ناول نويسي
”ناول لفظ اطالوي زبان جي لفظ ”ناوس“ (Novus) مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نئون. ”ناوس“ وياڪرڻ ۾ اسم آهي. ان جي صفتي صورت آهي ”ناولس“ (Novelus) (2)
لفظ ناول جي معنيٰ آهي (Newness, Strangness) نئين شيءِ يا عجيب شيءِ. ادبي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ افسانوي ڪردارن جو نثر ۾ بيان ۽ اها ڪهاڻي جيڪا مختصر ڪهاڻيءَ کان تمام وڏي هجي.
“A Prose narration or Tale of a ficitional character of greater length than the short story” (3)
ناول جي ادبي صنف ٿيڻ کان اڳ طويل قصا، داستانون، ڏندڪٿائون ۽ مافوق الفطرت بيان رائج هئا، جيڪي حياتيءَ جي سچي پچي ۽ جيئري جاڳندي عڪاسي ڪرڻ کان قاصر هئا. تخيل جي پرواز سان گڏ انهن ۾ وڌاءَ جو عنصر هو، جن کي انگريزيءَ ۾ (fabulous) فيبوليس چيو ويو. محققن موجب ”ناول جو دائرو ڪهاڻيءَ اندر اچي ٿو“. (4)
”ڊراما جي تاريخ ناول جي ابتدائي تاريخ مڃي وڃي ٿي“ (5)
باوجود انهيءَ جي ته داستان کي به ناول جي اوائلي صورت قرار ڏنو ويو آهي ته به ”ناول“ جي نئين صنف نثر جي مٿين سڀني صنفن کان منفرد ۽ الڳ آهي. شروع دور جي ناولن ۾ قصي ۽ داستان گوئيءَ جو ڪجهه عنصر ملي ٿو، پر هڪدم ناول جي فني هيئت مقرر ٿي ۽ انهيءَ ۾ ماپا ۽ اصول قائم ڪيا ويا، جنهن سان هن نثري صنف جي هڪ نئين صورت مقرر ٿي.
حاصل مطلب ته ناول اهو نثري بيان آهي، جو حياتيءَ جي حقيقت نگاريءَ تي مبني هوندو آهي. انساني زندگين جي خيالن، جذبن، وسوسن، قولن، فعلن ۽ حالتن تي محيط احوال ئي ناول جو دائرو آهن، جنهن ۾ حالتن کي سلسليوار هڪٻئي سان ڳنڍي پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ڳانڍاپو ڪهاڻيءَ جي سلسلي کي وڌائيندڙ هوندو آهي ۽ انهيءَ سان ئي پلاٽ جي تشڪيل ٿيل هجي ٿي.
ناول نگار پنهنجي تخليق ڪيل ڪردارن ۽ تصوراتي واقعن ۽ حادثن ذريعي بيان کي طول ڏيڻ سان گڏ فني ضرورتن جو پورائو ڪندي پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو. هُو مبلغ نه پر ادبي سماج سڌارڪ آهي، سو سنئون سڌو چوڻ جي بجاءِ اڻ سڌيءَ طرح پنهنجي ڪردارن وسيلي حياتيءَ جي تلخ حقيقت تان پردو کڻي ٿو. هن فني تخليق ۾ ڪيتري قدر حقيقت سمائي سگهجي ٿي، انهيءَ لاءِ ٽي.ايس. ايلٽ لکي ٿو ته،
”انسان گهڻي حقيقت برداشت نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري شايد انهيءَ کي ناول ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ٿورو مختلف ڪري انهيءَ ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو ته متان انسان ان کي سڌيءَ طرح برداشت نه ڪري سگهي. تنهن ڪري اڻ سڌيءَ طرح ۽ سُٺي نموني کيس برداشت ڪرايو وڃي ٿو“. (6)
ڪهاڻي، ڪردارنگاري، پلاٽ، مڪالمه نگاري، زمان، مڪان ۽ ٻين فني جزن سان ناول جڙي ٿو، جنهن کي هيئت جي لحاظ کان مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن عملي، ڪرداري، تصويري، ڊرامائي ۽ موضوعن جي لحاظ کان اصلاحي، تاريخي، سفري، جاسوسي، رومانوي، مزاحيه، جنگي، سائنسي، اخلاقي، معاشي، سماجي، سياسي، نفسياتي، ديني ۽ ٻيا قسم آهن. ناول ۾ اخلاقيات ۽ مقصديت جو دائرو قائم رکڻ اهم آهي. غيرضروري ڊيگهه ۽ ورجاءُ پڻ ناول جي سونهن کي متاثر ڪري ٿو. ناول ۾ سيرت نگاري، منظر نگاري، حقيقت جي عڪاسي، سهڻي عبارت آرائي، ۽ ٻين فني جزن جو آهنگ ته اهميت رکي ٿو، پر ناول انساني زندگيءَ جو اڀياس هئڻ سبب انساني اُمنگن، خواهشن، جذبن ۽ عملن جي عڪاسي ڪندڙ هئڻ گهرجي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ موجب، ”ناول جي دنياوي ادب ۾ ابتدا سموئل رچرڊسن جي ”پاميلا“ 1740ع کان ٿي آهي، پر انسائيڪلوپيڊيا اردو ۾ اها وضاحت هن ريت درج ٿيل آهي:
”ناول جي ابتدا بُڪاشيو (Bocacio) جي ڪتاب (NOVALLASTO RIA) سان ٿي، سورهين صديءَ ۾ ناول جي طرز جي ڪهاڻين جي شرعات ٿي ۽ ارڙهين صديءَ تائين ناول انگريزي ادب جو اهم حصو بنجي ويو. اوڻويهين صديءَ ۾ سر والٽر اسڪاٽ تاريخي ناول نگاريءَ جو بنياد وڌو.“ (7)
درحقيقت شروع دور جا ناول حياتين جي حقيقت نگاري هوندي به فني طور جديد ٽيڪنيڪ مطابق نه هئا، ڇوجو اهو ناول جو ابتدائي وقت هو. آهستي آهستي انهيءَ ۾ فني ماپا ۽ اصول مقرر ٿيا، سو جان بيئنس جو ”پلگرمس پراگريس“، سيموئيل رچرڊسن جو ”پاميلا“ يا سيموئل جانسن جو ”راسيلاس“ آکاڻي ۽ داستان نموني جا آهن، پر ته به ناول جي ابتدا شمار ٿيا آهن، جو اهي انساني جذبن، احساسن ۽ سوچن جي ترجماني ڪن ٿا.
گڏيل هندوستان جي ٻين ٻولين ۾ لڳ ڀڳ ساڳئي دور ۾ ناول لکيو ويو.
