الطاف شيخ ڪارنر

جيءَ اندر جھاتي

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3187
  • 967
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيءَ اندر جھاتي

هڪ اهم آتم ڪٿا… ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون

اسانجي پياري دوست ۽ سنڌ جي نوجوانن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندڙ سائين فضل الله قريشي جي، سندس زندگي بابت، لکيل آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ جو ٽيون حصو توهانجي هٿن ۾ آهي جنهن کي پهرين ٻن حصن سان ملائڻ سان فضل الله جي ذهني پورهئي جا اٽڪل ٻه هزار صفحا ٿين ٿا جن جي لکڻ لاءِ هن کي جس هجي، شابس هجي. لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي ۽ ان ۾ به ڪهاڻي يا سفر نامو لکڻ ايترو ڪو ڏکيو ڪم ناهي جو اُن ۾ ڪوڙ سچ لکي ماڻهو وڃيو پار پوي. پر ’آتم ڪٿا‘ جنهن ۾ ليکڪ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پيش آيل تجربا، مشاهدا، مشڪلات، غميون، خوشيون، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، غلطيون ۽ ڪارناما ترتيب وار لکڻا پون ٿا، هڪ بيحد محنت ۽ صبر جو ڪم آهي. هڪ سرڪاري ڪاموري يا فوجي آفيسر لاءِ ته اهو ڪم اڃان به ڏکيو آهي جو هو آزاديءَ سان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد ئي لکي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو لکڻ جا ڪيترائي شوقين ان عمر تي پهچي جسماني ۽ ذهني طرح ايترو ته ڪمزور ۽ ٿڪل محسوس ڪن ٿا جو هو آتم ڪٿا لکڻ تان هٿ کڻيو ڇڏين.
ڪو زمانو هو جو سفر نامي کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو ٿي. سفر جا طريقا ايڏا آسان ۽ سستا نه هئا، ٽي وي چئنل ۽ انٽرنيٽ جهڙيون شيون نه هيون، ان ڪري جنهن کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو مليو ٿي ۽ هن ڪجهه لکيو ٿي ته ٻين هن کي وڏي شوق سان پڙهيو ٿي. اڄڪلهه، بلڪه گذريل ويهن سالن کان ماڻهن جو گهڻو رجحان آتم ڪٿائون/يادگيريون (Memoirs) پڙهڻ تي آهي. اهو ان ڪري جو آتم ڪٿائن مان پڙهندڙن کي گذريل وقتن جي حالتن ۽ حادثن جي خبر پوي ٿي ۽ هو انهن ڳالهين مان رهنمائي ۽ سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. سچ ڳالهه ته اها آهي ته مونکي ڪاليج جي ڏينهن کان آتم ڪٿائون پڙهڻ جو وڏو شوق رهيو آهي. پير علي محمد راشدي جي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۽ ڪريم بخش نظاماڻي جي آتم ڪٿا ”ڪيئن ڪتاب“ ته مون لڳاتار ٽي ٽي دفعا پڙهي هوندي ۽ اڄ به ريفرنس طور پاڻ سان کڻي هلان ٿو. بعد ۾ جي ايم سيد جي ”جنب گذاريم جن سين“ ۽ حسامالدين راشدي جي ”ڳالهيون ڳوٺ ورن جون“ پڻ پڙهيم. ڊاڪٽر لائق زرداري، قاضي خادم، جمال ابڙو صاحب جهڙن جون آتم ڪٿائون پڙهڻ لاءِ ته هر نوجوان کي صلاح ڏيندو رهان ٿو ۽ ان سان گڏ هر محنتي، ايماندار، همدرد، ذهين ڪاموري کي پنهنجي ننڍپڻ ۽ نوڪريءَ جون ڳالهيون قلمبند ڪرڻ لاءِ پڻ مشورو ڏيندو رهان ٿو. فضل قريشيءَ کي به نوڪريءَ دوران مون ٻه ٽي دفعا چيو پر هر دفعي هن پنهنجي روايتي کل کلندي وراڻيو ٿي ”سائين وقت اچڻ تي ضرور لکندس.“ ۽ آئون اهو سوچي چپ ٿي ويندو هوس ته فضل الله کي ٻين سماجي ڪمن کان ئي واندڪائي ناهي هو ڪيئن لکي سگهندو. پر فضل کي شاباس هجي جو هو ڪنهن نه ڪنهن ريت، بقول انگري پهاڪي جي Where there is a will, there are ways وقت ڪڍي لکندو رهيو. مونکي به تڏهن خبر پيئي جڏهن هن جو ڪتاب هٿ ۾ مليو ۽ ان دلچسپ حادثي جي ڳالهه ڪالهه ئي پروفيسر اعجاز قريشي سان پئي ڪيم جڏهن هن چيو ته سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ ڪتاب ڇپجن ٿا.
