لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

سنڌي سفرنامي جي ارتقا ۽ اوسر

سنڌي سفرنامي جي شروعات منگهارام ملڪاڻي صاحب موجب مضمونن ذريعي ٿئي ٿي. ملڪاڻي صاحب مضمون نويسيءَ جي باب ۾ چند سفري مضمونن ۽ هن موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن جو ذڪر ڪندي، انهن کي ”خارجي يا غيرشخصي مضمونن جا مجموعا“ جو عنوان ڏنو آهي. لکن ٿا ته،
”مضمون نويسيءَ جو ٻيو مکيه نمونو آهي خارجي يا غيرشخصي (Objective Essays) جنهن ۾ لکندڙ جي باطني خيالن ۽ احساسن تي ايترو زور نه ڏنل هوندو آهي، جيڏو زندگيءَ جي ظاهري بيانن ۽ احوالن تي، درحقيقت ادب جي ڪنهن به شاخ ۾ داخلي ۽ خارجي (Subjective and Objective) جو سنڌو رکڻ ڪيترين حالتن ۾ مشڪل ٿي پوندو آهي، ڇو ته ادب ۾ گهڻوڪري اهي ٻئي جزا، شخصي ۽ غيرشخصي موجود هوندا آهن. هن فقري ۾ انهن مضمونن جو ذڪر ڪبو، جنهن ۾ لکندڙ جي شخصيتن جو انگ گهٽ آهي ۽ گهڻي ڀاڱي بياني پنگتي ۽ تاريخي احوال آهن“. (1)
اڳيان لکن ٿا ته،
”سير سفر جي بياني ڪتابن مان پهريون لعل چند امرڏنيمل جو ”مسافريءَ جو مزو“ ۽ ”سير جو رنگ“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ هن صاحب ڏکڻ هندوستان جي مکيه شهرن ۽ پهاڙن جا سندر بيان ڏنا هئا، جو پنهنجي سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي ۾ 1915ع ۾ ڇپايو هئائين.“ (2)
ملڪاڻي صاحب جي حوالي سان هتي سفرنامي جي باري ۾ ٻه وضاحتون سامهون اچن ٿيون. هڪ ته سفرنامي جي ابتدا مضمون جي طريقي سان ٿي آهي ۽ ٻيو ته سفرنامو ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ کان اڳ ڊگهي مضمون جي صورت ۾ يا قسطوار مختلف مخزنن معرفت ڇپيو آهي. حقيقت ۾ امرڏنيمل جي مٿئين قسطوار احوال کان اڳ پهريون جو ڊگهو مضمون سير ۽ سفر جي احوال تي مشتمل سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو، سو مرزا قليچ بيگ جو ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ آهي، جو طويل مضمون هڪ مخصوص هنڌ جي باري ۾ 1885ع ۾ لکيو ويو، جنهن کي موجوده دور ۾ سفرنامو ته نه، پر منهنجي نظر ۾ سفرنامي جي ارتقائي صورت ضرور چئي سگهجي ٿو. مرزا صاحب ڏاڙهياري جبل جي پنهنجي گهمڻ جي احوال ۾ جبل ۽ ان علائقي جي باري ۾ تفصيل هن مضمون ۾ ڏنو آهي ۽ ان کان پوءِ ئي انهيءَ نموني جا سفري مضمون لکجڻ عام ٿيا، جن سان ئي باقاعده سفرنامي جي صنف جي شروعات ٿي. اهڙن اوائلي سير ۽ سفر جي مضمونن ۾ اهي مضمون پڻ اچن ٿا، جيڪي ’جوت‘ اخبار ۽ ٻين مخزنن ۾ شايع ٿيا ۽ ”گل ڦل“ جي مضمونن جي مجموعي ۾ ڪتابي صورت ۾ پڻ آيا، جيئن ”يورپ جو سير“، ”سيلون (لنڪا) جو سير“، ”ڪوهستان جو سير“، ”ٿر جو سير“، ”دهلي بادشاهن جو محلات“، ”حيدرآباد جو شهر 1836ع“، ”مصر ڏيهه جا يادگار“ وغيره.
