شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثرنويس
”اکين سان ڏسي، دل ۾ پڙهندو آهيان ۽ تمام تڪڙو پڙهندو آهيان، مگر ڌيان سان پڙهندو ۽ چڱن عمدن ڀاڱن تي نشان ڪندو آهيان“. (1)
گهڻو پڙهندڙ ۽ گهڻو لکندڙ هيءُ عالم ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو هو، خاص طور انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي. سنڌ ۾ فارسيءَ جي زوال جو کين تمام گهڻو اونو هو. فارسيءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي اٿن ته انگريزيءَ تي پڻ عبور حاصل هين. پاڻ هن بين الاقوامي ٻوليءَ ۾ ڇپيل اهم تصنيفات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿن. سندن لکيل نثر ۽ نظم جي ڪتابن جو تعداد 4 سؤ جي ويجهو آهي، جنهن ۾ 150 کن ڇپجي چڪا آهن، ٻاويهه هزارن جي لڳ ڀڳ شعر چيا اٿن ۽ نثر ۾ ته انيڪ ڪتاب لکيائون. مرزا صاحب جون نثري تحريرون نثر جي مڙني خوبين سان مالامال آهن. کين ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا صاحب جا ترجمو توڙي طبعزاد نثر جا ڪتاب ٻوليءَ جي حوالي سان سليس، نج ۽ عام فهم سنڌيءَ سان سينگاريل آهن. بمبئي يونيورسٽيءَ جي هن گريجوئيٽ عالم، اديب، شاعر ۽ محقق ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهچي پنج سال اڳ ۾ نوڪريءَ کان رٽائرمينٽ وٺي لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪم کي ترجيح ڏني. آخري عمر ۾ فقط ۽ فقط علم ۽ ادب سان دوستي ۽ دنيا سان گهڻي ڀاڱي گوشه نشيني رکيائون. خلوت ۾ کين وڌيڪ سڪون ۽ لطف ملندو هو. فرمائين ٿا ته،
ڪنڊ قناعت جي لڌي جنهن نه، لڌو تنهن ڪي ڪين،
گوشه خلوت جو ڏٺو جنهن نه، ڏٺو تنهن ڪي ڪين. (2)
مرزا صاحب حليم طبع، نيڪ نيت ۽ سڄاڻ شخص هئا. پاڻ ڪامورڪي زندگيءَ ۾ هڪ فرض شناس ۽ ذميدار آفيسر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائون. کين پنهنجي حياتيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ تي فخر ۽ غرور نه هو. سواءِ علم، ادب جي خدمت جي، سو انهيءَ ۾ تمام گهڻي خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا هئا. سٺا ڪتاب وٺڻ، پڙهڻ، انهن مان پرائڻ ۽ پوري عالم کي فائدو ڏيڻ ئي سندن مشن هو. وٽن بهترين ڪتابن جو ناياب ذخيرو عمدي ڪتب خاني جي صورت ۾ موجود هو. تڏهن به انڪساريءَ ۾ چون ٿا ته،
ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
معلوم ٿيو ته، ڪي به معلوم نه ٿيو. (3)
مرزا صاحب کي ذاتي طور حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهب جا ڪتاب پسند هئا، پر پاڻ سڀني موضوعن تي لکيو اٿن، بلڪه سنڌي ادب ۾ ڪيترين صنفن ۾ لکيل ڪم جي شروعات مرزا قليچ کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پهريون سنڌي افسانو ”شريف بيگم“، پهريون طبعزاد ناول ”دلارام“ پهريون مضمونن جو مجموعو (ترجمو) ”مقالات الحڪمت“ مرزا صاحب لکيو ته لطيفيات ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا صاحب ئي ”احوال شاهه عبداللطيف“ پهرين ڪتاب لکيو.
