هڪ بهترين ترجمو .... تخيل جو موت
”پوءِ ڀلا لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري آهي يا نه؟“ هڪ پڇيو. ٿڌو ساهه کڻي چيومانس ته ”بس ان ڳالهه ئي ته منجهايو آهي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا کاڌي پيتي جي ڪِري نٿي ماري پر لکڻ پڙهڻ تي بندش مون لاءِ سخت تڪليف واري ڳالهه آهي“.
آپريشن کان اڳ جڏهن ڊاڪٽر اهو ٻڌايو ته هفتو ٻه لکڻ پڙهڻ کان گريز ڪجان ته ان وقت مون کي خوشي ٿي ته ان بهاني مون کي لکڻ پڙهڻ کان آرام ملي ويندو پر پوءِ چپ چاپ ويهڻ سان ويتر ڪيتريون ئي ڳالهيون ڌيان ۾ اچڻ لڳيون ۽ انهن کي لکڻ لاءِ دل اڌما کائڻ لڳي. نشي جي عاديءَ وانگر هڪ ليکڪ لاءِ لکڻ پڙهڻ ڇڏڻ مشڪل ڪم آهي. هونءَ مون ڪيترائي دفعا پاڻ کي سمجهايو هوندو ته هاڻ هن وڏي عمر ۾ لکڻ پڙهڻ کان پاسو ڪجي پر پوءِ مون کي ڪي اهڙا ماڻهو ڌيان ۾ اچيو وڃن جيڪي مون کان وڏي عمر جا هجڻ جي باوجود لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول آهن. انهن مان هڪ دادو جو پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز قريشي آهي جنهن جو تازو ڪتاب ”تخيل جو موت“ توهان جي هٿن ۾ آهي. مون کي هميشه پروفيسر اعجاز قريشي کان Inspiration ملندي آهي جو هو هر وقت لکڻ پڙهڻ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رڌل رهندو آهي. مون هن کي ننڍپڻ جا ڪجهه سال دادوءَ ۾ ڏٺو جڏهن اسان موڪلن ۾ پنهنجي ماسيءَ جي گهر ويندا هئاسين. سندن گهر ۾ سندن والد صاحب ايڊوڪيٽ علي محمد قريشي جي ننڍڙي لائبريري هوندي هئي جنهن مان هو اسان کي به ڪتاب ڪڍي ڏيندو هو ته پڙهون.
پروفيسر اعجاز جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو يا نوڪري ڪيائين ان دوران منهنجي ساڻس ملاقات نه ٿي جو تعليم توڙي نوڪري جي سلسلي ۾ منهنجو هميشه ٻاهر رهڻ ٿيو. دراصل هن کي مون چڱي طرح مون برطانيا ۾ ڏٺو جڏهن هو اعليٰ تعليم لاءِ گلاسگو آيو هو ۽ اسان جو جهاز سامان لاهڻ، هڪ وڏي مرمت ۽ سامان چاڙهڻ جي سلسلي ۾ يڪو مهينو ڏيڍ ان بندرگاهه ۾ بيٺو رهيو. مختلف ملڪن ۾ اسانجون پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان ان ريت اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهيون ٿي. وطن ۽ مائٽن مٽن جي نظرن کان پري هجڻ ڪري اسان جا نوجوان ولايت ۾ ڪجهه آزاد ۽ گهمڻ ڦرڻ جا شوقين ٿي پوندا آهن پر مون کي ياد ٿو اچي ۽ اهي ڏينهن سوچي حيرت ٿي ٿئي ته اعجاز ڪيڏي محنت ڪندو هو. هو ٿورو به وقت وڃائڻ جي خلاف هو. هر وقت ڪتابن ۾ چهٽيل رهيو ٿي ۽ اهو ئي حال اڄ به اٿس. اڄ به هو ادبي ۽ درس تدريس جو ڪم جاري رکندو اچي. جيتوڻيڪ سندس سبجيڪٽ Economics رهيو آهي پر سنڌي ادب ۽ ثقافت سان هن کي ننڍپڻ کان چاهه آهي. سندس ڪتاب، سندس ڪالم ۽ سندس تقريرون آئون وڏي چاهه سان ٻڌندو اچان.
