لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

ادب ۾ سوانح نگاريءَ جي اهميت

سوانح حيات جو احوال فردن جي زندگيءَ جي تاريخ آهي ۽ انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو تاريخي حيثيت رکي ٿو ته به تاريخ ۽ سوانح ۾ واضح فرق آهي. تاريخ جو بنياد واقعن تي ۽ سوانح حيات جو بنياد احساسن ۽ جذبن تي هوندو آهي. پر ڪنهن به فرد جو سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکيل دلچسپ احوال اڳيان هلي نه فقط ادبي تاريخ ۾ حيثيت ماڻي ٿو، بلڪه مرزا قليچ صاحب جي لفظن ۾ ته، ”ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ ان جي مهندارن جي سوانح عمرين جو مجموعو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ان وقت جي واقفيت ۽ ايندڙ وقت جي هدايت ملي سگهي ٿي“. (1)
سوانح نگاري ڇا آهي ۽ ادب ۾ ان جي ڪهڙي اهميت آهي، انهيءَ لاءِ اچو ته ڏسون ته ماهرن هن ادبي صنف جي وضاحت ڪهڙيءَ ريت ڪئي آهي؟
Biography: The history of the life and character of an other person a life history of an object, biographical writings in general, or as a department of literature.” (2)
ڪارلائل موجب ته:
Biography is the only true history.
”سوانح“ لفظ ”سانحه“ جو جمع آهي، جنهن جو مطلب واقعو يا حادثو آهي ۽ ”سوانح عمري“ ڪنهن شخص جي زندگيءَ جو حال احوال آهي ته ”سوانح نگار“ اهو واقعه نويس يا حال احوال لکندڙ آهي. مطلب ته سوانح ذاتي واقعن ۽ احوالن تي مشتمل تحرير آهي، جنهن ۾ سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، خاڪا، روزنامچا اچي وڃن ٿا. سوانح عمري ۽ خاڪو ڪنهن به شخص جي باري ۾ لکيا وڃن ٿا، جڏهن ته آتم ڪهاڻي خط ۽ ڊائريءَ جو لکندڙ پنهنجي ذات جي باري ۾ احوال لکندو آهي. آتم ڪهاڻيءَ جي صنف پڻ سوانح عمري جيان ادب ۾ مقبول ترين آهي، جنهن جي وصف هن ريت آيل آهي:
“Auto biography: Biography or memories of a person’s life written by himself”. (3)
آتم ڪهاڻي حقيقت ۾ فقط فرد واحد جي پنهنجي ڪٿا ڪانهي، بلڪه اها انهيءَ دور جي پڻ ڪٿا آهي، جنهن دور ۾ اها آتم ڪهاڻي لکي ويئي. جارج برنارڊشاهه سؤ سيڪڙو صحيح چوي ٿو ته:
“The man who writes about himself and his own time is the only man who writes about all people and all times”.
اسان اهو بلڪل چئي سگهون ٿا ته، آتم ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي، معاشي، علمي ۽ادبي حالتن جون دستاويز آهن، جن سان حال ۾ ماضيءَ کان متعارف ٿي مختلف ماڳن، مڪانن، ماڻهن ۽ ملڪن جي معلومات ملي ٿي ته پڙهندڙ کي اها به خبر پوي ٿي ته اهڙن معروف ماڻهن پنهنجي حياتيءَ جو هڪ هڪ پل ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت همت، حوصلي، محنت ۽ اعليٰ سڀاءَ جي خاصيتن سان گهاريو آهي. تڏهن ئي اڄ هو “Legend” آهن ۽ اهڙي احوال پڙهڻ کان پوءِ هُو پاڻ به وڏو انسان ٿيڻ جا جتن ڪري ٿو.
سوانحي ادب پڙهڻ سان قومن جي اڳواڻن، رهبرن، رهنمائن، مهندارن، عالمن، اديبن، شاعرن، استادن، بلڪه ڪيترن ئي طبقن جي اهم شخصيتن جي گڻن ۽ خاصيتن جي خبر پوي ٿي. اهڙن قومي هيروز جو احوال عام جي رهنمائي ۽ ترقيءَ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو. فقط مذهبي لحاظ کان ئي ڏسنداسين ته پيغمبرن، اوليائن، درويشن، بزرگن جي باري ۾ لکيل احوال کي پڙهڻ کان پوءِ دل ۾ نه فقط عقيدت، عزت ۽ محبت جا جذبا ۽ احساس پيدا ٿيندا آهن، پر دلي طور تي مَنُ مثبت لاڙن ڏي موٽ کائيندو آهي.
