انتساب : محمد ادريس راجپوت نالي
ڪتاب جي پبلشر سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم ته هن شايد ادريس صاحب کان واقف نه هجڻ ڪري يڪدم پڇيو: ”سائين توهانجو دوست ادريس سنڌي آهي؟“ پبلشر جي ان سوال تي مونکي پنهنجي هڪ 45 کن سال پراڻي ڳالهه ياد اچي وئي، جڏهن مون جهاز هلائڻ شروع ڪيا هئا ۽ اسانجو وزير مواصلات، هڪ سنڌي سردار هو. هن کي منهنجي جهاز هلائڻ سان ته ڪا شڪايت نه هئي پر منهنجي ”نه پيئڻ“ جي عادت مان هو شايد خوش نٿي لڳو. هڪ دفعو مون کين پنهنجي پاڙي مان لنگهندي ڏٺو. ٻئي ڏينهن آفيس ۾ پڇيو مان ته هو به ڊفينس سوسائٽيءَ جي ان علائقي ۾ رهن ٿا ڇا؟
”نه ان گهٽيءَ ۾ منهنجو هڪ دوست رهي ٿو. هن وٽ اڪثر ويندو آهيان“ هن وراڻيو. سندس اهو جواب ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته جيتوڻيڪ آئون ان پاڙي ۾ ڏهن سالن کان رهيو پيو آهيان پر مونکي ته ڪا خبر ناهي ته ڪو هتي ٻيو به ڪو سنڌي رهي ٿو. پڪ ڪرڻ خاطر مون کانئن يڪدم پڇيو ” سر! سنڌي اسپيڪنگ آهي؟“
منهنجي ان سوال تي هن بيزاريءَ واري لهجي ۾ چيو: ”اڙي درويش! دوست فقط سنڌي اسپيڪنگ نه ٿيندا اهن. ڪجهه وِسڪي ڊرنڪنگ به ٿيندا آهن.“
اڄ مونکي پنهنجي پبلشر کي سمجهائڻو پيو ته دوست فقط سنڌي نه پر نيڪ انسان به ٿيندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ هٿ ٺوڪي رائج Definition مطابق اسانجو دوست محمد ادريس راجپوت ‘سنڌي’ کڻي ناهي پر هن کي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان پيار آهي ۽ هن پنهنجي زندگي انهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، هو هميشه انهن جي ڀلي جي ئي وڪالت ڪندو رهي ٿو. ڪاش اها ڳالهه اسان جي ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ جڏهن اچي وئي ته اسانجي ملڪ کي به ملائيشيا وانگر ترقي ڪندي ويرم نه لڳندي.
ملائيشيا جا اصلي رهاڪو ‘ملئي مسلمان’ جن کي اسان جي صوبي جا ماڻهو سنڌين سان مشاهبت ڏين ٿا جو هنن جو پڻ سنڌين وانگر شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙي ۽ ائگريڪلچر سان واسطو آهي ۽ اهو پڻ ته هو به سنڌين وانگر توڪلي ۽ سادي طبيعت جا آهن. پر يارو! اسان جهڙا ايترا به سادا ۽ وسوڙيل نه آهن. هنن کي سٺي ۽ بري جي اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. هو ان ۾ يقين ٿا رکن ته جيڪو هنن جي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن جو ڀلو ڪري ٿو اهو بهترين انسان آهي پوءِ اهو چاهي 150 سال اڳ چين کان ملائيشيا ۾ لڏي آيل چيني هجي يا انگريز راڄ ۾ انڊيا کان آيل سِک يا سنڌي هندو هجي. جيڪڏهن ڪو سندن ڌرتي ۽ ان جي رهاڪن ‘ملئي ماڻهن’ کي نقصان ٿو پهچائي ته هو ان کي ڌڪارين ٿا، نفرت ڪن ٿا ــــــ پوءِ اهو ڀلي سندن پنهنجو ملئي مسلمان سندن ڌرتيءَ جو بوميپترا (ڀومي پتر) هجي. اليڪشن ۾ به ان بنياد تي ووٽ ڏين ٿا. ائين جي نه هجي ته هو مهاتير کي ڇو کٽرائين ها، جنهن جو پيءُ برٽش انڊيا کان لڏي ملايا جي رياست ڪيداح ۾ اچي پرائمري ماستر ٿيو، ڪوٽڙيءَ جي سنڌي هندو ڪشوءَ کي ‘تانسري’ جهڙو وڏو لقب ڇو ڏين ها. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ ڪيترائي سک، گجراتي هندو، تامل مسلمان ۽ عيسائي ، بوهري، پٺاڻ ملائيشيا جي پنهنجن مڪاني ماڻهن کان وڏي مان مرتبي وارا سمجهيا وڃن ٿا جو انهن هن جي ڌرتي (ملائيشيا) ۽ ان جي رهاڪن لاءِ تعليم، بزنيس، ائگريڪلچر، انڊسٽري وغيره ۾ سڌارا آڻي ملڪ ۽ ماڻهن کي خوش حال بنايو. هو ان ڏس ۾ اهو نٿا ڏسن ته هو ملائيشيا جو اصل باشندو آهي يا ٻئي ڪنهن ملڪ کان لڏي هتي اچي رهيو، يا ڪجهه عرصي لاءِ نوڪري، پورهئي يا واپار لاءِ آيو آهي. هو اهو نٿا ڏسن ته هن جي زبان يا ڌرم ڇا آهي. هو فقط اهو ٿا ڏسن ته اهو ماڻهو سندن ملڪ کي ٺاهي رهيو آهي يا تين وال ڪري رهيو آهي. پر اسان وٽ نرالو نظام آهي! اچي عيسائين جي ڪڍ لڳاسين ته هنن کي ملڪ مان ڊوڙائي ڪڍيوسين.... اهڙي طرح يهودين، پارسين، قاديانين کي .... ۽ اسان وٽ ته سنڌ ۾ اهو نظام اڃان به وڌيڪ ابتڙ آهي..... سنڌي هندو جيڪي هتي جائي رهاڪو آهن انهن جي اغوا، انهن جي ڇوڪرين کي زوري مسلمان ڪرڻ، انهن جي مندرن کي ساڙڻ... نتيجي ۾ جن کي وجهه لڳو اهي ملڪ ڇڏي ويا ٻيا پنهنجا ڌنڌا، دڪان، ڪارخانا بند ڪري ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد کان اچي نڪتا آهن. نتيجي ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ پرائيويٽ انٽرپرائيز ختم ٿي ويو آهي، نه Flourishing بزنيس آهي نه ڪو فئڪٽري ٿو لڳائي. نه ڪا سٺي تعليم آهي نه ڪو سٺو ڊاڪٽر پئسو لڳائي سٺي اسپتال ٿو کولڻ چاهي. هوڏانهن ملائيشيا ۾ ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو اتي جي ڳوٺن ۾ به پئسو لڳائي اسڪول، اسپتالون، اولڊ پيپلز هائوسز، هوٽلون، پيٽرول پمپ ۽ ڪارخانا پيا هڻن. آئون اڪثر هنن کان پڇندو آهيان ته اهو ڪم توهان سنڌ ۾ ڇو نٿا ڪريو ته چوندا آهن ته ”نه بابا! اسان کي اغوا ناهي ٿيڻو. اسان جي پوليس به چورن ۽ ڌاڙيلن سان ٻٽ آهي.... “وغيره
اسان وٽ ملائيشن وانگر اهو نٿو ڏٺو وڃي ته ڪير بهتر ماڻهو آهي. اسان وٽ اهو ڏٺو ٿو وڃي ته ڪير اسانجو ماڻهو آهي. هي اسانجو پنهنجو مائٽ آهي ، اسانجو سردار آهي ، اسانجو پير مرشد آهي ان ڪري هر الڪيشن ۾ ووٽ ان کي ڏيڻو آهي پوءِ چاهي اليڪشن کٽڻ بعد هو وزير مشير ٿيڻ تي پنج سال نظر به نه اچي، ترقياتي ڪمن جو پئسو به هڙپ ڪري وڃي. پوءِ ان عمل جو نتيجو صاف ظاهر آهي. هوڏانهن ملائيشيا جا ڳوٺ جيڪي 1960 واري ڏهاڪي ۾ به (جڏهن کان منهنجو اوڏانهن وڃڻ ٿيو) سنڌ جي ڳوٺن کان هر لحاظ کان چَٽ هئا. ملائيشيا ڇا هو؟ نه روڊ رستا، نه اسڪول اسپتالون، نه هائيجينڪ حالتون، نه ٽيڪنالاجي.... ڪجهه به نه . پر اڄ ڏسو اهي ڳوٺ يورپ ۽ جپان جو ڏيک ڏين ٿا. هر ماڻهو تعليم يافته، صحتمند ۽ روزگار کي لڳل آهي. ٻئي پاسي اسان جي ڳوٺن ۽ انهن ۾ رهندڙن جي حالت ڏسو ! ان ڪري ته چوان ٿو ته ان کي نديو جيڪو اسان کي ۽ اسانجي ڌرتي جي ذخيرن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي ـــــ پوءِ ڀلي اهو اسانجو سوٽ ماسات هجي، سردار پير مرشد هجي. ۽ جيڪو اسان جي ڀلائيءَ جو سوچي ٿو ان جي همت افزائي ڪيو ، هن کي پيار ڏيو. چاهي ان جو واسطو اسانجي So Called نيچ ذات سان هجي يا ڪنهن غريب يا پورهيت خاندان سان هجي. بهرحال آئون ادريس راجپوت جهڙن ماڻهن جي عزت ٿو ڪريان، سلام ٿو ڪريان چاهي هو سادن ڪپڙن ۾ نظر اچي ٿو، پراڻي ڪار ۾ سفر ڪري ٿو پر هو انهن سيڪريٽرين ڪمشنرن، وزيرن ڪامورن کان بهتر آهي جن سرڪاري نوڪري ۾ رهي اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀينگ ڪري پاڻ کي امير ۽ ارب پتي بڻائي ڇڏيو. اها ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي جڏهن ادريس راجپوت لاءِ مونکي پنهنجا توڙي پراوا ٻڌائيندا آهن ته ادريس راجپوت ايمانداري ۽ محنت سان نوڪري ڪئي. هن حرام کان پاسو ڪيو. هن جي دور ۾ نه هن پاڻ ۽ نه پنهنجي ڪنهن آفيسر کي رشوت وٺڻ ڏني.
