ڇا هر ڪم لاءِ مامي ڀاڻيجي جو هجڻ ضروري آهي؟
مون ماستري کي ترجيح ڏني. ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ نئين نئين مئرين اڪيڊمي کلي هئي، جنهن جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ لاءِ مون کي ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي جهازن جي چيف انجنيئرن کي پڙهائڻ جي ڪم لاءِ چونڊيو ويو. هيءَ اڪيڊمي ملاڪا شهر کان 40 کن ڪلوميٽر پري ٻهراڙيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ”مسجد تاناح“ ڳوٺ وٽ آهي. اڄ 35 سالن بعد مسجد تاناح يورپ جو شهر لڳي ٿو پر انهن ڏينهن ۾ اهو اسان جي ڇاڇري، سيکاٽ ۽ تلهار جهڙو ڳوٺ هو. گهر لاءِ سيڌو سامان يا دوا درمل لاءِ اتي اچبو. هڪ عدد ڊاڪٽر، بئنڪ، اسڪول، پوسٽ آفيس، پوليس آفيس ۽ ٽيليفون آفيس به هئي. چانهه پاڻي جي هوٽل ۽ حجام جو دڪان به اتي هو.
اسان کي نوڪري لاءِ اچڻ واري خط ۾ ڪراچي کان ڪولالمپور پهچڻ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي وئي هئي ۽ اهو لکيل هو ته اڪيڊمي جي خرچ تي اهو ڏينهن اسان کي ڪولالمپور جي هوٽل ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جيئن ٿَڪ ڀڃي ٻئي ڏينهن آفيس ڪار ذريعي ملاڪا اچون ۽ ملاڪا کان ان ئي وقت اڪيڊمي واري ڳوٺڙي ۾ اچڻ بدران اسان کي ٽن ڏينهن لاءِ ملاڪا شهر جي ان وقت جي وڏي هوٽل ”ملاڪا اسٽرئٽ اِن“ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. بعد ۾ خبر پيئي ته اڪيڊمي جي انتظاميا وارن اسان جي اچڻ تي ان سُکَ جو ان ڪري بندوبست ڪيو هو، جو هنن کي ڊپ هو ته اسان جهاز وارن جن رڳو لنڊن، نيويارڪ، ٽوڪيو، هانگ ڪانگ جهڙا خوبصورت بندرگاهه ڏٺا، سي ملائيشيا جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ جتي اڪيڊمي جي ٽن پاسن کان سمنڊ ۽ هڪ پاسي کان گھاٽو ٻيلو آهي، اتي پهچي دهلجي نه وڃون ۽ ٽِڪڻ بدران پويان پير ڪري ڀڄي نه وڃون. پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون سان اها ڳالهه نه هئي، جو هڪ ته آئون پاڻ به بنيادي طرح هڪ ڳوٺ جو آهيان سو به سنڌ جو ڳوٺ جتي سال ۾ منهنجي دل پسند شيءِ بارش ڪا ٻه ڏينهن به مس ٿي وسي ۽ هتي ته ٻارهوئي جھڙ ۽ مينهن، سمنڊ ۽ ساوڪ هئي. ٻيو ته ملائيشيا جي ٻهراڙي ۽ ڳوٺ مون لاءِ نئين شيءِ نه هئي. جهاز ذريعي منهنجو گذريل ڏهه سال کن ملائيشيا ۽ ٿائي لئنڊ جي بندرگاهن ۾ اچڻ ٿيندو رهيو ٿي ۽ هر دفعي مونکي اتي جي ٻهراڙي گهمڻ جو موقعو مليو ٿي.
