پنھنجي اولاد تي نظر رکو
ھاڻ اھڙي سوال جو ھن عمر ۾ ڪھڙو جواب لکان؟ انسان کي ھر دور ۾ مختلف ناول يا ڪو ٻيو ڪتاب پسند اچي ٿو ..... اهو به سوچيم ته اھڙي ڪنھن سوال مان پڇڻ واري کي ڪھڙو فائدو؟ ٿيو پنھنجو ۽ ٻئي جو وقت وڃائڻ
ٻن ڏينھن بعد وري ساڳي نمبر تان سوال آيو پر ھن ڀيري اھو ساڳيو نه ھو پر ٻيو ھو. ”سائين سڀ کان سٺو شھر ڪھڙو آھي؟“ پڇڻ وارو به ڪو عجيب آھي، مون دل ۾ سوچيو. ڪنھن کي ڪھڙو ٿو شھر وڻي ته ڪنھن کي ڪھڙو....... ڪنھن کي مڪو، مدينو يا مشهد سٺو شھر لڳندو ھوندو ته ڪنھن کي بئنڪاڪ، بصرو يا بيروت .... پر پڇڻ واري جو ھن قسم جا سوال پڇڻ مان ڪھڙو مقصد؟
آئون پنھنجو فون ڪوشش ڪري آن ان ڪري ٿو رکان ته متان ڪو منھنجو شاگرد، جھاز ھلائيندڙ، سمنڊ تي پريشان ھجي ۽ ان قسم جي جھاز سان منھنجو واسطو ھجڻ ڪري آئون پنهنجي تجربي مان هن جو مشڪل ڪجهه آسان ڪري سگهان، يا وري پنھنجي ملڪ جو ماڻھن لاءِ جيڪي ولايت ۾ نوڪري يا تعليم بابت پڇن ٿا ۽ آئون کين نوڪري ڏيارڻ وارن ٺڳ ايجنٽن يا ٻين مسئلن بابت پنھنجي تجربي ۽ معلومات مطابق ڪا رھنمائي ڪري سگھان. مٿين ھمراه جي ميسيجن جو جواب نه ڏيڻ تي ھن جو ھاڻ رکي رکي مِس ڪال اچڻ لڳو. آخر کيس فون ڪري پڇيم ته ھو ڪير آھي ۽ ڇا ٿو پڇڻ چاھي.
خبر پيئي ته ھو لاڙڪاڻي پاسي جي ڪنهن شهر جو آھي ۽ ھن B.A ڪئي آھي. ھن وڏي فخر سان مونکي ٻڌايو ته ھو اڄ ڪلھه CSS مقابلي جي امتحان جي تياري ڪري رھيو آھي.
”ته پوءِ ته توکي ھنن ميسيجن (SMS) ۽ فيس بڪ پٺيان وقت نه وڃائڻ کپي ۽ اھي ڪي CSS جي امتحان سان واسطو رکندڙ سوال نه آھن جن لاءِ تون پيو مون جھڙن کي SMS ڪرين؟“
مون کيس سمجھايو ته جيڪڏھن ھو ملڪ جي ھن اعلي ترين مقابلي جي امتحان ۾ واقعي حصو وٺڻ چاھي ٿو ته في الحال ٻيا شوق ڇڏي پڙھائيءَ ۾ لڳي وڃي. ھن امتحان ۾ سوين ذھين ۽ محنتي شاگرد وھن ٿا جن مان فقط چند مٿاھين پوزيشن وارا کنيا وڃن ٿا. اھو ان ڪري جو ننڊي ھوندي کان آئون به اسلم سنجراڻي. عابد شيخ، ظفر شيخ، اشفاق ميمڻ، شريف بلوچ، نور محمد جادواني، امتياز قاضي، اقبال جماڻي، ڊاڪٽر عثمان چاچڙ ۽ ڊاڪٽر ولي الله دل جھڙن کي ڏسندو اچان ته ھنن ھن امتحان جي تياريءَ ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو هو. آخر ۾ مون ھن کي اھا دلچسپ ڳالھه ٻڌائي ته CSS امتحان پاس ڪري سٺي نوڪري حاصل ڪرڻ جو ھر اميد وار کي شوق ھوندو آھي پر امتحان جي تياري ڪرڻ وارن ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو ھوندا آھن. ھڪ اھي جيڪي چپ چاپ ڪنڊ پاسو وٺي، دوستن يارن سان ملڻ ڪچھريون ڇڏي، ڏينھن رات پڙھائيءَ ۾ ڌيان ڌري امتحان پاس ڪري وٺندا آھن. سندن ڪيترن دوستن کي به ان وقت خبر پوندي آھي جڏھن سندن ڪاميابيءَ جو نتيجو ظاھر ٿيندو آھي. ٻيا وري اھي ھوندا آھن جيڪي پڙھائيءَ تي ڌيان ڏيڻ بدران ھروڀرو مائٽ مٽن، دوست يارن، ويندي اوڙي پاڙي وارن کي ٻڌائيندا وتندا آھن _ بلڪ انھن کي متاثر ڪرڻ لاءِ، اھاني بھاني ذڪر ڪندا رھندا آھن ته ھوCSS جي امتحانن جي تياري ڪري رھيا آھن. ڪڏھن ڪنھن وٽ پيا ويندا ته ڪڏھن ڪنهن وٽ .... اھو پڇڻ لاءِ ته فلاڻو ڪتاب اٿانو؟ آئون CSS جي تياري ڪري رھيو آھيان ..... ۽ پوءِ کين ھنن کان ڪتاب ملي يا نه پر ھنن جي تجسس وارين نگاھن کي ڏسي خوش ٿيندا آھن ته ھنن تي رعب پيو پوي ته اجھو ٿو ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس آفيسر ٿيان.
