسلوب باعث هو پنهنجي پڙهندڙن جو هڪ وڏو طبقو پاڻ سان گڏ کڻي هلندو. اهڙيءَ ريت جو قاري سفرناما نگار جو هم خيال ٿي ويندو آهي، جنهن جي لاءِ سنڌي ادب ۾ خاص طور الطاف شيخ جو نالو فخر سان کڻي سگهجي ٿو. سنڌي ادب جي هن اعليٰ سفرنامانگار تمام وڏي تعداد ۾ سفرناما لکيا آهن. سندس سفرنامن جي ٻولي ادبي ۽ شانائتي ته اندازِ بيان پرلطف ۽ اثرانگيز آهي. انهيءَ ڪري سنڌي ادب جي قارئين جو وڏو انگ الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي ۽ پسند ڪري ٿو.
فني ضرورتن جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته به اهو مڃيل آهي ته ڪو به سفرنامو جيڪو فقط ايئن ئي حال احوال تي مبني آهي (پر فني طور ڪمزور آهي) ته ادب ۾ جڳهه والاري نه سگهندو. سفرنامو اهو ڪامياب آهي، جنهن ۾ سفرنامي جي فن جي پهرين ضرورت ”سفر جو احوال“ يعني موضوع جي مواد سان مطابق کي اهميت ڏنل آهي. ٻي گهرج، شانائتو طرزِ تحرير قائم هئڻ آهي. ٻين ملڪن جي جامع ۽ اثرائتي معلومات، سچائيءَ ۽ ادبي اسلوب سان ڏيندڙ سفرنامو ادب ۾ جڳهه والاري ٿو. حاصل مطلب ته سفرنامو فڪشن جي ٻين صنفن جي نسبتًا حقيقتن ۽ سچائين کي کولي بيان ڪندڙ ”بياني صنف“ آهي، جنهن ۾ پڙهڻ سان گڏ ڏسڻ (vision) جو تاثر پڻ اهم آهي.
(منهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۾ ڪافي سفرنامن تي تنقيد ۽ تبصرو ڏنل آهي، جنهن سان پڙهندڙن کي ادبي ۽ علمي طور ڪامياب سفرنامن جي ڄاڻ ملندي. مٿي ڄاڻايل اهو ڪتاب موجوده وقت ڪنهن به بُڪ اسٽال تي دستياب نه آهي، باقي دائودپوٽا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي (سنڌي شعبو) ڊفينس ڪراچي جي لائبريرين کان علاوه مختلف ڪاليجن جي لائبريرين ۾ موجود آهي).
[b]حوالا[/b]
(1) مهتاب محبوب: ”اندر جنين اڃ“ (مهاڳ) نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1977ع
(2) سديد انور ڊاڪٽر: ”اردو ادب کي مختصر تاريخ“ عزيز بڪ ڊپو لاهور، 1998ع