بهرحال ملاڪا شهر جي هوٽل ۾ ٽي ڏينهن آرام جا ملي ويا. شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جو خوب موقعو مليو. پهرين ڏينهن ئي ان هوٽل ۾ ملاڪا رياست جو چيف منسٽر پنهنجن دوستن سان آيو هو. مون کي خبر پئي ته وڃي مليو سانس. مون کي حيرت ٿي ته هو ڏاڍو سٺي طرح مليو. بلڪل نه لڳو ته هو ڪو رياست جو هيڊ آهي ۽ ساڻس دوستي اڄ تائين هلندي اچي. ٻئي ڏينهن سندس آفيس به ويو هوس. انهن ڏينهن ۾ دهشتگردي جهڙيون شيون اڃان شروع نه ٿيون هيون، سو سندس آفيس ۾ پهچڻ لاءِ ڪا سيڪيورٽي ۽ پوليس نه هئي ويندي ڪو پروٽوڪول به نه هو. ٻاهر جيڪا سيڪريٽري ڇوڪري ويٺي هئي، تنهن کي انگريزيءَ ۾ چيم ته وزير اعليٰ سان ملڻ آيو آهيان. هن هٿ سان وزير اعليٰ جي ڪمري ڏي ائين اشارو ڪيو ڄڻ چئي رهي هجي ته ملڻ آيو آهين ته ڀلي وڃي مل. ڪلاڪ اڌ ڪچهري ڪري اٿيس. ان بعد مهيني ڏيڍ کان پوءِ جڏهن سندس آفيس وٽان لنگهه ٿيندو هو ته چانهه وڃي پيئندو هوس. پاڻ نه هوندو هو ته سندس اها ملئي سيڪريٽري ڇوڪري جنهن جو نالو زيتون هو، ان وٽ ويهي چانهه پي اٿندو هوس.
هڪ ڏينهن زيتون کي چيم: ”ڳالهه ته ٻڌ! اسان جي وزيرن ۽ سياسي ليڊرن کي ته ڪنهن ماڻهوءَ سان ملڻ لاءِ وقت ئي ناهي تنهنجو چيف منسٽر جنهن وقت اچ ته واندو ويٺو آهي. ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ، پوليس آفيسرن جون بدليون ڪرڻ ۽ ٻيا ان قسم جا ڪم ڪير ٿو ڪري؟“
اهو ٻڌي مائي زيتون کي حيرت ٿي ۽ معصوميت سان وراڻيائين: ”مختلف ادارا ڇا لاءِ آهن؟ اهڙن ڪمن کي هر اداري جو واسطيدار عملدار ڏسي ٿو.“
ان وقت مون کي سندس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سال اڌ کان پوءِ اسان جي اڪيڊمي ۾ هڪ وڌيڪَ ليڪچرار جي ضرورت پئي. آفيس طرفان اشتهار ڏنوويو ته ڪو به جهاز جو چيف انجنيئر ملائيشيا يا سنگاپور ۾ موجود هجي ۽ هو شور جاب (ڪناري جي نوڪري) لاءِ خواهش مند هجي ته ايندڙ سومر تي اڪيڊميءَ ۾ انٽرويوءَ لاءِ هليو اچي.
سومر ڏينهن آفيس ۾ آيس ته ڪمانڊنٽ گهرايو. ”هي ٻه چيف انجنيئر نوڪريءَ لاءِ آيا آهن. انهن جو انٽرويو وٺ. جيڪو بهتر سمجھين ان کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ رک.“
مون ڏٺو ته هڪ ملائيشيا جو چيني هو ۽ ٻيو سنگاپور جو ملئي مسلمان هو. مون ڪمانڊنٽ کي چيو ته ”سائين! جيئن توهان کي بهتر لڳي.“ پر ڪمانڊنٽ چيو:
”تون هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهين. اهو ڪم تنهنجو آهي ۽ هو تو وٽ ئي ڪم ڪندو، ان ڪري ان لاءِ تون ئي چونڊ ڪر .... ۽ سڀان جي ڪم سٺو نه ڪري ته تون هن کي ڪڍي به سگهين ٿو.“
دراصل ٻين سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ به ائين ئي ٿئي ٿو. ويندي اسان جي ملڪ ۾ به ڪنهن زماني ۾ ائين ئي ٿيندو هو پر هاڻي ته پٽيوالي يا داروغي جي نوڪري لاءِ به چيف منسٽر جي سفارش ۽ سليڪشن ضروري سمجھي وڃي ٿي.
ٽي ڏينهن ملاڪا رياست جي گاديءَ واري شهر ۾ رهڻ بعد مون کي وٺڻ لاءِ اڪيڊمي جي سرڪاري ڪار آئي. رستي تي مسجد تاناح ڳوٺ جي پيٽرول پمپ تي اها ترسي ته آئون سامهون واري ”پيجابت ٽيليفون“ (ٽيليفون جي آفيس) ۾ گهڙي ويس.
”آئون هتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ ٽن سالن جي نوڪري لاءِ آيو آهيان. فون لڳرائڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ ”مون اڳيان ويٺل ڪلارڪ کان پڇيو.
”توهان جي ائڊريس .... يعني اڪيڊمي ڪئمپس ۾ يا ان کان ٻاهر جيڪو توهان کي گهر مليو آهي ان جو نمبر ٻڌايو؟“ هن پڇيو.
