لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ خدمتون

سنڌ ڌرتيءَ لاءِ باعث فخر شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ضلعو سانگهڙ، تعلقو سنجهورو جي ڳوٺ جعفر لغاريءَ ۾ 1917ع ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي علم ادب، تهذيب ۽ ثقافت، آثارِ قديمه، سنڌي موسيقي، تاريخ، لطيفيات، لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جهڙن موضوعن کي قلم جي گرفت ۾ تحقيق جي پئماني سان پروڙي پيش ڪندڙ هڪ اڻ ورچ محنتي محقق آهن. ڊاڪٽر صاحب جون علمي ۽ ادبي خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن. ورهاڱي کان پوءِ جي تحقيقي ۽ علمي ميدان جو سرواڻ کين سڏجي ته بي جا نه ٿيندو. سندن تحقيقي ڪم بي حساب آهي. هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو، خاص طور لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪم تي روشني وجهجي ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جي تصنيفات ۾ لغت جي ڪمن ۾ ”جامع سنڌي لغات“، ”سنڌي اردو لغت“، (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سان گڏ) ”فارسي لغت“ اهم آهن. آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي لکيل ”جواهر لغات اڪيچار“ کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. لطيفيات ۾ ”شاهه جي رسالي جا سرچشما“، ”شاهه جي رسالي جي ترتيب“، ”شاهه عبداللطيف تحقيقي مضمون“، ”سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“ ۽ ”شاهه جو رسالو“ (ترتيب 10 جلد) آهن. ڊاڪٽر صاحب جو ترتيب ڏنل ”شاهه جورسالو سندن اڻ ٿڪ محنت جو نشان آهي. هن رسالي جي تياريءَ ۾ کين وڏو عرصو لڳو. 6020 صفحن تي مشتمل هيءُ منفرد لطيفي ايڊيشن 50 قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڌارئين ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. جدا ڪيل اهم ڪلاسيڪل شاعريءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ الڳ جلد ۾ محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ مشڪل لطيفي لفظن جي لغات ”روشني“ جي نالي سان ترتيب ڏني ويئي آهي. هن رسالي ۾ شاهه جي سوانح ڪلام ۽ راڳ جي باري ۾ مفصل مقدمو آهي ۽ شاهه جي ڪلام جي پرک لاءِ اٺ معياري اصول پڻ ڄاڻايل آهن، جن تحت دليلن سان ڌاريو ڪلام جدا ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ لطيفيات جا ڪتاب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيا آهن، جن ۾ لطيف سالگرهه مخزن جا ڪافي نمبر آهن. ازانسواءِ ”لطائفِ لطيفي“ (مير سانگي) ۽ ”احوال شاهه عبداللطيف“ (قليچ) جي ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ ترتيب ڪئي اٿن.
گهڻن ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپرايو اٿن، جن ۾ ”ڪليات حمل“،”خليفي صاحب جو رسالو“، ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“، ”قاضي قادن جو رسالو“، ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“، ”راڳ نامو صوفي صادق فقير“، ”ڪليات سانگي“، ”رسالو خان محمد زئي“ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام شامل آهي. انهن ڪتابن جا بلوچ صاحب جا لکيل مهاڳ ۽ مقدما معلوماتي آهن. ايئن پاڻ ڪيترائي مقدما مختلف علمي، ادبي، تاريخي ۽ ٻين موضوعن جي ڪتابن جا لکيا اٿن، جيڪي ڪتاب بابت مفصل ۽ جامع ڄاڻ ڏين ٿا.
تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان سندن ڪم تمام اهم آهي. ”فتح نامه سنڌ“ (چچ نامو)، ”تاريخ معصومي“، ”تحفة الڪرام“ جهڙن ناياب ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. سندن ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ مشهور ۽ مستند حواله جاتي ڪتاب آهي. ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“، ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ ٻوليءَ جي باري ۾ لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپيل سندن اهم ڪتاب آهن. انيڪ مضمون، مقالا ۽ تقريرون مختلف موضوعن تي پيش ڪيا اٿن، جن مان ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب جا اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب گهڻن تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، جن جو تعداد ڪافي آهي. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، مقدما لکي شايع ڪرايو اٿن.
