ترجمي جو عمل ۽ سنڌي نثر ۾ ٿيل ترجما
وَمِنْ اٰيٰتِهٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَاخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَاَلْوَانِكُمْ اِنَّ فِىْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّلْعٰلِمِيْنَ (سوره روم، آيت 22 سيپارو 21)
ترجمو: آسمانن ۽ زمينن جو بنائڻ ۽ اوهانجي زبانن ۽ شڪلين جو قسمين قسمين هجڻ سندس نشانين مان آهي ۽ بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آهن.
زبان جي تاريخ انسان جي تاريخ آهي. ۽ جتي به اسين ڪنهن ٻوليءَ جو ذڪر ڪنداسين ته اتي لامحاله انهيءَ قوم ۽ نسل جو ذڪر پهرين ايندو. مختلف ٻولين جي پاڻ ۾ سهڪار سان ئي دنيا جون قومون ترقي ڪن ٿيون ۽ ٻولين جي باهمي رابطي ۾ ترجمي جو عمل هڪ وڏو ذريعو آهي. ترجمن سان ٻين ملڪن ۽ قومن جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جي ڄاڻ پوي ٿي. انهن ملڪن جي نظرياتي ۽ عملي جدوجهد، قومي جاکوڙ ۽ ادبي فن جي لاڙن ۽ اسلوبن جي معلومات ملي ٿي. ترجمن سان ٻولين ۾ وسعت اچي ٿي ته انهن ۾ وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت سبب فڪر ۽ فني قوتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، جيڪو ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ نه فقط مفيد آهي، پر انهيءَ قوم کي به دنيا جي نين حالتن سان برابريءَ ۾ گڏ وٺي هلي ٿو.
حاصل مطلب ته هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ علمي، ديني، سياسي، ادبي يا ڪنهن به موضوع جي تصنيف جي ترجمي ٿيڻ سان انهيءَ قوم ۽ ٻوليءَ ۾ علمي ۽ ادبي شاهوڪاري اچي ٿي. هونئن به جيڪڏهن اسين فقط ديني/ ڌرمي ڪتابن جو ئي جائزو وٺون ته اهي چند قومن تي سندن ئي ٻولين ۾ لٿا، پر جڏهن اهي انساني آباديءَ جي وڌڻ ويجهڻ سان پوريءَ دنيا ۾ پکڙيا ته اصل ٻوليءَ سان گڏ ترجمن به انهن جي وڌائڻ، سمجهائڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ رول ادا ڪيو. ترجما نگاري هر لحاظ سان مفيد آهي ۽ادب ۾ ته ترجمي جي عمل جي افاديت ۽ اهميت هيڪاري اُتم آهي.
هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندڙ کي ترجمان (Translator) ۽ ترجمي جي عمل کي (Translation) چيو وڃي ٿو. ترجما تحريري ۽ زباني طور ڪيا ويندا آهن ۽ جن ۾ مترجم ٻنهي ٻولين ۾ رابطي جو ڪم سرانجام ڏئي ٿو. هڪ لحاظ کان هو شارح آهي ته مفسر به، جيڪو هڪڙي ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مقصد ۽ مفهوم سمجهائي ٿو.
ترجما ڪيئن ٿين ٿا يا مترجم ڪهڙيءَ طرح ترجمي جي جوابدارين جو پورائو ڪري ٿو؟ انهيءَ لاءِ هتي فقط ادبي ترجمن جي حوالي سان ڪجهه روشني وڌي ويندي.