”اها ته مون کي خبر ناهي. اتي پهچڻ سان ٿيندي.“ مون چيو.
”چڱو. توهان هلو ته اسان پهچون ٿا.“ ڪلارڪ چيو.
ڪار ۾ پيٽرول ڀرائي اڪيڊمي پهتاسين ۽ مون کي جيڪو گهر الاٽ ڪيو ويو هو، ان ۾ ڊرائيور ۽ آئون گڏجي سامان رکي رهيا هئاسين، ته ٽيليفون آفيس وارو ڪلارڪ به پهچي ويو. مون سمجھيو ته هو پڪ ڪرڻ آيو آهي ته واقعي آئون هتي رهان ٿو يا نه پر هو ته ٽيليفون پيس ۽ تارن سان گڏ پهچي ويو هو ۽ ٽيليفون ٽي وي لائونج جي ٽيبل تي رکي ان سان ڳنڍيل تار دريءَ مان ڪڍي ٻاهر پول سان ملائيائين. ان بعد مون کي هڪ فارم ڏئي چيو ته هن تي پنهنجو نالو ۽ گهر جو نمبر لکي اڄ ئي هڪ سؤ رنگٽ ڊپازٽ في بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندئو ته ٽيليفون شروع ٿي ويندو.
اسان کي ملاڪا پهچڻ تي اڌ مهيني جو ائڊوانس پگهار ملائيشيا جي ڪرنسي رنگٽ (ڊالرن) ۾ مليو هو سو هڪ سؤ ڊالر ان وقت ڊرائيور کي بئنڪ ۾ جمع ڪرڻ لاءِ ڏنم جيڪي هو لنچ واري بريڪ ۾ ئي ڏئي آيو ۽ شام ڌاري ٽيليفون شروع به ٿي ويو!
هتي ٻه ڳالهيون لکڻ ضروري سمجھان ٿو. هڪ ته انهن ماڻهن لاءِ جن کي ولايت ۾ نوڪري ڏيارڻ جي بهاني سان ٺڳ ايجنٽ ويزا ۽ ٽڪيٽن جي نالي سان پئسا ڦريو غائب ٿيو وڃن. ڪنهن به ملڪ جي حڪومت يا اتي جي ڪمپني جڏهن ڌارئي ملڪ جي ماڻهوءَ کي نوڪري ڏئي ٿي، ته اها نوڪري جي خط جي توهان طرفان قبوليت بعد ويزا ۽ ٽڪيٽ جو پاڻ بندوبست ڪري ٿي ۽ سندن ملڪ ۾ پهچڻ تي پگهار جو ڪجهه حصو ائڊوانس ۾ جاري ڪري ٿي، جيئن نئين آيل ملازم جو خرچ پکو هلي سگهي. توهان رڳو ٿر مان ڪو نوڪر، ڊرائيور يا بورچي گهرايو ٿا ته ان جو ڀاڙو موڪلڻ کان علاوه سندس هتي پهچڻ تي هن کي ڪجهه خرچي به ڏيو ٿا ته متان هن کي ٻيڙي سگريٽ جي ضرورت هجي. سو اهو ايجنٽ جيڪو پئسن جي گهر ڪري ٿو ان تي شڪ ڪرڻ کپي ۽ ٻيو ته جيڪو چوي ٿو ته دبئي، سعودي يا ملائيشيا پهچڻ بعد توهان جي نوڪري جي ڳولا ڪئي ويندي، ان ۾ فراڊ سمجھڻ کپي جو ٽوئرسٽ ويزا تي پهچي ٻئي ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ يا نوڪري جي ڳولها ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي. ملائيشيا جي جيلن ۾ جيڪي اسان جي ملڪن جا ماڻهو آهن انهن ۾ اڌ کان وڌيڪَ ان قسم جا آهن جيڪي هڪ قسم جي ويزا تي اچي ٻيو ڪم ڪن ٿا يا انهن جي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد به ان ملڪ ۾ رهيو پون.