ڊاڪٽر صاحب کي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ ”ستاره قائداعظم“، ”پرائيڊ آف پرفارمينس 1979ع، اعزازِ ڪمال 1991ع، ستاره امتياز 2001ع صدارتي ايوارڊ شامل آهن.
بلوچ صاحب جي باري ۾ ذاتي احوال سندن ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ (ٽي ڀاڱا) مان ملي ٿو، جنهن ۾ لوڪ ادب ۽ تحقيقي ڪمن لاءِ ڪيل مسافريون، محنتون، ماڻهن سان ملاقاتون ذڪر ڪيل آهن ته مختلف موضوعن تي سندن ويچار ڊائريءَ جي صورت ۾ آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ”ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو“ ۽ تاج جويو جو ”ڊاڪٽربلوچ هڪ مثالي عالم“ (جنهن ۾ ڪيترن ئي اهلِ قلم جا ڊاڪٽر نبي بخش جي باري ۾ لکيل ليک آهن) اهم ڪتاب آهن.
مٿي ته هو ڊاڪٽر نبي بخش جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو تعارف، پر هڪ اهڙو تحقيقي ڪم آهي، جو جيڪڏهن عمل ۾ نه اچي ها ته يقينًا سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿئي ها، اهو آهي لوڪ ادب کي سهيڙڻ، هيءُ صدري خزانو هوند ضايع ٿي وڃي ها، جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي رٿا مطابق ڊاڪٽر صاحب جن سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب جي علم کي ڪاغذ جي ڪينواس تي منتقل نه ڪرائين ها.
لوڪ ادب ڪنهن به ملڪ جي ادب جي سڃاڻپ ۽ ان جو اصل ۽ نسل آهي. هيءُ ادب عوام جي اُڌمن، امنگن ۽ جذبن جي ترجماني سندن زباني آهي، جنهن جي بقا فقط ۽ فقط حافظي جي قوت تي هئي. جيڪڏهن ان کي تحريري طور محفوظ نه ڪيو وڃي ها ته ڪيترن بزرگن، سگهڙن، سياڻن، شاعرن ۽ سڄاڻن جي هن دنيا مان موڪلائڻ سبب اهو علم ضايع ٿيندو وڃي ها. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جَرَ جهنگ جهاڳي، ڪشالا ڪاٽي، ڪيئن سلسليوار مسافريون ڪري، هيءُ انمول خزانو تحريري طور سنڌي ادب ۾ محفوظ ڪيو آهي.
”لوڪ ادب کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون نثري حصو ۽ ٻيو نظمي حصو. نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري“. (1)
ڊاڪٽر نبي بخش صاحب مٿين ٻنهي صنفن ۾ ڪل ٽيتاليهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب رٿا 1956ع تحت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مواد سهيڙي، سالن جي اڻ ٿڪ محنت سان تيار ڪيا، جن ۾ لاڳاپيل موضوعن تي تفصيلي مقدما پڻ ڏنل آهن.
لوڪ ڪهاڻين جي ستن جلدن ۾ ڪافي ڪهاڻيون آيل آهن. هر جلد کي ان جي مناسبت سان عنوان ڏنل آهي. بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڪهاڻيون، جنن پرين جون ڪهاڻيون، پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون، درويشن ۽ فقيرن جون ڪهاڻيون، شهزادن ۽ شهزادين، راڻين جون ڪهاڻيون، مطلب ته سنڌ ۾ مروج ڪيترين ئي آکاڻين/ ڪهاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري آندو ويو آهي. ٻين ڪتابن ۾ ”لوڪ گيت“، ”ڪافيون“، (3 جلد) ”پروليون“، ”ڏٺ ۽ معما“، ”مداحون ۽ مناجات“، ”مناظرا“، ”بيت“، ”ڏور“ ”ٽيهه اکريون“، ”ڳيچ“، ”ڳاهن سان ڳالهيون“، ”هنر“، ”ڳجهارت“، ”معجزا“، ”سينگار“، ”مولود“، هفتا ڏينهن ۽ راتيون ۽ مهينا“، ”ڏهس“، ”جنگ ناما“، ”لاکو ڦلاڻي“، هرگنيو“ ۽ ٻيا آهن. ”ٻيلاين جا ٻول“ ٻيلي جي شاعرن جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪتاب پاڻ انهيءَ لوڪ ادب رٿا کان اڳ لکيو هئائون. هيٺ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪرايل لوڪ ادب جي چند ڪتابن جو مختصر احوال ڏجي ٿو.
