مطالعو: انساني بقا ۽ تڪميل جو اهڃاڻ
اعليٰ صلاحيتن سان نوازيل انساني دماغ کي خدا پاڪ ڪائنات جا راز و رمزون ۽ عظيم اسرار سمجهايا، جن کي ڏاهن، سڄاڻن، شاعرن ۽ قلمڪارن سهڻن لفظن جو ويس پارائي قلمبند ڪيو، ته جيئن ايندڙ نسلون سندن سوچن جي سمنڊ جون سرڪيون ڀري علم ۽ آگاهيءَ جي اڃ اجهائينديون رهن. انهن پاڪ ۽ نيڪ سوچن جي ڪتابي علم جو. پڙهڻ ۽ پروڙڻ ئي مطالعو آهي. مطالعو سمجهه، ساڃاهه ۽ ادراڪ ۽ شعور جو نالو آهي. مطالعو ڪتابي هجي يا ڪائناتي انسان کي مڪمل بنائڻ جو ذريعو آهي.
قدرت جي دانائيءَ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ دنياوي زندگيءَ کي صحيح رخ ڏانهن موڙڻ لاءِ مطالعو ئي ڪم اچي ٿو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سڀ ڪتاب اسان کي صحيح دڳ تي لائين ٿا؟ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهو فرق معلوم ڪجي. علم ادب جي ٻن شاخن نثر ۽ نظم ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي صنفون آهن جن تي ڪتاب لکيا ويا آهن. روزانه جون اخبارون ۽ رسالا به معلوماتي مطالعي جو قسم آهن.
حقيقت اها آهي ته معياري ڪتاب ئي مطالعي لاءِ ڪارگر هوندا آهن جن مان ئي ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو. باقي فضول ۽ غير ڪارآمد ڪتاب پڙهڻ وقت جو زيان آهي. معياري مطالعو خاص اهميت رکي ٿو پر انهيءَ سان گڏ ان مان پرائڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ وڌيڪ اهم آهي. صحتمند علم و ادب جو مطالعو انسان جي اندر مان وسوسا ڪڍي، هن جي ويساهه کي ڦٽندڙ باکن ۾ اڀرندڙ سويرن جيان پختو بنائي ٿو. اهڙيءَ ريت نت نوان رستا ۽ راهون هموار ٿين ٿيون. انهيءَ جي برعڪس غلط ۽ بي راهه رويءَ ڏي مائل ڪندڙ ڪتابن جو مطالعو ماڻهوءَ کي پستيءَ ڏي ڌڪي ٿو. انهيءَ ڪري سٺي ڪتابي مطالعي جي سج جو تاب ڪڏهن به جهڪو ٿيڻو نه آهي. عمدا ۽ چڱا ڪتاب بهترين دوست آهن جيڪي ڪڏهن به جدا نه ٿا ٿين. اهي ئي سچا رهبر ۽ رهنما آهن. مذهبي ڪتابن کي ڏسنداسين ته جيئن، قرآن پاڪ ۽ حديثن جا ڪتاب، انجيل ۽ زبور، ۽ ٻيا مذهبي ڪتاب جهڙيءَ ريت پنهنجي پوئلڳن کي رهنمائي عطا ڪن ٿا. ان ريت ڇا ڪو ٻيو ذريعو ڪري سگهيو آهي؟ قرآن پاڪ جو جيترو گهڻي ۾ گهڻو مطالعو ۽ غور و فڪر ڪبو ايتروئي سمجهه ۽ عقل جا در کلندا ويندا.
اڄ جيڪڏهن دنيا جي ڏاهن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ رهنمائن جون تعليمات ڪتابن جي شڪل ۾ نه موجود هجن ها ته نه مطالعي جو وجود هجي ها، نه ئي دنيا جو هي رنگ ڍنگ هجي ها. انهيءَ لحاظ کان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب واقعي وڏي نعمت آهن. جن مان اسان کي قومن جي ڪمال، زوال، تهذيب ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي. جاگرافيءَ جي صورت ۾ مطالعي سان ڌرتيءَ ۽ ڪائنات جي رازن جي پروڙ پوي ٿي. تاريخ جي مطالعي سان انسان پنهنجي ماضيءَ کان باخبر ٿئي ٿو. سائنسي ڪتابن جي مطالعي سان جستجو ۽ تحقيق جو جذبو وڌي ٿو ۽ جديد ڄاڻ سان گڏ، نون انڪشافن جو پتو پوي ٿو. طب جي ڪتابن مان انسان ذات جي خدمت ٿئي ٿي. ادبي ڪتابن جي مطالعي سان انسان جي سمجهه ۽ شعور ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڪتاب اڪيلائيءَ ۽ ڏک و سک جا ساٿي آهن. جيڪي قيمتي معلومات ڏيئي علم ۾ ته اضافو ڪن ٿا پر انسان کي برائين کان چڱائين طرف، ڪوڙ کان سچ طرف، جنگ کان امن طرف ۽ نفرت کان پيار طرف آڻين ٿا. مطالعو ڪرڻ سان مئل دليون جيئريون ٿي پون ٿيون. مطالعو سوچ ۽ فڪر جي ميدان کي وسعت بخشي ٿو. پاڪ ۽ عمدن ڪتابن جو مطالعو ئي علم آهي جو زنگ آلود ذهنن کي مهٽي، رڳڙي، اڇو اجرو ڪري ٿو.
مطالعو صرف پڙهڻ جو نالو نه آهي پر سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جو نالو آهي. علم سان گڏ عمل جو نالو آهي. مطالعو حال بابت اميد، ماضيءَ بابت ويساهه ۽ مستقبل بابت اتساهه(Inspiration) آشڪار ڪري ٿو. دنيا جا جيڪي به وڏا ماڻهو رهيا آهن انهن سڀني جي ڄاڻ ۾ نمايان حصو مطالعي ۽ مشاهدي جو رهيو آهي. اسان لاءِ ضروري آهي ته پاڻ ۾ معياري مطالعي جو ذوق ۽ شوق قائم رکندا اچون. انهيءَ منجهان مليل تعليم تي عمل ڪريون ۽ هر وقت پنهنجي علم جي واڌاري جي دُعا خدا جي حڪم مطابق گهرون.
وَ قُلۡ رَّبِّ زِدۡنِىۡ عِپلۡپمًا (1)
ترجمو: ۽ چؤ ته ”اي منهنجا رب! منهنجو علم وڌاءِ.“