بهرحال جلدي فون لڳڻ تي مون کي حيرت ٿي ته ملائيشيا جهڙي هڪ پٺتي پيل ڄٽ ملڪ ۾ ٽيليفون کاتو يا بئنڪنگ سسٽم تمام ڦڙتيلو ۽ بهتر ڪارڪردگي وارو آهي! ياد رهي ته هيءَ 1982ع واري سال جي ڳالهه آهي جڏهن ته اڃان موبائيل فون خواب خيال ۾ به نه هئا. هر هڪ سرڪاري ٽيليفون اداري جا Land Line وارا فون استعمال ڪيا ٿي. حيرت ته مون کي ڏهن سالن بعد 1991ع ۾ به ٿي هئي جڏهن مون ملائيشيا ڇڏيو پئي ۽ مون کي ٽيليفون واپس ڪري بل چڪتو ڪرڻو هو ڇو جو ان وقت تائين سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ به جپان وانگر سسٽم شروع ٿي ويو هو ته ايئرپورٽ تي پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻائڻ وقت جيڪڏهن توهان جو بجلي، گئس، پاڻي يا فون جو بل نه ڏنل آهي ته الارم وڄي ٿي ويو ۽ اهو بل ڏنڊ سان گڏ ڀرڻو پيو ٿي. سو ان خواريءَ کان بچڻ لاءِ فون کي بند ڪرائڻ لاءِ هفتو کن اڳ ان ساڳئي ٽيليفون آفيس ۾ پهچي ويس ته هو منهنجو فون بند ڪري منهنجو بل ڪليئر ڪري ٻن ٽن ڏينهن اندر مون کي رسيد ڏين، جيئن آئون آجو پاجو ٿي وڃان.
آفيس جي ڪلارڪ منهنجي ڳالهه ٻڌي چيو ته: ”توهان هفتو اڳ ڇو ٿا فون بند ڪرايو. آخري ڏينهن ۾ ته توهان کي وڌيڪَ ضرورت پوندي. ڪولالمپور ايئرپورٽ تي وڃڻ لاءِ توهان کي هونءَ به هتان گذرڻو پوندو. آخري ڏينهن تي ايئرپورٽ تي وڃڻ وقت هتي ٻه منٽ Taxi بيهاري ”ٽيليفون پيس“ اسان کي موٽائي ڪليئرنس رسيد وٺي وڃجو.“
”اهو ته ڏاڍو سٺو پر دير نه ڪجو“ مون احتياطً کين چيو.
”بس هڪ ڪم ڪجو. جنهن وقت توهان گهر ڇڏيو ته فون کڻڻ کان اڳ هڪ دفعو اسان کي ڪجو ته اسان پنهجي ماڻهوءَ کي آفيس جي ٻاهران روڊ تي ئي بيهاري ڇڏينداسين جيئن توهان کي ٽئڪسي مان لهڻ جي ئي ضرورت نه پوي.“
آخري ڏينهن کين فون ڪري گهران نڪتس. پاڻ سان ننڍا نوٽ ۽ کلا سڪا به کڻي هليس جيئن آخري ست اٺ ڏينهن جو بل چڪتو ڪندو هلان. ”مسجد تاناح“ ڳوٺ جي ٽيليفون آفيس وٽ پهتس ته ڪلرڪ منهنجي انتظار ۾ بيٺو هو. کيس ٽيليفون پيس ۽ پئسا ڏنم ته جيڪو رهيل بل هجي ته هن مان کڻ. پر هن منهنجا پئسا مونکي واپس ڪندي پاڻ سان آندل رسيد ۽ ڪجهه نوٽ منهنجي حوالي ڪيا ۽ ٻڌايو ته هنن منهنجي ”ڊپازٽ مَنيءَ“ مان بل جا پئسا ڪٽي باقي امانت واپس ڪئي آهي.
مون کي ملائيشيا وارن جي ٽيليفون کاتي جي شروع کان آخر تائين جي ڳالهه ڏاڍي وڻي .... ڇا ڪجي اسان پنهنجي ملڪ جي ٽيليفون سسٽم جا ستايل هئاسين. اڄ جو نوجوان سوچي به نه ٿو سگهي ته سنڌ ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ ٽيليفون جي ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ ڪيڏو وڏو مسئلو هو. ماڻهو فون لاءِ درخواستون ڏيئي سالن جا سال انتظار ڪندا هئا يا ڪنهن وٽ پئسو هجي ۽ ايڏو ڪاروبار هجيس ته رشوت ڏئي جلد حاصل ڪري. انهن ڏينهن ۾ ٽيليفون آفيس جو ڊويزنل انجنيئر (D.E) ته وڏي ڳالهه سمجھيو ويو ٿي، پر رشوتي ڪلارڪ پٽيوالا به عيشن ۾ هئا .... ۽ اهو خرچي يا رشوت جو اگهه ڏهن کان پنڌرهن هزار رپيا في ڪنيڪشن هو جيڪا تمام وڏي رقم هئي. ياد رهي ته 1971ع ۾ يارهن سؤ رپيا سون جو تولو هو. ۽ مٿين رقم ڏهه کن تولن برابر ٿي ٿي يعني اڄ جا چار پنج لک رپيا ٻڌو. ۽ 1973ع ۾ جڏهن مون ڪراچي ۾ فون لڳرايو ته آئون جهاز تي 1400 رپيا پگهار تي ٿرڊ انجنيئر هوس. هونءَ ته اهو پگهار تمام گهڻو هو، جو منهنجو والد جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هو ان جو 1600 هو.
