ادبي تنقيد جو عمل، نقاد جا فرض ۽ جوابداريون
”تنقيد“ جي وصف ماهرن هن ريت بيان ڪئي آهي:
”ادبي تنقيد مان مراد اهڙي پرک، جيڪا ڪنهن به تصنيف جون اوڻايون/چڱايون الڳ الڳ ڪري سهڻائيءَ سان ڄاڻائي، تنقيد جو لفظ تبصري ۽ نڪته چينيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو.“ (1)
انسائيڪلوپيڊيا ۾ ادبي تنقيد (Criticism) کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
“Literary Criticism a discipline concerned with a range of enquries about literature, that have tended to fall into three broad categories philosophical, descriptive and evalative. criticism asks, what literature is, what it does what it’s worth”? (2)
ڏٺو وڃي ته تنقيد جو عمل سچ ۽ ڪوڙ جي پرک حق ۽ باطل جي فرق پروڙڻ جو آهي، پر اصطلاحي طور ڪنهن به فن (بعض جڳهه تي ذاتيات) جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي يعني تنقيد جي فن سان ٻين جي قولن، تحريرن، ۽ عملن جو منصفانه تجزيو ڪري فيصلو ڏجي ٿو، جنهن ۾ ادبي تنقيد جو خاص مقصد ادب جي عظمت ۽ سچائيءَ کي پرکي ۽ پروڙي، انهيءَ ادبي فنپاري جي گهرائيءَ ۾ وڃي ان مان بي بها موتي چونڊي اچڻ آهي. اها به حقيقت آهي ته،
”ادب جي تخليق وانگر ادب جي تنقيد هڪ انفرادي حيثيت رکندڙ ادبي عمل آهي.“ (2)
يعني اهو عمل جيڪو ڪنهن فن پاري جي مڪمل حيثيت ڄاڻائي، ان ڪتاب جي اصل جوهر جي شرح ڪري ته فن جي حيثيت سان ان ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن ۽ اهو بحث جو انداز، تعريف، هجو، خوشامد، تعصب ۽ ٻين ذاتي عنادن کان پري هئڻ سان گڏ سائنسي نموني سان غيرجانبدارانه تحقيق/ڇنڊڇاڻ تي مبني هجي، معنيٰ ته اها چٽائي بلڪل ٿئي ٿي ته،
”تنقيد هڪ سائنسي علم آهي ۽ ادب جي بحث کي تحقيقي ۽ تجرباتي سائنس جي دائري ۾ شامل ڪرڻ ئي تنقيد آهي.“ (3)
تنقيد ۽ تحقيق جو پاڻ ۾ وڏو تعلق آهي. انهيءَ ڪري ادبي تاريخن ۾ انهيءَ موضوع کي گڏ ئي بيان ڪيو وڃي ٿو، پر وري به ٻنهي جون حدون گڏ هوندي به الڳ آهن.
ادب ۾ تنقيد ڪندڙ کي نقاد (Critic) سڏيو وڃي ٿو. هڪ نقاد اديب، عالم، شاعر ۽ محقق ٿي سگهي ٿو، پر حقيقت ۾ نقاد جو هڪ الڳ مزاج هوندو آهي، هُو هڪ محتسب به آهي ته تخيلق ڪار پڻ.
بعض جي راءِ موجب ته جيڪي ماڻهوادب ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ کان محروم ٿيندا آهن، سي دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ تنقيدنگاريءَ جي عمل ۾ ٽپي پوندا آهن ته جيئن ڪنهن جو پٽڪو لاهي، کيس گهٽ ثابت ڪري، پاڻ کي اونچو مقام ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن، پر ڏٺو وڃي ته اها راءِ منفي رويي جي نشاندهي ڪري ٿي. حالانڪه ادبي تنقيد ڪو معمولي ڪم نه آهي بشرطيڪ اها صحيح اصولن مطابق ڪئي وڃي.
ادبي تنقيد مثبت ۽ منفي نموني جي قسمن جي ٿئي ٿي.
[b]مثبت تنقيد[/b]: اها تنقيد ادبي فن پاري جي باري ۾ هوندي آهي، جنهن ۾ انهيءَ تصنيف جو سرسري ۽ گهرو مطالعو ٻئي شامل هجن ٿا. جيئن انهيءَ لکڻيءَ جي عظمت تائين پهچي سگهجي. مثبت تنقيد جي خاص طور عملي هئڻ سبب فن ۽ فنڪار ٻنهي جي اهميت وڌي ويندي آهي.
[b]منفي تنقيد[/b]: هن قسم جي تنقيد ۾ شخصي تنقيد تي گهڻو زور هوندو آهي. اهڙي تنقيد متعصبانه رويي ۽ خودغرضيءَ جو شڪار هجي ٿي. بيجا شخصي تنقيد جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن چڱا ليکڪ به اها شهرت، عظمت ۽ مقام حاصل ڪري ڪونه سگهندا آهن، جنهن جا هُو مستحق هوندا آهن. نظرياتي تنقيد کان علاوه جمالياتي تنقيد، نفسياتي تنقيد، اخلاقي تنقيد، مذهبي تنقيد، سماجياتي تنقيد ۽ ڪجهه ٻيا قسم پڻ آهن. تنقيد جي رويي کي مثبت نموني سان نڀائڻ لاءِ نقاد جي لاءِ چند اصول پڻ مقرر ٿيل آهن، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
1- نقاد کي پنهنجي فن سان انصاف ڪرڻ لاءِ وسيع ترين ادبي مطالعو، ادب جو حقيقي شوق، قديم ۽ جديد تنقيدي روين جي ڄاڻ، ادبي تاريخ تي عبور، ادب جي مختلف صنفن جي اصطلاحن تي گرفت، وسيع القلبي ۽ وسيع النظري سان گڏ پنهنجي مقصد کي سهڻي ۽ منظم نموني سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ هئڻ گهرجي.