سندس ڪتاب نه فقط ادب جي لحاظ کان پر تاريخ ۽ سياست جي خيال کان به اهم آهن، خاص ڪري ”ون يونٽ ۽ سنڌ“، ”ڪراچيءَ جو ڪيس“، ”سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا“ ۽ ”ڏاها هن ڏيهه جا“. ان کان علاوه ”سنڌ جي تاريخ“ ۽ ”اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون“ جو ٽيون ڇاپو ڇپائيءَ هيٺ آهي.
هي نئون ڪتاب اسان جي دلپسند ليکڪا مائي ارون ڌتي راءِ جي لکيل ڪجهه مضمونن جو ترجمو آهي. ارون ڌتي سندس لکڻين ڪري، خاص ڪري سندس مشهور ناول The God of Small Things ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. پر هوءَ بقول سندس، سائوٿ انڊيا ـــــ يعني هندوستان جي ڏکڻ واري حصي ۾ وڌيڪ پاپولر آهي. منهنجي هن سان هڪ دفعو ڪولمبو (سريلنڪا) جي ايئرپورٽ تي اوچتو ملاقات ٿي ته هن اهو ٻڌايو هو. جواب ۾ مون چيو هئومانس ته اسان وٽ پاڪستان ۾ به ان جي ڏاکڻي صوبي، يعني سنڌ ۾ تنهنجي لکڻين کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
”ڪيئن ڀلا؟“ هن پڇيو هو.
”اهو ائين جو هر دفعي جڏهن آئون تنهنجي ڪنهن لکڻيءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچيندو آهيان ته پبلشر ٻڌائيندو آهي ته اها اڳئين ترجمو ٿي ڇپجي چڪي آهي“.
هن دفعي مون کي حيرت ٿي جڏهن پروفيسر اعجاز قريشيءَ ارون ڌتي راءِ جي تازن مضمونن جي ترجمي جو ڪتاب ”تخيل جو موت“ ڏيکاريو ۽ ان تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو. ارون ڌتيءَ جون لکڻيون پنهنجي جاءِ تي پر اعجاز صاحب جو ترجمو به تعريف جوڳو آهي ۽ کيس اهو ئي چوندس ته هو ٻين جون لکڻيون به ترجمو ڪري جيئن انگريزيءَ کان گهٽ واقف اسان جا ماڻهو ڌارين ملڪن جي ليکڪن جون لکڻيون دلچسپي سان پڙهي سگهن.
ڪتاب ۾ شامل “تخيل جو موت” نالي مضمون جيڪو ڪتاب جو ٽائٽل پڻ آهي، حقيقت ۾ اهو ئي مضمون سموري ڪتاب جو مغز يا ڳر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي ايٽمي ملڪ هجڻ بابت پيرائتي انداز ۾ نهايت ڪارائتو بحث ڪيو ويو آهي، ليکڪا پنهنجا خدشا، دل جا اُڌما ۽ خيال ظاهر ڪندي سڄي دنيا کي خبردار ٿي ڪري ته ڪيئن نه ايٽم بم انسانن جي ڪُل ڪائنات کي سيڪنڊن، منٽن ۾ مٽيءَ جو ڍير بڻائي سگهن ٿا. هوءَ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: “جيڪڏهن ايٽمي جنگ لڳي ته اسان جو مقابلو چين يا آمريڪا سان نه ٿيندو، اسان جي دشمني خود پنهنجي ڌرتيءَ سان ٿيندي، فطرت جا عنصر آسمان، فضا، زمين، هوا ۽ پاڻي، سڀ اسان جي خلاف صفون ٻڌي بيهندا ۽ ان جو نتيجو انتهائي تباهيءَ وارو هوندو.” ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته اوندهه انڌوڪار جا دل ڏاريندڙ منظر هوندا، زندگيءَ جو نالو نشان باقي نه رهندو، سج لهڻ ۽ اُڀرڻ جا منظر پنهنجي موت پاڻ مري چڪا هوندا. ڀارت ۽ پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کان پوءِ واري پئدا ٿيل صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هميشه رهندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي هوءَ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ٿي ته: “لاهور ۽ امرتسر وچ ۾ فقط ٽيهن ميلن جو مفاصلو آهي، جيڪڏهن اسان لاهور ۾ بم ڪيرايو ته سڄو پنجاب ان باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويندو. جيڪڏهن ڪراچي ۾ بم ڪيرايو ته گجرات ۽ راجسٿان بلڪه ممبئي به سڙي ويندو. پاڪستان خلاف ڪنهن ايٽمي جنگ جو مطلب پاڻ خلاف جنگ ٿيندي.”