”اردو ۾ ناول نويسيءَ جي روايت انگريزيءَ مان آئي. اردو جو پهريون ناول پنڊت رتن ناٿ سرشار جي ”فسانهءِ آزاد“ 1880ع کي چيو وڃي ٿو، پر درحقيقت اهو ناول جي ٽيڪنيڪ تي پورو نٿو لهي. فني لحاظ کان مرزا هادي رسوا جو ”امراءُ جان ادا“پهريون ناول سڏائڻ جو مستحق آهي.“ (8)
ساڳيءَ ريت اسان ڏسنداسين ته سنڌي ٻوليءَ ۾ 1870ع ۾ ”راسيلاس“ جي ترجمي کان پوءِ پهريون طبعزاد ناول ”دلارام“ 1887ع مرزا قليچ بيگ جو آهي، جنهن کي اڄ به جديد ناول نگاريءَ جي حوالي سان فني طور مضبوط نٿو سمجهيو وڃي. فقط ٽن سالن کان پوءِ يعني 1890ع ۾ مرزا صاحب ”زينت“ ناول لکيو، جيڪو نه فقط ناول نگاريءَ جي اصولن مطابق اهم ترين ناول آهي، پر سنڌي ناول نگاريءَ ۾ هن ناول جو درجو ڪلاسڪ ناول جو آهي. انهيءَ مان اهو اندازو بلڪل ٿئي ٿو ته شروع دور ۾ هر هنڌ اوائلي ناول فني طور مضبوط ڏسڻ ۾ نٿا اچن، پر آهستي آهستي ناول نگاريءَ ۾ فني اصول ۽ ماپا مقرر ٿيا ۽ اڳيان هلي دنيا ۾ ناول جي صنف ايتري ترقي ڪئي، جو ناول ڪمرشلائيز ٿي پيو. بهترين ناولن تي فلمون ٺهڻ لڳيون. ناول نگارن کي انعامن سان نوازيوويو ۽ ناول ادب جي اهم ترين ۽ بهترين صنف شمار ٿيڻ لڳو.
دنيا جي مشهور ناول نگارن جيئن سموئيل جانسن، سر رچرڊسن، چارلس ڊڪسن، ٿامس هارڊي، هينري فيلڊنگ، سروانٽس، جوناٿن سفٽ، والٽر اسڪاٽ، سر هنري رائڊر هيگرڊ، ٿيڪري وليم، جارج ايلٽ، اي ايم فاسٽر، آئورل آئويس، بارٿاڪلي، فاسٽ پيري لوئي، دوستو وسڪي، هرمن هريس، آسڪر وائيلڊ، ڪرسٽوفر، پال سارتر، هال ڪين، البرٽ ڪاميو، پرل بڪ، وڪٽر هيوگو، گارشيا مارڪيز، ميري ڪاريلي ۽ خليل جبران جا اهم ناول سندن ملڪ ۽ قوم کان علاوه ترجمي جي صورت ۾ پوريءَ دنيا ۾ پکڙيل آهن. انگريزي ٻوليءَ جي بين الاقوامي اهميت ۾ هڪ سبب ترجمي جو عمل آهي انگريزيءَ ۾ انيڪ ٻولين جا ڪتاب ترجمو ٿيل آهن ته انگريزي ٻوليءَ مان ٻين ٻولين ۾ پڻ ڪافي ڪتاب ترجمو ٿيا آهن. برصغير ۾ ناول جي صنف انگريز دور ۾ متعارف ٿي. انگريزي ٻوليءَ مان ڪافي ناول 1947ع کان اڳ ترجمو ٿيا. ان کان سواءِ ڏيهي ٻولين اردو، بنگالي، گجراتي، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ ناول نگارن ناول لکيا. بنگالي ۽ اردو ٻوليءَ جي ناول نگارن جو سنڌيءَ جي لکندڙن تي اثر ٿيو، جن ۾ بئڪم چندر جٽرجي، رابندرناٿ ٽئگور، شرت چند چٽرجي، رميش چندردت (بنگالي)، عبدالحليم شر، مرزا هادي رسوا، سجاد ظهير، منشي پريم چند، ڪرشن چندر، منشي نهالچند، خواجه احمد عباس، سعادت حسين منٽو، سردار جوگيندر سنگهه، عصمت بيگ چغتائي، خديجه مستور، انور سجاد، نسيم حجازي، قرة العين حيدر، صديق سالڪ، جميله هاشمي، رشيد جاويد (اردو) راڌا ڪرشن پرشاد (هندي) گجانند ماڊگولڪر(مرهٽي) امرتا پريتم (پنجابي) ۽ ٻين ڪيترن جي ناولن جا ترجما ٿيا. طبعزاد ناول مرزا صاحب جي دلارام (1887ع) کان پوءِ شروع ٿيا. 1890ع ۾ مرزا صاحب جو ”زينت“ ۽ 1892ع ۾ ”عجيب ڀيٽ“ ديوان پريتمداس جو ڇپيو. اهڙيءَ ريت 1947ع تائين ترجمن سان گڏ سنڌي ناول نگارن ڪافي طبعزاد ناول لکيا. انهيءَ دور ۾ قسطوار ناول ڇپجڻ جو رواج مختلف مخزنن ذريعي عام هو، جنهن سان قارئين جي دلچسپي وڌندي هئي. طويل ناولن جي رواج ذريعي تجسس ۽ شوق کي وڌايو ويو. مکيه سيرومل جو ”هردل عزيز عرف چندر ڪانتا باسنتني“ (28 ڀاڱا)، ”ڀوتناٿ جي جيوني“ (24 ڀاڱا) سلسليوار شايع ٿيا ته هريسنگ سکر واري جو ”چندر ڪانتا ۽ سندس پنکڙيون“ (45 ڀاڱا) ۽ ”اسٽار آف مينگريلا“ جو ترجمو ”ستاري منگريلا“ جي عنوان سان قسطوار ڇپيا، جن ۾ غيرفطري ڳالهيون، سنسني خيز واقعا ۽ ڊيڄاريندڙ منظر هئا، پر منجهن ڪردارنگاريءَ کي گهڻو اجاگر ڪيو ويو هو، جنهن ڪري انهن جا مايا راڻي، تيج سنگهه، ڪماسيني جهڙا ڪردار ماڻهن کي متاثر ڪري ويا.
”پهريان ڪتاب جن سان سنڌي ناول نويسيءَ جو بنياد پيو، سي انگريزيءَ مان ترجمو ڪيا ويا هئا.“ (9)
ڊاڪٽر جانسن جو ”راسيلاس“ (1759ع انگريزيءَ ۾ لکيل)، ساڌو نولراءِ آڏواڻي ۽ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي 1870ع ۾ تقريبًا هڪ صديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. حڪومتي سرپرستيءَ ۾ ٿيل هن ترجمي تي مترجمن کي انعام (روڪ رقم) ڏنو ويو. سنڌي ناول نگاريءَ ۾ هيءُ پهريون ناول شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کان پوءِ جي ناول نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙومل، رام پنجواڻي، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، ديوان پريتمداس، مکيه سيرومل، ايس سي شهاڻي، پرمانندا ايسرداس، ميلارام واسواڻي، ڄيٺمل پرسرام، ليلا رام ولايتراءِ، ويرومل ملاڻي، دولت ٽهراماڻي، چوهڙمل، شيوڪ ڀوڄراج، آسانند مامتورا، ڪاڪو ڀيرومل، هيرانند شوقيرام، موٽومل مينگهارام، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لال چند امرڏنومل، منگهارام ملڪاڻي، منوهرداس ڪوڙومل، ڏيارام گدومل، دوارڪا شرما، گوبند مالهي، نارائڻ داس ملڪاڻي، نانڪرام ڌرمداس، محمد عثمان ڏيپلائي، وشنو شرما، عبدالرزاق عبدالسلام، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڪرشن ڄيٺانند، ڏيارام سڀاڻي، ڏيارام گدومل، نانڪ هنڱوراڻي، بهاري ڇاٻڙيا، پرڀداس، نرمل جيوتاڻي، نهچل واسواڻي، هيرانند سوڀراج، جڳت آڏواڻي، حڪيم عبدالخالق مورائي، ڄيٺانند ٿڌيمل، شامداس هيمنداس، مهراج ديودت ڪندارام، بي اين کٻڙ، پارومل، فتحچند واسواڻي، ايشوري جوتواڻي، مينگهراج موٽواڻي، ڪرشن ڄيٺانند، تيرٿ سڀاڻي، چندر سين، ديوسڀاڻي، هري هنڱوراڻي، نوتن ڪرپالاڻي، ٽهلرام آسوديمل، پيتامبر ڪشناڻي، چندو لعل جئسنگهاڻي، گلي سدارنگاڻي، موهني دوداڻي، چندرا آڏواڻي، نانڪ هنڱوراڻي ۽ ٻين ناول لکيا.