بهرحال مونکي ٽيليفون جي ڪنيڪشن ڪيئن نصيب ٿي هتي اهو لکڻ ٿو چاهيان. منهنجو جهاز ڪراچي آيل هو ۽ آئون جهاز تان ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي هيڊ آفيس ۾ آيس. لفٽ ۾ ممتاز ڀٽو صاحب مليو. هو انهن ڏينهن ۾ وزير مواصلات هو .... يعني جهازن، ريلوي ۽ ٽيليفون وغيره جو. هو پنهنجي آفيس لاءِ چوڏهين فلور تي وڃي رهيو هو ۽ مون کي ٻارهين فلور تي وڃڻو هو. ساڻس هڪ ٻه دفعا ملاقات ٿي چڪي هئي سو مون کان پڇيائين ته چيف انجنيئر ٿي ويو آهين؟ مون کي سيڪنڊ انجنيئر جو امتحان ڏني اڃان سال به نه ٿيو هو. بين الاقوامي قانون موجب اڃا 9 مهينا جهاز تي Sail ڪري پوءِ چيف انجنيئر جو امتحان ڏيڻو هو.
”نه سائين! اڃان ڪٿي.“ مون جواب ڏنو.
”توکي ته هاڻ چيف انجنيئر ڪري رکجي“ ممتاز صاحب سنڌيءَ ۾ چيو. جواب ۾ آئون کلندو رهيس ۽ 12 هين فلور تي لهي ويس. دل ۾ سوچيم ته سائينءَ جي قربن جي مهرباني، پر کين اها خبر ناهي ته اسان وٽ پروموشن سمنڊ تي گذاريل Sea Time جي مقرر مدي ۽ ان بعد امتحان پاس ڪرڻ تي ئي ٿئي ٿي .... اها ڳالهه هينئر به ممتاز صاحب کي ٻڌائي کلندو آهيان. بهرحال ممتاز صاحب جي خلوص ڪري ٻئي ڏينهن آئون ٽيليفون واري درخواست کڻي آيس جنهن جو ٻه سال گذرڻ بعد به وارو نه آيو هو. انهن ڏينهن ۾ ممتاز ڀٽو صاحب جو سيڪريٽري اسانجو هم عمر ۽ دوست اشرف قاضي مون کي اندر وٺي آيو ۽ منهنجي پاران هُن ڀٽو صاحب کي منهنجي فون لاءِ چيو جنهن تي هن يڪدم نوٽ لکي صحيح ڪئي ته هن کي ترجيحي بنياد تي يڪدم ڏنو وڃي.
آئون ڏاڍو خوش ٿيس. ڪراچي ۾ فون جي لائين ڏيڻ جا آرڊر انهن ڏينهن ۾ جيڪو آفيسر يا انجنيئر ڪڍندو هو اهو آءِ آءِ چندريگر روڊ واري آفيس ۾ ويهندو هو. سندس نالو هن وقت ذهن ۾ نه پيو اچي پر انهن ڏينهن ۾ اُن جا ڇا ته رعب ۽ شان هئا. هن لاءِ مشهور هو ته هو ڪنهن جو به ڪم نٿو ڪري ۽ ماڻهن کي گاريون به ڏئي ٿو. اهڙي تهڙي سرڪاري آفيسر کي ته هن پڇيو به ڪونه ٿي. سڀ چوندا هئا ته هي وزير مواصلات جو خاص ماڻهو آهي. بهرحال هاڻ آئون پُر اعتماد هوس ته فون مونکي ملي ويندو. سو آئون درخواستي فارم، (وزير صاحب جي صحيح وارو) کڻي ٽيليفون آفيس پهتس. رستي تي ٽاور وٽان ٽيليفون لاءِ هڪ ننڍڙو تالو به ورتم جيڪو انهن ڏينهن ۾ ٻئي جي استعمال کان بچائڻ لاءِ فون کي لڳائڻ جو فيشن هو. مونکي اڄ به ياد آهي ته ان وقت مون سان گڏ منهنجو ڪليگ ڪئپٽن مظهر زيدي گڏ هو جيڪو منهنجي ان خريداريءَ تي کلندو رهيو ته فون ملڻ کان اڳ تالو ورتو اٿم ۽ هو اهو لطيفو ڪي سال مختلف جهازن تي ٻڌائيندو رهيو. پر ڇا ڪجي فون کي تالو هڻڻ انهن ڏينهن ۾ رواج، فيشن ۽ سيڪيورٽي سمجھي وئي ٿي ۽ هاڻ ته مونکي فون هونءَ ئي ملي وڃڻو هو جو ملڪ جي وزير مواصلات ان لاءِ Recommend ڪيو هو.