مرزا صاحب جي تصنيفات ۾ ”خصائص القرآن“، ”سيرت النبي“، ”راهِ نجات“، ”مقالات الحڪمت“، ”تهذيب الاخلاق“، ”تحقيق المالڪين“ ”عالمِ ارواح“، ”ڪرامات الاولياء“، ”اخلاق المعصومين“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ”حشرات الارض“، ”سنڌي شعر جي تاريخ“، ”سنڌ جي جاگرافي“، ”قديم سنڌ ۽ ان جا ستارا“، ”چچ نامو سنڌي“، ”ثابت علي شاهه جو احوال“، ”جوانيءَ جو اڪسير“، ”اخلاق النساء“، ”صحت النساء“، ”هدايت النسوان“، ”دلارام“، ”زينت“، ”عجيب طلسم“، ”وامق ۽ عذرا“، ”خورشيد“، ”نورجهان“، ”شيخ چلي“، شڪنتلا“، ”بڪاولي“، ”نيم طبيب ۽ نيم ملان“، ”حرڪت مان برڪت“،
”شاهه ڀٽائيءَ جو احوال“، ”مومل راڻو،“، ۽ ڪجهه ٻين سرن جي شرح
”لغات اللطيف“، ”شاهه جو رسالو (ترتيب) آهن.
”تقريرون ۽ تحريرون“ مرزا صاحب جي مختلف موضوعن تي لکيل ليکن جو اهم ڪتاب 1970ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ ”سنڌي شعر“، ”شعر جو شرف ۽ شان“، ”اسلامي تعليم نامو“، ”صوفين جي ديوانگي ۽ مجذوبي حالت“، ”اسلام جا ٽيهتر فرقا“، ”جسماني ورزش“، ”عالمگير مذهب“، ”انسان جا محافظ“، ”موت کان پوءِ حياتي“، ”اسلام ۾ علم جي ڳولها“ ۽ ٻيا موضوع تفصيلي سمجهايل آهن، انهن مضمونن سان گڏ سندن ڪجهه تقريرون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
ترجمي جو عمل ادب ۾ تمام اهميت جوڳو آهي. سنڌي نثر جو بنياد ئي ترجمي تي ٻَڌل آهي. مرزا صاحب کي گهڻين ٻولين تي دسترس هئڻ ۽ جهجهي مطالعي سبب دنيا جي اهم ۽ نادر ڪتابن جي ڪافي ڄاڻ هئي. سندن وڏي ڪوشش هئي ته دنياوي ادب مان سٺا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ آندا وڃن. انهيءَ ڪري پاڻ پنهنجي تصنيفن ۾ ترجمي کي طبعزاد کان به گهڻي اهميت ڏني اٿن. ناٽڪ، ناول، مضمون، مذهب، اخلاق، فلسفو، مطلب ته هر موضوع ۾ سوادي ۽ سلوڻا ترجمو ڪيا اٿن، جن ۾ ”توريت“ يا ”قديم عهدنامو“، ”انجيل“ يا ”نئون عهدنامو“، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، ”رابنسن ڪروسو“، ”ٽي گهر“، ”ايرڪ“، ”جولئن هومز“، ”خودياوري“، ”گلزار ۽ گلنار“، ”جمشيد ۽ حميده“، ”شاهه ايليا“، ”نيڪي ۽ بدي“، ”حسنا ۽ دلدار“، گلن جي ٽوڪري“، ”فيروز دل افروز“، ”انڪوائري آفيسر“، ”غلاميءَ مان چاڙهو“، ”حاجي بابا اصفهاني“، ”باغ ۽ باغباني“، ”فرائض الانسان“، ”تهذيب الاخلاق“، ”مقالات الحڪمت“ ۽ ٻيا ڪيترائي جڳ مشهور ڪتاب خاص طور شيڪسپيئر جي ناولن ۽ ناٽڪن جا ترجما شامل آهن. ترجمو ٿيل مضمونن جي مجموعن ۾ ”مقالات الحڪمت“ ۽ ”تهذيب الاخلاق“ اخلاقي، ادبي ۽ علمي طور خاص اهميت رکن ٿا. ٻنهي ڪتابن جا مضمون انساني جذبن، سوچن ۽امنگن جي نمائندگي ڪن ٿا. جن جي موضوعن ۾ نيڪي، احسانمندي، فرض شناسي، خداشناسي، خودخيالي، علميت، ضعيفائي، ڏک سک ۽ ٻيا انيڪ موضوع سهڻائيءَ سان بيان ڪيل آهن. هيٺ مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل چند ڪتابن جو احوال حوالن سان ڏجي ٿو:
”مقالات الحڪمت“ فرانسس بيڪن جي 58 مضمونن جو مختصر مجموعو آهي، جيڪي 1597ع کان 1621ع تائين بيڪن لکيا. مرزا صاحب هن ڪتاب کي حڪمت جي قولن ۽ فلسفياڻه خيالن باعث پسند ڪيو. سندن موجب، ”هيءُ ڪتاب اگرچ ننڍو آهي، پر منجهس مضمون گهڻو ۽ گهاٽو آهي“.