اھا ڳالھه ڪري مون ھمراھ کي چيو ته تون متان ٻئي ٽولي مان ٿين. ڪوشش ڪري پھرين ٽولي کي فالو ڪر جيڪي پڙھائيءَ ۾ اھڙا مشغول آھن جو ھنن کي ماني کائڻ به وسريو وڃي.
اهڙي طرح ھڪ ٻئي شاگرد جو SMS آيو ته ھو مون سان ڳالھائڻ ٿو چاھي. فون ڪيومانس ته ھن ٻڌايو ته ھو مون کي سالن کان پڙھي رھيو آھي پر مونکي سندس اھا ڳالھه ٻڌي خوشي ٿي ته ھو گھوٽڪي پاسي جي ڪنھن ڳوٺ جو ھڪ غريب ۽ محنتي شاگرد آھي ۽ ھن کي نمل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي آھي جتان ھو ھن وقت ڳالھائي رھيو آھي. آئون کانئس سندس هن نئين تعليمي اداري جي خبر چار پڇندو رھيس ۽ مبارڪ ڏنيمانس. کانئس اھو به پڇيم ته ھاسٽل ۾ ھن جا ڪير روم ميٽ آھن.
”ھڪ ملتان جو آھي ۽ ٻيو سرگوڌا جو.“ ھن ٻڌايو.
”پڙھائيءَ ۾ ڪيئن آھن؟“ مون پڇيو.
”ٻئي محنتي ۽ ذھين آھن.“ ھن ٻڌايو ۽ ھن شايد سمجھيو ته آئون اھو ٿو چاھيان ته ھن کي سنڌي شاگردن سان رھڻ کتو ٿي جو ھن يڪدم چيو ته سائين ھڪ ڪمري ۾ قمبر ۽ نواب شاه جو شاگرد ھو پر مونکي پوءِ خبر پئي. ان کان اڳ ھڪ مستونگ جي شاگرد کي ان ڪمري ۾ بيڊ ملي ويو.
” نه. نه. منھنجو ڪو اھو مطلب ھرگز ناھي،“ مون کيس يڪدم چيو، ”آئون ته اھو ئي چوندس ته پنھنجي ڳوٺ يان صوبي جي ماڻھو جو نه سوچجي پر سٺي ۽ ڪسي جو سوچجي. دوستي ۽ ويجهڙائپ هميشهه ان سان رکجي جيڪو پڙهڻ ۽ اخلاق ۾ بهتر هجي“
مون ھن کي چيو ته اھا ڳالھه دل ۾ نه ڪجو. ڪيترا ماڻھو منھنجي ان نصيحت يا مشوري کي غلط رنگ ڏيندا آھن ته آئون ڪو کين پنھنجن کان نفرت ڪرڻ لاءِ ٿو چوان. ولايت ويندڙ شاگردن کي به آئون اھو ئي چوندو آھيان ته ھو ان ملڪ يا ڌارين ملڪن جي سٺن شاگردن سان دوستي رکي انھن جون سٺيون ڳالھيون پرائين. پنھنجا ته ھونءَ ئي پنھنجا آھن، ڪنھن وقت به ڪم پوڻ تي ھنن وٽ وڃي سگھجي ٿو. ڪجھه ڌارين سان به رکجي راھجي ۽ ھڪ شاگرد کي دوستي جي معاملي ۾ ان ماڻھوءَ جي چونڊ ڪرڻ کپي جيڪو محنتي، ذھين ۽ سٺي اخلاق وارو ھجي.