مداحون ۽ مناجات سنڌي ادبي بورڊ 499 صفحن جي هن ڪتاب جي اشاعت نومبر 1959ع ۾ ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي اهم شاعرن جو مدحي ڪلام ۽ مناجاتون شامل آهن. خدا پاڪ جي واکاڻ ۽ مٺي محمد مصطفيٰﷺ جي مدح ۽ مناجات سان گڏ چئن خليفن، پير بادشاهه غوثِ اعظم، شاهه محمد مڪي رح، غوث بهاءُ الدين ۽ ٻين اوليائن جي شان ۾ عقيدت سان ڪلام چيل آهي. شاعرن ۾ جمن چارڻ، ميان سرفراز، ثابت علي شاهه، فتح فقير، مخدوم عبدالله، شيخ محمد حسن، حسين فقير ديدڙ، حمل فقير لغاري، اميد علي شاهه، محمد صديق مسافر، ميون عيسيٰ، اسدالله شاهه فدا ۽ ٻين جو مدحيه ڪلام ڏنل آهي. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي چيل مدح سندس ڪتاب ابيات سنڌي مان ورتل آهي.
مناجات: پاڪ ڌڻي پروردگار،مالڪ ملڪن جو مختار،
در قدرت جو ڪلتار، جوڙون جوڙي رب جبار،
محمد گهوٽ ڪيو مهندار، ساري عالم جو آڌار. (2)
مولود: لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ چوٿون نمبر ڪتاب چار سؤ ويهن صفحن تي مشتمل 1961ع ۾ شايع ٿيو. لفظ ”مولود“ جي تفصيلي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته، ”صنف شعر جي حيثيت ۾ مولود ”وائي“ يا ”ڪافي“، واري دفعي ۾ شامل آهي. قالب ۽ هيئت کان منجهن فرق ڪونهي، پر معنيٰ توڙي موسيقيءَ جي لحاظ کان مولود وائيءَ کان نرالي حيثيت رکي ٿو“. (3)
سندن موجب مخدوم عبدالرؤف ڀٽي پهريون آڳاٽو سنڌي شاعر آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻا مولود چيا آهن، جيڪي اڄ به عام رائج ۽ مشهور آهن ۽ مخدوم صاحب کان سواءِ ڪتاب ۾ جن شاعرن جا مولود آهن، انهن ۾ مخدوم محمد اسماعيل، ميان سرفراز، پير محمد راشد ”روضي ڌڻي، سچل سائين، فتح فقير، حسين فقير ديدڙ، جانڻ سونارو، غلام محمد گدا، مخدوم الله بخش، احسان فقير، نواب علي احمد لغاري ۽ ٻيا آهن سڀني شاعرن جو تعارف پڻ ڏنل آهي.
ٽيهه اکريون: ٽيهه اکريون ٻن جلدن تي مشتمل لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ڇهون نمبر ڪتاب آهي. ٻيو جلد چار سؤ ستهٺ صفحن تي آڌاريل 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ٽيهه اکريءَ جي صنف جا 62 شاعر ڪلام جي مثالن سان ذڪر ڪيل آهن. موضوع تي مفصل مقدمو لوڪ ادب جي سڀني ڪتابن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏنو آهي جو ڪتاب جي پويان انگريزيءَ ۾ پڻ ڏنل آهي. ڪجهه سرائڪي ٽيهه اکرين جو ڪلام پڻ شامل آهي. ٽيهه اکريءَ جوموضوع مناجات، نصيحت، سلوڪ ۽ مدح نموني جو هوندو آهي. پيش ڪيل مواد جي وضاحت ۾ ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته ”نظم جي اندروني فني نزاڪت، ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ فصاحت توڙي معنيٰ ۽ بلاغت جي خيال کان گهڻيون ٽيهه اکريون معياري آهن“. (4)
شاعرن ۾ حافظ سليمان ”سائل“، رکيل شاهه، علي محمد قادري، محمد عثمان ميمڻ، نوح پنهور، ڄام خان چانڊيو، طالب پلي، عثمان کٽي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، احمد خان ”آصف“، سرائيڪي شاعرن ۾ روحل فقير، حسين فقير ديدڙ، حمل لغاري، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين جو ڪلام آهي.