هونءَ ته اسانجا ڪيترائي ادارا رشوتخوري ۽ حرام جي ڪمائي ۽ ڦرلٽ کان مشهور آهن. پر اريگيشن کاتي لاءِ ته چيو وڃي ٿو ته سون جي کاڻ آهي ـــــ جنهن کاتي جي معمولي ڪلرڪ جو کيسو به ڏوڪڙن سان پُر رهي ٿو. اهڙي کاتي ۾ اسانجو محمد ادريس راجپوت پاڪ صاف ٿي رهي ڏيکاريو ـــــ واقعي اهاهڪ وڏي ڳالهه آهي. هڪ نيڪ ماڻهو ۽ خدا جو خوف رکندڙ انسان ئي ان حرام جي ڪشش کان پاڻ بچائي سگهي ٿو. مونکي شاهه لطيف جو بيت ٿو ياد اچي:
”مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾
اُڀا ائين چون متان پانڌ پسائين“
شاهه لطيف اها نصيحت ته سڀني لاءِ ڪئي پر لڳي ٿو ته عمل فقط ادريس راجپوت جهڙن چند ماڻهن ئي ڪيو.
انجنير محمد ادريس راجپوت صاحب جا سنڌي توڙي اڙدو ۾ ايندڙ ڪالم ۽ ٽي وي تان ٽاڪ شوز ٻڌي آئون دنگ رهجي ويندو آهيان ته هن شخص کي نهري نظام (Irrigation) بابت ڪيڏي وسيع معلومات آهي ۽ سنڌ کي پاڻيءَ جا حق ڏيارڻ لاءِ هي ڪيڏو دليري سان وقت جي وفاقي حاڪمن سان دليلن ذريعي جنگ وڙهي ٿو. رٽائرڊ ٿئي به هن کي 15 سال ٿي ويا آهن پر اڄ به سرڪاري آفيسر توڙي سياستدان سنڌ جي دريائن ۽ انهن جي نظام بابت مونجهارن جي حل لاءِ هن سان رجوع ٿين ٿا . دراصل صاف لڳي ٿو ته هن تعليم فقط ڊگري ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر ڄاڻ لاءِ پڻ. ساڳي وقت نوڪري دوران به هن حرام جو پئسو ڦٻائڻ جون اٽڪلون هلائڻ بدران ايمانداريءَ سان بندن ۽ برجن تي ڊيوٽي ڏني آهي. سندس ان تجربي ۽ ڄاڻ ڪري اڄ به آئون ڏسان پيو ته فارين جافرم به هن کان صلاح مشورو وٺندا رهن ٿا. اهائي ڳالهه آهي جيڪا ليڪچر دوران آئون پنهنجي شاگردن کي چوندو آهيان ته اهو اهم ناهي ته توهان ڪهڙي فيلڊ (فزڪس، ڪيمسٽري، IT، انجنيري، ڊاڪٽري) جي چونڊ ڪريو ٿا پر اهو اهم آهي ته ان جي توهان چڱي طرح ڄاڻ حاصل ڪريو. اسانجي شاگردن جو وڏو طبقو اها ڳالهه نٿو سمجهي. ان جو تجربو مونکي ملائيشيا ۾ ٿيو جڏهن اتي جي مڪاني آفيسرن سان گڏو مونکي به ٽي سال کن سليڪشن ڪميٽي ۾ رکيو ويو جنهن جو ڪم مختلف ملڪن کان نوڪري لاءِ گهرايل اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ هوندو هو. آئون ڏسندو هوس ته ڊاڪٽري يا انجنيريءَ جو ن بنيادي ڊگريون اسانجي ملڪ جي اميدوارن کي به هونديون هيون پر نوڪري لاءِ ڪامياب هميشه انڊيا ۽ بنگلاديش جا ويندي سري لنڪا ۽ نيپال جا ٿي ويندا هئا. اسان جو ڪو ورلي چونڊبو هو. اهو ان ڪري جو ڄاڻ نه هجڻ ڪري انٽرويو ۾ سبجيڪٽ تي پڇيل سوالن جا هو مطمئن ڪرڻ جهڙا جواب نه ڏئي سگهندا هئا.