اسان وٽ ڇا ٿو ٿئي جو ڪنھن جو ٻار ٻاھر پڙھڻ يا نوڪريءَ لاءِ ٿو چونڊجي ته هو پنهنجي ٻار لاءِ يڪدم پڇا ڳاڇا ٿو ڪرائي ته ان اداري يا شھر ۾ ڪو سنڌي آھي ۽ پوءِ ان جي مائٽن ذريعي ان کي پارتون پيون ٿينديون ۽ پنھنجي ٻار کي به چوندا ته ان سان وڃي ملجانءِ ۽ ان سان ئي رهجانءِ. ڪنھن جي به مائٽن کي خبر نٿي پوي ته هن جو ٻار ڪيئن آهي. بلڪ آئون ته اهو چوندس ته اسان جا ڪيترا سنڌي والدين ان معاملي ۾ ڪجھه سست، ڪجھه حد کان وڌيڪ پُراعتماد ۽ ڪجھه خوش فھميءَ ۾ مبتلا رھن ٿا ته ھنن جو ٻار پرديس ۾ رھي بي حد محنت ڪري پڙھي به رھيو آھي ته اخلاق به سٺو اختيار ڪري ويٺو آھي. پر يارو ايئن ناھي. زميني حقيقتون ڪجھه ٻيون ئي ٿين ٿيون. ڪيترن جا ٻار جڏھن اتي پھچي انھن ٻارن جي اثر ۾ رھن ٿا جن کي سندن والدين طرفان پارت ڪئي وئي آھي، ته ھو به ھنن جھڙا ٿيو پون.
ڪجھه ڏيھن اڳ چين جي ھڪ شھر ۾ تعليم وٺندڙ اسان جي ٻن شاگردن کي سزا اچي وئي. ھو نشي ۾ ھئا ۽ انھن مان ھڪ رستي تان لنگھندڙ چيني ڇوڪريءَ سان ھٿ چراند ڪئي جنھن کي ته جيل اچي ويو آھي پر هن سان گڏ هلندڙ ٻئي کي سزا طور ايڏو ڏنڊ ھنيو ويو آھي جو ھن جي غريب مائٽن لاءِ اھو ادا ڪرڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آھي. اھو شاگرد پنھنجي بچاءَ لاءِ دليل ڏيندو رھيو ته ھن جو ڏوھ ناھي ھن کي ھن جيل جي سزا واري دوست ”موتائي چِيو“ (Moutai) شراب پيئڻ لاءِ مجبور ڪيو. پر ڳالھه اھا آھي ته ڏوھ ڏوھ آھي. جيئن ملائشيا ۾ ھڪ شاگرد کي چرس رکڻ جي ڏوھ ۾ سزا ملي وئي. ھو گھڻو ئي دانھون ڪندو رھيو ته ھن جي ملائڪن کي به خبر نه ھئي ته ھن وٽ چرس آھي. ھو ته پنھنجي دوست لاءِ سندس مائٽن طرفان ڏنل مٺائيءَ جو دٻو کڻي آيو ھو. ھن کي ڪا خبر نه ھئي ته ھن مٺائيءَ ۾ ڪجھه چرس به لڪل آھي.