مٿين ناول نگارن ۾ گهڻا تڻا هندو ناول نگار آهن، جن مان ڪافي جا پنهنجا ڇپائيءَ جا ادارا هئا، جنهن سبب ناول جي گهڻي ترقي ٿي. اهڙن ادارن ۾ ڄيٺمل پرسرام جي ”نئين سنڌ لائبريري“، ليلارام ولايتراءِ جي ”ايس جي ڪو آپريٽو سوسائٽي“، ميلارام واسواڻيءَ جي ”سندر ساهتيه سوسائٽي“، ڏيارام سڀاڻي جي ”آشا ساهت منڊل“، ڄيٺانند لعلواڻي جي ”ڀارت جيون ساهتيه منڊل“، ”جڳت آڏواڻيءَ جو ”ڪهاڻي ساهتيه منڊل“، ديوان ڪوڙيمل جو ”ڪوڙيمل ساهتيه منڊل“، بهاري ڇاٻڙيا جي ”نئين زندگي پبليڪيشن“ کان علاوه ٻيا به ڪيترا ادارا سنڌ ۽ هنڌ ۾ هئا. سکر جي ماستر هريسنگهه، شڪارپور جي ماستر پوڪرداس، حيدرآباد جي مکيه سيرومل ساگراڻي جي ادارن ۽ ڪراچيءَ مان ”سناتن ڌرم سڀا“ طرفان سراج سوڀراج جي ماهوار مخزن ۽ ”سرسوتي“ مخزن ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۾ قسطوار ناولن جي اشاعت سان بي حساب ناول ڇپيا.
1947ع کان اڳ ترجمو ۽ طبعزاد چند اهم ناولن ۽ ناول نگارن جا نالا هن ريت آهن: ”راسيلاس“ (ديوان نولراءِ ۽ منشي اڌارام)، ”دلارام“، ”زينت“، ”گلن جي ٽوڪري“، ”ٽي گهر“، ”راحيل“، ”جولئن هومز“، ”مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا“، ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“، ”صحت النسا“، ”لڇمي“، ”سچي محبت“، ”حاجي بابا اصفهاني“، ”سندباد جهازي“، ”رابنس ڪروز“، ”ايرڪ“، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، ”سئڊ فورڊمرٽن“، ”شرلاڪ هومز جا عجيب و غريب ڪم“ مرزا قليچ بيگ، ”عجيب ڀيٽ“ (ديوان پريتمداس)، ”سون ورنيون دليون“، ”سچ تان صدقي“، ”چوٿ جو چنڊ“ (لالچند امرڏنومل)، ”موهني ٻائي“، ”آنند سندريڪا“، ”وريل ۽ نعمت“ (ڪاڪو ڀيرومل)، ”طلسم“ (ڪاڪو ڀيرومل ۽ ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي/بولچند ڪوڏومل)، منگهارام ملڪاڻي صاحـب موجـب، ”طلسم جو پويون اڌ ڪاڪي ڀيرومل ترجمو ڪيو ته پهريون اڌ شوقيرام آڏواڻي جي بجاءِ بولچند ڪوڙومل ڪيو آهي. اهڙي پڌرائي پرمانند ميوارام ۽ ديوان پرڀداس شيوڪرام ”جوت“ اخبار ۾ ڪئي هئي. ڪتاب تي بولچند جو نالو ڏنل ڪونه هو. ساڌوهيرانند ”سرسوتي“ مخزن جو مهتمم هو، سو سندس ئي نالي ۾ ڇپايائين“. (10)
”دکي اٻلا“ (موٽومل مينگهراج)، ”جڙتو شهزادو“، ”حياتيءَ جو پهريون دور ۽ ”ٻيو دور“ (خانبهادر محمد صديق) ”دادا شيام“ (شيوڪ ڀوڄراج)، ”حورِ دمشق“ (غلام احمد نظاماڻي)، ”انتقام“ (مرزا علي نواز)، ”مالهڻ“، ”وڌوا“، ”غريبن جو ورثو“ (نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي)، ”عبرت“، ”نسيما“، ”ستيءَ جي سيتا“، ”سندري“، ”درس آموز“ (حڪيم عبدالخالق خليق مورائي)، ”شاعر“ (آسانند مامتورا)، ”گورا“، ”اتحاد“ (گُلي سدا رنگاڻي)، ”قيدي“، ”شرميلا“، ”اسان جو گهر“، ”چانديءَ جو چمڪو“، ”پدما“ (رام پنجواڻي)، ”سنگدل شهزادي“، ”حُورِ بغداد“، ”آخري امداد“، ”عصمت جي قيمت“، ”فتح اسپين“، ”روم جي راڻي“، ”نورِ توحيد“، ”سسي نيزي پاند“، ”غازي احمد شاهه ابدالي“، ”سمرقند جو صوف“، ”مجاهدِ ڪشمير“، ”مصطفيٰ ڪمال“، ”شيرِ ايران“، ”گلستان حسن“، ”ڏاهري رنگ محل“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ”نول لڪشمي“ (تيجورام شرما)، ”حسد جي هاڃ“ (نانڪرام ڌرمداس)، ”گم ٿيل صندوقڙي“ (منگهارام ملڪاڻي)، ”چندر مکي“، ”روهني“، ”آنند مُٺ“ (ديوان ڪوڙيمل)، ”راڻي پدماوتي“، (شامداس هيمنداس)، ”دکي انسان“ (موٽومل گدواڻي) ”راجپوتي تلوار“، ”ويرڪماري“ (دوارڪا پرشاد شرما)، ”نل دمينتي“ (ڏيارام گدومل)، ”رجني“، (پارومل)، ”رڪمڻي“ (ميلارام)، ”زندگي“
(جڳت آڏواڻي)، ”آشيرواد“ (شيوڪ ڀوڄراج)، ”جهان آرا“ (عبدالرزاق عبدالسلام)، ”بلو کوکر“، (ايس سي شهاڻي)، ”نورجهان“ (ڊاڪٽر گربخشاڻي) ”شاعر“ (آسانند مامتورا)، ”زنده دل“ (چندو جئسنگهاڻي)، ”بينا“، (نرمل جيوتاڻي)، ”ڏکن پٺيان سُک“ (ٽهرام آسوديمل)، ”ميونسپل ڪائونسلر“ (ڄيٺانند لعلواڻي)، ”آرام محل“ (نانڪرام ڌرمداس) ۽ ٻيا ناول ڇپيا آهن.