اسان وٽ ادريس راجپوت جهڙا ورلي ڪي چند پنهنجي شاگردي جي ڏينهن ۾ تعليم کي Serious وٺن ٿا ۽ علم پرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا نه ته گهڻا تڻا وقت وڃائيندا رهن ٿا پوءِ امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪاپي ڪري يا رشوت ڏئي پنهنجو پاڻ کي پاس ڪرائين ٿا ۽ پوءِ ڪنهن سڻڀي سرڪاري نوڪريءَ جا خواب ڏسن ٿا جتي کين ڪم نه ڪرڻو پوي رڳو اٽڪل بازيون ڪري پئسو ڦٻائڻو پوي. اسانجا ڪيترا واسطيدار عملدار بئراجن جي مرمت ۽ بندن جي بجري پٿرن جا ته پئسا کايو وڃن پر ٻوڏ ۾ مليل امداد به غريبن کي نٿا پهچائين. هڪ اهڙي انجنير سان آمريڪا ۾ ملاقات ٿي جيڪو اريگيشن کاتي ۾ ڪروڙها ڪمائي پڪڙ ڌڪڙ جي ڊپ کان ڀڄي اچي اتي سٿائون ٿيو هو. هر وقت نشي ۾ ٽن ٿي رهيو. بقول هن جي اها هن عيش جي زندگي گذاري ٿي. بهر حال شراب پيئڻ سان هن پنهنجي صحت ٿي خراب ڪئي ــــــ هو پاڻ ڄاڻي اسان کي ڪو اعتراض ناهي پر مونکي اهو ڏک ضرور آهي ته ان قسم جا ماڻهو ڪيئن هزارين غريبن ۽ ڏتڙيلن جي زندگي ٺاهڻ بدران برباد ڪري اهو پئسو کڻي پنهنجي ملڪ يا ولايت ۾ اچي ٺڙڪو عيش ڪن ٿا. ملڪ مان لٽي آيل پئسو هو سمجهن ٿا ته هنن جون ست پيڙهيون پيون کائينديون .... پر يارو، ائين ناهي. قدرت جو پنهنجو نظام آهي. افسوس ٿو ٿئيم ته کين شراب ۽ شباب جي زندگي گذاريندو ڏسي سندن اولاد کانئن به ٻه رتيو اڳيان نڪري ويو آهي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ جتي اعليٰ تعليمي ادارا آهن اتي اهڙا ٻار معمولي ڊگري به ڪا مس حاصل ڪري سگهيا آهن. ست پيڙهيون ته پري جي ڳالهه آهي..... پيءُ جي جيئري ئي هن جي لٽيل ملڪيت کي دڦ ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترا پنهنجي پيريءَ جي ڏينهن ۾ پنهنجي اولاد جي اها حالت ۽ سلوڪ ڏسي افسوس ڪن ٿا ته ان کان ته ايمانداري سان نوڪري ڪري اڄ پنهنجي ڳوٺ ٿي عزت جي زندگي گذارجي ها. يارو هي ڪو افسانو ناهي ڪئناڊا جي ٽورنٽو ۽ سينٽ جان کان USA جي هيوسٽن ۽ ميامي تائين اهڙن رشوت خور پوليس، ايڪسائيز، ڪسٽمس، ميڊيڪل، انجنيرنگ جي سرڪاري کاتن جي آفيسرن کي اچي ڏسو جن پنهنجي وطن جي ماڻهن جي ڦرلٽ ڪري، کين اوک ۾ وجهي ولايت ۾ اچي محل ماڙيون اڏيون آهن.
مونکي افسوس ٿيندو آهي جڏهن پنهنجي آس پاس جي دوستن ، سڃاڻن ۽ مائٽن کي ڏسندو آهيان جن اريگيشن ، بلڊنگس ۽ روڊس جهڙن انجنيرنگ کاتن ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترن ئي هيٺئين پوسٽ کان S.E چيف انجنير ۽ سيڪريٽري ليول تائين ترقي حاصل ڪئي ۽ رٽائرڊ ٿي ويا. پر رشوت ۽ ڪم جي اڻ ڄاڻائي ڪري اڄ سندن نالو نشان به نه آهي. ايمانداريءَ کي ته هڻو کڏ ۾، پر هو قابليت ۾ به مزمل حسين قريشي، اي اين جي عباسي، بشير ڏهر، حاجي محمد ڏهر، عبدالوهاب شيخ، الهورايو چنا، علي گوهر شاهه، قادر بخش کيبرائي ميمڻ، امام بخش شيخ نه ٿي سگهيا. نهري نظام فقط اسان وٽ ته نه آهي. ٻين ملڪن ۾ به آهي پر اسان وٽ پئسي ڏوڪڙ جي باهه ٻري پئي آهي. مال ۽ جمال جي نشي ۾ غرق اسان جا ڪامورا تاريخ ۽ عصر مان به سبق نٿا حاصل ڪن.
ہوئے نام ور بے نشان کیسے کیسے
زمین کھا گئی آسمان کیسے کیسے
نہ گل ہیں، نہ غنچے، نہ بوٹے نہ پتے
ہوئے باغ نذر خزاں کیسے کیسے
ہر اک دل پہ ہیں داغ ناکامیوں کے
نشان دے گیا بے نشان کیسے کیسے
ان حساب سان محمد ادريس راجپوت جهڙا ماڻهو اڄ به ۽ هيءَ دنيا ڇڏڻ بعد به هميشه ياد رهندا. بنا شراب جي به هنن کي گهاٽي ننڊ اچيو وڃي، پراڻي چئمپل ۾ مسجد ايندي به هو سڪون محسوس ڪن ٿا. هنن کي فقط خدا جو خوف رهي ٿو. هو سچ ڳالهائڻ ۾ ڪا هٻڪ نٿا محسوس ڪن ۽ هو هر وقت غريب عوام جي ڀلي جو سوچين ٿا. مونکي حيرت ٿي جڏهن مشرف جي حڪومت ۾ سائين ادريس پنهنجي هڪ ڪالم ۾ صاف صاف لکيو ته ڪالاباغ ڊئم بابت مشرف ڪوڙ ٿو ڳالهائي، حقيقتون ٻيون آهن.
