سو وَڙُ سي ئي ڪَن
حقيقت ۾ هن حياتيءَ جو مُلهه ورهين جي ڳڻپ سان لڳائي نٿو سگهجي، بلڪه اهو ڳڻي سگهجي ٿو ته انهيءَ اخلاق ۾، انهيءَ ڏيڻ جي جذبي ۾ ۽ انهن چڱن ڪمن ۽ اونچن آدرشن جي پورائيءَ ۾ جيڪي اسين پنهنجي پونئيرن کي ڏيئي وڃون ٿا.
اهڙن اعليٰ، سداحيات ۽ جاري رهندڙ صدقي جهڙن ڪمن ۾ اهم ترين تحفو لاڀائتا ڪتاب آهن. ڪارائتا ۽ ڪمائتا ڪتاب اهي پستڪ آهن، جن جي روشني ۽ خوشبو ڪڏهن به جَهڪي ٿيڻي نه آهي. اسان جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون تصنيفون هن ڌرتيءَ جي هر دور جي نسل لاءِ وڏو وڙ آهن.
چڱا ڪن چَڱايون، مَٺايون مَٺن،
جو وَڙُ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪَن.
سنڌي علم ۽ ادب جن ڪي شخصيتون اهڙيون رهيون آهن، جن پنهنجي سڄي حياتي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي بي پناهه خدمت ۾ صَرف ڪئي آهي. پنهنجي پياري ۽ سٻاجهي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن، جن مان عالم، اڪابر ۽ علم جا پانڌيئڙا ته مستفيض ٿيا آهن، پر عام عوام الناس کي پڻ پنهنجي مطلب جا موتي مليا آهن. اهڙن املهه ماڻڪن ۾ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا (جن جو تفصلي احوال مون پنهنجي ڪتاب ”مُلهه مهانگا سپرين“ ۾ ڏنو آهي) هتي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي تصنيفات جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. (انشاءَ الله هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ چند ٻين شخصيتن کي شامل ڪيو ويندو)