هن ڪتاب ۾ حياتيءَ جي هر رخ، دوستي، دشمني محبت، نفرت، ڏک سک، بچت، اسراف، تندرستي، بيماري، علم، مذهب، ملڪي معاملن ۽ ٻين موضوعن تي ويچار ونڊيل آهن، جنهن کي ترجمي مهل مرزا صاحب ڏيهي ويس پارائڻ لا سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن سان گڏ فارسي ٻوليءَ جي مشهور شعرن سان سجايو آهي. علم جي حصول ۽ مطالعي جي فائدي ۾ ليکڪ لکي ٿو ته،
”اڀياس ڪرڻ سان ماڻهوءَ جون سڀاوي طاقتون ۽ عادتون ڪمال تي پهچن ٿيون. آزمودي ۽ تجربي ڪرڻ مان وري ماڻهوءَ جو اڀياس وڌي ڪمال تي پهچي ٿو. جڏهن علم استعمال ۾ آڻجي ٿو ۽ ان تي عمل ڪجي ٿو، تڏهن ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي“. (4)
هن ڪتاب جي ترجمي کي ڪيترن عالمن طبعزاد جو ڏيک ڏيندڙ ڄاڻايو آهي. اسماعيل عرساڻي موجب ته ”اسلوبِ بيان جو اهڙو ڪمال آهي، جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ عقل سليم ان کي، مغربي تحقيق سمجهڻ کان قاصر آهي. سمجهڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته ڄڻ هيءَ ڪا اصلوڪي سنڌي تصنيف آهي“. (5) ”اهڙو بي نظير ڪتاب لکڻ ڏيکاري ٿو ته نثر نويسي خدائي ڏات طور ڪچيءَ کان مرزا صاحب کي عطا ٿيل هئي“. (6)
”گليور جو سير ۽ سفر“ مشهور مصنف ۽ پادري جوناٿن سفٽ جو لکيل آهي. آئرلينڊ جي هن ليکڪ انگلينڊ ۾ وڃي وڏو نالو ڪمايو. جوناٿن جي سڀني ڪتابن ۾ “Gulliver’s Travels” جي طنزيه تصنيف پوريءَ دنيا ۾ بي حساب ڪاميابي ماڻي، جنهن کي مرزا صاحب ئي سڀ کان پهرين 1920ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. چئن ڀاڱن ۾ ورهايل هيءُ ڪتاب انگلينڊ جي ارڙهين صديءَ جي سياسي سرگرمين جي ڄاڻ ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ڪتاب مشهور ٿيو. ترجمو ڪجهه هن ريت آهي:
”منهنجي پيءُ کي ناٽنگهام ٿائر ۾ هڪڙي ننڍي جائداد هئي. آئون سندس پنجن پٽن مان ٽيون هئس چوڏهن ورهين جي عمر ۾ آئون ڪيمبرج جي مدرسي ۾ ويس، جتي ٽي ورهيه رهيس ۽ ڏاڍي محنت ڪري پڙهيس“. (7)
”سچ ته هي آهي ته خود مون کي به پاڻ تي کل ايندي هئي، جڏهن راڻي مون کي پنهنجي هٿ تي رکي آرسيءَ وٽ آڻيندي هئي، جنهن ۾ اسان ٻنهي جون شڪليون سڄيون ساريون گڏ ڏسڻ ۾ اينديون هيون. آئون پاڻ کي پنهنجي سچي پچي قد کان به ننڍڙو ڄاڻندو هئس“. (8)
مرزا صاحب ٻاراڻي ادب ۾ ”وامق عذرا“، ”شهزادي محبوب جي آکاڻي، ۽ ٻيا ڪجهه ڪتاب طبعزاد/ ترجمو لکيا. ”وامق عذرا“ جي ديباچي ۾ ڄاڻائين ٿا ته، ”اصل عرب جو قصو آهي فارسي مثنوي مرزا صادق تخلص ”نامي“ جي لکيل تان مضمون ڪڍي، مختصر ۽ سليس عبارت ۾ لکيو اٿم“.(9) ترجمي جي حوالي سان پاڻ ڪٿي مڪمل ترجمو ڪيو اٿن ته ڪٿي اهو مقصد ۽ خيال ورتو اٿن.