اسانجي ادريس راجپوت کي عربي به اچي ٿي. اڄ ڪلهه عصر نماز بعد هن کي مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ اسانجي هڪ ٻئي پاڙيسري جماعتي، نئون ديري جي عدنان ڪيهر کي عربي پڙهائيندو ڏسندو آهيان. عدنان ڪيهر جنهن جي سڄي زندگي آمريڪا ۾ گذري جنهن کي سنڌي يا اڙدو به نٿي اچي ان کي عربي سکندو ڏسي هاڻ ٻين نوجوانن توڙي پوڙهن کي به ادريس راجپوت کان عربي سکڻ جو شوق جاڳيو آهي.
محمد ادريس راجپوت صاحب سنڌ جي دريائن، بئراجن، بندن، ايندڙ ٻوڏن کان بچائن، ٻوڏن ۾ ايندڙ تباهيءَ جو ازالو ڪرڻ جهڙين حالتن لاءِ گذريل ويهن سالن کان سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ سوين ڪالم لکي چڪو آهي جيڪي نه فقط عام ماڻهوءَ لاءِ معلومات مهيا ڪن ٿا پر هن پروفيشن (انجنيرنگ) سان واسطو رکندڙ ادارن ۽ آفيسرن کي پڻ آگاهي پهچائين ٿا. مليٽري توڙي سول حڪومت پنهنجي مفاد خاطر عوام سان ڇا به ڪوڙ ڳالهائي پر ادريس صاحب اهوئي لکي ٿو جيڪو سچ آهي، جيڪا حقيقت آهي. هو هميشه ان ڳالهه جي وڪالت ڪري ٿو جنهن مان سنڌ ۽ ان جي ماڻهن کي فائدو رسي. هو سنڌ جي حقن لاءِ شروع کان جنگ جوٽي ويٺو آهي. دريائي پاڻي جي حصي پتي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتي لاءِ هو هر وقت دليلن ، ڄاڻ ۽ ذهانت سان مرڪز کي مڃرائي ٿو. سندس خراب کان خراب دشمن به هن جي ايمانداري، سنڌ سان چاهه ۽ وسيع ڄاڻ کان انڪار نه ڪندو.
اخباري ڪالمن کان علاوه محمد ادريس راجپوت صاحب جا ملڪ جي دريائن، صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست، برساتي ٻوڏن ۾ ٿيل تباهي، ڪلاباغ جي حقيقت بابت پڻ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جيڪي ايڏا ته حقيقتن ۽ ڄاڻ تي مبني آهن جو انهن جو ن هڪ ٻئي پويان ايڊيشن ڇپجنديون رهن ٿيون. ڪجهه ڪتاب جيڪي مون به پڙهيا آهن ، هن ريت آهن.
درياهه جي دانهن
سنڌو جي سار
ڪالاباغ ڊئم ۽ صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست
سال 2010 واري مها ٻوڏ ۽ سنڌ جا سور
سال 2011 واري برساتي ٻوڏ ۽ سنڌ جا سور
سنڌو تو ۾ ساهه
واڪا ڪرڻ مون وس
سنڌ جا پاڻيءَ جا مسئلا.... وغيره
ادريس راجپوت برٽش انڊيا جي شهر گُڙگائون ۾ 20 نومبر 1941 تي جناب ديندار خان جي گهر ۾ ڄائو. پاڪستان ٺهڻ تي هن جي فئملي سنڌ جي شهر قمبر ۾ اچي رهائش پذير ٿي. ان وقت قمبر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هو. هڪ ڏينهن ادريس صاحب کي چيم ته هن جڏهن پنهنجو اباڻو شهر گرگائون ڇڏيو ته ان وقت هو ڇهن سالن جو هو. ان شهر جون ڪي ڪي ڳالهيون ته ضرور ياد هوندس ۽ ان کان پوءِ هن جو وري گرگائون وڃڻ ٿيو يا نه؟
هن ٻڌايو ته ان وقت اهو ننڍڙو ڳوٺ هو ۽ هن کي هڪ ڳوٺ جي ماحول جا ئي ڪي ڪي نظارا هُرن ٿا. ”ڳوٺ ڇڏڻ بعد منهنجو فقط هڪ دفعو انڊيا وڃڻ ٿيو. دهليءَ ۾ ”انڊس بئسن ٽريٽي“ جي ميٽنگ هئي جنهن لاءِ اسان کي ڪجهه ڏينهن اتي رهڻو پيو هو. ڪم ختم ٿيڻ بعد انڊيا حڪومت طرفان اسان کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن لاءِ هو اسانکي تاج محل ڏيکارڻ لاءِ آگري يا معين الدين چشتي جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ اجمير وٺي هلي سگهن ٿا. اسان اجمير لاءِ هائوڪار ڪئي ۽ پوءِ ٽئڪسي رستي جيئن ئي دهلي ڇڏيسين ته ڪجهه ميلن بعد اسان جو گڙگائون مان گذر ٿيو. مون کي ان ۾ ترسي پنهنجي ماءُ جي قبر تي دعا پڙهڻ لاءِ دل چيو. آئون ٻن سالن جو هوس ته منهنجي ماءُ گذاري وئي هئي ۽ اها گڙگائون ۾ دفن آهي. اسان جي ٽولي جي انڊين انچارج چيو ته جيئن ته وقت ٿورو آهي ۽ مونکي اها به ڄاڻ نه آهي ته منهنجي ماءُ ڪهڙي قبرستان ۾ ۽ ڪنهن هنڌ تي دفن آهي ان ڪري اسان گرگائون شهر ۾ اندر داخل ٿيڻ بدران اڳتي جو سفر جاري رکيو.