حاصل مطلب اهو چونداسين ته سفرنامو باقاعده طور موجوده شڪل ۾ لکجڻ کان اڳ مضمون نويسيءَ جي انداز سان شروع ٿيو. سير ۽ سفر تي مشتمل اهڙن مضمونن جي اخبارن ۽ رسالن معرفت پذيرائي ٿي، جن کي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو.
ڀيرومل جو ”سنڌ جو سيلاني“ 1923ع ۾ ڇپيو، جو سنڌ جي اهم هنڌن جي احوال تي مبني آهي. 1926ع ۾ پاڻ ”لطيفي سير“ ۾ شاهه صاحب جي سفر جي احوال کي ترتيبوار لکيائين. 1926ع ۾ نارائڻ داس ملڪاڻي ”ڪشمير جو سير“ ۽ منوهرداس ڪوڙومل، هندوستان جي سفر تي مبني باتصوير سفرنامو ”هند جو سير“ 1929ع ۾ لکيو، جنهن ۾ سڄي هندوستان ۾ ڪيل سندس سفرن جا بيان ڏنل هئا، ان سان گڏ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪشمير ۽ ڏکڻ آفريڪا جي سير تي سفرناما لکيا هئائون. 1942ع ۾ الله بچايو سمون ”سير ڪوهستان“ لکيو.
”جو نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جي ”ڪشمير جو سير“ کان پوءِ سنڌي سير ۽ سفر جي ادب جو عاليشان مثال هو“. (3)
ڏيهي سفر جي احوالن کان پوءِ پرڏيهي سفر جي بيانن کي خاص اهميت ڏني ويئي، جن ۾ تيرٿ سانولاڻيءَ جو دورِ مشرق 1943ع ۾ ڇپيو، جو هندوستان سان گڏ چين ۽ جپان جي سير سفر جي احوال تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سفرنامي جي صنف ۾ ورهاڱي کان اڳ لکيو آهي (جڏهن پنهنجو ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڏنم ته پاڻ ورق گرداني ڪندي سفرنامي جي حصي تي پهچي مون کان سوال ڪيائون ته منهنجي 1946ع ۾ لکيل قسطوار سفرنامي جي توهان کي خبر آهي؟ ۽ مون کي ان بابت ڄاڻ هئي، سو هائوڪار ڪيم ته هڪدم چيائون ته اها بلڪل بهتر ڳالهه چئبي ته توهان کي موضوع متعلق معلومات آهي)
ڊاڪٽر نبي بخش جو اهو مختصر سفرنامو ”هندوستان کان آمريڪا تائين“ جي عنوان سان ٽه ماهي مهراڻ 1946ع ۾ قسطوار ٽي قسطون ڇپيو. هن سفرنامي تي ادبي تاريخن ۾ فقط ملڪاڻي صاحب جي راءِ ملي ٿي. منگهارام ملڪاڻي هن قسطوار سفرنامي جي باري ۾ راءِ ڏيندي لکن ٿا ته،
”منجهس ڪراچيءَ کان بمبئي، ڪولمبو، منيلا، سينگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان سئن فرانسيسڪو تائين سڄي سفر جا دلچسپ آزمودا ۽ نظارا بيان ڪيل هئا.“ (4)
اهڙيءَ ريت ٻيا پڻ ڪجهه سير ۽ سفر جا احوال مختلف مخزنن ذريعي ڇپبا رهيا. لطف الله سورتيءَ جو لکيل ”سنڌ جو سفر“ 1956ع ۾ قادربخش نظاماڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ آغا بدر عالم دراني پاڪ هنڌن جي معلومات تي مبني ”مسافرِ حجاز“ 1950ع ۾ لکيو.