هفتا، ڏينهن راتيون ۽ مهينا: جولاءِ 1961ع ۾ شايع ٿيل چار سؤ ويهن صفحن جو هيءُ لوڪ ادب جي سلسلي جو ڪتاب اشاعتي ترتيب ۾ ستون نمبر آهي. نئين قسم جي عنوان واري هن ڪتاب ۾ شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ڪلاسيڪل داستانن ذريعي فراق ۽ سڪ جو وڇوڙو ڏينهن، راتين، هفتن، مهينن، مُندن ۽ سالن جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ منتخب ڪلام کي الڳ ترتيب سان جمع ڪري، مٿيون عنوان ڏيئي شايع ڪيوويو آهي.
حاصل مطلب ته هن فراق، وڇوڙي ۽ يادگيريءَ جي ڪلام ۾ گذرندڙ لمحن ۽ وقت کي ياد ڪيو ويو آهي. شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حمل فقير لغاري، حسين بخش خادم، هدايت علي ”تارڪ“، صوفي آسورام، بخش علي جتوئي ۽ ٻين جو ڪلام شامل آهي.
مناظرا: مناظرو لوڪ شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ انيڪ مناظرا موجود آهن. هيءُ ضخيم ڪتاب 714 صفحن تي آڌاريل آهي، جو اپريل 1961ع ۾ شايع ٿيو. شاعرن ۾ شاهه محمد ديدڙ، شيخ ابراهيم، طالب پلي، گل محمد کوسو، قاضي الهورايو، خير شاهه، دائم لغاري، غلام رسول رند، شيرمحمد لغاري ۽ ٻين ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن جا مناظرا شامل آهن. مناظرو هڪ قسم جو ”منظوم سانگ“ يا ڊرامو آهي، جنهن ۾ ٻن ڪردارن جي وچ ۾ بحث مباحثو ۽ دليل بازي هوندي آهي. مناظري ۾ طنزيه ۽ مزاحيه شاعري به هجي ٿي ته اديبانه ۽ فلسفيانه ڪمال پڻ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ ”دلي ۽ طالب“ شاهه محمد ديدڙ،”ٽوپي ۽ پڳ“ خير شاهه ”سَسُ ۽ ننهن“ مهروءَ جا مناظرا دلچسپ آهن. ڊاڪٽر صاحب هن صنف جي هيئت تي لکي ٿو ته:
”مناظرا عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آهن. اڪثر مناظرا ٻن ڌرين جي وچ ۾ زباني جهيڙا آهن. ڪي وري محبتن وارا آمهان سامهان سوال جواب آهن، جن ۾ جهيڙي جوذڪر ڪونهي. مناظري جي اندروني سٽاءَ ۾ ٻن منهن مقابل ڌرين جوهجڻ لازمي آهي“. (5)
مناظرا سهڻن لفطن، اصطلاحن، قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل هئڻ ڪري معياري سنڌي ادب جو اهڃاڻ آهن.
پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول: 1965ع ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ ٻارهون نمبر ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو تيرهن بابن ۽ ٻه سؤ ٻيانوي صفحن تي مبني آهي. هن ۾ پرولين جا قسم، ڏٺون، معما، سگهڙپائيءَ جا ٻول ۽ عاقلاڻا قول کولي سمجهايا ويا آهن. مٿين صنفن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي، جنهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ڪافي مشڪل امر هو، ته به جَس آهي سائين نبي بخش جي محنتن کي، جو پاڻ لوڪ ادب جي تقريبًا هر صنف تي مواد گڏ ڪيو اٿن. ڪتاب ۾ هن موضوع تي ڪافي مثالي مواد ڏنل آهي.