ادب جي ٻن شاخن نثر ۽ نظم ۾ ترجمن ڪرڻ لاءِ هر صنف جون گهرجون الڳ الڳ آهن. انهن تحت مقرر ماپن ۽ معيارن مطابق ئي ترجمي جي عمل جو پورائو ڪرڻ مترجم جي جوابداري آهي. عام طور اسين اهو چوندا آهيون ته ترجمو اصل جو نقل آهي، پر حقيقت ۾ ائين آهي ته ترجمو اصل جو نقل هوندي به اصل جهڙو ڪري پيش ڪرڻو آهي ۽ اها ڪوشش هر مترجم جي هوندي آهي. ظاهر آهي ته اصل ۽ نقل جي تفاوت کي ختم ڪرڻ هڪ تمام ڏکيو مرحلو آهي ۽ اتي ئي مترجم جي لاءِ وڏو امتحان آهي ته هو اصلي
فن پاري سان سچو آهي يا پنهنجو پاڻ سان؟ هتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هو اصل ڪتاب جي اصليت (Orignality) کي قائم رکي سگهندو؟ انهيءَ لاءِ جواب اهو آهي ته مترجم کي گهڻيءَ محنت، احتياط، سوچ ۽ سمجهه جي ضرورت آهي. سندس صلاحيت تي منحصر آهي ته هو ڪتاب کي بي سوادو بنائي يا ڪارائتو تيار ڪري. ڪي ڪي مترجم ترجمي ڪرڻ جي اهڙين خداداد صلاحيت ۽ ذاتي قابليت سان نوازيل هوندا آهن، جو هُو هڪ عام ڪتاب جو به اثرائتو ترجمو ڪري ويندا آهن ته ڪٿي ڪٿي ڪو مترجم سلوڻي ڪتاب جو به الوڻو ترجمو ڪندو آهي، جنهن سان اصل تصنيف پڙهڻ لاءِ به روح ڇڪ نه کائيندو آهي. مترجم جي قلم جو ڪمال، تخليقي قوت، اديبانه ۽ محققانه صلاحيتون، ٻولين جو عبور، علمي ڪاوشون، اصل فن پاري سان سچائي ترجمي ڪرڻ جي اصولن جو پورائو کيس ڪاميابيءَ ڏي موڙيندا آهن. تڏهن ئي سندس ذاتي لکڻيءَ جي ڇاپ ترجمي ۾ ڪاهي ڪونه پوندي ۽ نه مواد ۾ تبديلي ايندي ۽ نه ئي وڌاءَ جو امڪان رهندو.
ادب ۾ ترجما ڇو ڪيا ويندا آهن ۽ ترجمي ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا آهن، انهيءَ لاءِ مختصرًا اهو چونداسين ته جڏهن به ڪو مترجم اديب (جنهن ۾ ترجمي ڪرڻ جو ذوق ۽ شوق هجي) ڪو اهم ادبي ڪتاب پڙهندو آهي ته هو چاهيندو آهي ته اهو شاهڪار پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ديس واسين جي اڳيان آڻيان ۽ عام طور تي مترجم ڪي اهڙيون تحريرون ترجمو ڪندا آهن، جيڪي سندن قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪارائتيون هجن، جن سان نون نظرين ۽ فڪر جي ڄاڻ ملي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اديب سڌو سنئون ملڪي حالتن ۽ ٻين سببن ڪري اظهار نه ڪري سگهندو آهي ۽ اهو احوال ڪنهن ٻئي ملڪ جي عالم، اديب ۽ شاعر جي اوٽ ۾ ترجمي ذريعي پيش ڪري پنهنجا خيال پهچائيندو آهي. پوريءَ دنيا جي وڏن عالمن، شاعرن، رهبرن، رهنمائن، مفڪرن ۽ شاعرن جا ويچار ترجمن معرفت پنهنجي قوم ۽ ملڪ تائين پهچايا وڃن ٿا، جن سان ادب پروريءَ ۽ علم دوستيءَ سان گڏ گهڻين ٻولين سکڻ ۽ دنياوي علم ادب سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ وڏو فائدو ٿئي ٿو. ادبي اوسر ۾ ترجمانگاريءَ سان پوريءَ دنيا جي علمي ۽ ادبي ماحول جي نظرين جي واقفيت ٿئي ٿي ته نون ادبي اصولن ۽ لاڙن جي ڄاڻ سبب ڏيهي ادب جي اوسر ۽ ارتقائي عمل ۾ پڻ تبديلي اچي ٿي.