حضرت آدم عليہ السلام کان محمد مصطفيٰ ﷺ تائين ڪيترن پيغمبرن جيئن حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت يوسف، حضرت دائود، حضرت لقمان ۽ ٻين نبين جو احوال قرآن پاڪ ۾ قصص الانبياء طور رهنمائي ڪري ٿو ته اهڙا احوال ڪتابن معرفت تفصيلي پهتا آهن. اهڙيءَ ريت هن دنيا ۾ گهڻا ئي اڳواڻ، روحاني رهبر، فلاسفر، شاعر ۽ مفڪر آيا آهن، جن جي تعليم ۽ فرمانن جي باري ۾ سوانحي احوال لکيا ويا آهن. اهڙن مثالي انسانن جي باري ۾ پڙهڻ سان ڄاڻ پوي ٿي ته ڪي گڻ منجهن طبعي هئا ته ڪي هنن همت ۽ محنت سان پيدا ڪيا. اهو همت ۽ محنت وارو احوال ۽ خاصيتون پڙهڻ عام خلق جي لاءِ فائديمند آهي. اهڙين شخصيتن جون جڏهن آتم ڪهاڻيون/ خودنوشت سوانح پڙهجن ٿيون ته انساني حياتي وڌيڪ اُتساهيندڙ، هرکائيندڙ ۽ محنت و عظمت جو ميدان لڳي ٿي. آتم ڪهاڻي انساني اندر جو آواز ۽ کليل راز آهي. هيءُ هڪ اهڙو ڳجهه آهي، جنهن کي هرهڪ جي اڳيان زباني بيان ڪرڻ جي بجاءِ جيڪڏهن لکڻ وارو سچائي، ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان علمي ۽ ادبي انداز ۾ تحريري طور پيش ڪري ٿو ته ادبي خزاني ۾ هڪ اهم اضافو ٿئي ٿو ۽ اهو فقط لکڻ واري جي حيثيت، مرتبي، سمجهه، ڏات، ڏانءُ ۽ سچائيءَ تي مشتمل آهي. نثري صنف سوانح نگاريءَ جو هيءُ رخ پوري دنيا جي ادب ۾ مڃيل آهي. دنيا جي انيڪ رهبرن، رهنمائن، سياستدانن، سماجي ڪارڪنن، عالمن، شاعرن، اديبن ۽ ٻين ميدانن جي قومي هيروز جون آتم ڪهاڻيون اڄ ڏينهن تائين نه فقط انهن ملڪن ۾، پر ترجمي جي صورت ۾ به پوريءَ دنيا ۾ پڙهيون وڃن ٿيون.
آتم ڪهاڻي ڪامياب اها شمار ٿيندي، جنهن ۾ تصنّع کان پاڪ سچوپچو احوال پيش ڪيل هجي ٿو. پاڻ پڏائڻ، مصنوعيت، هلڪڙائي يا بلڪل عام نموني سان لکيل ڪٿا ۾ ڪابه دلچسپي نه هوندي آهي. اسلوبِ بيان ۾ اديبانه انداز هئڻ ضروري آهي. پنهنجي باري ۾ سچ لکڻ، خود جا عيب ثواب کولي، عام جي اڳيان پيش ڪرڻ. دل گردي جو ڪم آهي، پر فقط سچائي ۽ واقعات نگاري به سوانح جا اهم حصا نه آهن، تحرير ۾ جاذبيت، سلاست، رواني، بيانِ فڪر ۽ فن جو ڳانڍاپو ۽ انساني خاصيتن جي اپٽار اهم آهن. شروع دور جي سوانح ۾ هيرو مافوق الفطرت معلوم ٿيندو هو، پر اڄ جي جديد ادبي لاڙن مطابق هڪ عام پر خاصيتن واري انسان جي خوبين توڙي خامين ٻنهي کي توري تڪي سهڻائيءَ سان پيش ڪرڻو آهي، تڏهن ئي اها سوانح مستند هئڻ سان گڏ ادب ۾ پڻ درجو حاصل ڪري ٿي. ڪي سوانح ۽ آتم ڪهاڻيون دنيا ۾ تمام متاثر ڪُن رهيون آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته،
”برٽينڊرسل جي سوانح حيات دنيا جي بهترين ۽ عظيم ترين ڪتابن مان آهي. هن شخص جي معصوميت، سچائي، انسان دوستي ۽ بي تڪلفي کيس هن صديءَ جو هڪ مڃيل نامور ڏاهو ۽ سڄاڻ ڄاڻائي ٿي“. (4)

حوالا
(1) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع، ص 13.
(2) Dictionary of the New English Language p-158.
(3) Ibid p 115.
(4) ڊاڪٽر تنوير عباسي: ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ (سفرنامو) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پهرين ڇاپو 2000ع.