پروليءَ جي فن تي لکن ٿا ته: ”پروليون انسان ذات جي ذهانت ۽ ذڪاوت، ظرافت ۽ فقاهت جا آڳاٽا آثار ۽ نمايان نشان آهن“. (6) مثال طور:
سون پرکجي ڪسوٽي، رپو پرکجي باهه،
ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.
ڏور: جنوري 1970ع ۾ ڏور جي بيتن تي مشتمل 738 صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. ”ڏور“ جي جنس جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”ڏور جي عبارت تمثيل تي اڏيل آهي. ڏور جو مستقل قالب ”بيت“ آهي“. (7)
ڏور جي بيتن جا پنج قسم آهن:
(1) قدرت يعني اهڙا بيت جيڪي خدا پاڪ جي قدرتي معجزن بابت هجن، جيئن ڪنڀار جي آويءَ ۾ ٻليءَ جي ٻچن جو زنده سلامت نڪري اچڻ.
(2) سوا لک هن قسم ۾ حضرت آدم عليه السلام کان نبين، اوليائن، جيڪي سوا لک ٿي گذريا آهن، جي باري ۾ بيت هجن ٿا.
(3) پنجتن پاڪ. هن قسم ۾ رسول پاڪ ﷺجي پنجتن سلسلي بابت بيت شامل هجن ٿا.
(4) امامت بابت، اهڙو بيت، جيڪو امام حسن، امام حسين ۽ ٻين امامن بابت هجي.
(5) وليت بابت، رسول پاڪ ۽ سندن اصحابين کان سواءِ ٻين ولين ۽ درويشن جي ڪارنامن بابت بيت هجي.
هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب جن ڏور جي هيئت، معنيٰ، اصطلاح، شاهدي ڏيڻ، ڏور جي ڪچهريءَ جا قانون، موجوده دور ۾ ڏور جي ڪچهريءَ جي حيثيت ۽ مختلف سگهڙن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. ڪجهه سگهڙن جون تصويرون به ڏنل آهن. هيٺ ڏور جي شاعريءَ جو هڪ مثال ڏجي ٿو.
حضور اڪرم جن جي اشهد آڱرجي اشاري سان چند تابعدار ٿي ٻه اڌ ٿيو. سگهڙ ڏور جي بيت ذريعي اها تمثيل هن ريت بيان ڪئي آهي:
سهڻيون مڙيئي سهڻيون، پر سهڻيءَ مٿان ڇَٽ،
انهيءَ جاءِ جانڻ چئي، ڍوليءَ ڍاريو ڍٽ،
سارو ٿر ٿيلهي آئي، وينگس وجهي وٽ،
انهيءَ مومل ڇٽ، ٻي ڪامڻ ڪا ٿيندي ڪانه ڪا.
سهڻيون= آڱريون، ڍٽ = چنڊ، ٿر = آسمان، مومل= اشهد آڱر.
مراد: رسول ڪريم جن جي اشهد جي آڱر جي اشاري سان آسمان ۾ چنڊ ٻه اڌٿيو. اهي اڌ هڪ ٻئي کان پري ٿي بيٺا ۽ اها آڱر مبارڪ مرتبي ۾ ٻين آڱرين کان مٿي ٿي. (8)
لوڪ گيت: لوڪ سلسلي جو سترهون نمبر هيءُ ڪتاب آڪٽوبر 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي اسلاميه پرنٽنگ پريس مان شايع ڪرايو. 405 صفحن جي لوڪ گيتن جي هن ڪتاب ۾ 57 گيتن جي نمونن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ جمالو، مورو، ڇلو، لولي، همرچو، ڪرهو، لاڻو، ڪَجليو، گولاڙيو ۽ ٻيا گيت شامل آهن، جن جي موضوعن جي وضاحت ڊاڪٽر صاحب ڏني آهي ته اهو به ڄاڻايو اٿن ته اهي ڪهڙن علائقن سان منسوب آهن. لکن ٿا ته:
”ڪي گيت سنڌ جي قديم عشقيه داستانن کان متاثر ٿي ڳاتا ويا آهن، جيئن راڻو، مومل، ڪرهو وغيره جيڪي سومرن جي دور سان تعلق رکن ٿا.