ادب ۾ آزاد ۽ لفظي ترجما ڪيا وڃن ٿا. لفظي ترجما فقط سائنسي، علمي، لغت ۽ گرامر جي ڪتابن جا ٿيندا آهن ۽ آزاد ترجما نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن ۾ ڪيا وڃن ٿا. شاعريءَ جي ترجمي ڪرڻ ۾ ڪافي پابنديون آهن، پر نثر جي ترجمن ۾ وري به ڪجهه آساني آهي. نثر جي ادبي صنفن جا ترجما اکر با اکر ڪرڻ مشڪل آهن. ڪٿي ڪٿي ڪي اصطلاح، تشبيهون ۽ روايتي لفظ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ترجمن ۾ جيئن آهن تيئن جي بنياد تي نٿا فٽ ٿي سگهن، انهيءَ ڪري ئي مترجم کي ٻنهي ٻولين جي گرامر ۽ لفطن جي ذخيري جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي ته ادبي ترجمن ۾ مترجم جي تخليقي قوت جي به خاص اهميت آهي. کيس انهيءَ ماحول يا مزاج جنهن تحت اصل ليکڪ لکيو آهي، جي آگهي پڻ هئڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي پرک مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها خوبي بدرجه اتم موجود آهي، جو هيءَ ٻولي نه فقط ذاتي طور پنهنجي اندر وسعت رکي ٿي، پر ٻين ٻولين جي ڪيترن لفظن کي سڌريل ۽ مهذب ٻولين جيان پنهنجو ڪندي، پنهنجي لفظن جي دائري کي وڌيڪ ويڪرو ڪندي پيئي وڃي. اڄ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ ٻين ٻولين جا شامل آهن. عرب دور کان وٺي اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ جي جهولي عربي، ترڪي، فارسي، هندڪو، تامل، انگريزي، هندي، گجراتي، گرمکي، سنسڪرت، بنگالي، اردو ۽ ٻين ٻولين جي لفظن سان ڀري آئي آهي، جن سان ترجمن ڪرڻ ۾ آساني به ٿي آهي. عربن کان پوءِ عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ تي فارسي ٻوليءَ جو اثر ٿيو. عرب اهلِ علم هئا. هنن ڪيترن ملڪن جي تصنيفن جا ترجما ڪيا ۽ خود پڻ اهم علمن تي ڪتاب لکيائون، خاص طور يونان، ايران، هندستان ۽ ٻين ملڪن جي ڪتابن جا ترجما ڪيائون. مرزا قليچ موجب ته ”اسلام ۾ باقاعدي تعليم سن 143هه ڌاري شروع ٿي ۽ پوءِ ٻن ٽن صدين اندر هزارين عالم، فاضل، مجتهد، فقيهه، حڪيم، فيلسوف، اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، عباسي خليفن جي وقت ۾ علم ۽ هنر اوج تي هو. (1)
اهڙن عالمن ۾ ابنِ خلدون، اصطخري، ابومعشر، الڪندي، الخوارزمي، الفارابي، ابن نديم، همداني ۽ ٻيا هئا، جن فيثاغورث، سقراط، بقراط، اقليدس، ارسطاطاليس، جالينوس ۽ ٻين مختلف علمي ڪتابن جا ترجما ڪيا. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ اهم ڪتاب ’چچ نامو‘ پڻ عرب ليکڪ جي تصنيف آهي. عرب دور جي ڪيترن عالمن سنڌي سکي، سنڌي ٻوليءَ مان ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ته ڪيترائي علمي ۽ فني ڪتاب عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا. عربن کان پوءِ برصغير تي محمود غزنويءَ کان ناصرالدين محمود جي دور تائين سنڌ اهڙن مسلمانن جي قبضي ۾ رهي، جن جي زبان فارسي هئي. خاص ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي وقت ۾ سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جو دور هو. انهيءَ وقت جون فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل تصنيفات اڳيان هلي ترجمو ٿيون. پهريون سنڌي نثر جو مڪمل ترجمو ٿيل ڪتاب آخوند عزيزالله جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ڪلهوڙا حڪومت جي آخر ۽ ٽالپر دور جي شروعات ۾ ٿيو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ”ابوالحسن جي سنڌي“ ٺهي، جنهن ۾ ديني ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا ويا. ٽالپرن جي دور ۾ بي حساب ديني ۽ مذهبي ڪتاب عربيءَ مان ترجمو ٿيا. ”جيئن ته عربي ٻولي دينَ اسلام جي ٻولي آهي، جيڪا عربن جي حڪومت ختم ٿيڻ سان ختم نه ٿي آهي، پر سنڌ ۽ سنڌ واسين جو مذهب اسلام قائم هئڻ سبب عربيءَ جو لاڳاپو صدين کان سنڌي ٻوليءَ سان جڙيل آهي. ڪيترائي عرب خاندان هتي مستقل آباد ٿيا ۽ غيرمسلمن جي اڪثريت اسلام جو دين قبول ڪيو ۽ هتي عربي ٻولي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، عالمن جي زندگيءَ جو اهم فرض رهيو آهي. اڄ به سنڌ جي سرزمين تي وڏا وڏا عالم ۽ عربي دان موجود آهن، جن جي ترجمو ٿيل تصنيفات جو تعلق موضوع جي لحاظ کان ديني، تاريخي، سوانحي ۽ علمي آهي. عربي ٻوليءَ جا ماهر سنڌي عالم ايترا ته اعليٰ پايي جا هئا، جو انهن جون تصنيفات جامع ازهر مصر جي تعليمي نصاب ۾ شامل هيون“. (2)
موجوده وقت عربي ٻوليءَ کان نوجوان نسل گهڻو واقف نه آهي، پر ته به الحمد لله! بحيثيت مسلمان سنڌي مسلمانن وٽ قرآن پاڪ جي موضوع سان ۽ حديثن جي ڪتابن سان گڏ اسلام سان لاڳاپيل ٻين ڪتابن جا ترجما موجود آهن.