چند موضوع اهڙا به آهن، جن کي مرزا صاحب جيئن جو تيئن ترجمو نه ڪيو آهي، پر انهن تي مليل مواد کي مختلف ڪتابن مان گڏي ترجمو ڪري پيش ڪيو اٿن، جيئن: باغ ۽ باغباني.
باغ ۽ باغباني: ستن بابن تي مشتمل باغبانيءَ جي بنيادي ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ بين الاقوامي نظرين ۽ باغبانيءَ جي عملي ڪم جي معلومات تي مبني آهي، جنهن جي ديباچي ۾ مرزا صاحب لکي ٿو ته، ”هي ڪتاب ڪنهن خاص هڪڙي انگريزي ڪتاب جو ترجمو نه آهي، پر گهڻن ڪتابن تان ساڳئي مضمون بابت ضروري ڳالهيون گڏ ڪري لکيو ويو آهي. لکڻ ۾ جن ڪتابن مان مدد ورتي ويئي آهي، انهن ۾ فرمنگر صاحب، نيئرن صاحب، آبر ڪرامبي صاحب، مئڊم لائوڊن صاحبه ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. انهن مان فرمنگر صاحب وارو ڪتاب تمام مشهور آهي، تنهن ڪري اهو نموني لاءِ اڳيان رکيو ويو آهي“. (10)
هن ڪتاب ۾ فقط باغ ۽ باغبانيءَ بابت معلومات آهي، باقي ٻنيءَ جي پوک ۽ فصلن جي ڄاڻ مرزا صاحب الڳ ڏني آهي. ٽي سؤ ٽيتاليهن صفحن جي هن ڪتاب جو سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڇاپو 1960ع ۾ شايع ڪيو.
مرزا صاحب انگريزي ڪتابن جو ترجمو ايتروته آسان ڪيو آهي، جو عام خواندو پڻ پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ڪتاب مشڪل آهي ته به پاڻ انهيءَ کي ترجمو ڪرڻ مهل سنڌي سماج جي مزاج مطابق لکيو اٿن. ”خود ياوري“ جي ترجمي ۾ انهيءَ جي وضاحت ڪندي لکن ٿا ته،
”معلوم هجي ته اصل انگريزي ڪتاب ۾ گهڻائي ڀاڱا اهڙا هئا، جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل هئا، پر جيترو ٿي سگهيو آهي، ڪتاب جو لفظ به لفظ ترجمو ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت اصطلاح تي به نظر رکي ويئي آهي“. (11)
ڇهن بابن تي مشتمل ”خودياوري“ انگريزي ڪتاب ”سيلف هيلپ“ جو ترجمو مرزا صاحب 1911ع جي سيپٽمبر ۾ ڪيو. (ديباچي ۾ هن ڪتاب جو اهو سن لکيل آهي. مرزا صاحب جي اها عادت هئي ته پاڻ جيڪو به ڪتاب لکندا هئا، انهيءَ ڪتاب جي لکڻ جو سبب ۽ تفصيل ته ديباچي ۾ ڄاڻائيندا هئا، پر آخر ۾ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ، مهينو ۽ سال ضرور لکندا هئا. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتابن جي، سندن گهڻي ڀاڱي ڪتابن تي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ درج آهي ۽ گڏوگڏ جيڪڏهن ڪتاب ترجمو آهي ته به گهڻوڪري اصل مصنف جي ڄاڻ ڏنل آهي.) ٽي سؤ ٽيونجاهه صفحن ۽ 13 بابن جي هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ ڇاپيو.