مورو اصل ۾ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو لوڪ گيت آهي، پر ان جي مقبوليت جو دائرو ڪوهستاني علائقن کان ٻاهر، لس ٻيلي، قلات ۽ مڪران تائين آهي.
لولي، ڇلو وغيره سڪ ۽ محبت جا گيت آهن.
لوڪ گيت عوام جي اجتماعي زندگيءَ جا اهڃاڻ آهن، جيڪي خوشين ۽ محبتن جا امين ۽ ڪجهه اهم واقعن ۽ قصن کان متاثر ٿي جوڙيا ويا آهن.“ (9)
بيت: سنڌي شاعريءَ جي قديم ترين صنف بيت تي مشتمل522 صفحن جو هيءُ ڪتاب 1971ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي 156 شاعرن ۾ قاضي قاضن، ميون علي شيرازي، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، اشرف شاهه، ڇتو سانگي، رمضان ڪنڀر، صاحبڏنو شيخ، گل حسن لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب بيت جي قدامت، بنيادي سٽا ۽ ارتقا، هيئت، فني خوبيون، معنوي ارتقا ۽ مواد جي ترتيب سمجهائي آهي ۽ گڏ ڏيڍ سؤ شاعرن جي شاعريءَ جي مثالن کان علاوه انهن جي سوانح حيات تي روشني وڌي ويئي آهي، جنهن ۾ اساسي شاعريءَ سان گڏ نئين دور جي شاعرن جي شاعري به شامل آهي. سندن موجب ته،
”اوائلي سنڌي بيت ٻه تڪو هو، جو پنهنجي هيئت ۽ سٽاءَ توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ارتقائي دور طئي ڪري، موجوده اعليٰ سطح تي پهتو“. (10)
عارفن ۽ ولين هن صنف کي اهميت وٺرائي. عارفانه شاعريءَ جو ثبوت سمن جي دور کان ملي ٿو. سومرن جي دور جا بيت ڳاهون ٿي شمار ٿيا آهن. ڊاڪٽر صاحب موجب ته، ”بيت جي ڊيگهه ۾ اضافو ۽ فني لحاظ کان وڌيڪ خوبيون شاهه لطف الله قادريءَ جي رسالي ۾ ملن ٿيون. ان کان علاوه ميين شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به ڊگها بيت ملن ٿا. لس ٻيلي جي ٻن هم عصر شاعرن شيخ محمد ابراهيم ۽ ڪبير شاهه ڊگهن سنڌي بيتن کي اوج ۽ عروج تي پهچايو“. (ڊگهي سنڌي بيت جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب ”نڙ جا بيت“جي مقدمي ۾ وڌيڪ تفصيل سان ڪيو آهي.)
ڪافيون: ڪافي سنڌي شاعريءَ جي مقبول ترين صنف آهي. لوڪ ادب جي هن سلسلي ۾ ڪافين جا 3 جلد بالترتيب 1985ع، 1987ع ۽ 1990ع ۾ شايع ٿيا آهن، جيڪي ڪل 1532 صفحن تي آڌاريل آهن. ٽنهي جلدن ۾ دورن جي حساب سان ورهاست ڪري ڪافين جو مواد ڏنل آهي. پهرئين جلد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ميون شاهه عنايت، صاحبڏنو فاروقي، روحل فقير، سچل سرمست، صوفي ابراهيم شاهه، حمل فقير لغاري، سيد فاضل شاهه، ٻئي جلد ۾ خواجه غلام فريد، فيض درياهه شاهه، فقير کٽياڻ، مصري شاهه، سانگي، مير علي نواز علوي، سيد صالح شاهه ۽ ٽئين جلد ۾ سيد احمد شاهه خاڪي، لال فقير هيسباڻي، نبي بخش ڪولاچي، سيد ميران محمد شاهه، رشيد احمد لاشاري، اسدالله شاهه ”بيخود“، محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“ ۽ ٻين جو ڪلام ۽ سوانح شامل آهي. ميران محمد شاهه جي ڪلام مان هي آخري بند جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سار ”ميران شاهه“ جي مانَ لهن،
اوٺي اباڻا شالَ اچن،
بند لاهين بار، کِيان مان کاهڙ جون کاريون ڄاريون. (11)
لوڪ ڪهاڻيون (جلد 3): فيبروري 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ شهزادو گل منير، ڪوڙهيو بادشاهه، وفادار طوطو، عقلمند ڇوڪري، وزير زادو ۽ سوداگرياڻي، نموني جون ڪهاڻيون آهن، جن جو مرڪزي خيال همٿ، محنت، نصيحت تي مشتمل آهي، جنهن مان مرد ۽ عورت جي عقل، ڀاڳ ۽ نڀاڳ، عشق ۽ محبت ۽ ٻين نڪتن جي ڄاڻ پوي ٿي.