اها حقيقت نه وسارڻ کپي ته هاڻي سڄي دنيا ۾ وڏن ڊيمن ۽ آبي ذخيرن جو دور پڄاڻي تي پهتو، ترقي يافته ملڪن ۾ ته ڊيمن جو استعمال بنهه معيوب بڻجي چڪو آهي ۽ انهن کي حڪومتون پاڻ ئي ختم ڪري رهيون آهن ليڪن پاڪستان ۽ ڀارت ٽين دنيا جا اهڙا ملڪ آهن جيڪي لکن جي تعداد ۾ عوام جي ذلتن، مخالفتن ۽ بي گهر ٿيڻ جي باوجود به وڏا ڊيم اڏڻ خاطر سندرو ٻڌيو بيٺا آهن. ليڪن ارونڌتي راءِ نرمدا وادي تي 30 ڊيم اڏڻ خلاف سڀني کان اڳيان آهي. وڏا ڊيم ٺهڻ سان لکين ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ، بي گهر ٿيڻ ۽ دربدري کي نگاهه ۾ رکندي هوءَ لکي ٿي ته: “وڏن ڊيمن جي تعداد جي لحاظ کان دنيا جي سڀني ملڪن مان هندستان ٽئين نمبر تي آهي، هتي 3600 ڊيم اهڙا آهن جيڪي وڏا ڊيم چئي سگهجن ٿا. اهڙا 695 وڌيڪ ڊيم تعمير هيٺ آهن. انهن مان اَڌ هندستان ۾ تعمير ٿي رهيا آهن. مطلب اهو آهي ته سڄي دنيا ۾ جيترا به ڊيم اڏاوت هيٺ آهن انهن مان اَڌ هندستان ۾ تعمير ٿي رهيا آهن. اهڙا مقصد جيڪي باعزت نه آهن، سياستدانن ۽ منصوبي سازن انهن کي قومپرستيءَ جي علامتي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.”
ليکڪا وڏا ڊيمن ٺهڻ سان ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ ماحولياتي تباهي بابت جيڪي خدشا ظاهر ڪري ٿي لڳ ڀڳ ساڳيو حال پاڻ وٽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي. جتي گئس ۽ تيل جي کوٽائي ۽ ڌماڪن دوران مقامي ماڻهن کي نه ته اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي نه وري ڪا ماحولياتي سروي ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪارڻ ماحوليات کي تمام گهڻو نقصان پهچندو رهي ٿو. وڻ ٽڻ، جهنگلي جيوت، فطري ماحول ۽ ماڻهو متاثر ٿيڻ ان جو واضح مظهر آهن. هوءَ لکي ٿي ته: “سرڪاري سروي مطابق مهيشور ڊيم جي آبي ذخيري سبب 61 ڳوٺ پاڻي هيٺ ايندا جن مان 13 پوريءَ ريت ٻڏي ويندا. جڏهن ته باقي ڳوٺ پنهنجون زمينون وڃائي ويهندا. معمول موجب انهن ڳوٺن جي رهواسين کي ڊيم جي تعمير جي منصوبي جي باري ۾ يا انهن کي اتان ٿيندڙ بي دخلي جي باري ۾ ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو آهي ۽ بلڪل هيءَ خبر ملندي ئي هو عدالت ۾ ويندا ته انهن کي ٻڌايو ويندو ته توهان گهڻي دير ڪري ڇڏي ۽ هاڻي ته ڊيم جي تعمير شروع ٿي چڪي آهي.”
“جمهوريت” جي عنوان هيٺ مضمون ۾ ڀارت ۾ موجود مذهبي متڀيد کي نشانبر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خاص طور گجرات ۾ ٿيل هندو-مسلم فسادن جي آڙ وٺي ڪيترن ئي مسلمانن سان زيادتيون ڪيون ويون، ليکڪا بڙودا مان پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ جو حوالو به ڏئي ٿي، جنهن جي هڪ مسلمان ساهيڙي سعيده کي گجرات جي فسادن جي آڙ وٺي هندو انتهاپسندن جيئري ئي پڪڙي سندس پيٽ ڦاڙي سندس پيٽ ۾ سڙيل مادو ڀري ڇڏيو هو ۽ مرڻ کان پوءِ سندس نرڙ تي “روح” لکيو ويو- هوءَ سوال ٿي اُٿاري ته آخر هندو مت جو ڪهڙو ڪتاب آهي جيڪو اهڙين حرڪتن جي تعليم ٿو ڏئي. ايئن هوءَ احمد آباد ۾ اردو غزل جي باني ولي گجراتي جي مزار ڊاهي رات پيٽ ۾ ان مٿان روڊ ٺاهڻ ۽ موسيقار استاد فياض علي خان جي مزار جي بيحرمتي جو به دکدائڪ انداز سان ذڪر ڪري ٿي.