قاضي عبدالمجيد عابد ”سفر يورپ جي ڊائري“ 1960ع ۾ لکيو جو خطن تي مشتمل آهي. درحقيقت اهي خط سفر جي باري ۾ قاضي صاحب ”عبرت“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد کي لکيا، جن ۾ يورپ جو تفصيلي ذڪر هو، انيڪ اهم جڳهين جيئن لنڊن ميوزيم، ٽاور آف لنڊن، ميڻ جي مجسمن جو ميوزيم، شاهي خاندان جون مشهور عمارتون، ويسٽ منسٽر هال ۽ ٻيون جڳهيون آهن، جن کي قاضي صاحب دلچسپ نوع ۾ لکيو، جو ڪتابي صورت ۾ 1960ع ۾ ڇپيو ۽ ڪيترن سالن کان هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ پڻ مقرر آهي، ازانسواءِ خطن تي مشتمل ٻيو سفرنامو ”سير ۽ سفر“ آهي، جو پڻ ”الوحيد“ اخبار ۾ قسطوار شايع ٿيو. پروفيسر غلام مصطفيٰ جي آمريڪا جي سير جي احوال تي مبني آهي. هن سفرنامي ۾ دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۽ علمي ادارن جي معلومات سان گڏ، گهمڻ جي هنڌن جو ذڪر آهي. قاضي صاحب جو سفر پنهنجي گهرواريءَ جي ڪينسر جي بيماريءَ جي علاج جي سلسلي ۾ هو ته پروفيسر غلام مصطفيٰ صاحب آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين طرفان دعوت تي ليڪچر ڏيڻ ويا هئا. سندن ليڪچرز جا موضوع اسلام، تاريخ ۽ تعليم هئا.
انهيءَ کان پوءِ اڄ تائين گهڻا سفرناما لکيا ويا آهن، جيڪي پوريءَ دنيا جي انيڪ ملڪن بابت آهن. ڪيترائي سفرناما هڪ ئي ملڪ جا آهن، جيئن: هندوستان جي سفر تي ڪافي سفرناما نگارن لکيو آهي. هاڻي ڏٺو وڃي ته هندوستان ساڳيو آهي ۽ ان جا اهم شهر جيئن دهلي، بمبئي، آگرو، پونا، ۽ ٻيا به ساڳيا آهن ۽ نه ئي انهن جي تاريخ، جاگرافي، قديم مقام، تهذيب تمدن، موسمون، رسم ۽ رواج تبديل ٿيا آهن ته پوءِ ايترا سارا ليکڪ هڪ ملڪ جي باري ۾ ڇو لکي رهيا آهن ۽ سندن اهي سفرناما ڪيئن پڙهجن پيا؟ فقط هندوستان جي باري ۾ ماهتاب محبوب جا ٻه سفرناما آهن ته سليم قريشي، عبدالحئي پليجو، جي ايم سيد ۽ مريم پليجو ۽ ٻين هندوستان جي باري ۾ لکيو آهي ته انهيءَ جي لاءِ اهو چونداسين ته دنيا ساڳي، ملڪ ساڳيا، پر هر هڪ جي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ مشاهدي جو انداز الڳ آهي ته گڏوگڏ انهيءَ جي باري ۾ بيان ڪرڻ، پنهنجي محسوسات جيئن ٻين کي محسوس ڪرائڻ جون ڏانءُ پڻ هر ليکڪ جو الڳ آهي، بلڪه غلام نبي مغل جو چوڻ سؤ سيڪڙو صحيح آهي ته،
”سفرناما پڙهڻ گهرجن، ڇو ته هر ڪنهن جو سفر پنهنجو، هر ڪنهن جي نگاهه الڳ، جن ڳالهين جو ذڪر الطاف شيخ لڪايو ڇڏي، عبدالحئي پليجو ٻُڌائي ڇڏي، پر جيڪا معلومات عبدالحئي پليجو نٿو ڏئي، اها معلومات الطاف شيخ ڏيو ڇڏي“. (5)
معنيٰ ته قاري ساڳئي ملڪ جي مختلف ليکڪن جي لکيل سفرنامن کي به فقط انهيءَ ڪري پڙهي ٿو، جو هر ليکڪ جي ڏنل معلومات ۽ اندازِ بيان مختلف هوندو آهي.