اسان وٽ به سخت قاعدا قانون ۽ ڏوھن جون سخت سزائون آھن پر جيئن ته انھن تي عمل گھٽ ٿو ٿئي يا ڏوھاري رشوت يا اثر رسوخ ذريعي آسانيءَ سان بچيو وڃي ته اسان جي دماغ ۾ اھا ڳالھه ويھي وئي آھي ته دنيا جي ھر ملڪ ۾ ڪم ائين پيو ھلي. پر ائين ناھي. يورپ جا ملڪ ته ڇا پر اسان جي ايشيا جي به ڪيترن ملڪن ۾ قانون سخت آھي ۽ اھو قانون ۽ سزا نه فقط غريب لاءِ آھي پر امير لاءِ به ساڳي آھي. ملائيشيا ۽ سنگاپور به انھن مان ھڪ آھي جتي چرس يا ٻئي منع شده نشي جي ذرڙي واپرائڻ، وڪڻڻ، رکڻ يا ٻئي کي ڏيڻ جي سزا موت آھي. نون آيل ٽوئرسٽن کي انھن ملڪن جي ايئرپورٽن تي لھڻ کان اڳ ھوائي جھاز ۾ ۽ ايئرپورٽ تي وڏن بل بورڊن ذريعي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته Daddah is Death يعني نشي جي سزا موت آھي. ان ڪري ٻاھر ويندڙن کي اھو ئي چوندس ته ھو خبردار رھن. ھو پنھنجي ملڪ مان ڪنھن جي لاءِ ڪابه کاڌي پيتي جي شي يا ٻيو سامان کڻي نه وڃن ۽ نه ايئرپورٽ تي يا ڪنھن انتظار گاه ۾ ڪو ھنن وٽ ٿيلھو يا بئگ رکڻ لاءِ ڏئي ته ھرگز نه رکن ڇو جو ان مان ڪا نشيدار شيءِ نڪري آئي ته ھو ڏوھاري ٿيندو. ملائيشيا وارن جڏھن ھي قانون ٺاھيو ته پھريان ڏوھاري آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جا ٻه نوجوان ٽوئرسٽ ٿيا، جن وٽ سندن استعمال لاءِ ڪو ذرڙو چرس جو يا ڪو ٻيو نشو ھو. کين ڦاھيءَ جي سزا اچي وئي. سندن بچاءَ لاءِ ٻنھي ملڪن جا وزيراعظم اچي ڪوالالمپور ويهي رهيا ته به ھنن کي معاف نه ڪيو ويو ۽ ڦاھيءَ تي لٽڪايو ويو. ان تي ”داداه از ڊيٿ“ نالي انگريزي فلم به ٺھي. داداه (Dadah) نشي جي شين لاءِ ملئي لفظ آھي. پڙھندڙن کي اھو معلوم ڪري افسوس ٿيندو ته ان ڏوھ ۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ڄاڻائي ۽ اڻ ڄاڻائي سبب سزاياب ٿيندا رهن ٿا. ڪيڏي ڏک جي ڳالھه آھي جو ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ نوجوان شاگرد جي والد مونکي فون ڪري شڪايت ڪئي ته سائين منھنجي پٽ کي ملائيشيا ۾ رھندڙ سندس دوستن ٿورو نشو ڪرايو ان کي پوليس گرفتار ڪري وئي آھي. ھن اھو به ٻڌايو ته ھو ھتي پڙھندا ھئا ته به ٿورو ٿورو نشو ڪندا ھئا.
”پر ملائيشيا ۾ نشو ڪرڻ يا نشي جي شيءَ رکڻ سخت ڏوھ آھي. ڇا توھان کي اھا خبر ناھي؟“ مون چيومانس.
”نه سائين! اسان کي خبر نه ھئي.“ ھن وراڻيو.
پڙھندڙن جي ڄاڻ لاءِ ھتي اھو قانوني نقطو به لکندوهلان ته Ignorance of Law, is No Excuse يعني اھا سوچ غلط آھي ته توھان کي جي ملڪ جي قانون جي خبر نه آھي ته توھان جي معافي ٿي وئي. ھرگز نه. ايتري قدر جو مثال طور اسان جو جھاز ڪراچيءَ کان ڪوبي(جپان) لاءِ روانو ٿو ٿئي. ھڪ يا ٻن ڏينھن بعد جڏهن اسان سمنڊ تي آهيون ۽ دنيا جي ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن کان ڪٽيل آهيون ته جپان ۾ ڪو قانون ٿو پاس ٿئي جنھن جي ظاھر آھي اسان کي سمنڊ تي ته خبر نٿي پوي پر ان ھوندي به ڏھن ڏينھن بعد جڏھن اسان جو جھاز ڪوبي (Kobe) پھچي ٿو ته آٽوميٽيڪلي اھو قانون اسان سان به لاڳو ٿي ويو. اسان اھو چئي نٿا سگھون ته اسان اخبارن ۾ نه پڙھيو.
دنيا ۾ اها خبر ته ٽيهه چاليهه سالن کان عام آهي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نشي جي سزا ڦاھي آھي. مون کي فون ڪندڙ والدُ، ملائيشيا جي پوليس تي ڪاوڙ ڪندو رھيو ته ھن جي ڇوڪري معمولي نشو ڪيو آھي ان تان ھن کي ٻڌي ويا آھن ۽ ايندڙ ھفتي ڪورٽ ۾ پيش ڪندا. آئون دعائون ئي ڪندو رھيس ۽ ھن کي ٻڌائي نه سگھيس ته ان ڏوھ جي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڪيڏي وڏي سزا آھي.