انگريز حڪومت جي مقرر سنڌي صورتخطي رائج ٿيڻ کان پوءِ نثر جي ادبي صنفن جا ترجما ٿيا، جن ۾ ٻين ٻولين سان گڏ خاص انگريزيءَ مان ڪافي ڪتاب ترجمو ٿيا.
ناول جي صنف ۾ پهريون ناول ”راسيلاس“ ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻي ۽ اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ترجمو ڪيو ته مضمون نويسيءَ ۾ پهريون مضمونن جو مجموعو ”مقالات الحڪمت“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بيڪن جي مضمونن تان ترجمو ڪيو. 1947ع کان اڳ ترجمو ٿيل ناولن جو انگ وڏو آهي، جن ۾ ”ايرڪ“، ”ٽي گهر“، ”جولئن هومز“، ”گلن جي ٽوڪري“، ”راحيل“، ”خود ياوري“، ”سچي محبت“، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ”طلسم“ ساڌو هيرانند ۽ ڀيرومل مهرچند، ”سون ورنيون دليون“ لال چند امرڏنومل، ”بلو کوکر“ ايس سي شهاڻي، ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ ڀمڀاڻي، ”گم ٿيل صندوقڙي“ منشي خوشي رام، ”آخرين سفر جڳت آڏواڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ٿيل ناول آهن.
ناٽڪ جي صنف ۾ طبعزاد ناٽڪن سان گڏ بي حساب ناٽڪ ترجما ٿيا مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ جي وسعت کي اهميت ڏيندي ترجمي جي عمل کي تمام وڏي هٿي ڏني. ڪيترائي ناٽڪ، ناول ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب ترجمو ڪيائون ۽ انگريزي ٻوليءَ جي تاريخن کي ترجمو ڪيائون. مرزا صاحب جي ترجمن تي الطاف شيخ لکي ٿو ته،
”ترجما ادب ۾ اهم رول ادا ڪن ٿا. ڌارئين زبان جو ادب پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ وڏو سک آهي. مرزا قليچ بيگ جهڙي عظيم انسان اسان کي ٻين ملڪن جي اديبن جي لکڻين کان واقف ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻا ترجما ڪيا آهن. اهو سندن سنڌي ٻوليءَ تي تمام وڏو احسان آهي.“ (3)
انگريزي ٻوليءَ جي حيثيت بين الاقوامي طور مڃيل آهي. 1947ع کان اڳ انگريز حڪومت ڪيترن موضوعن تي حڪومتي سرپرستيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪرايا، جن سان ادبي صنفن ۾ گهڻائي ناول، ناٽڪ، ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب ترجمو ٿيا جيئن ته خود انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ دنيا جي اهم ٻولين جا ترجما موجود آهن. سو سنڌي مترجمن انگريزيءَ مان ئي اهي سنڌيءَ ۾ آندا آهن. اهڙيءَ ريت هن بين الاقوامي طور مڃيل ٻوليءَ جو علم ادب سنڌيءَ ۾ آهستي آهستي منتقل ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا ترجما انگريزي، عربي ۽ اردو ٻوليءَ مان ٿيا آهن. اردو ٻولي پوري پاڪستان جي رابطي جي اهم ٻولي آهي ته ملڪ جي قومي زبان هئڻ سبب هن ٻوليءَ جي حيثيت مڃيل آهي. اردو ٻوليءَ جو ادب به هڪ وسيع ادب آهي، جنهن ۾ گهڻا ئي طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل اهم ڪتاب موجود آهن. ڪجهه سنڌي اديبن، شاعرن، اردو ٻوليءَ ۾ طبعزاد ڪم پڻ ڪيو آهي ته ڪجهه ڪتاب سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ۽ اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري ٻنهي زبانن ۾ لساني تعلق مضبوط ٿيو آهي. ڊاڪٽر شرف الدين اصلاحي ”اردو سنڌي ڪي لساني روابط“ ۾ لکي ٿو ته،
”اردو ۽ سنڌيءَ جي لساني اشتراڪ ۾ نسلي تعلق کان پوءِ تاريخي اعتبار کان جيڪو سبب مؤثر نظر اچي ٿو، سو تهذيبي تعلق آهي“. (4)
اهو به ڄاڻايو اٿن ته ٻنهي ٻولين تي عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا اثر ٿيا آهن ته ٻنهي ٻولين جا هڪ ٻئي تي به گهرا اثر ٿيا آهن.