سچي ڳالهه اها آهي ته مذهب جي نالي ۾ انتهاپسندي پاڪستان ۾ به ساڳي ريت موجود آهي، ڀارت ان لحاظ سان خوش بخت چئجي جو اُتي ارونڌتي راءِ جهڙيون ليکڪائون، ڪي ٻيا انيڪ آرٽسٽ، دانشور ۽ فنڪار موجود آهن، جيڪي اهڙي اَنياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿين ٿا ۽ کين اظهار راءِ جي آزاديءَ جو حق حاصل آهي، پر پاڻ وٽ نه ته اهڙا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لکاري، آرٽسٽ، فنڪار ۽ دانشور آهن جيڪي ايئن ڀير تي ڏونڪو هڻي حق سچ چئي ۽ لکي سگهن نه وري کين اهو چوڻ جي آزادي جو حق حاصل آهي.
“اسان کي امبيڊڪر جي ضرورت آهي” ليکڪا جو شاندار مضمون آهي، جنهن ۾ هندستان اندر نسلي متڀيد، ذات پات خلاف جدوجهد ڪندڙ امبيڊڪر جو ڪردار اجاگر ڪيو ويو آهي جيڪو اڇوتن جو سرواڻ هو. ارونڌتي پنهنجي مضمون ۾ مهاتما گانڌي ۽ امبيڊڪر جي ٽڪراءُ بابت بحث ڪندي چوي ٿي ته: “امبيڊڪر، گانڌي جو سڀ کان وڌيڪ مخالف هو” گانڌي جي دنيا ۾ پنهنجي آدرشن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر هي مائي گانڌي جو نئون تعارف پيش ڪري ٿي، ساڻس اختلاف رکڻ پنهنجي جاءِ تي پر ڪي حقيقتون تسليم ڪرڻ جوڳيون پڻ آهن.
شامل مضمونن ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر، ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڪيئن راڪاس بڻجي عوام کي غلام بڻائي رهيون آهن ۽ هر شئي، پاڻي، هوا ۽ بجلي سميت زندگيءَ سان لاڳاپيل وٿون خانگائي کين غلام بڻايو پيو وڃي. ايئن وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت کي به ارونڌتي انتهاپسند هندو ۽ آمراڻي حڪومت قرار ڏيندي تفصيلي طور بحث هيٺ آندو آهي.
منهنجي خيال ۾ “تخيل جو موت” جي عنوان سان پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ننڍي کنڊ جي اَمر ليکڪا ارونڌتي راءِ جا نهايت ڪارائتا مضمون سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ سهيڙي نهايت شاندار ڪم ڪيو آهي، هي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ سٺو واڌارو هوندو. اڳتي به اها ئي اميد رکجي ٿي ته اعجاز قريشي صاحب ساڳي اُتساهه ۽ جاکوڙ سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت جاري رکندو.
ارون ڌتيءَ جو سڀ کان گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”دي گاڊ آف سمال ٿنگز“ آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ ”هيڻن جو الله“ جي نالي سان ڇپيو آهي. هي ڪتاب ارون ڌتي جي نيم آتم ڪٿا به چئي سگهجي ٿي جنهن ۾ هن پنهنجي ننڍپڻ جي ڏينهن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ننڍي کنڊن جي ليکڪن/ ليکڪائن جي ڪتابن جي مقابلي ۾ هي ڪتاب سڀ کان گهڻو ڇپيو آهي. ارون ڌتيءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ جوڳا آهن، جيئن ته:
The Ministry of Utmost Happiness,
The End of Imagination
The Cost Of Living
The Algebra of Infinite Justice
Public Power in Age of Empire
وغيره وغيره.