ڪڏھن ڪڏھن ملائيشيا جي شھرن ۾ پنھنجي سنڌي شاگردن کي هڪ ٻئي جي ڳچيءَ جي چوڌاري ٻانهن ورائي رستن تي ڪچھري ڪندو يا مستي ڪندو ڏسندو آھيان ته به ڏک ٿيندو اٿم ۽ کين چئي ڏيندو آھيان ته توھان کي توهانجي امير توڙي غريب والدين پئسو خرچي ولايت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ نه اجايو رلڻ پنن لاءِ. ٻيو ته ٺھيو چين جي ھڪ شھر جي ريسٽورنٽ ۾ ٽن سنڌي ڇوڪرين کي سگريٽ ڇڪيندو ڏسي حيرت ٿي ته افسوس به. مون نيٺ ھنن کي پنهنجي Identity ٻڌائڻ بنا، چئي ڏنو ته توھان جي والدين کي جي اها خبر پوي ته ھنن کي ڪيڏو ڏک ٿيندو. پر مونکي سندن ڳالھائڻ جي لھجي مان اھو ئي لڳو ته ھو مون کي هڪ بيوقوف ٽوئرسٽ ٿيون سمجهن جيڪو پهريون دفعو ڳوٺ جي دقيانوسي ماحول کان ٻاهر نڪتو هجي ۽ هو ٻيڙي ڇڪڻ جهڙي ڳالھه کي خراب نٿيون سمجھن.“ چين جي ٿڌ ۾ سگريٽ جا ٻه ٽي سوٽا ھڻي پاڻ کي گرم رکڻ ۾ ڪھڙي خرابي آھي .....؟“هنن وراڻيو. عجيب منطق آھي! دل ۾ آيو ته چوان ته ھن ريسٽورنٽ ۾ ھتي جون چيني ۽ ٻين ملڪن جو ڇوڪريون ويٺيون آھن، اھي سڀ ته سگريٽ نه پيون ڇڪين. چين جي ٿڌ ڇا آھي؟ اسان ته ناروي ۽ سئيڊن جي ڪاٽو ويھه ڊگرين ۾ به شراب ۽ سگريٽ بنا گذارو ڪيو. اسان ته ٺهيو پر يورپي سڌريل ماڻهو به شراب ۽ سگريٽ کان پري ڀڄن ٿا. منھنجي خيال ۾ ان معاملي لاءِ والدين کي ڌيان ڌرڻ کپي ۽ ولايت ۾ رھندڙ پنھنجن ٻارن کي ان آزار ۽ ڇڙواڳ زندگي گذارڻ کان بچائڻ کپي. چين جي ھڪ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ حيدرآباد جو ھڪ کوسو شاگرد مليو. ھو ھر سال امتحان ۾ نمبر کڻي ٿو. راندين ۾ به مقامي چينين جو مقابلو ڪري ٿو. ھو مونکي بي حد اخلاق وارو لڳو. ڪراچيءَ پھچي مون ھن جي والد کي فون ڪيو ته ”مونکي توهان جي پٽ بيحد متاثر ڪيو آھي. ظاھر آھي اھا توھان جي ئي تربيت، رھنمائي ۽ ھن تي نظر ھوندي جو ھو پرديس ۾، توھان کان ڏور رھي به پڙھائيءَ ۾ رڌل رھي ٿو ۽ توھان جو پئسو ۽ وقت خراب نٿو ڪري.“ والد صاحب جنھن ٻڌايو ته ھو ھڪ رٽائرڊ آفيسر آھي جنھن جو تعليم کاتي سان واسطو رھيو، هو ھر وقت پنھنجي پٽ کي اھا ئي نصيحت ڪندو رھي ٿو ته ”خراب ڇوڪرن جي صحبت ۾ نه رھجان. غريب ٿي آئون توکي پڙھائيءَ لاءِ ڪيئن ٿو پئسا موڪليان، ان جو قدر ڪجانءِ ۽ پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪ جو مَانُ مٿاھون ڪجانءِ.“
منھنجي خيال ۾ ٻين والدين کي به اهو ليڪو وٺڻ کپي ۽ ڌيان ڌرڻ کپي ته سندن پُٽ يا ڌيءَ ولايت ۾ ڪيئن پئي گذاري، ڇو جو ننڍي عمر جو ٻار ولايت جي رونقن ۾ آسانيءَ سان وھيو وڃي.