ڪافي سنڌي شاعرن اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. ”مقالات الشعراء“ سنڌ جي قديم فارسي گو شاعرن جي تذڪري تي مشتمل آهي، پر انهيءَ ۾ اهڙن سنڌي شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، جن اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي، جن ۾ مير علي شير قانع، سيد ثابت علي شاهه، روحل فقير، سيد ضياءُالدين ضيا، نواب ولي محمد خان لغاري، سچل سرمست، ميان قادربخش بيدل، پير حزب الله، مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ، مرزا نادر بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين جو ڪلام آهي، جنهن ۾ ميان قادربخش بيدل ۽ مرزا قليچ جا اردو ۾ ديوان موجود آهن.
”سنڌ جي انهن اردو شاعرن جو ڪلام ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن کي اردو زبان تي پوري قدرت هئي“. (5)
غلام سرور مغل اردوءَ ۾ شاعري ڪندو هو، جنهن جي اصلاح علامه اقبال کان ڪرائيندو هو. اردو شاعريءَ ۾ علامه صاحب سندس استاد هو. (6)
زمان شاهه ساقي، محمد خان غني، لطف الله بدويءَ، علامه اقبال ۽ الطاف حسين حاليءَ جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪيو ته شاهه جي رسالي جو شيخ اياز، آغا سليم، تنوير عباسي ۽ اياز قادريءَ نثر ۽ نظم ۾ اردو ترجمو ڪيو آهي.
برطانوي حڪومت جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نئين سر جوڙجڪ دوران جيئن پرڏيهي ادب سان سنڌي قوم جي شناسائي ترجمن ذريعي ٿي، تيئن ڏيهي ٻولين جو ادب پڻ سنڌ ۾ ترجمي جي صورت ۾ گهڻو عام ٿيو. خاص طور بنگالي، مرهٽي، پنجابي، تامل، هندي، گرمکي، اردو ۽ ٻين ٻولين مان ترجما سنڌيءَ ۾ ٿيڻ لڳا. مترجمن ۾ ننديرام سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام، ميلارام منگترام، پياري لال ڇاٻڙيا، ديوان ڪوڙومل کلناڻي، ساڌو هيرانند، آخوند لطف الله، ڄيٺانند، خانچند درياڻي، لالچند امرڏنومل، عثمان علي انصاري، پرمانند ميوارام، قاضي غلام علي، اڌارام ٿانورداس، آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، شمس الدين بلبل، سيد ميران محمد شاهه، جڳت آڏواڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، واشو واسواڻي، پارومل، نانڪرام ڌرمداس، احمد خان جلباڻي، رشيد احمد لاشاري، نياز همايوني، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين ڪيترن سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا، جن ترجمن جا موضوع داستان، آکاڻيون، افسانا، ناٽڪ، ناول، تاريخ ۽ ٻيا آهن. هن ڏس ۾ ملڪاڻي صاحب لکي ٿو ته،
”سندر ساهتيه سوسائٽي 1924ع ۾ جاري ٿي ۽ ميلارام واسواڻي ڪڍي هئي. انهيءَ ماهوار رسالي دوران مشهور هندوستاني ليکڪن جا ناول ۽ آکاڻيون هندي ۽ اردوءَ تان ترجمو ڪري 1947ع تائين سنڌي ساهتيه جو خزانو مالامال ڪيو ويو“. (7)
اردو ٻوليءَ مان داستانن ۾ ”چار درويش“ آخوند لطف الله، 1890ع، ”ممتاز دمساز“ ۽ ”گلبدن“، محمد صديق مسافر ۽ ”الف ليليٰ“ حاجي امام بخش 1898ع ۾ ترجمو ٿيا. ”گل بڪاولي“ منشي نهالچند جي اردو ترجمي تان احمد خان جلباڻي 1890ع ۾ ترجمو ڪيو. ساڳيءَ ريت ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ پارومل، ميلارام واسواڻي، جڳت آڏواڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي ۽ ٻين اختر حسين، رشيد جاويد، ڪنيالال منشي، سعادت حسين منٽو، احمد عباس، ڪرشن چندر، نسيم حجازي، ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي، امرتا پريتم،
قرة العين حيدر جي ڪهاڻين کي ترجمو ڪيو، جيڪي ملڪاڻي صاحب موجب تعداد ۾ 200 کان به مٿي آهن ۽ اهڙن افسانن ۾ ”شمشان“، بدقسمت“، ”ڪوٽوال صاحب“، ”ڏنگي ليڪ“، ”نيلم“، ”ان داتا“، ”ٽي گونڊا“، ”تاج محل“ ۽ ٻيا آهن.