”خود ياوري“ کي ترجمو ڪرڻ ۾ مرزا صاحب جو مقصد نوجوانن جي اصلاح ۽ محنت جو اُتم پيغام آهي. نوجوان سنڌي نسل کي مرزا صاحب تنبيهه ڪئي آهي ته اٿو ۽ مقصد جي واٽ لاءِ ڪوششون ڪريو ته اڳيان جي حياتيءَ ۾ سُک ۽ آرام حاصل ڪيو. ڪتاب جي ٻولي ادبي، بامحاوره، اعليٰ قولن ۽ چوڻين سان سجيل هئڻ ڪري ترجمو هوندي به ڪتاب بااثر ۽ ڪشش وارو معلوم ٿئي ٿو. مرزا صاحب لکي ٿو ته،
”اڪثر ماڻهو نصيب کي انڌائيءَ جوڏوهه ڏيندا آهن، پر نصيب اهڙو انڌو ڪين آهي، جهڙا ماڻهو پاڻ آهن. جيڪي دنياوي وهنوار ۽ چالاڪيءَ تي نظر ڪن ٿا، تن کي معلوم ٿيندو ته نصيب اڪثر محنتي ماڻهن جي پاسي آهي“. (12)
”نيوٽن جي سمجهه تمام اعليٰ درجي جي هئي. انهيءَ هوندي به جڏهن پڇيائونس ته ڪهڙيءَ طرح تو اهي عجيب و غريب حقيقتون ڳولهي ڪڍيون ته هن حجاب سان ورندي ڏني ته ”هميشه ان بابت خيال ڪرڻ سان“. (13)
معنيٰ ته مستقل ۽ مسلسل جدوجهد، اعليٰ ذهني صلاحيتن نه هئڻ جي باوجود به عام انسان کي به اوچائيءَ تي وٺي وڃي ٿي.
مرزا صاحب سوانحي ادب ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڏيهي، پرڏيهي اهم شخصيتن جو احوال، ترجمي توڙي طبعزاد صورت ۾ مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ ڏنو اٿن ته ڪي ڪتاب خاص طور مڪمل سوانح تي آڌاريل آهن، جيئن، ”ثابت علي شاهه جو احوال“، ”ڀٽائيءَ جو احوال“، ”قديم سنڌ ۽ ان جا ستارا“، ۽ ٻيا آهن ”حاجي بابا (اصفهاني ولد حسين ڪربلائيءَ جي سوانح انگريز مصنف جيمس مورير لکي، جنهن کي مرزا صاحب ترجمو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ايران جي انهيءَ دور جواحوال آهي، جيڪو دور ان وقت سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جو هو. 1823ع ۾ لنڊن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب کي مرزا صاحب ڪتاب جي مقبوليت جي پيشِ نظر ترجمو ڪيو، جو هيءُ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو هو. خود نوشت سوانحي انداز ۾ لکيل ”حاجي بابا اصفهاني“ ۾ ايراني بادشاهن، اميرن ۽ عوام جي احوال سان گڏ ايران جي هڪ حجام جي پٽ حاجي بابا جو دلچسپ احوال آهي، جيڪو اڳيان هلي، ايران جي بادشاهه جو امير ٿئي ٿو. مرزا صاحب 1914ع جي آڪٽوبر ۾ ان جو ترجمو ڪيو جو 419 صفحن ۽ چاليهن بابن تي آڌاريل آهي.
مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل هيٺين ناولن ۾”ٽي گهر“، ”ايرڪ“ ۽ ”جولئن هومز“ کي پڻ نوجوانن جي سڌاري جو پيغام سڏي سگهجي ٿو. ف،و، فرار جا لکيل هي ڪتاب ٻارن، مائٽن ۽ استادن جي لاڳاپي ۽ هلت جي باري ۾ مثبت رويي ڏانهن موڙيندڙ آهن. جيئن ته اصل ليکڪ پادري هو، انهيءَ ڪري هنن ڪتابن ۾ ناصحانه انداز آهي.
مٿيان ٽيئي ڪتاب ترتيبوار 1912ع، 1919ع ۽ 1920ع ۾ ترجمو ڪيا ويا، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ 1959ع ۾ شايع ڪيا. ٽيئي ڪتاب چوٽيهه، اوڻٽيهه ۽ ٽيٽيهه بابن سان گڏ 492، 449، ۽ 401 صفحن تي آڌاريل آهن.”ٽي گهر“، ”ٻارن ۽ انهن جي مائٽن جي گهر جي هلت“، ”ايرڪ“، ”شاگردن جي اسڪول ۾ هلت“ ۽ ”جولئن هومز“ ”ڪاليج ۾ نوجوان شاگردن جي هلت“ جي باري ۾ آهن.
ٽي گهر جي شروعات ئي ”ڪرڪيٽ راند ڪرڻ وارا“ جي باب سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ سارتن، مارٽن، لارڊ گليلن رالف ۽ ٻين دوستن ۽ سندن مائٽن جي ورتاءَ جوذڪر آهي. ليکڪ لکي ٿو ته،
”خدا تعاليٰ هنن کي نيڪ ۽ بد ڳالهيون پوريءَ طرح ڏيکاريون ۽ انهن جي وسيلي هنن کي هدايت ڪيائين، ڇالاءِ جوحياتيءَ جون ڳالهيون خدا جا ڄڻ دستخط آهن، جن مان اسين سندس مرضي معلوم ڪري سگهون ٿا ته چڱين شين جي پٺيان هلون ۽ بڇڙاين کان پاسو ڪريون“. (14)
”ايرڪ“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جن ۾ ايرڪ جي پڙهائي، والدين، استادن، دوستن، رسيل، سانتيڪو، مانٽي، ايڊون ۽ ٻين جو ذڪر آهي. هن ڪتاب ذريعي سنڌي والدين کي انهيءَ دور ۾ ٻارن جي پرورش، اسڪولنگ، هاسٽل ۽ ٻين ڳالهين جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
هاسٽل جي حياتيءَ ۾ ٻارن کي ڪهڙا مسئلا آهن، خراب دوستي ۽ خراب ڪمن جا اثر ٻارن جي صحت کي ڪهڙيءَ ريت متاثر ڪن ٿا.
”جولئن هومز“ ڪاليجي زندگيءَ جي ذڪر تي آڌاريل آهي. جولئن جي سينٽ ورنر ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سندس دوستن ڪئنٽ ۽ وايوليٽ جي ڪچهرين سان گڏ نيڪ ويچارن تي مبني آهي. ليکڪ لکي ٿو ته،
”جولئن آرام سان چيو ته، ”جيڪي پاڪ دل وارا ماڻهو آهن، تن جي نظر ۾ سڀڪا شيءِ پاڪ آهي.“ (15)
پادريءَ مسٽر ويئر ديول ۾ گهوٽ جولئن ۽ ڪنوار ايوا کي خوشيءَ جي تقرير ۾ مبارڪ ڏيندي چيو ته،
”سچي محبت اها آهي جا ڏک کان پاڪ ٿئي. خدا ڪري اوهين هميشه خوش رهو ۽ ڏک نه ڏسو“. (16)
حاصل مطلب ته مٿيان ڪتاب سنڌ جي ماحول مطابق نه هوندي به مرزا صاحب جي آسان طرز تحرير ۽ عام فهم انداز سبب جڏهن شايع ٿيا، تڏهن نه فقط پڙهيا ويا، پر گهڻو پسند پڻ ڪيا ويا.