گڙگائون (Gurgaon) جو اڄ ڪلهه سرڪاري نالو گروگرام (Gurugram) ڪيو ويو آهي معنيٰ ”گروءَ جو ڳوٺ“ ۽ هي شهر دهليءَ کان 32 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هريانا رياست ۾ آهي. دراصل جڏهن ادريس صاحب جي فئمليءَ گڙگائون ڇڏيو ته ان وقت اهو پنجاب رياست ۾ هو پر پوءِ 1966 ۾ انڊيا جي پنجاب رياست جي گاديءَ جو شهر ته اهوئي امرتسر رهيو پر هريانا رياست جي گاديءَ جو شهر چنديڳڙهه مقرر ڪيو ويو جيڪو گرگائون کان 270 ڪلو ميٽر پري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هريانا رياست جو سڀ کان وڏو شهر فريد آباد آهي.
ادريس راجپوت کي چيم ته توهان کان گڙگائون جو ان ڪري پڇي رهيو آهيان جو آئون جڏهن پنهنجي ڪلاس ميٽ اوڏن جي ٻارن جي شاديءَ تي مهينو کن دهلي وڃي رهيو هوس ته ٻه ڏينهن کن گرگائون به هوس بلڪ لاهور کان جيڪا بس هلي اها جي ٽي روڊ جي مختلف تاريخي جاين تان ٿيندي گڙگائون پهتي هئي. اهي شهر هن وقت به مونکي ياد آهن جن جي بس اسٽاپن تي اسانجي بس ترسي هئي ۽ اسان ماني يا چانهه لاءِ ڪنهن هوٽل ۾ اچي ويٺا هئاسين. انڊيا جو بارڊر ٽپڻ سان يڪدم امرتسر اچي ٿو ان بعد جالنڌر، ڦاگوارا، لڌيانا، سرهند، امبالا، ڪرڪ شيترا، ڪرنال، پاڻيپٽ، سوني پٽ ۽ پوءِ دهلي ۽ پوءِ گڙگائون.
ادريس صاحب کي ٻڌايم ته مون جيڪو گڙگائون ويجهڙائيءَ ۾ ڏٺو آهي اهو ته هڪ وڏي شهر جي روپ ۾ آهي جنهن ۾ فلئٽن جو اوچيون عمارتون ، شاپنگ مال، تعليمي ادارا، هوٽلون ۽ ان سان گڏ خوشحالي صاف نظر اچي ٿي. مڪاني ماڻهن اهو ئي ٻڌايو ته هن شهر گڙگائون جي قسمت 1970 کان پوءِ بدلي جڏهن هند سرڪار هن شهر ۾ ”ماروتي سوزڪي“ ڪار جا ڪارخانا لڳرايا. (اسان جي سرڪار ڪنڊياري يا قمبر ۾ به خيبر مهراڻ ڪار ٺاهڻ جا ڪارخانا هڻائي ته ڪيئن نه اتي به خوشحالي اچي. سوچڻ جي ڳالهه آهي. )
محمد ادريس راجپوت مئٽرڪ تائين قمبر ۾ پڙهيو. انهن ڏينهن جا ٻه محنتي استاد اڄ به هن کي ياد آهن. هڪ اڙدو جو ٽيچر غفران ۽ ٻيو هندو هيڊماستر جنهن جي ذات مٽائي هئي. نالو کين ياد نه پيو اچي. ڪلاس ميٽن ۾ کيس فقط اتي جو رهاڪو تراب علي شاهه ياد آهي جنهن جو واسطو زمينداري ۽ پيري مريدي سان آهي.
ان بعد انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن نه هو. آئون ادريس صاحب کان ٽي سال جونئر هوس منهنجي ڏينهن ۾ به مئٽرڪ توڙي انٽر سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي وئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڃان مهراڻ يا ڪو ٻيو انجنيرنگ ڪاليج نه کليو هو. سڄي سنڌ ۾ فقط NED ڪاليج هو جيڪو پاڪستان ٿيڻ بعد ‘نادرجي ايڊلجي ڊنشا’ نالي هڪ پارسي سيٺ کولرايو هو. ادريس راجپوت صاحب ان ۾ داخلا ورتي ۽ 1965 ۾ سول انجنيرنگ ۾ B.E فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. مون کي ياد آهي ته ادريس صاحب جي ڪاميابيءَ بعد NED ڪاليج جا شاگرد ۽ ڪجهه پروفيسر منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ اختر علي عباسي (حاجي منور عباسي ۽ سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ڀاءُ) کي جيڪو ان وقت NED ڪاليج جي ٻي سال ۾ هو ان کي چوندا هئا ته تو به ادريس راجپوت وانگر انٽر فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ ڪئي آهي ۽ تون به لاڙڪاڻي ضلعي جو آهين سو B.E ۾ ضرور فرسٽ ڪلاس فرسٽ ايندين. افسوس جو اختر کان ته ڪجهه مارڪن تان اها پوزيشن رهجي وئي البت ٻئي سال اسان جي پيٽارو جي غلام محمد سومري جنهن جو تعلق شاهه پنجو سلطان (دادو ضلعي) سان آهي، حاصل ڪري ويو. منهنجو هڪ شروعاتي سفر نامو “ وايون وڻجارن جون” غلام محمد سومرو کي منسوب ٿيل آهي. هن ريلويز ۾ نوڪري ڪئي ۽ اسانجي ادريس وانگر ذهين، محنتي ۽ ايماندار ٿي رهيو.