سنڌي ادب ۾ لکيل اهم سفرنامن مان چند هن ريت آهن: ”سير ۽ سفر“ پروفيسر غلام مصطفيٰ، ”سفر يورپ جي ڊائري“ قاضي عبدالمجيد عابد، ”آمريڪا جو سير“ ڪريم ڏنو راڄپر، ”مائوءَ جي ملڪ ۾“، ”ونڊ سر محل جو مسافر“ عبدالجبار جوڻيجو، ”سون ورني ڌرتي“ سليمان شيخ، ”ٽي مسافر، ٽي شهر“ اختر بلوچ، اياز لطيف پليجو ۽ مريم پليجو، ”دنيا پنهنجي ديس پرايا“ اياز لطيف پليجو، ”اندر جنين اڃ“، ”سرهي سرهي سار“، ”راهون چنڊ ستارا“ ماهتاب محبوب، ”ڏوري ڏوري ڏيهه“، ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ شيخ اياز، ”ڀڳوان جي ڀونءَ“ بدر ابڙو، ”هوائن جي آڌار“ ڊاڪٽر فهميده حسين، ”خيما کاهوڙين“ اشتياق انصاري، ”بهادر گڏيا بهادرين“ جي ايم سيد، ”ديس پرديس“ سليم قريشي، ”نائيجريا ۾ سورنهن سال“ ڊاڪٽر احمد علي قريشي، ”ديسين وٽ پرديس“ قاضي عمر، ”پرين جي پرديس“، ”پرديسي ڪهڙا پرين“، ”سهسين ٿيا سارنگ“ عنايت بلوچ، ”چار گهڙيون چين ۾“، ”هوچي منهه جي ڏيهه ۾“ احمد علي رند ڊاڪٽر، ”مسافر“، قربان علي منگي، ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ طارق عالم ابڙو، ”سفر من اندر“ نصير مرزا، ”قدم ڪاپڙين جا“ امداد علي سرائي، ”اڍائي سال انگلينڊ ۾“ لعل جوڻيجو، ”سامي سفر هليا“ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ شيخ عزيز، ”ميهڙ کان ماسڪو تائين“ شيخ محبوب علي ڊاڪٽر، ”جهولي لال“ آغا سليم، ”نيري آسمان هيٺ“ محمد خان سيال، ”لنڊن جو سير“، ”نيويارڪ جو سير“ شوڪت حسين شاهه بخاري، ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ مور ساگر، ”افغانستان ۾ ڪجهه ڏينهن“ ڊاڪٽر خليل لاکو، ”لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين“ ڊاڪٽر لائق زرداري، ”ڪراچيءَ کان ڪربلا“ ”حسين بخش ناريجو، ”نئين دنيا نوان رنگ“ محمد خان جروار، ”روس جو سير“ جواهر لال نهرو (مترجم)، آزاد قاضي.
عبدالحئي پليجو ڪافي سفرناما لکيا آهن، جن ۾ ”هي وري نه ورندو وڻجارو“، ”ڏوريم ڏيساور“، ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ديس بديس“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”ٻنو ٽو ٽوڪيو“، ”ڪجل ڀنل نيڻ“، ”پريان سندي پار ڏي“، ”بندر مون ڏور ٿيا“، ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“، ”پليجو رائونڊ دي ورلڊ“ ۽ ٻيا اڻ ڇپيل سفرناما آهن. عبدالحئي پليجو صاحب جو ”عالمي عجائبات“ پڻ هڪ منفرد ڪتاب آهي، جو جاگرافي، جيالاجي، انٿاپالاجي، آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي موضوعن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ سفرنامي جو هڳاءُ پڻ ڏئي ٿو. سفرنامو سڏجي يا دنيا جي عجائبن جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏيندڙ معلوماتي ڪتاب هر لحاظ کان فٽ آهي.