گڏيل هندوستان جي ورهاڱي سان ادب ۾ هڪدم تبديلي آئي. سنڌي ناول جي ڇپجڻ ۾ وڏي ڪمي آئي. بين الاقوامي طور مهاڀاري لڙاين جا اثر پڻ ادب تي پيا ته برصغير جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جا اثر ڏيهي ٻولين تي پيا. ناول ناڻي جي کوٽ ۽ ڇڪتاڻ وارين حالتن سبب گهٽ لکجڻ لڳو. سنڌ ۾ ته ناول جي اشاعت ۾ معاون ادارا گهڻي ڀاڱي هندن جا هئا ۽ هندن جي لڏپلاڻ سبب اهي ادارا بند ٿي ويا. افساني جي صنف جو مختصر هئڻ ۽ هر رسالي ۽ اخبار ۾ باآساني شايع ٿيڻ سبب افسانا نويسيءَ کي وڌيڪ پذيرائي ملي. بهرحال ماٺار جي باوجود سنڌ ۾ ڪافي وقت ايڪڙ ٻيڪڙ ناول لکيا پئي ويا ته هندوستان ۾ پڻ ناول لکيا ويا ۽ موجوده وقت چڱا معياري ناول شايع ٿيا آهن ته سٺا ترجما پڻ ٿيا آهن. 1947ع کان پوءِ جن سنڌي ناول نگارن ترجمو ۽ طبعزاد ناول لکيا، انهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، موهن ڪلپنا، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتمچنداڻي، ڪلاپرڪاش، لعل پشپ، سراج الحق ميمڻ، سڳن آهوجا، آنند ٽهلراماڻي، لڇمڻ ساٿي، آغا سليم، علي بابا، امرجليل، راز بلڙائي، قاضي فيض محمد فيض، ڊاڪٽر غلام علي الانا، رشيد ڀٽي، انور هالائي، ڊاڪٽر نجم عباسي، ماهتاب محبوب، ماڻڪ، گل نصرپوري، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر قاضي خادم، ناصر مورائي، الهه بخش ٽالپر، فضل احمد بچاڻي، بادام ناتوان، نورالدين سرڪي، محمدعلي ڀٽي، نصير اعجاز، عمر ميمڻ، لڇمڻ ڪومل، غلام نبي مغل، سڳن آهوجا، هري موٽواڻي، گوبند مالهي، ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو، الطاف شيخ، انجم هالائي، طارق عالم، ملڪ آگاڻي، بيدل مسرور، نور گهلو، ابن حيات پنهور، سومار علي سومرو، نظام عباسي، ستار، زيب سنڌي، يوسف شاهين، م.ن مخزون، نظير شيخ، عرفان مهدي، عمرالدين بيدار، شيخ محمد حسن، گل نصرپوري، شيخ عبدالرزاق راز، قبول ابڙو، الله بخش ٽالپر، غلام علي کوکر، قاضي عبدالڪريم، پرويز ميمڻ، صغران گل ڀٽي، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي ۽ ٻين ڪن ناول نگارن ناول لکيا آهن.
چند ناولن جا عنوان هن ريت آهن: ”سانگهڙ“، ”جپاني گُڏي“، ”آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“، ”دکن جا مجاهد“، ”امڙ“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ”پڙاڏو سو ئي سَڏُ“، ”مرڻ مون سين آ“، ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ (سراج الحق ميمڻ)، ”رُنم رت ڦڙا“ (بادام ناتوان)، ”جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات“، ”سيلاب زندگيءَ جو“ (پوپٽي هيراننداڻي)، ”ٽُٽل ساز“، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (سندري اتم چنداڻي)، ”شيشي جي دل“، ”حياتي هوتن ريءَ“ (ڪلاپرڪاش)، ”کاهوڙي کجن“ (ڄام ساقي)، ”لڙهندڙ نسل“، (ماڻڪ)، ”رهجي ويل منظر“ (طارق عالم ابڙو)، ”پيڙا“ (رشيد ڀٽي)، ”اوڙاهه“ (حليم بروهي)، ”ٻولي“ (شيخ محمد حسن)، ”درياءَ جي ڪپ تي“ (گل حسن نصرپوري)، ”همه اوست“، ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”روشنيءَ جي تلاش“، ”اڻپورو انسان“ (آغا سليم)، ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“، ”عورت ۽ پيار“، ”بنديوان“ (غلام نبي مغل)، ”اداسيءَ جون آهون“، (الله بخش ٽالپر)، ”ڪاروانِ زندگي“ (انجم هالائي)، ”راتيون جاڳن جي“ (ناصر مورائي) ”ازابيلا“ (لطف الله بدوي)، ”پيار ۽ پڇتاءُ“ (گل محمدچنا)، ”ڪُندن“ (الهڏنو ڪاڪا)، ”نئون سفر“ (غلام علي کوکر)، ”چاهتن جي ٽواٽي تي“، ” آءِ لو يو“ (بيدل مسرور)، ”نيروليءَ جو ڪُن“ (ملڪ آگاڻي)، ”بلنديون“، ”پيار جي ڪهاڻي“ (ڊاڪٽر نجم عباسي)، ”نئون آدمي“ (شيخ عبدالرزاق ’راز‘)، ”مون کي هوائن ۾ ڳولجان“ (طارق خشڪ) ”زوال“، ”پيار“، ”سونهن جي ديوي“، ”درد جي خوشبو“، ”جواري“، ”پيار ۽ سپنا“ (قاضي خادم)، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ (امر جليل)، ”عاشي“، ”تصوير جو خون“، ”سڌارت“، ”روح جي ڳولها“ (فضل احمد بچاڻي)، ”عشق“ (مصطفيٰ نانگراج)، ”نينگرو عشق ۽ بغاوت“، ”غلامن جو ٻيڙو“، ”دل جو بندر“ (نصير اعجاز)، ”جي ماريا نه موت“ (ڊاڪٽر تنوير عباسي)، ”مسيح ۽ ماڻهو“ (فضل محمد)، ”طاهره“ (ابودانش)، ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ (پرويز)، ”سيتا هرڻ“، ”غدار“، ”ڌاريو“ (وليرام ولڀ)، ”شريف ڊاڪو“، ”ڪاليجي ڪڪي“، ”باغي“ (محمد بخش جوهر)، ”زندهه لاش جو سفر“ (عابد لغاري)، ”ميرو ڌاڙيل“ (طارق اشرف)، ”سوري آ سينگار“ (عبدالجبار جوڻيجو)، ”لاش“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ”ڌرتيءَ جي جنگ“ (قبول ابڙو)، ”ڪاروان“ (انجم هالائي)، ”ڪوماڻو ڪنول“ (عبدالقيوم صائب)، ”خواب خوشبو ڇوڪري“ (ماهتاب محبوب)، ”ڪارو ڪارونڀار“ (عبدالحق عالماڻي)، ”جنسار“، ”ٻاويهه سو ٻاويهه“، ”اڻ ڄاڻ“ (قاضي فيض محمد فيض)، ”دوزخ مان دري“ (محمد انور بلوچ)، ”منهنجا معصوم سڄڻ“ (وينا شرنگي)، ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“، ”پرهه جا پياڪ“ (ريٽا شهاڻي) ۽ ٻيا ناول لکيل آهن.
ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ۾ پڻ سنڌي ناول لکيا ويا آهن، جن ۾ گوبند مالهي جا ”آنسو“، ”زندگيءَ جي راهه تي“، جيون ساٿي“، ”عشق ناهي راند“، ”شرم ٻوٽي“، ”چنچل نگاهون“، ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“، ”سوريءَ ڀانئين سيج“، لڇمڻ ساٿيءَ جا ”اڏري وڃ ڙي ڪونج“، ”کيچلي“، ”ستل واديون“، ”آسمان“، ”آسمان روشن آهي“، رام پنجواڻيءَ جا ”ڌيئر نه ڄمن“، ”زندگي ۽ موت“، داس طالب جو ”چيخ“، موتي پرڪاش جو ”انڌيرو اجالو“، موهن ديپ جو ”خالي هٿ“، هري موٽواڻيءَ جو ”ابو“، ”اجهو“، چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جو ”اگني“ ۽ ”پهاڙي چوٽيون“ نرنجن دوداڻي جو ”سنڌ جي زينت“، موهن ڪلپنا جا ”درد جو دريا“، ”زندگي“، ”آواره“، ”جلاوطن“، ”رڃ ۽ پاڇا“، وشنو ڀاٽيا جو ”دردن ماري دل“، گلاب هنڱوراڻيءَ جو ”ڀومي“، آنند گولاڻيءَ جو ”مجو“، شيام جئسنگهاڻيءَ جو ”ڪچا ڌاڳا“، ”جيون جو سنگرام“ ۽ ٻيا ڪيترا ناول 1947ع کان پوءِ لکيا ويا آهن.
سنڌي ناولن ۾ سنڌي سماج جي ڪيتري حد تائين عڪاسي ڪئي ويئي آهي؟ انهيءَ جو اندازو ناولن جي موضوعن، مواد ۽ ٻوليءَ مان ڪي قدر ٿئي ٿو. ڪردارن جي واتان چوايل مڪالما جن سان ناول جي واڌ ويجهه ٿئي، منظر نگاري، جنهن مان ماحول جي عڪاسي ٿئي ۽ هڪ تصور ۽ تخيل قائم ٿئي، انهن سڀني جي ميلاپ سان ئي مڪمل تاثر قائم ٿيندو آهي. هر قوم ۽ سماج جا مذهبي ۽ اخلاقي قدر، ريتون رسمون، سوچون، ويچار، جذبا، احساس انهيءَ قوم ۽ سماج جي ادب ۾ واضح هوندا آهن. سنڌي سماج جا عڪس سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ ملن ٿا. هندو توڙي مسلمان سنڌي ليکڪن پنهنجي پنهنجي طور سماجي قانونن ۽ قاعدن جي ٻنڌڻن ۾ حياتي گهاريندڙ فردن جي اوٽ ۾ سنڌين جون سوچون، وهم، وسوسا، رواج رسمون، تهذيب ۽ تمدن ڄاڻايا آهن. هندو سنڌي سماج ۽ مسلمان سنڌي سماج جون گهرجُون ۽ مسئلا بيشڪ الڳ الڳ ۽ ڪجهه قدر مختلف آهن ته به ناول نگارن ٻنهي سماجن جي مسئلن سان گڏ قوم جي ذهني سجاڳيءَ جا اسباب ۽ همت، جرئت وڌائڻ ۽ ڪارگر جيون جيئڻ جا سبق قومي هيروز ۽ ٻين ڪردارن ذريعي ادب ۾ آندا آهن.
ورهاڱي کان اڳ ناولن جا مخصوص موضوع هئا. شروع ۾ ناصحانه، اصلاحي، معاشرتي، قومي ۽ ديني ناول لکيا ويا. قوميت، آزاديءَ جي تحريڪ، مسلم هندو نااتفاقي مذهبي اختلافن سان گڏ سياسي شعور جي پختگيءَ سان هڪدم ”اتحاد“ جو موضوع ادب ۾ آيو، پر قوميت جو جذبو وري به مؤثر رهيو. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ هن ڏس ۾ لکي ٿو ته:
”1947ع ۾ جيترا ناول سنڌي ادب ۾ لکيا ويا، اوترا هن کان اڳ ڪڏهن به نه لکيا ويا. ناولن جو گهڻو انداز قومي جذبي تي آهي“. (11)
”ورهاڱي جي ڇڪتاڻ سبب ادب ۾ اهم اٿل آئي، ليکڪن وٽ نوان موضوع آيا. ناول ۾ فلسفيانه خيالن ۽ شاعراڻه تخيل سان گڏ سياست، مذهب، قوميت ۽ ٻيا موضوع آزاديءَ جي تحريڪ جي اوٽ ۾ پيش ٿيڻ لڳا. مسلمان ۽ هندو ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي بهادري ۽ شان شوڪت کي بيان ڪرڻ تي زور ڏنو، انهيءَ ڪري نفاق پيدا ٿيو ۽ جلد ئي انهيءَ نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ ادب ۾ اتحاد جي موضوعن تي زور ڏنو ويو. اهڙيءَ ريت منفرد موضوعن سبب ناول نويسيءَ جو عروج آيو“. (12)
وقت جي اهڙين حالتن، اديبن کي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان روشناس ڪرايو. هندو مسلم تصادم، قوميت جي احساسن ۽ لڏپلاڻ جي مسئلن ۾ تخليق ڪارن پنهنجا فرض ادا ڪيا ۽ عوام کي همت لاءِ اُتساهيو.
جيئن ته، ادب ڏيهي ۽ پرڏيهي ادبي روين ۽ لاڙن چاڙهن سان گڏ هلندو آهي، انهيءَ ڪري ان ۾ آيل موضوع انهيءَ دور ۽ وقت جو آواز هوندا آهن ته به سڄاڻ اديب جي گرفت ماضي، حال ۽ مستقبل تي به مضبوط هوندي آهي. ناول نثر جي اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ طوالت سبب حياتيءَ جي حقيقت نگاري وڌيڪ سهڻي نموني ڪري سگهجي ٿي. سو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي سنڌي ادب ۾ آيل موضوعن مان انيڪ موضوع ناول ۾ پڻ آهن، جن ۾ تعليم جي کوٽ، رسمن رواجن جا اسراف، بي جوڙ ۽ غلط شاديون، حق بخشائڻ، ڪارو ڪاري، طلاقون، پيري مريدي، ضعيف الاعتقادي، بيروزگاري، اقتصادي ڦرلٽ، مذهبي پابنديون، طبقاتي ڇڪتاڻ، وڏيراشاهي، ڪامورڪو نظام، سرمائيداري سرشتا، اخلاقي تنزليون، ذات پات، اوچ نيچ، رنگ نسل، اميري غريبيءَ جا فرق، بنيادي انساني حقن جو استحصال، پاڪستان جو ورهاڱو يعني بنگلاديش جو ٺهڻ، مارشل لائي حالتون، ون يونٽ، لساني فسادات، سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا ۽ ٻيا انيڪ سماجي ۽ اخلاقي مسئلا زير قلم رهيا آهن.
شروع دور جا گهڻا تڻا ناول ترجمي تي ٻڌل هئا، جن ۾ مترجم ناول نگارن جي اها ڪوشش هئي ته سندن ترجمو اصل جو هڳاءُ ڏئي، جنهن ۾ ڪي مصنف ته تمام گهڻا ڪامياب ٿيا آهن، جنهن جي لاءِ هنن ٻوليءَ ۽ اسلوب تي خاص ڌيان ڌريو آهي، جيئن ”سون ورنيون دليون“ ۾ لالچند امرڏنومل ڪمال جي عبارت آرائي ڪئي آهي، جڏهن ته ناول جو پسمنظر ۽ ڪردارن جا نالا به پرڏيهي آهن ته به سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن لفظن جي جڙاءَ سان ناول سينگاريو پيو آهي. ساڳيءَ ريت طبعزاد ناولن جي ڪجهه ناول نگارن پڻ موضوع مطابق ٻوليءَ جي خوبيءَ تي خوب توجهه ڏنو آهي. هيٺ ڪجهه ناولن (ترجمو/ طبعزاد) مان حوالا پيش ڪجن ٿا ته جيئن قارئين سنڌي ناولن جي موضوعن، ماحول، مڪالمه نگاري، ڪردار نگاري ۽ ٻوليءَ کي پروڙي سگهن.