ڪيترائي ناٽڪ ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ اردوءَ مان ترجمو ٿيا آهن، جيڪي ڇپيا ۽ اسٽيج تي پيش به ٿيا. ”زرخورشيد“ تان مرزا صاحب ”خورشيد“ لکيو. آغا حشر جي ناٽڪ ”خوبصورت بلا“ کي پاڻ ”نيڪي ۽ بدي“ جي نالي سان ۽ ٻئي ناٽڪ ”شريمتي منجري“ کي ”موهني“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائون.
نانڪرام ڌرمداس چڱا ناٽڪ اردوءَ تان سنڌيءَ ۾ آندا، جن ۾ ”فريبي فتنه“، ”نيڪ پروين“، ”پتي شيو“ ۽ آغا حشر جي ”بلوا منگل“ جو ”پريم ڀڳتي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو.
هن دور ۾ ڪافي ناول اردوءَ تان ترجمو ٿيا، جن ۾ ٽئگور جي ”بغاوت“ ناول تان ايم آرامائيداساڻي، منشي پريم چند جي ”گئو دان“ ناول تان ”دکي هاري“ دولت ٽهراماڻي، خواجه احمد عباس جي ”ڊاڪٽر ڪوئنس“ ناول کي ساڳئي نالي سان موهني دوداڻي، احمد نديم قاسميءَ جي ”چتر ليکا“ کي گوبند مالهي، امرتا پريتم جي ناول کي سندري اتم چنداڻي ”هڪ سسئي، سو سور“ ۽ ڪرشن چندر جي ناول کي ”پياسي ڌرتي، پياسيون دلڙيون“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو. خانبهادر محمد صديق جو ”حياتيءَ جو پهريون دور ۽ ٻيو دور“ ناول (ٻه ڀاڱا) اردوءَ تان ترجمو آهن. اهڙيءَ ريت ٻين به ڪيترن موضوعن جي ڪتابن جا ترجما ٿيا آهن. خادم حسين چانڊيو جي سوانحي ڪتاب ”مارو جي ملير جا“ ۾ اهڙن ڪيترن ڪتابن کي جيڪي اردوءَ ۾ لکيا ويا يا ترجمو ڪيا ويا، ليکڪن جي سوانحي احوال سان گڏ ڄاڻايو آهي.
1947ع کان پوءِ جي محققن، مؤرخن، اديبن ۽ شاعرن سنڌي ادب جي روايتن کي نڀائيندي، دنياوي نظرين کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ترجمي جي عمل کي جاري رکيو. جديد فڪري روين ۽ ادبي روايتن سان روشناس ڪرائڻ لاءِ جن شخصيتن پاڻ ملهايو آهي، انهن ۾ مخدوم اميراحمد، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد شاهواڻي، لطف الله بدوي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد خان ”غني“، رشيد احمد لاشاري، بديع الدين شاهه راشدي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، عثمان علي انصاري، اڪرم انصاري، محمد حنيف صديقي، احسان بدوي، نياز همايوني، ڊاڪٽر نبي بخش، پروفيسر محبوب علي چنا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سومار علي سومرو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ اياز، ڊاڪٽر اياز قادري، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، فضل احمد بچاڻي، علي احمد بروهي، نورالدين سرڪي، عطامحمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر نجم عباسي، شيخ عبدالرزاق راز، عبدالله خواب، سرور علي سرور، سرشار عقيلي، غلام محمد گرامي، مظفر حسين جوش، مولائي شيدائي، ممتاز مرزا، تاج صحرائي، وليرام ولڀ، امداد حسيني، بشير مورياڻي، امر جليل، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، گورڌن ڀارتي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نصير اعجاز، عمر ميمڻ، ممتاز بخاري، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اُتم چنداڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين، زيب سنڌي، زرينه بلوچ، نورالهديٰ شاهه، عبدالقادر جوڻيجو، تاج جويو، ڊاڪٽر قاضي خادم، يوسف سنڌي، م.ن مخزون، ڊاڪٽر گل بليدي، حسين بادشاهه، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، آزاد قاضي، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، دادا سنڌي، رئوف نظاماڻي، مدد علي سنڌي، غلام نبي ميمڻ، محبوب علي جوکيو، تاج بلوچ، سليم چنا، دوست محمد ڀٽي، پرويز، ابودانش، ۽ ٻين ڪيترن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