هندوستان جي ليکڪن جا لکيل سفرناما گهڻي ڀاڱي سنڌ جي باري ۾ آهن ته چند ٻيا پڻ آهن. لوڪرام ڏوڏيجا جو پهريون سفرنامو ”سڪارٿو“ 1980ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي“ آهي. روس جي باري ۾ سندري اتم چنداڻيءَ لکيو ”روس جي نئين سڀيتا جو سفر“. سنڌ جي باري ۾ موتي پرڪاش جو سفرنامو ”سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ ورهاڱي جي وقت جي وڇڙيل هندوئن جي سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي ته ريٽا شهاڻيءَ جا ”کٿوريءَ جي کاڻ“، ”جتي منهنجا اوٺيئڙا“، ”پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا“ آهن. ڪلا پرڪاش جو ”جي هينئڙي منجهه هُرن“ سنڌ جي باري ۾ اهم آهي. هن ۾ سفر جي احوال سان گڏ خاڪا پڻ ڏنل آهن، جن ۾ شخصيتن جي نالي ۽ شخصي خوبين مطابق بابن جا عنوان آهن، جيئن ”سنڌين جي ڳولها“ ظفر حسن، ”روح جا رشتي دار“ عابده پروين ۽ غلام حسين شيخ ۽ ٻين شخصيتن جا خاڪا آهن. ”جڙيل جن سان جند“ هري موٽواڻيءَ جو 1988ع ۾ ڇپيو، جيڪو پڻ سنڌ جي احوال سان گڏ ڌرتيءَ جي سڪ جي لازوال داستان آهي.
سنڌي سفرناما نگارن ۾ جنهن ليکڪ کي سنڌي سفرنامن جو سرتاج ليکڪ چئي سگهجي ٿو، سو بلاشبه الطاف شيخ آهي. سندس سفرناما نه فقط دنيا جي وڏي حصي جي معلومات تي مشتمل آهن، پر وڏي تعداد ۾ پڻ آهن ته گڏوگڏ الطاف شيخ ئي اهو سفرناما نگار آهي، جنهن سنڌي قارئين جو سفرنامي لکڻ ۽ پڙهڻ جو ذوق ۽ شوق وڌايو آهي. سندس پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ 1971ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ اهو سفرناما لکڻ جو سفر جاري رکيو اٿس. چند ٻين موضوعن تي پڻ ڪجهه ڪتاب لکيا اٿن، پر سندن مقبوليت سنڌ، هند ۽ سنڌي ادب ۾ خاص سفرنامانگار طور آهي. الطاف جي لکيل سفرنامن مان چند جا نالا هن ريت آهن: ”وايون وڻجارن جون“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“، ”پيار جي گهٽ“، ”ڇاجو ديس ڇاجو ويس“، ”ڳالهيون تنهن جپان جون“، ”خدا ڏي خط“، ”ارائونڊ دي ورلڊ“، ”جاني ته جهاز ۾“، ”سانڀاهو سمونڊ جو“، ”موج نه سهي مڪڙي“، ”بندر بازاريون“، ”الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان“، ”بهترين سفرناما“، ”جپان جن جي جيءَ سان“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”مس سدا بهار چنبيلي“، ”ڪويت ڪنارا“، ”سمنڊ جي سيوين“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”بندر ديسان ديس“، ”سمونڊ جن ساڻيهه“، ”سانباهو سمونڊ جو“، ”مڪليءَ کان ملاڪا“، ”سينگاپور ويندي ويندي“، ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“، ”جتي جر وهي ٿو جال“، ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“، ”اي روڊ ٽو مدينه“، ”آل ابائوٽ سينگاپور“، اوهريا جي عميق ڏي“، ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”دنيا آهي ڪاڪ محل“، ”خبرون کيڙائن جون“، ”سوزيءَ سان پيار“، ”يادن جي انڊلٺ“، ”جپان جن جي جيءَ سان“، ”جپان رس“، ”ڀلي پار تان ڀيرو“، ”ملير کان مالمو“، ”ڳالهيون آهن ڳچ“، ”مليشيا منهنجي من ۾“، ”ڪراچي کان ڪوپن هيگن تائين“، ”هيلنسڪيءَ جي حسينه“، ”جتي