2- جيئن ته هر نئين تصنيف انفرادي/ جداگانه حيثيت رکندڙ ۽ نئين پيداوار هجي ٿي (سواءِ نقل ۽ ترجمي جي) ۽ انهيءَ ڪري نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو انهيءَ تصنيف ۾ چڱايون ڳولهي بنسبت براين جي. براين کي نظرانداز نه ڪري، بلڪه احسن طريقي سان ڄاڻائي. سٺي خداداد ۽ تخليقي صلاحيت رکندڙ ذهين نقاد جي اها پهرين صفت آهي ۽ کيس تقابلي (Comparasion) کان پڻ بچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر شخص جو تحرير جو انداز بلڪل جداگانه، آزاد ۽ ٻئي شخص کان مختلف هجي ٿو. ان کان سواءِ هر تحرير پنهنجي پنهنجي دور جي دستاويز هوندي آهي، ان ڪري مصنف جي ذات، ماحول، تصنيفات ۽ ان دور جو مطالعو به نقاد لاءِ ضروري آهي.
3- نقاد جي جوابدارين ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته هو شائسته ۽ مهذب ٻولي استعمال ڪري، ڇوجو تنقيد جو فن ادب جو حصو آهي ۽ادب ۾ تهذيب يافته هئڻ پهريون شرط آهي. تعصب، خودغرضي، ذاتي عناد ۽ شخصي تنقيد کان پاسو ڪري، انهيءَ فن کي اونداهيءَ مان روشنيءَ ۾ آڻڻ سان هو ان فن پاري جو صحيح ترجمان شمار ٿيندو. يعني سولي نموني سان عام کي سمجهائڻ وارو رهبر ٿيندو. جنهن سان عوام پڻ ان تصنيف ڏانهن متوجهه ٿيندو.
نقاد جو فرض آهي ته هو ليکڪ جي لکيل مواد ۾ لفظن، جملن ۽ پيراگرافن ۾ ربط، مقصديت ۽ مطلب کي چڱيءَ ريت پروڙي، معنيٰ ۽ لفظن جي هم آهنگيءَ تي توجهه ڏئي. ٻوليءَ جي استعمال کي خصوصي توجهه سان ڏسي.
نقاد جي گهرجن ۾ اهم اها به آهي ته هو جنهن ڪتاب جو تنقيدي جائزو ڏيئي رهيو آهي ته اهو ضرور ڏسي ته اهو ڪتاب جنهن صنف سان تعلق رکي ٿو، ان صنف جون خوبيون انهيءَ ڪتاب ۾ آهن يا نه.
سٺو نقاد حساس، ذهين، سمجهو ۽ سڄاڻ هجي ٿو، هو هر تاثر کي شيشي جي عڪس وانگر جهٽي، چٽو ڪري پيش ڪري ٿو. سندس علميت، ادبي ذوق، ڄاڻ ۽ شخصيت پڻ سندس تنقيد مان پڌري هوندي آهي، باقي سندس راءِ سان ٻين عالمن، محققن، اديبن ۽ قارئين جو متفق هئڻ ضروري نه آهي، جهڙيءَ ريت پڙهندڙ ڪابه راءِ قائم ڪرڻ ۾ آزاد آهي، اهڙيءَ ريت نقاد به ڪنهن تحريري مواد کي مستند ۽ غيرمستند سڏي سگهي ٿو، شرط فقط اهو آهي ته وٽس مضبوط دليل هجن ۽ هو سائنٽيفڪ طريقي سان پنهنجي تنقيد کي Justify ڪري سگهي ته پوءِ ته سندس راءِ وزنائتي ٿي قائم به رهي ٿي ته مشهور به ٿئي ٿي. معنيٰ ته، ”نقاد جو علمي ۽ ادبي طور ڄاڻو هئڻ ضروري آهي، تڏهن ئي هُو ڪنهن به ادبي فن پاري جي تخليق جا زاويا سمجهندي ۽ سمجهائيندي پنهنجي علمي ڄاڻ جي پڙهندڙن سان حصي رسي ڪندو. (4)
[b]حوالا[/b]
1. فيروز اللغات، فيروز سنز لميٽڊ لاهور، 1971ع، ص 216.
2. “Literary Sketch” The new Encyclopadia Britanica 15th edition, p-397.
3. مراد علي مرزا: ”ادبي تنقيد جا اصول“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1989ع، ص89.
4. سيد محي الدين زور ”روح تنقيد“ عصري مطبوعات ڪراچي، 1964ع، ص 128.