NED ڪاليج هاڻ يونيورسٽي جو رتبو رکي ٿو نه ته انهن ڏينهن ۾ اهو ڪراچي يونيورسٽي سان سلهاڙيل هو. انجنيرنگ دوران ادريس راجپوت جا ڪجهه ڪلاس ميٽ کيس اڄ به ياد آهن جيئن ته ڪنڊيارو جو سيد علي گوهر شاهه جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري به ٿي رهيو. پاڻ حيدرآباد واري ڪاليج ۾ به ادريس جا ڪلاس ميٽ هئا. ان کان علاوه شڪارپور وارو عبدالنبي پٺاڻ (مرحوم) ، نجم بلال ( جنهن ان سال سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي) ۽ مشتاق احمد بوهري ، وغيره
سول انجنيرنگ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻڻ تي ادريس راجپوت کي نه فقط گولڊ ميڊل مليو پر آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا ۾ پڙهڻ لاءِ فل برائيٽ اسڪالر شپ پڻ ملي، ان بعد 1970 ۾ هن ويسٽ پاڪستان اريگيشن ائنڊ پاور ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنير (ڪلاس ون) جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪري شروع ڪئي ۽ 41 سالن بعد سيڪريٽري جي پوسٽ تان ريٽائرڊ ٿيو. هاڻ هو ڪنسلٽنگ انجنير طور پرئيويٽ نوڪري ڪري رهيو آهي.
ادريس راجپوت پاڻيءَ جي مسئلن تي سنڌيءَ ۾ لڳاتار ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکندو اچي جن مان ڪيترائي اڙدو ۾ ترجمو ٿي امت اخبار ۾ پڻ ڇپجن ٿا. سندس سٺي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ڀلي لاءِ لکيل ڪالم پڙهي هرڪو تعريف ڪري ٿو ته هڪ ‘نان- سنڌي’ ٿي ڪري سنڌ جي بهتري لاءِ ڪيڏو ته پاڻ پتوڙي ٿو، سنڌ جي ماڻهن کي آگاهي ڏئي ٿو ۽ سرڪار کي قدرتي آفتن ۽ واسطيدار کاتي جي عملدارن جي (Negligence) ڪري پيدا ٿيندڙ نقصانن جو چتاءُ ۽ صلاح مشورا ڏئي ٿو. پاڻ نه فقط سنڌي سٺي لکي ٿو. پر اهڙوئي سٺو ڳالهائي به ٿو. سندس لهجو شهر ۾ رهندڙ ڪيترن سنڌين کان صاف ۽ بهتر آهي. پاڙي جي مسجد ۾ جتي اسان جي روزانو ملاقات ٿئي ٿي ڪيترا نمازي ان تي سوچيندا آهن ته ادريس صاحب جي مادري ٻولي اڙدو آهي يا پنجابي! ظاهر آهي دهليءَ جي ماڻهن جي ٻولي اڙدو ئي هئڻ کپي. ۽ گڙگائون شهر جتي ادريس صاحب جنم ورتو دهلي کان ائين آهي جيئن ڪراچيءَ کان گڊاپ يا حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان. پر جيئن ته گڙگائون پنجاب رياست ۾ آهي ان ڪري هن جي مادري ٻولي پنجابي هجڻ کپي جيئن اسان واري پنجاب صوبي جو هر رهاڪو پنجابي ٻوليءَ کان واقف آهي. دراصل مونکي به اها غلط فهمي هئي، بلڪه آئون ته اهو ئي سمجهندو هوس ته اسان واري پنجاب ۾ هاڻ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سک رهن ٿا باقي سڀ مسلمان آهن ۽ انڊيا پاسي واري پنجاب ۾ فقط سک رهن ٿا. اهو ان ڪري جو جهاز هلائڻ واري دور ۾ جتي به سک ملندا هئا ته هو ٻڌائيندا هئا ته هو امرتسر، جالنڌر، لڌيانا يا چنديڳڙهه وغيره کان آهن. يعني انڊيا واري پنجاب کان آهن. پوءِ ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ دوران ان اداري ۾ ڪئپٽن بلرام پُوري به هو جنهن جو واسطو انڊيا جي پنجاب سان هو پر هو نه سک هو ۽ نه هن کي پنجابي آئي ٿي. ان ٻڌايو ته انڊيا واري پنجاب ۾ نه فقط سک رهن ٿا پر هندو ۽ مسلمان به – جن جي مادري ٻولي هندي ۽ اڙدو آهي ۽ ڪيترن شهرن جي اسڪولن ۾ اڙدو به پڙهائي وڃي ٿي. هو پاڻ به ننڍي هوندي اڙدو پڙهيو ۽ اڙدو لکڻ به آيس ٿي.