برف پئي ٿي جام“، ”لنڊن تائين لفٽ“، دنگيءَ منجهه درياهه“، ”موج نه سهي مڪڙي“، ”نيو هالا کان نيويارڪ تائين“، ”ايران ڏي اڏام“ آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ پنجاهه کان مٿي سفرناما لکندڙ هن ليکڪ کي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن. تازو کين اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد پاران 2008ع ۾ سفرنامي ”نيو هالا کان نيويارڪ تائين“ تي بهترين سفرنامي جو ادبي ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران مئي 2009ع ۾ کين ”لائيف اچيومينٽ“ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. موزون، مناسب ۽ شائسته ٻوليءَ ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ سلسليوار داستانون آهن ته سوانحي خاڪا پڻ آهن. مزيدار ٽوٽڪا آهن ته ڳنڀير سوچون پڻ نمايان آهن. معياري ٻولي، خوش مزاجي، تخليقي جذبي، ديس واسين جي محبت ۽ داستان گوئيءَ سان هو پنهنجي قاريءَ کي متاثر ڪري ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻا ئي سفرناما لکيا ويا آهن، جن جو معيار به سٺو آهي ۽ ايترا سفرناما پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ لکيل ڏسڻ ۾ نٿا اچن. سفرنامي جو ادبي معيار جيڪڏهن اوچو هوندو ته لامحاله اهو قاريءَ کي پسند ايندو، نه ته پوري دنيا هاڻي انٽرنيٽ ذريعي ايتري ته ويجهي ٿي ويئي آهي، جو ڏورانهيون ڏور ٿي ويون آهن ۽ ڪابه شيءِ نئين نه رهي آهي. سو ساڳيا ساڳيا ملڪ، ۽ هڪ جهڙا احوال پڙهڻ لاءِ قاريءَ کي قطعي ڪونه اُتساهيندا، جيستائين انهن ۾ جدت، ندرت ۽ ادبي اوچائي نه هوندي.
ڪجهه سفرنامانگارن مطابق سفرنامو جيترو چٽپٽو ۽ رنگين هوندو، اوترو ئي مقبول ۽ معروف ٿيندو، سو سستي ۽ وقتي شهرت لاءِ اهڙن ليکڪن سفرنامي کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ ادبي خوبين کي گهٽ اهميت ڏني ويئي آهي ته شائستگيءَ طرف پڻ توجهه نه آهي، پر ادبي نقطهءِ نگاهه کان اهڙا سفرناما جٽادار ڪونهن ۽ انهن جي اڳيان هلي ادب ۾ ڪا جڳهه بيهي نه سگهندي آهي. اهڙا سفرناما ايڪڙ ٻيڪڙ ملندا، بلڪه سنڌي ادب ۾ نه هئڻ جي برابر آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي سفرنامن ۾ تقريبًا دنيا جي هر ملڪ جو احوال ملي ٿو. يورپ، آمريڪا، آفريڪا، روس، چين، هندوستان، نائيجيريا، لبيا، نيوزيلينڊ، آسٽريليا، جپان، سعودي عرب ۽ ٻين ڪيترن ملڪن سان گڏ پاڪستان جي علائقن جي سفر جي احوال تي پڻ سٺا ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ اشتياق انصاريءَ جا ڪتاب ”انڊس ايڪسپيڊيشن“، ”ڌرتي ماتا“ آهن ته بدر ابڙو صاحب ”سنڌوءَ جو سفر“ لکيو. بدر ابڙو جي مهم جوئي، ٽن هفتن جي سفر تي مشتمل هئي، جنهن ۾ ”سنڌوءَ جي ڪناري آباد سوين ماڻهن جا انٽرويو ڪيا ويا ته ڪيترائي اهم تاريخي ماڳ مڪان هن سفرنامي ۾ ذڪر ڪيا ويا آهن جيئن بابا فريد جي درگاهه، خواجه خضر جو آستانو، معصوم شاهه جو منارو، آدم شاهه جو مقبرو، سکر پتڻ، مسجد منزل گاهه، تونسه بئراج، جناح بئراج، ڪينجهر، قديم غارون، سنياسيءَ جي غار، پير پٺو ماڳ، درياهه پير ماڳ، ملير ماٿري، منگهو پير ۽ ٻيا هنڌ آهن.