آئون خوش خوش درخواست کڻي ٽيليفون ڊپارٽمينٽ جي هيڊ آفيس ۾ ان ”مٿي ڦريل صاحب“ وٽ پهتس. هن درخواست کي غور سان ڏسي چيو ته ”وزير صاحب صحيح ڪئي آهي ته ڇا ٿي پيو. کڻ پنهنجي درخواست.“
آئون وائڙو ٿي ويس ۽ دل ۾ سوچيم ته هي ولايت جا ملڪ نه آهن جن جو سير ڪري پهتو آهيان. اسان جي ملڪ ۾ بس ائين ئي ڪم هلي ٿو. واپس جهاز تي موٽڻ بدران پاڪستان چوڪ تي سائين علينواز وفائي جي پريس تي آيس جتان هو هر هفتي ”آزاد“ اخبار ڪڍندو هو. منهنجو هڪ ڪتاب (سفرنامو) پڻ ڇپيو هئائين. هو منهنجي والد جو همعمر ۽ دوست هو پر منهنجو هڪ اديب جي حيثيت ۾ به خيال ڪندو هو. هو پئسي وارو ماڻهو نه هو پر پنهنجي والد صاحب مولانا دين محمد وفائي وانگر، اخبار جي ايڊيٽر ۽ سماجي ڪمن ڪري هر قسم جي ڪاموري توڙي سياستدان هن جو خيال ڪيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڪستان چوڪ وٽان لنگهي رهيو هو ته پنهنجي سڄي قافلي کي بيهاري چيو ته مون کي پنهنجي دوست سان ملڻ ڏيو. اها خبر ٻئي ڏينهن سڀني اخبارن ۾ آئي هئي ته ملڪ جي وزير اعظم پنهنجي گاڏي بيهاري پراڻي دوست سان ملڻ لاءِ هن جي ننڍڙي دڪان (ڇاپخاني) ۾ وڃي ويٺو.
منهنجي منهن تي اداسي ڏسي وفائي صاحب پڇيو: ”خير ته آهي. جهاز تي دل نه ٿي لڳي ڇا؟“
آخر زور ڀرڻ تي ٻڌايومانس ته ٽيليفون نٿو لڳي.