[b]ترجمو ٿيل ناول
[/b][b]راسيلاس[/b] (ڊاڪٽر جانس- مترجم: ديوان نولراءِ ۽ اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي)
”ڏاهي ماڻهوءَ جي هاڻوڪي حالت اهائي آهي. جو سک الله تعاليٰ پنهنجي مهربانيءَ ساڻ اسان کي ڏاڍو ويجهو ڪري ڏنو آهي، تنهن جي پٺيان وڃي ڏورڻ، اهڙي ڪا ٻي بيوقوفيءَ جهڙي ڳالهه ڪانه آهي. سک ملڻ جو رستو هيءُ آهي ته خدائي قانون وانگر رهجي جهان جي ابتڙ هلڻ سک کان رهت ٿيڻ آهي. راسيلاس ڏٺو ته سک جي واٽ جي نڪا پڙهيل کي سڌ، نڪو اڻ پڙهيل کي سماءُ.“ (13)
”عقل سج جهڙو آهي، ڇاکون ته سج جو سوجهرو سدائين رهي ٿو ۽ هڪجهڙو آهي، مٽجي ڪين ٿو. خيال ۽ وهم ڪرندڙ تاري جيئن آهي پر هلي ٿورو ۽ ڪُريتو“. (14)
[b]گُلن جي ٽوڪري [/b](مترجم: شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ)
”بابا مون کي پنهنجي ڪابه ڳڻتي ڪانهي، جيڪا اٿم سا اوهان جي اڇن وارن جي. خدا ڪري ته شل آءٌ اوهان جي اهڙي موت ڏسڻ جو وڌيڪ ڏک نه ڏسان“. (15)
[b]ٽئلسمين عرف غازي صلاح الدين[/b] (مترجم: هيرانند شوقيرام ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي)
”سر ڪينٿ، ڪتي جي حالت ڏسي پنهنجي حالت تي ويچار ڪرڻ لڳو. چي هيءُ منهنجو سچو سنگتي اهڙي وقت مون کان موڪلائي پرلوڪ ٿو پڌارجي، جنهن وقت ٻين سڀني جي ڦٽڪار ۽ لعنت مون تي پئي پوندي. انهن ڳالهين هن مڙس جي اندر کي اهڙي ته جهوري لاٿي، جو رئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو. ڏک وچان سڏڪا ڀري ايترو زاروزار رنائين، جو ڪنهن کي به جيڪر مٿس رحم اچي وڃي“. (16)
[b]سون ورنيون دليون[/b] (آءِ ايڊهر- مترجم: لالچند امرڏنومل)
”آلڊ ينهوفر کي اهو ئي وسواس، ته هيءَ ٻال-هچا ڪهڙي پاپي جيوَ کان ٿي هوندي؟ ويچار آيس ته متان ڪنهن ٻئي جيوَ جو ڪيتو، هيءُ اُبهم ته ڪونه ٿو لوڙي؟ هن گهڻو ئي سمجهايس ته ههڙي نازڪ وقت تون اهي ڳهيلائيءَ جون ڳالهيون نه ڪر، پر هوءَ ڪام-وس ڪامڻ هوڏ ڇو ٿي ڇڏي؟“ (17)
[b]بغاوت[/b] (خليل جبران- مترجم: يوسف سنڌي)
”دنيا ۾ شروع کان وٺي اڄ سوڌي اهو دستور هلندو پيو اچي ته موروثي شرافت سان چهٽيل خاندان قوم جي خلاف پادرين ۽ مذهبي پيشوائن سان ڳٺ جوڙ ڪري، هڪٻئي جي مدد ۽ حمايت ڪندا رهيا آهن. لبنان جا رهواسي سدائين خاموش رهيا آهن، ڇو ته جنهن دل جي مٿان مٽيءَ جا تهه ڄميل هوندا آهن، سا ٽٽي نٿي سگهي. حاڪم قانون جي تعميل ڏانهن سڏي ٿو ۽ پادري مذهب جي پيرويءَ ڏانهن سڏي ٿو ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ جسم فنا ٿي وڃي ٿو“. (18)
”ڪو به شخص تيستائين راهب نٿو ٿي سگهي، جيستائين هو پاڻ ۾ انڌي ۽ ٻوڙي جا گُڻ پيدا نٿو ڪري سگهي. آئون ديول مان ان ڪري نڪتو آهيان ته جيئن انڌو، ٻوڙو ۽ بي زبان نه ٿيان، پر ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ وارو انسان ٿيان“.(19)
[b]سڌارت [/b](هرمن هريس- مترجم: فضل احمد بچاڻي)
”سڌارت، تون لائق ۽ تيز فهم شاگرد آهين، اهو سبق به سکي ڇڏ پيار خريد ڪري سگهجي ٿو، خيرات وٺي سگهجي ٿي، حاضر ڪري سگهجي ٿو، پر چورائي نٿو سگهي“.
”راءِ جي ڪا اهميت ڪانهي. رايو عمدو هجي يا خراب، عاقلاڻو هجي يا احمقاڻو، قبول به ٿي سگهي ٿو ۽ رد به ٿي سگهي ٿو. آءٌ جا تعليم ڏيان ٿو، سا منهنجي لاءِ نه آهي، منهنجي تعليم جو مقصد آهي مڪتي ۽ نرواڻ، دکن دردن کان نجات“. (20)
”گووند دوست! دنيا ناقص ۽ نامڪمل نه آهي، جا اسين ڀايون ٿا، بلڪه دنيا هر گهڙيءَ هر وقت مڪمل ۽ ڪامل آهي. هر هڪ ٻار جي اندر ۾ هڪ پوڙهو موجود آهي، هر کير پياڪ ٻار جي اندر ۾ فنا لڪل آهي، موت ۾ ابدي زندگي آهي. هر هڪ شيءِ خير آهي ڪامل آهي پاڪ آهي“. (21)
(ناول فلسفيانه ويچارن ۽ حياتيءَ جي ڳوڙهن مسئلن جي اپٽار ڪندڙ آهي. فقير صفت صوفي طبيعت رکندڙ برهمڻ زادي سڌارت جي باري ۾ جرمن ليکڪ جوهيءُ ناول پوريءَ دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ کپيو آهي. شيخ اياز کي هيءُ ڪتاب تمام گهڻو پسند آيو، جنهن جو اظهار جمال ابڙو سان ڪيائون ۽ جمال صاحب جي آتم ڪٿا ۾ اهو احوال ڏنل آهي)
[b]سيتا هرڻ[/b] (قرة العين حيدر- مترجم: ولي رام ولڀ)
”مذهب سچ پچ اسان لاءِ اوائلي سوين سالن تائين زبردست آفيم جو ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ گولي بارود جو“.