مٿين ليکڪن جي ترجمو ٿيل ڪتابن جو تفصيل ڏيڻ سان هيءُ مقالو گهڻو طويل ٿي ويندو، پر مختصرًا اهو چئجي ٿو ته سنڌي ليکڪن مان گهڻن کي اردو ٻوليءَ تي عبور حاصل آهي. هنن نه فقط سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ۽ اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن، پر طبعزاد نثر ۽ نظم جا ڪتاب پڻ اردو ٻوليءَ ۾ لکيا آهن. پير حسام الدين راشدي، ”مرزا غازي بيگ اور اس کي بزم ادب“، ”دردِ چراغ محفل“ (نثر جا ڪل پنج ڪتاب لکيا آهن) شيخ اياز ”بوئي گل نالهءِ دل“، ”نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي“ ۽ ”رسالهءِ شاه عبداللطيف“ (منظوم ترجمو) ابراهيم خليل ”گلزارِ خليل“، ”اقبال حيات اور افکار“، ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ”تحريڪ پاڪستان مين سندهه کا حصه“، ڊاڪٽر حيدر سنڌي جا ”پاڪستان کا لساني ورثا“، ”سنڌي زبان کي ارتقا“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
ساڳيءَ طرح ٻين ڪتابن ۾ ڊاڪٽر درشهوار، ڊاڪٽر فهميده حسين جون پي ايڇ ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف کي شاعري اور فڪر“، ”شاهه لطيف کي شاعري مين عورت ڪا روپ“ جي عنوانن سان اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. ناول ”زينت“ ۽”سانگهڙ“ جا اردو ترجما ٿيا ته ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل ”سنڌي ادب جي تاريخ“ کي ”سندهي ادب کي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان خيرمحمد اوحدي ترجمو ڪيو. ناٽڪ ”شڪنتلا“ کي اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ رشيد احمد لاشاري ۽ ”دودو چنيسر“ کي سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ امداد حسينيءَ ترجمو ڪيو. ڊرامانگار نورالهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجو ۽ ٻين اردو ٻوليءَ ۾ ناٽڪ لکيا آهن، جنهن ۾ نورالهديٰ شاهه جي قسطوار ناٽڪ ”جنگل“ پوري پاڪستان ۾ تمام وڏي شهرت حاصل ڪئي. ولي رام ولڀ ۽ عطامحمد ڀنڀرو صاحب بيحساب ڪتاب اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيا آهن. ولي رام ولڀ ڪهاڻيون ۽ ناول ترجمو ڪيا آهن ته ڀنڀرو صاحب تاريخ، جاگرافي، ٻولي، سياست، سماجيات ۽ ادب ۾ ترجما ڪيا آهن. شاهد حنائي ”شاهڪار سندهي ڪهانيان“ سنڌي ٻوليءَ جون اهم ڪهاڻيون اردوءَ ۾ ترجمو ڪيون، جن ۾ امر جليل، نورالهديٰ، ماهتاب محبوب، ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن.
امرتا پريتم پنجابي زبان جي مشهور ليکڪا جا ڪجهه ڪتاب اردو ترجمي سان پاڪستان ۾ موجود آهن، جن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيا آهن. زاهده ٿيٻو ”شاهه سچل سامي“، سيمينار جي ڪوٺ تي آڪٽوبر 1991ع ۾ هندوستان ويئي، جتي هن امرتا جو انٽرويو ڪيو، جڏهن ليکڪا کي اها خبر پئي ته سندس ڪتاب ترجمي جي صورت ۾ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ موجود آهن ته هن هڪدم چيو ته،
”ليکڪ جي راضپي کان سواءِ به توهان جي ملڪ ۾ ترجما ڪيا ويندا آهن؟ جيڪڏهن ڪيا وڃن ٿا تڏهن به ڇپرائيندڙ ۽ ترجمي ڪرڻ وارن کي ان ڪتاب جو ترجمو ٿيل يا نقل ته ليکڪ کي ڏيڻ کپي ته جيئن هو ڏسي سگهي ته سندس تصنيف جو ترجمو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي يا نه؟“ (8)
انهيءَ مان اهو اندازو لڳائجي ته ترجمو ڪرڻ مهل اصل تحرير بلڪل متاثر ٿئي ٿي ۽ ترجما اصل جي ڪاپي هئڻ سبب نه اصل جو سچوپچو هڳاءُ ڏيندا ۽ نه ئي بلڪل ان جهڙا ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ ڪري جيترو ممڪن ٿي سگهي، ان ۾ دست اندازي ڪرڻ کان بچجي. انهيءَ جي لاءِ هي مثال شاعريءَ مان ڏيان ٿي.