”بس! ڳالهه به ايتري. هينئر جو هينئر تون فلاڻي آفيسر وٽ وڃ ته آئون ٿو فون ڪريان.“
”انهيءَ ته درخواست اڇلي ڏني اٿم. ممتاز ڀٽو صاحب جي به نه ٿو ٻڌي.“ مون وفائي صاحب کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
”بابا ڀٽو صاحب ڀٽو صاحب آهي وزير مواصلات! آئون هڪ ننڍڙو ماڻهو آهيان. تون منهنجي ڳالهه مڃ ۽ هينئر ئي واپس وڃ متان آفيس مان نڪري نه وڃي.“
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي بلڪه اهو ئي سوچيندو رهيس ته هن ڀيري پڪ گاريون به کائيندس .... پر رستي تي اهو به خيال آيو ته ٿي سگهي ٿو وفائي صاحب جي ڳالهه مڃي وڃي ڇو جو وفائي صاحب هميشه نه فقط غريب غربائن جا ڪم ڪندو رهيو آهي پر آفيسر ۽ سياستدان به هن کان صلاح وٺڻ ۽ هن جي سفارش لاءِ هن وٽ ايندا رهيا ٿي. ويندي پير ۽ وڏا جاگيردار هن جي عزت ڪندا هئا. وفائي صاحب جيتوڻيڪ يونيورسٽين جو گرئجوئيٽ نه هو پر هن مذهب، تاريخ، سماجيات ۽ سياست جي وڏي ڄاڻ رکي ٿي. پنهنجي تعليم لاءِ ته پاڻ ئي چوندو هو ته: ”بابا آئون مئٽرڪ فيل بي اي پاس آهيان.“ حيرت جي اظهار تي چوندو هو ته: ”ان ڪري جو مئٽرڪ جو امتحان مون انگريزن جي حڪومت ۾ ڏنو هو بي اي جو پاڪستان ٿيڻ بعد.“
وفائي صاحب هڪ دلير صحافي هو ۽ پنهنجي اخبار ۾ حڪومت جون خوب کَلون لاهيندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ جا وزير، سياستدان ۽ سرڪاري ڪامورا پڻ کانئس ڊڄندا رهيا ٿي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون سوچيندو ان ڏنگي ٽيليفون آفيسر جي ڪمري ۾ پهتس. هن جيئن ئي مون ڏي ڪاوڙ مان گھوري ڏٺو ته مون چيو مانس ته: ”مونکي وفائي صاحب موڪليو آهي، فون تي هن توهان کي ٻڌايو هوندو.“
اهو ٻڌي هن جو نمونو ئي بدلجي ويو ۽ ٻنهي هٿن سان مون کان درخواست وٺي چيو ته: ”بس بس فڪر نه ڪر. پهرين ٻڌايو ها نه ته هو توهان جو مامو آهي.“
جلدي يا شايد Excitement ۾ مون کان ان درخواست جو ڪائونٽر (رسيد) سلپ وٺڻ به رهجي ويو. ان بعد ڪياماڙي پنهنجي بيٺل جهاز تي اچي چڙهيس. شامَ جو پنجين بجي موڪل ٿيڻ تي پنهنجي گهر نارٿ ناظم آباد ۾ پهتس ته در اڳيان هڪ گڏهه گاڏي بيٺي هئي جنهن تي تارن جو ويٽو ۽ ڏاڪڻ رکيل هئي. موٽر سائيڪل تي ويٺل همراهه مون کي ڪاري رنگ جو ”ٽيليفون پيس“ ڏئي (انهن ڏينهن ۾ ان هڪ ئي رنگ جا فون هوندا هئا) مون کان پني تي صحيح ورتي ته ٽيليفون لڳي ويو. ٿنڀي ۾ ٽيليفون جون تارون هو منهنجي پهچڻ کان اڳ لڳائي چڪو هو. مون فون کي ڊرائنگ روم ۾ رکي ان سان تار ملائي پهريون ڪم ان کي تالو هڻڻ جو ڪيو ۽ دل ۾ سوچيو ته ”واهه واهه وفائي صاحب....! توهان جهڙو مامو خوش هجي شال!“
وفائي صاحب کي وفات ڪئي به سال گذري ويا. سندس ٻار اسان کان گهڻو گهڻو ننڍا هئا. ايتري قدر جو انهن مان ننڍن کي ته اسان ڪڇ تي به کڻي گهمايو. هينئر سڀ وڏا ٿي ويا آهن .... ٻارن ٻچن وارا. سواءِ هڪ جي باقي سڀ ٻاهر رهن ٿا. جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، اتفاق سان آئون ان جي ئي پاڙي ۾ اچي رهيو آهيان ۽ هن سان اسان جي پاڙي واري مسجد ۾ هر روز سلام دعا ٿيندي رهي ٿي. مٿيون مضمون شايد لکڻ جي نوبت نه اچي ها ۽ هيءَ ٽيليفون واري ڳالهه به وساري چڪو هوس پر هينئر هڪ اهڙي ڳالهه ٿي جو هيءَ پراڻي ڳالهه ”مامي“ واري ياد اچي وئي. مٿئين ڳالهه بعد اڄ چاليهه ٻائيتاليهه سالن بعد جڏهن دنيا جا چڪر هڻي پنهنجي ملڪ جي شهر ڪراچي ۾ اچي رهيو آهيان، گذريل هفتي پنهنجي علائقي جي هڪ بئنڪ تي پنهنجو اڪائونٽ کولرائڻ لاءِ ويس ۽ مئنيجر صاحب کان لاڪر لاءِ پڻ پڇيم جو اها بئنڪ هاڻ نئين نئين کلي هئي ۽ مون کي خبر پئي ته انهن وٽ ڪيترائي لاڪر خالي آهن.