ارون ڌتي راءِ هونءَ ته سڃاڻپ جي خيال کان هڪ ناول نگار آهي پر ساڳي وقت هن جو صحافت سان به واسطو رهندو اچي. هوءَ انساني حقن لاءِ به جاکوڙيندڙ آهي. هن جون ڳالهيون پڙهي مون کي هميشه سنڌ جي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتون: عطيه دائود، امر سنڌو، عرفانه ملاح، ويرو ڪولهي، بختاور ڄام، حسين مسرت ۽ نسيم اختر جلباڻي وغيره ياد اينديون آهن. سندس اخبارن ۾ ايندڙ مختلف موضوعن جي مضمونن ۾ انسانيت جي پرچار هوندي آهي. هوءَ سچ ۽ حق جي ڳالهه تي هميشه اٽل رهي ٿي پوءِ ڀلي هن کي ڪيترو به ڏنڀيو وڃي. ارون ڌتي راءِ جي اهڙن ڪجهه مضمونن جو اسانجي دوست پروفيسر اعجاز قريشيءَ ترجمو ڪيو آهي ۽ ماشاءَالله تمام سٺو ترجمو ڪيو آهي. اها ڳالهه سوچي مون کي رکي رکي اها ساڳي ڳالهه ڌيان ۾ اچي ٿي ته اعجاز جو مطالعو جڏهن تمام وسيع آهي، هو ارون ڌتي جي لکڻين جهڙا مضمون ٻين ليکڪن ۽ ليکڪائن جا به پڙهندو هوندو جيڪي پڻ ترجمو ڪرڻ سان گهڻن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿي سگهندو ۽ اهو ئي عرض عطا محمد ڀنڀري، حسين بادشاهه، جاويد راڄپر، شفقت قادري، اياز علي شيخ ۽ ننگر چنا جهڙن اديبن کي ڪندس جيڪي ترجمي جا ماهر آهن ۽ اردو، انگريزي ۽ فرينچ ٻولين مان سنڌي ۾ ترجمو ڪندا رهن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ارون ڌتي کي ڪمزورن جي حقن ۽ ڏکن غمن جو ايڏو خيال ڇو آهي؟ شايد ان ڪري جو هن جي زندگي به دردن جو داستان آهي. هوءَ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائي وڏي ٿي. ٻاروتڻ ۾ ماءُ پيءُ جي الڳ ٿيڻ ۽ پيءُ جي پيار نه ملڻ جو درد هن سان گڏ رهيو. ايئن هوءَ پاڻ سراپا درد هوندي سماج جي ذلتن، ريتن رسمن، اڻبرابري واري نظام ۽ رياستن جي جبر هيٺ آيل ڪمزور ۽ ڏکويل ماڻهوءَ جي صدا بڻجي پئي.
ارون ڌتي راءِ 24 نومبر 1961ع تي انڊيا جي بلڪل اوڀر اتر واري صوبي ميگهالايا جي گادي واري شهر شلانگ ۾ ڄائي. انڊيا جو هي صوبو بنگلاديش جي به پرئين اڌ يعني سلهٽ ۽ ميمن سنگهه مٿان اتر ۾ آهي ۽ ساڄي پاسي اوڀر ۾ اڳيان برما شروع ٿو ٿئي. اسان جي ماڻهن انڊيا جي هنن صوبن (رياستن) بابت گهٽ ٻڌو هوندو. هن پاسي ٽوئرزم به نه برابر آهي. امن امان به گهٽ آهي... سمجهو ته سنڌ جو جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي آهي جتي جي غريب عوام کي ڪَئين مسئلا آهن. بک، بيروزگاري، بيماري، اڻ برابري ڪري انڊيا جي هن پاسي وارين رياستن ۾ هر وقت حڪومت خلاف تحريڪون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. انگريز راڄ ۾ ته هيءَ رياست Scotland of East سڏبي هئي. هن پاسي هندي ڪو ورلي سمجهي ٿو. سرڪاري ٻولي، انگريزي آهي ۽ مڪاني ٻوليون خاصي، پنار، هجونگ، گارو وغيره آهي. مزي جي ڳالهه اها ته هن رياست ميگهالايا ۾ Matrilineal سسٽم آهن يعني ٻار جي سڃاڻپ ماءُ جي خاندان سان ٿئي ٿي ۽ ورثو به ان ريت ڏنو وڃي ٿو. ماءُ جي مرڻ تي سڄي ملڪيت جي وارث ننڍي ڌيءَ ٿئي ٿي ۽ والدين جي خذمت چاڪريءَ جو فرض به پٽ تي نه پر ننڍي ڌيءَ تي ٿئي ٿو. هتي بارش بنگلاديش کان به گهڻي پوي ٿي بلڪه ميگهالايا جي معنيٰ ئي آهي ”ڪڪرن مٿان گهر“. ميگهه سنسڪرت جو لفظ آهي معنيٰ بادل. اسان وٽ به سنڌيءَ ۾ ميگهه جهڙڦڙ ۽ مينهوڳيءَ جي موسم کي سڏيو وڃي ٿو ۽ اسان وٽ ميگهه، ملهار ۽ سارنگ اهي ٽي مشهور سر آهن. شاهه لطيف جو هڪ بيت ياد اچي رهيو آهي ته:
ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي
جهڙا منهنجا سپرين تهڙا ميگهه ملهار
کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪري.