شيخ اياز، شاهه صاحب جي رسالي جو سنڌيءَ مان اردو منظوم ترجمو ڪيو. هو سنڌ جو هڪ عالي مقام ۽ سگهارو شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه جي شاعريءَ جي روح کي جيترو اياز سمجهيو، ايترو هر ٻئي شاعر لاءِ آسان ڪم نه آهي، پر شيخ اياز اردو ٻوليءَ جو اهلِ زبان نه هو. پروفيسر آفاق صديقيءَ جي معاونت ۾ ڪيل پنهنجي هن اردو ترجمي تي اياز صاحب لکي ٿو ته،
”اونهاري ۾ جڏهن پرهه جو هير هندوري وانگر گهلندي هئي، تڏهن مان چئين بجي صبح جو اٿي بجليءَ جي روشنيءَ تي شاهه جو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪندو هئس. ان ترجمي ۾ ڪڏهن پنهنجي ڪائي خوبصورت سٽ وڌائي ڇڏيندو هوس، ڇو ته دل ۾ ايندو هو ته اها سٽ ڀٽائيءَ کان ڀلجي ويئي هجي ۽ هن نه لکي هئي“. (9)
شيخ اياز جو ڪيل ترجمو تمام احسن آهي. سندس ڪيل ترجمي تي بحث هن مقالي جو موضوع نه آهي، پر هتي جڏهن اسين ترجمي جي اصولن ۽ معيارن جي ڪٿ ڪريون ٿا ته اها حقيقت بلڪل چٽي ٿئي ٿي ته ترجمي ڪرڻ مهل مترجم جي ڪوشش جي باوجود به هن کان ڪتاب جي اصليت (Origonlity) متاثر ٿئي ٿي. ڊاڪٽر سارلي به شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو ڪندي، ساڳئي ڳالهه ورجائي آهي:
”منهنجو ترجمو اصل جي مطابق آهي، پر وزن جي ضرورت جي ڪري ڪجهه ڊيگهه ناگريز ٿي ويئي آهي. اصل سنڌي نسخي جي اختصاري ۽ لفظن جي ٿورائيءَ کي جيئن جو تيئن آڻڻ مون لاءِ ناممڪن هو“. (10)
مٿيان مثال نظم جي ترجمي جا آهن، جنهن ۾ نثر جي نسبتًا دشواري درپيش ايندي آهي ته به منهنجا قارئين بلڪل اهو اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اصل، اصل آهي ۽ نقل، نقل آهي، پر اصل ڪمال نقل کي اصل جهڙو ڪري پيش ڪرڻ ۾ آهي ۽ اهڙا مهان فنڪار ۽ فن پارا به موجود آهن، جن جو ڪم لاجواب آهي. باوجود مٿين ڳالهين جي اها حقيقت بلڪل مڃيل آهي ته ترجما ٻولين جي باهمي لاڳاپي ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ تمام مفيد آهن. سنڌي نثر ۾ هزارن جي تعداد ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ترجمو ٿيل موجود آهن، جن ۾ نثر جي ادبي صنفن ۾ جهجهو مقدار ملي ٿو. ضروري آهي ته سنڌي نثر جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن معرفت وڏي پئماني تي مڪمل نيٽ ورڪ سان ترجمي جي عمل کي فوقيت ڏني وڃي. مترجمن کي جهجهيون سهولتون ڏئي، مختلف ٻولين مان سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ اهم تصنيفات آنديون وڃن ته سنڌي ٻوليءَ جا اهم طبعزاد ڪتاب انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرايا وڃن. اهوئي پوريءَ دنيا سان ادبي ۽ علمي طور لاڳاپي جو وسيلو آهي.
[b]حوالا[/b]
(1) بيگ مرزا قليچ، ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ (پهريون ڇاپو) 1971ع، ص- 136
(2) ميمڻ خانبهادر صديق، ”سنڌي ادبي تاريخ“، مسلم ادبي سوسائٽي، 1937ع، ص- 3
(3) الطاف شيخ ”دنگيءَ منجهه درياءُ (سفرنامو) نيوفيلڊس پبليڪيشن 1989ع، ص- 91
(4) اصلاحي شرف الدين ڊاڪٽر، ”اردو سنڌي کي لساني روابط“، نيشنل بڪ فائونڊيشن، 1976ع، ص- 77
(5) ايضًا ص- 90
(6) خادم حسين چانڊيو ”مارو جي ملير جا“، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، 2001، ص- 469
(7) ملڪاڻي منگهارام پروفيسر ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع، ص- 91
(8) امرتا پريتم (انٽرويو) سرتيون“ (ماهنامه) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 4/1993ع، ص- 32
(9) شيخ اياز ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1995ع، ص- 66 (بحواله جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”شيخ اياز هڪ مطالعو“ ص 151)
(10) ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، (مترجم عطامحمد ڀنڀرو“ ”ڀٽ جو گهوٽ“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ص- 392