”نه عامل کتري ٿيندا آهن، پر هن لڏپلاڻ جي ڪري سڀ طبقا هيٺ مٿي ٿي ويا. عاملن ۽ برهمڻن کي به اُتي فٽ پاٿ تي دوڪان کولڻا پيا. پراڻيون ريتون رسمون، پير فقير، درگاهون، مندر، سڀ هتي رهجي ويا. هتي جو اصل مذهب صوفي ازم هو. انهيءَ صوفي ازم جي اثر ڪري اسان ڪٽر قسم جا مذهب پرست ڪڏهن به نه رهيا آهيون“. (22)
[b]طبعزاد ناول
[/b]
[b]زينت [/b](مرزا قليچ بيگ)
(هن اصلاحي ۽ سماجي ناول ۾ سنڌي قوم جي سڌاري ۽ علم حاصل ڪرڻ بابت ويچار ڏنل آهن ته مرزا صاحب جي ذاتي زندگيءَ ۽ طبع جو عڪس پڻ آهي.)
”غير قومن جون مناسب ڳالهيون هٿ ڪجن، پر انهن جي نامناسب ڳالهين تي هلڻ ضروري ڪونهي. پڙدي جي نسبت ۾ منهنجو مختصر مطلب هي آهي ته زالن کي اصل ديوارن جي اندر بند رکڻ ۽ بلڪل نڪرڻ کان روڪڻ اجايو آهي. جڏهن نڪرن، تڏهن مناسب پردو هجين. ايئن ڪرڻ ڪري ديني حڪم به بجا آڻي سگهجن ٿا ۽ هن جهان جي توڙي خدا تعاليٰ جي به زياده خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪري سمجهه وڌي ٿي، سک وڌي ٿو ۽ قدرت جي اوير سوير اتفاق مهل مشڪلات ۾ ڦاسڻ کان به ڇٽجي ٿو“. (23)
”جتي بهترين ڪتابن (Best Books) جي ڳالهه نڪري ٿي، اُتي ’زينت‘ جو نالو اول اچي ٿو“. (24)
[b]نورجهان [/b](ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي)
(تاريخي ڪتابن جي مدد سان گربخشاڻي صاحب مغل بادشاهه جهانگير ۽ نورجهان جي سچي واقعي کي ناول جي صورت ۾ آندو آهي.)
جهانگير: پيارا دوست! مهرالنساء کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي. علي قلي بيگ جي مرڻ بنان کيس حاصل ڪرڻ محال آهي. ملڪ هجي يا تخت، مهرالنساء جي نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪبو تخت طائوسيءَ کي؟ ڇا ڪبو سلطاني سيج کي؟ محبوب بنا اهي مڙيئي عين عذاب آهن. آئون پيو پچان ۽ پڄران، لڇان ۽ لوچان ته ڪيڏانهن منهنجو پرين اچي دل اندر ديرو ڪري“. (25)
[b]سانگهڙ [/b](محمد عثمان ڏيپلائي)
(تاريخي، قومي ۽ سياسي ناول سانگهڙ ۾ پير صاحب پاڳارو ۽ سندن حرن ۽ انگريزن جا سچا واقعا ناول جي صورت ۾ ڏنل آهن.)
”پير پاڳاري صاحب ڪانگريسي ليڊر کي چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب! وطن جي آزاديءَ جي اهم مقصد تي اسين متفق آهيون، البت اسان جون راهون جدا جدا آهن. اوهان ڪانگريسين جي اها پاليسي بلڪل خراب آهي، جو پاڻ کان سواءِ ٻئي کي اصل برداشت نٿا ڪريو. اها جمهوري سياست نه آهي، بلڪه ڊڪٽيٽرشپ آهي. انهيءَ ڊڪٽيٽرشپ ئي دنيا جو امن خطري ۾ وڌو آهي. ”جيئو جيئڻ ڏيو“ اهو ئي جمهوريت جو بنياد آهي.“ (26)
[b]ميرو ڌاڙيل[/b] (طارق اشرف)
(ميرمحمد خان مان ميرو ڌاڙيل ٿيل سترنهن سالن جو قيد ڪاٽيندڙ جي سچي ڪٿا ناول جي روپ ۾ طارق اشرف ٽيپ ڪري، پوءِ ڪتابي صورت ۾ آندي آهي.)
”ايس پي ماکي چيو؛ ”ميرا توتي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، تون لاڪپ مان ههڙيءَ ريت ڀڄي وئين، جو لاڙڪاڻي پوليس جو نڪ ڪپجي ويو. انهيءَ لاڪپ کي ٽي چوڪيون آهن ۽ لاڪپ شهر ۾ آ، ايڏي پوليس هوندي تون وچ شهر مان ڀڳو آن. اسان کي تنهنجي مٿان الزام ٺاهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. تون سج لهڻ کان اڳ ڀڳو هئين. رپورٽ رات جو ٻين وڳي ٺاهي ويئي آ. توتي ڪيس ئي نه پئي ٺهيو، ڇاڪاڻ ته تون بند لاڪپ کولائي ڀڳو آن، پر مڃان ٿو تون جوان آن، ماکي تنهنجو قدر آ“. (27)
”قادربخش سڪندر علي ڀٽو کي اهو به چيو ته، ميري اهو چيو آ ته ذوالفقار علي ڀٽو (خارجا) وزير آ، ته مان به بادشاهه آهيان. وڃي پنهنجي بابن کي سلام ڏي. جيڪڏهن سڀاڻي تون هتي رهندين ته مان فقط هڪڙو ڪارتوس خرچ ڪندم، تنهنجو لاش رت ۾ ڳاڙهو پيو هوندو.“ قادربخش ۽ بهادر منهنجا دشمن هئا. مان تي ڪوڙا الزام هڻي ماکي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي نگاهن ۾ ڪيرايائون. ناحق جيل ۾ اُماڻيائون. مان کانُ بدلو ورتو سڪندر علي ڀٽي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو، مان جي دل جو مطلب پورو ٿيو.“ (27)
[b]وشواس[/b] (موهن ڪلپنا)
(شيلا، شيکر ۽ شاردا جي چوگرد گهمندڙ هن رومانوي ۽ اصلاحي ناول ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ يقين/ وشواس جي قوت جي اهميت ظاهر ڪئي ويئي آهي.)
”شاردا منهنجي جيون ۾ آئي، ليڪن شاردا اڳيان وشواس جي ڪا معنيٰ ئي نه هئي. هن ڄڻ ايئن ٿي سمجهيو ته وشواس نالي جي چيز صرف ڪتابن ۾ ئي لکڻ جي آهي، تڏهن مون هن کي اڃا اهو نه ٻڌايو هو ته منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪوئي آيو هئو، جنهن منهنجي سموري جيون ۾، وشواس جي ديپڪ سان، هڪ انوکو پرڪاش ڦهلايو هئو“. (28)
[b]مرڻ مون سين آ [/b](سراج الحق ميمڻ)
(سنڌيت ۽ قوميت جي جذبي تي ٻَڌل هن ناول ۾ سنڌ جي ارغون ۽ ترخان دور جي پس منظر ۾ سنڌي قوم لاءِ بهادري ۽ همت جو پيغام آهي.)