ارون ڌتي جو پيءُ راجب راءِ ڪلڪتي جو بنگالي هندو هو ۽ ماءُ ميري راءِ ڏکڻ هندستان جي ملبار ڪناري واري رياست ڪيرالا جي مليالم ڳالهائڻ واري عيسائڻ هئي. مليالم، تيلگو، تامل ۽ ڪنهڙ سائوٿ انڊيا جون مشهور ٻوليون آهن ۽ ڪيرالا ۾ عيسائين جو وڏو تعداد رهي ٿو جن مان ڪجهه ذاتين لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي پهرين صديءَ ۾ شام عراق پاسي کان سينٽ ٿامس سان گڏ آيل عيسائين جو اولاد آهن. ميري (ارون ڌتي جي ماءُ) به عورتن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ (خاص ڪري شامي عيسائي عورتن لاءِ) وڏي جاکوڙي مشهور رهي آهي. ارون ڌتي ٻن سالن جي هئي ته سندس والدين جي طلاق ٿي وئي ۽ هوءَ شلانگ (ميگهالايا رياست) کان پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ ڪيرالا هلي آئي جتي هن جي ماءُ اسڪول کوليو. ارون ڌتي ان اسڪول بعد نلگرس جي مشهور ڪانوينٽ اسڪول لارينس اسڪول ۾ داخلا ورتي. ان بعد هن آرڪيٽيڪچر ۾ ڊگري دهليءَ مان حاصل ڪئي جتي هن جي ملاقات هڪ گوا جي آرڪيٽيڪٽ سان ٿي ۽ شادي بعد هو ڪجهه عرصو دهليءَ ۾ رهڻ بعد گوا آيا. ٻه سال گڏ رهڻ بعد هنن جي طلاق ٿي وئي. ارون ڌتي موٽي دهلي آئي جتي 1984ع ۾ هن جي ملاقات فلمساز پرديپ ڪرشن سان ٿي جنهن هن کي پنهنجي هندي فلم Massey Sahib ۾ اهم رول ڏنو. هيءَ فلم انگريزي ناول Mister Johnson تي ٺهيل آهي. هيءَ هڪ ڪامياب ۽ مزيدارفلم ڏسڻ وٽان آهي. ارون ڌتيءَ جي به هن فلم ڪري وڏي مشهوري ٿي. هن فلم بعد پرديپ ڪرشن ۽ ارون ڌتي جي شادي ٿي ۽ ٻنهي گڏجي ٽي وي سيريز تي ڪم ڪيو ۽ ٻه هندي فلمون Annie ۽ Electric Moon ٺاهيون. بعد ۾ فلمي دنيا کان بيزار ٿي ارون ڌتيءَ ٻيا به جاب ڪيا. ويندي ايروبڪس اسڪول به کوليو پر آخرڪار هيءَ شادي به ٽٽي وئي ۽ طلاق ٿي. گذر سفر لاءِ ارون ڌتي اخبارن ۾ ڪالم ۽ صحافت ذريعي ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيندي رهي. پوءِ اوچتو سندس قسمت سندس ناول The God of Small Things بدلائي ڇڏي. هن ڪتاب جي مشهوري ۽ وڪري سان انڊيا جي ڪنهن به ليکڪ جو ڪتاب مقابلو نٿو ڪري سگهي. اڄ ڏينهن تائين اهو ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌيءَ ۾ ترجمو نواب شاهه جي منور سراج خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي ۽ اهڙي ئي خوبصورت انداز ۾ اسان جي پروفيسر اعجاز قريشيءَ ارون ڌتيءَ جي هنن مضمونن کي ڪيو آهي جيڪي ”تخيل جي موت“ نالي ڪتاب جي صورت ۾ توهان جي هٿن ۾ آهن.