مرزا صاحب ۾ مترجم هئڻ جون صلاحيتون اُتم هيون. سندن تقريبًا سڀني ڪتابن جو ترجمو وڻندڙ آهي. موضوع مطابق پاڻ ٻنهي ٻولين جي وسعت ۽ اديبانه ذوق مطابق ترجمي جي ضرورتن ۽ گهرجن کي اهميت ڏني اٿن. سنڌي زبان جي بقا ۽ ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ مرزا صاحب ترجمي جي عمل جي پورائي کي نه فقط هٿي ڏني، بلڪه هُن نثر ۾ معياري ترجمن کي آندو، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي انگريزي ٻوليءَ مان ته ڪجهه اردو، فارسي ۽ عربيءَ مان ترجمو ڪيا اٿن.
مرزا صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ سندن لياقتن کان انحراف ناممڪن آهي. کين سندن حياتيءَ ۾ ڪيترائي اعزازَ مليا. پنهنجي باري ۾ پاڻ ٻن ڪتابن ”فئملي ريجسٽر“ (انگريزي) ۽ ”يادگيريون“ (سنڌي) ۾ احوال ڏنو اٿن ۽ خاص طور تفصيلي احوال سندن آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ مان ملي ٿو. 287 صفحن ۽ يارهن بابن تي مشتمل هيءَ تصنيف سنڌي ادب ۾ سوانح جي مَدَ ۾ اهم شمار ٿئي ٿي، جنهن ۾ مرزا صاحب پنهنجي ننڍپڻ، جواني، تعليم، نوڪري، علمي ادبي خدمتون ۽ پيريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڊائريءَ جاورق ڏنل آهن، جيڪو احوال ڏهين جون 1929ع تائين جو آهي. سندن وفات 4 جولاءِ 1929ع تي ٿي. مرزا صاحب جي باري ۾ لکيل ٻين ڪتابن ۾ ”حياتِ قليچ“ (1936ع)، همايون مرزا، ”قرب قليچ“ (1936ع)، محمد صديق مسافر، ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس“ (پي ايڇ ڊي ٿيسز اڻ ڇپيل) 1978ع مرزا حبيب الله، ”قليچ بيگ“ (1984ع) ڊاڪٽرمحمد قاسم ٻگهيو ۽ چند ٻيا ڪتاب ۽ مخزنن جا قليچ نمبرز اهم آهن، جن مان مرزا صاحب جي زندگيءَ جي مختلف رخن ۽ علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا
(1) بيگ مرزا قليچ، ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع.
(2) ايضاً، ص- 65
(3) ايضاً، ص- 141
(4) بيگ مرزا قليچ، ”مقالات الحڪمت“، سنڌي ادبي بورڊ 1972ع، ص- 16 ۽ 32
(5) محمد اسماعيل عرساڻي، ”چار مقالا“، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، ص- 95
(6) محمد صديق مسافر، ”قربِ قليچ“، (بحواله چار مقالا)
(7) بيگ مرزا قليچ، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ٻيو ڇاپو، 1969ع، ص-1
(8) ايضاً، ص- 114
(9) بيگ مرزا قليچ، ”وامق عذرا“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1960ع، (ديباچو)
(10) بيگ مرزا قليچ، ”باغ ۽ باغباني“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1960ع، (ديباچو)
(11) بيگ مرزا قليچ، ”خود ياوري“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص- 3
(12) ايضاً، ص- 160،
(13) ايضًا ص- 161
(14) بيگ مرزا قليچ، ”ٽي گهر“، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص- 352
(15) بيگ مرزا قليچ، ”جولئن هومز“، سنڌي ادبي بورڊ/اسلامي ڏيپلائي پرنٽنگ پريس 1961ع، ص- 71
(16) ايضاً، ص- 400.