ڳاهن سان ڳالهيون: لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي جو 29 نمبر ڪتاب 1964ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏمڻ سوناري، سونل، سڏ يونٽ ۽ سارنگاهه، گامون سچار، وڪيو ڏاتار، جسو ڌن بادشاهه ۽ ٻين سان منسوب ڳاهون آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سگهڙن معرفت دستياب ٿيون.
مشهور سنڌي قصا ۽ عشقيه داستان: هيءُ ٽيهون نمبر ڪتاب 1972ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي اهم عشقيه قصن، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي ۽ ٻين جي احوال ۾ روايتن سان گڏ مل محمود، حفيظ تيوڻي، طالب پلي، حاجي فقير جا بيت ڏنل آهن.
رسمون رواج ساٺ ۽ سؤڻ: چوڏهن بابن تي آڌاريل سنڌ جي ثقافت جي اهم رسمن ۽ ريتن تي مبني هن ڪتاب ۾ گهرو زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهم سؤڻن ساٺن ۽ ريتن رواجن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٻار جي ڄمڻ کان جهنڊَ لهرائڻ، سنڀال، ڇٺي، طهر، سڱ، مڱڻا، شاديون، آداب اخلاق، ڌنڌا، سڀاڳ نڀاڳ، نذر، پِٽَ پاراتو، بيماريون علاج ۽ ٻيا موضوع سنڌين جي نظرين، سوچن جي اپٽار ۽ ريتن روايتن مطابق ذڪر ڪيل آهن. موضوع جي وضاحت تي ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته،
”رسمن، رواجن، سوڻن ۽ ساٺن جو مطالعو علم الانسان جو هڪ مکيه باب آهي. انهيءَ تحت ئي سنڌي قوم جي ترجماني ڪيل آهي“. (12)
جيڪڏهن هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ ادب وارن مڪمل ڪتابن جي سٺي تفصيل ڏبي ته پوءِ هيءُ مقالو نه، بلڪه هڪ چڱيرو ڪتاب ٿي پوندو، انهيءَ ڪري مختصرًا ڪجهه ڪتابن کي ذڪر ڪيو آهي ته جيئن شاگردن کي اندازو ٿئي ته هن مهربان محقق جون سنڌي ادب ۽ خاص طور لوڪ ادب جي لاءِ ڪيتريون اهم خدمتون ڪيل آهن.
ڊاڪٽر بلوچ هڪ منظم زندگي گهاريندڙ نيڪ دل، بااخلاق ۽ بلند ڪردار انسان آهن. سندن سادي سڀاءَ ۾ همٿ، عزم ۽ اعليٰ حوصلي سان گڏ نهٺائي ۽ خلوص شامل آهي. اڄ ڏينهن تائين پڻ هن عمر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيندا اچن.


حوالا
(1) سنديلو عبدالڪريم، ”لوڪ ادب جوتحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1986ع، ص- 2
(2) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”مداحون ۽ مناجات“، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص- 5
(3) ايضًا ”مولود“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، ص- 2
(4) ايضًا ”ٽيهه اکريون“ (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، ص- 4
(5) ايضًا ”مناظرا“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، (مقدمو)
(6) ايضًا ”پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع (مقدمو)
(7) ايضًا ”ڏور“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1970ع، ص- 10
(8) ايضًا ص- 120
(9) ايضًا ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص- 1 ۽ 134
(10) ايضًا ”بيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع، ص- 5
(11) ايضًا ”ڪافيون“ (جلد ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1990ع
(12) ايضًا ”رسمون، رواج، ساٺ ۽ سؤڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1978ع (مقدمو)