منهنجي پڇڻ تي مئنيجر صاحب اهي پيو نمونا ڪري ڄڻ هو هڪ ڪمرشل بئنڪ بدران ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس جو DIG هجي. جيتوڻيڪ اهي آفيسر به ٻين ملڪن ۾ پنهنجو پاڻ کي عوام جا خذمتگار سمجھندا آهن جو عوام جي ڏنل ٽئڪسن مان هنن کي پگهار ملي ٿو. بهرحال مئنيجر صاحب لاڪر ڏيڻ لاءِ ”ها“ به نه ڪئي ۽ ”نه“ به نه ڪئي. ”ڏسو ان لاءِ مون کي وقت کپي. لاڪر ملڻ سولو ڪم نه آهي. ڪو خالي ٿيڻ تي ڪيترائي اميدوار انتظار ۾ رهن ٿا. توهان ڏينهن ٻن بعد وري اچجو ته آئون توهان کي پوزيشن کان آگاهه ڪندس ....“ وغيره وغيره.
دل ۾ مون چيو ” ٺهيو! اهو ڪم به نه ٿيو! نئين صدي شروع ٿيڻ جي باوجود اسان جي ملڪ جا اهي ئي حال آهن.“ اڄ کان ٽيهه ڇاليهه سال اڳ، مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيونيشيا جي جهازن جو هڪ ڪئپٽن پڙهندو هو. اهو ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ هوندو هو ته کلي چوندو هو: ”مسٽر الطاف! اسان جا ملڪ ترقي پذير (Under Developed) آهن ۽ اهي هميشه ائين ئي رهندا. ڪڏهن به نه سڌرندا.“ واقعي هن صحيح ٿي چيو. ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ويٽنام جهڙا ”ڄٽ ملڪ“ به سڌري ويا پر اسان وٽ جنهن کي موقعو ٿو لڳي هو پنهنجو پاڻ کي ”اهم“ ٿو سمجھي. پنهنجو پاڻ کي ان اداري جو ”وڏيرو“ ٿو سمجھي! اسان وٽ ’وڏيرڪي ذهنيت‘ ختم ئي نه ٿي ٿئي.
اتفاق اهڙو جو ان ئي ڏينهن مغرب جي نماز تي منهنجي نظر وفائي صاحب جي پُٽ تي پيئي ۽ مون کي ياد اچي ويو ته هن جو واسطو به بئنڪنگ سان آهي. منهنجي پڇڻ تي هن ان ئي بئنڪ جو نالو ٻڌايو جنهن ۾منهنجو ڪم هو ۽ جڏهن کانئس سندس پوزيشن جو پڇيو، ته خبر پئي ته هو هڪ سينئر پوسٽ تي آهي، جنهن هيٺ سڄي شهر جي ان نالي واري بئنڪن جا مئنيجر اچن ٿا. مون کيس ٻڌايو ته هيءَ ڳالهه آهي جي ممڪن هجي ته ان برانچ جي مئنيجر کي چوي.
”سائين اها ته ڳالهه ئي نه آهي. توهان سڀاڻي ئي هليا وڃجو.“ هن چيو.
ٻئي ڏينهن بئنڪ تي پهتس. دل ۾ چيم ته خبر ناهي نينگر فون ڪيو يا نه. پر جيئن ئي دروازو کولي اندر گهڙيس ته گيٽ وٽ ويٺل ڪالهه واري ڪلارڪ وڏي آڌر ڀاءَ سان ملي چيو: ”سائين اچو! اچو! مئنيجر صاحب توهان جو ڪافي دير کان انتظار ڪري رهيو آهي.“
مئنيجر صاحب اسان کي سندس ڪمري ڏي ايندو ڏسي يڪدم ٻاهر آيو ۽ کيڪاري اندر وٺي آيو. چانهه جو آرڊر پٽيوالي کي ڏئي ڪلارڪ کي منهنجي ڪم جي جلد اڪلاءَ لاءِ تاڪيد ڪئي ۽ مونکي نياز ۽ نئڙت سان چيو: ”سائين ڪالهه ئي ٻڌايو ها نه ته صاحب توهان جو ’ڀاڻيجو‘ آهي.“
ڪهاڻيءَ جو مورال: اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ڇا هن ملڪ ۾ ”مامي“ يا ”ڀاڻيجي“ کان سواءِ ڪو ڪم هلي به سگهندو يا نه؟!