هڪ ڏينهن مسجد مان نڪرڻ مهل مون ادريس راجپوت کان پڇي ورتو ته ”توهان قمبر سنڌ ۾ رهڻ ڪري سنڌي پڙهيا ۽ سنڌي ڳالهايو ٿا پر گڙگائون ۾ رهندڙ توهان جا وڏا اڙدو ڳالهائيندا هئا يا پنجابي؟“
”توهان کي حيرت ٿيندي ته منهنجي مادري ٻولي نه اڙدو آهي نه پنجابي“ ادريس صاحب وراڻيو ”منهنجي مادري ٻولي ميواتي آهي.“ اهو ٻڌي اسانجي ڪيترن ماڻهن کي حيرت ٿيندي جو هو سمجهن ٿا ته هر اهو ماڻهو جنهن جو تعلق هندستان سان آهي يا کڻي ائين چئجي ته جيڪو انڊيا کان پاڪستان آيو آهي ان جي مادري ٻولي اڙدو آهي. ائين ناهي. اسان جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ انيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. بنگالي، پنجابي، گجراتي، مرهٺي، تامل، ڪنهڙ جهڙين وڏين ٻولين کان علاوه ڪوڪني، ماڙواري، ڪڇي، مليالمي، راجستاني، جهڙيون به سوين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سرائڪي، ڍاٽڪي، پارڪي، اوڏڪي ۽ ٻيون ٻوليون آهن ۽ پوءِ ڪي سنڌيءَ سان گهڻو ملن ٿيون ته ڪي گهٽ . ائين انڊيا جي هن ميوات علائقي (هريانا جو نوه ضلعو، راجستان جا ضلعا الواري ۽ ڀرت پور) ۾ 30 لک کن ماڻهو هيءَ “ميواتي” ٻولي ڳالهائين ٿا جيڪا اڙدوءَ سان گهڻو ملي ٿي جيئن ادريس صاحب ٻڌايو ته ڪيڏانهن پيو وڃين؟ کي ميواتي ٻوليءَ ۾ چئبو آهي: ”ڪهان بڙو جاريا؟“
هتي اهو به لکندو هلان ته ميوات قوم جي راجپوت مسلمان جون ٽي مشهور Sub Castes آهن -ـــ جيئن ته خانزاده، قائم خاني ۽ ملڪانا. اسان جي ادريس راجپوت جو خانزاده ڪميو نٽي سان تعلق آهي جيڪي پنهنجي نالي سان گڏ خان سڏرائين ٿا جيئن ته ادريس صاحب جي والد جو نالو ديندار خان ۽ ڏاڏي جو هوشدار خان آهي.
ادريس صاحب کان پڇيم ته هن کي پڙهائيءَ جو شوق ڪنهن ڏياريو؟
”دراصل منهنجو والد به پڙهيل ڳڙهيل هو. هن انگريزن جي ڏينهن ۾، 1938 ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ انڊيا ۾ ۽ بعد ۾ پاڪستان ۾ به، روينيو ۾ نوڪري ڪئي ۽ مختيار ڪار ٿي رٽائرڊ ٿيو. منهنجي ماءُ ته منهنجي ننڍي هوندي گذاري وئي، پوءِ مونکي ڏاڏيءَ نپايو ، اها اسانجي ڏاڏي ئي هئي جنهن منهنجي پيءُ کي به پڙهايو جو اسانجو ڏاڏو ته منهنجي والد جي ڄمڻ کان اڳ گذاري ويو هو. بهرحال منهنجي تعليم ۾ ڏاڏيءَ کان علاوه بابا جي به وڏي رهنمائي رهي“ ۽ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ اهائي ڳالهه اڄ جي والدين کي به گوش گذار ڪندس ته ٽيچر جو درجو ۽ ڪم پنهنجي جاءِ تي پر ٻار کي محنتي ۽ هوشيار ڪرڻ ۾ والدين خاص ڪري والده جو حصو تمام ضروري آهي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ رهنمائي (Monitor) ڪرڻ ضروري آهي ته آيا روز جو مليل هوم ورڪ گهر اچي ٻار ڪري ٿو يا نه ؟ اسڪول ۾ استاد جو پڙهايل سبق ڌيان سان ٻڌي اچي ٿو يا نه ؟ گهر ۾ اجايو وقت ته نٿو وڃائي.... گهٽيءَ ۾ گهڻو رلي پني ته ڪو نه ٿو ۽ سنگت ڪهڙن ٻارن سان اٿس...... وغيره وغيره
ادريس راجپوت کي هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر آهن . وڏو ڀاءُ سرفراز احمد گذاري ويو آهي. ننڍو ڀاءُ جاويد اختر به ادريس وانگر NED مان سِول انجنيرنگ ۾ B.E ڪئي ۽ PWD ۾ سپرنٽنڊينٽ انجنير آهي ۽ ٽيون ڀاءُ سهيل اختر ڪمپيوٽر سائنس پڙهيو ۽ بزنس ۾ آهي.
ادريس راجپوت جي شادي 1974 ۾ ٿي. کين هڪ ڌيءَ ٻه پٽَ آهن. وڏو پٽ سالڪ بزنيس ۾ آهي ۽ ننڍو معيز چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي.
الطاف شيخ
ملاڪا سٽي، ملائيشيا
11 سيمٽيمبر، 2017