”ساموئي جا پَٽَ سنڌ جي تاريخ جيان هر سنڌيءَ لاءِ هڪ عجيب ڇڪ ۽ ڪشش جو ڪارڻ رهيا آهن. اهي ئي پٽ هئا، جتي سنڌين، عربن، تغلقن، غزنوين، غورين ۽ پوءِ ترڪن سان وڏا مامرا ۽ مقابلا ڪيا هئا. هت ڪوپن ۽ ڪونڌرن ثابت ڪيو هو ته جيڪڏهن سنڌي پنهنجيءَ تي اچن، پنهنجا ويڇا وساري، فقط سنڌ جي ازلي، ابدي رشتي ناتي ۾، ٻه ته ٻارنهن بڻجي وڙهن ته ڪوبه ڌاريون هنن جي اڳيان بيهڻ ۽ مقابلي ڪرڻ جو سَتُ ڪونه ساريندو.“
”سانوڻ بُت بڻجي سنڌ جي هنن نياڻين ڏانهن نهاريندو رهيو، سندس اکين جي لڙڪن ۾. هنن جون صورتون ستارا بڻجي چمڪنديون رهيون. پيرسن کنگهار ڪري چيو، ”ابا اسين سنڌي ڏاڍا ويساهه وسوڙا آهيون، پر تو اسان کي ويساهه موٽائي ڏنو آهي. هنن ست سهاڳڻين جو تو ۾ ويساهه، سمجهه ته سموري سنڌ جي سهاڳڻين جو ويساهه آهي. سو جيئن رام سيتا موٽائي امر ٿي ويو، تيئن تون به سنڌ موٽائي امر ٿي ويندين. وڃ! سموري سنڌ جون دعائون ۽ پرارٿنائون توسان ساڻ آهن“. (29)
[b]اونداهي ڌرتي روشن هٿ[/b] (آغا سليم)
(سنڌ جي صدين جي مختلف دورن جي تهذيب ۽ ثقافت جي تاريخ ناول جي نموني ۾)
”ڏات رت پيئندي آهي، ننڊون ۽ سپنا ڏات کي ڏان ڏيڻا پوندا آهن، تڏهن جيءَ ۾ جوت جلندي آهي“.
”بو علي سنڌي سکيو ۽ سارنگ کان سرندو به سکيائين. پهرين اوندهه ۾ ٿي هٿوراڙيون ڏنائين، پر پوءِ آڱرين ۾ روشني اچي ويس ۽ ان روشنيءَ ۾ هن ۾ سرن کي سڃاڻڻ جي ساڃهه اچي ويئي.“
”اسٽئڪ سارو ڏينهن پيو اکر گڏ ڪندو هو. هن اکر جي معنيٰ ڇا ٿيندي، هن کي سنڌيءَ ۾ ڇا چوندا آهن. برٽن هنن کي پنهنجا شعر به ٻڌائيندو هو. برٽن جا شعر ٻڌي سارنگ سوچيندو هو ته انگريزي ٻولي ڪهڙي نه شاهوڪار آهي. ڪيڏا شاعر، ڪيڏا فيلسوف ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي صورتخطي به ڪانه هئي. سنڌين پنهنجي مادري ٻولي ڇڏي، ڌارين ٻولين ۾ ڪتاب لکيا هئا“.
”هو هر روز رات جو فلپ سان ملڻ ويندو هو. ڪمشنر فلپ ۽ هو ٻئي گڏجي ڪتاب لکندا هئا. فلپ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ پئي چاهيا. هو ڪيڏو نه خوش هو. ڄڻ سنڌيءَ جي صورتخطي نه ٺهي هئي، پر هن جي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي صورتخطي ٺهي هئي. سڀئي انگريز نيپئر نه آهن، جنهن سنڌ کي رت سان وهنجاريو هو، پر انگريزن ۾ فلپ به آهي، جنهن مياڻيءَ ۽ دٻي جي ميدانن ۾ وهايل سنڌين جي رت جا داغ ڌوئڻ ٿي چاهيا. سنڌ کي ڪجهه ڏيڻ ٿي چاهيائين“. (30)
مٿي ڏنل حوالن مان قارئين کي ناولن جي موضوعن ۽ مواد سان ته شناسائي ٿي هوندي، پر گڏ کين ناول نگارن ۽ مترجمن جي فن جون صلاحيتون پڻ ڏسڻ ۾ اينديون. سنڌي ناول ۾ سنڌي سماج جي انيڪ رخن جي عڪاسيءَ سان گڏ ٻوليءَ جي حوالي سان سهڻن لفظن ۽ جملن جو تناسب به شامل آهي. ڊاڪٽر نورافروز چواڻيءَ ته ”سنڌي ناولن ۾ مڪالما يا گفتگو پُرمعنيٰ وزندار ۽ موقعي جي مناسبت سان مختلف ڪردارن جي واتان چورايا ويا آهن“. (31)
[b]حوالا[/b]
(1) ”اردو انسائيڪلوپيڊيا“، فيروز سنز لاهور، تيسرا ايڊيشن 1984ع، ص985.
(2) Encylopaedia of Americana, Amrican corporation, NewYork, 1955.
(3) The concise Oxford Dictionary of English Literature” Great Britain Oxford University Press p.377
(4) پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1982ع، ص-26.
(5) ايضًا ص- 25.
(6) Hancy Hale “The Realities of fiction” London Macmillan co. ltd 1963, p.67
(7) اردو انسائيڪلوپيڊيا“، فيروز سنز لاهور، 1984ع، ص985.
(8) ايضًا ص- 985
(9) ملڪاڻي منگهارام: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص-69.
(10) ايضًا 70-71.
(11) پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر: ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، 1982ع، ص-193.
(12) ميمڻ پروين موسيٰ: ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص-165.
(13) ديوان نولراءِ ۽ اڌارام ٿانورداس: ”راسيلاس“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص-108.
(14) ايضًا ص- 89
(15) بيگ مرزا قليچ: ”گلن جي ٽوڪري“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع، ص-55.
(16) هيرانند شوقيرام ۽ ڀيرومل مهرچند: ”ٽئلسمين عرف غازي صلاح الدين“، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-69.
(17) جڳتياڻي لالچند امرڏنو: ”سون ورنيون دليون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1972ع، ص-222.
(18) سنڌي يوسف: ”بغاوت“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1990ع، ص-52.
(19) ايضًا ص- 27.
(20) بچاڻي فضل احمد: ”سڌارت“، نيوفيلڊس پبليڪيشن 1991ع، ص- 46-30.
(21) ايضًا ص- 113.
(22) ”وليرام ولڀ: ”سيتا هرڻ“، روشني پبليڪيشن 1997ع، ص- 61-65.
(23) بيگ مرزا قليچ: ”زينت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1995ع، ص- 78-79.
(24) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2006ع، ص- 24.
(25) گربخشاڻي ڊاڪٽر: ”نورجهان“، ورسٽي پبليڪيشن، سنڌي شعبو، 1971ع، ص- 173.
(26) ڏيپلائي محمد عثمان: ”سانگهڙ“ ، نيو فيلڊس پبليڪيشن 1998ع، ص- 102.
(27) طارق اشرف: ”ميرو ڌاڙيل“، سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد، 1980ع، ص-162- 140- 141.
(28) موهن ڪلپنا: ”وشواس“ سنڌي ساهت گهر“، 1978ع، ص- 77.
(29) ميمڻ سراج الحق: ”مرڻ مون سين آ“، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1988ع،
ص- 228-197.
(30) آغا سليم: ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1978ع،
ص- 13-47-134.
(31) خواجه نورافروز ڊاڪٽر: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، گلشن پبليڪيشن 1999ع، ص- 234.