انور پيرزادو مهاڳ ۾ لکي ٿو ته،
”هي ڪتاب ظاهر ۾ ته هڪ سفرنامو آهي، پر بدر ان کي تحقيق جو هڪ ڳٽڪو بنائي ڇڏيو آهي، جيئن ته ان جو موضوع سنڌو درياءُ آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪتاب سنڌي ماڻهن جي ثقافتي وجود جي تاريخ آهي“. (6)
اڳيان هن موضوع تي روشني وجهندي لکن ٿا ته،
”اسڪائي ليڪس ۾ نيرڪيس سنڌو درياءَ جو سفر ڪيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن قديم سفرنامن اسان جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود بابت دستاويز مهيا ڪري اسان تي احسان ڪيو آهي“. (7)
سفرنامن مان مليل معلومات انهيءَ ماڳ مڪان جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت آهي. انهيءَ لحاظ کان بدر ابڙي جو مٿيون ڪتاب اهم آهي، جنهن ۾ ٻارنهن ماڻهن جي هڪ ٽيم 1989ع جي 3 نومبر کان 24 تاريخ تائين ٻاويهن ڏينهن ۾ اٽڪ کان ڪراچي تائين دريائي سفر ڪيو.
اسان جي سفرناما نگارن جي لکڻيءَ ۾ هڪ خوبي ٻي به اهم آهي ته طرزِ تحرير ۾ سندن حيثيت هڪ سياح وانگر آهي. هو ٻين ديسن جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب ۽ تمدن جي ڄاڻ ته ڏين ٿا، پر دنياوي سماجن ۾ آيل سياسي، سماجي، مذهبي ۽ فڪري لاڙن کي بحث هيٺ نٿا آڻين. هڪ سياح وانگر سندن نقطه نظر آزاد آهي. هو دلچسپ نوع ۾ قاريءَ جي وندر ورنهن ۽ علمي ۽ ادبي دلچسپيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ لکندا اچن. سندن تحريري اسلوب سيبائيندڙ، هلڪو ڦلڪو ۽ قاريءَ کي لطف انداز ڪندڙ آهي. کين خبر آهي ته سندن سفرنامي کي پڙهندڙ هڪ عالم کان عام شخص پڻ آهي، سو هو پرڏيهي مسئلن ۾ نه پاڻ ڦاسن ٿا ۽ نه ئي پڙهندڙ کي منجهائين ٿا، جنهن جي ڪري هڪ وڏو طبقو سنڌي سفرنامي کي پڙهندڙ آهي، انهيءَ ئي ڪري اڄ انيڪ سفرناما لکيا وڃن ٿا ۽ موجوده وقت سنڌي سفرنامي جو سفر ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ آهي.

حوالا
(3) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“،روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص- 271-272.
(4) ايضًا ص- 272.
(5) ايضًا ص- 274.
(6) ايضًا ص- 239.
(7) عبدالحئي پليجو، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، سهڻي پرنٽرز حيدرآباد 1991ع، (مهاڳ)
(8) بدر ابڙو، ”سنڌوءَ جو سفر“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1994ع، (مهاڳ) ص-19.
(9) ايضًا (مهاڳ).