”نه اها ڳالهه ناهي،“ مون کيس جواب ڏنو، ”دراصل آئون به اهوئي سوچيندو هوس ته سنڌيءَ ۾ گهٽ ڪتاب لکيا وڃن ٿا. پر پوءِ ٻه اڍائي سال اڳ اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان مون وٽ 40 کن ڪتابن جو هڪ پارسل آيو ته هي اهي ڪتاب آهن جيڪي گذريل سال ڇپيا آهن ۽ best book جي ايوارڊ جي چونڊ لاءِ آهن ۽ ان ڪم لاءِ جيڪي ٽي جج مقرر ڪيا ويا آهن انهن مان هڪ آئون به آهيان. مونکي جج ٿيڻ جو ٻڌي خوشيءَ بدران ڪاوڙ لڳي ته گذريل سال منهنجا به ٻه ڪتاب ڇپيا آهن. اهي ان ۾ ڇو نه شامل ڪيا ويا؟ جج وڃي ڪنهن ٻئي کي بڻايو ها. ان تي هنن ٻڌايو ته مون يا منهنجي پبلشرن مقابلي لاءِ انهن جون پنج پنج ڪاپيون نه موڪليون آهن. مون چيو مان ته اهو توهانجي قومي اداري جو ڪم آهي ته جيڪو ڪتاب ڇپجي ان جون ڪاپيون پاڻ حاصل ڪري مقابلي ۾ شامل ڪريو. ٻين ملڪن ۾ به ته ائين ٿئي ٿو. ليکڪ يا پبلشر ڇو ڊوڙي ۽ خرچ ڪري جڏهن اسان جي ادبي ادارن جي ڪروڙها رپيا بجيٽ آهي.
بهرحال مونکي ڏک ٿيو ته منهنجي انهن ٻن سفرنامن مان هڪ ته ضرور نمبر کڻي ها. مون ڪتابن جو بنڊل کولي ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيا ته مونکي حيرت ٿي ته ڇا ته انهن جي ڇپائي ۽ مواد هو ۽ سڀ ليکڪن پنهنجي خرچ تي ڇپرايا هئا. ٻه ٽي هفتا انهن جو مطالعو ڪرڻ بعد اهو اندازو لڳايم ته چڱو جو منهنجا ڪتاب هن مقابلي ۾ شامل نه ٿيا جو اهي ڪي پنجون ڇهون نمبر به مس اچن ها ۽ هتي انعام فقط پهرين نمبر تي آهي. آخرڪار نه رڳو منهنجي فيصلي مطابق پر باقي ٻن ججن مطابق پڻ فضل الله قريشي جي آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ پهرين نمبر تي آيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فضل الله وڏي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا قلمبند ڪئي آهي. هن هر ڳالهه لاءِ ثبوت ۽ انگ اکر ڏنا آهن. هو هونءَ به ايڪانامڪس جو ماڻهو آهي. هو ننڍي هوندي کان هوا ۾ ڳالهه ڪرڻ جو عادي ناهي. اڄ به ٽي وي جي ٽاڪ شوز ۾ هو جڏهن ڳالهائي ٿو ته دليلن ۽ ثابتين ثبوتن سان ڳالهائي ٿو. سندس ان پهرين حصي ۾ هن پنهنجي زندگي جي شروعاتي سالن جو احوال ڏنو آهي جيئن ته پرائمري، مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول کان مختلف ڪاليجن ۾ ۽ ان بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو احوال آهي. ان بعد سکر ۽ لاهور ۾ نوڪري ڪرڻ بعد ولايت (گلاسگو ــ انگلينڊ) ۾ Ph.D ڪرڻ جو احوال لکيو آهي. هي ڪتاب يعني آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو سنڌيڪا وارن 2011 ۾ ڇپيو. ان بعد سندن آتم ڪٿا جو ٻيو ڀاڱو پيڪاڪ پبليڪيشن وارن 2016 ۾ آندو. تيستائين پهرين ڀاڱي جي ٻي ايڊيشن به اچي وئي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ڪتاب کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي نه ته اسان وٽ سنڌي توڙي اردو ڪتابن جون 500 ڪاپيون به مس ٿيون هلن. اڪثر اڏوهيءَ جو ئي کاڄ ٿين ٿيون.
فضل الله قريشيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ جي ٻئي حصي ۾ 1980ع کان 2000ع تائين جي سياسي ۽ سماجي دورن جو احوال لکيو آهي جيئن ته : سنڌ مارشل لا جي پاڇي ۾، ضيائي مارشل جا پويان سال، بينظير جو پهريون حڪومتي دور، نواز شريف ۽ ڄام صادق علي جو دورو، سيد مدد علي شاهه، مظفر شاهه ۽ Trioka جو راڄ، بينظير جو ٻيو دور ۽ ان سان گڏ پنهنجي نوڪريءَ جو احوال، پئرس ۽ اسٽاڪهوم ۾ گذاريل ڏينهن، اسٽاف ڪاليج لاهور ۾ رهڻ، سنڌ ۾ نوڪريءَ جا سال، اسلام آباد واپسي، سيڪريٽري شماريات، سيڪريٽري پلاننگ.... وغيره.
سنڌيءَ ۾ ڪافي آتم ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن، قاضي خادم جي ’شاندار ماضي‘، موهن ڪلپنا جي ’بک، عشق، ادب‘، علي احمد بروهيءَ جي ’ڄام، ڄامڙا، ڄاموٽ‘، خواجا غلام علي کوساڻي جي ’فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا‘ کان مولا بخش چانڊئي جي ’ذڪر زندان جو‘، رڪ سنڌي جو ’قاضي فيض محمد‘ ۽ عبدالحئي پليجي جي ’اسان پنڌ پرينءَ ڏي‘ ۽ يوسف سنڌي جي ’اقرار به، انڪار به‘ سڀ پڙهڻ جوڳيون آهن ۽ آئون سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ليڪچر دوران شاگردن کي اهي پڙهڻ جي هميشه تلقين ڪندو رهان ٿو. پر اسان جي نوجوان ڪامورن کي جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿين ٿا انهن کي سڀ کان گهڻي صلاح شمس جعفراڻي ۽ فضل الله قريشي جي آتم ڪٿائن کي پڙهڻ لاءِ ڏيان ٿو جيئن هو هنن ٻن سرڪاري ڪامورن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪري سگهن، جن ايمانداري ۽ محنت سان نوڪري ڪئي ۽ هنن پنهنجي وطن ۽ هم وطنين جي خدمت ڪئي.
۽ هاڻ هي ان آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ جو ٽيون ڀاڱو آهي جيڪو سکر ۾ ماءِ پبليڪيشن وارا ڇپي رهيا آهن. هن ۾ فضل الله صاحب پنهنجي زندگي جو سال 2000 بعد جو احوال لکيو آهي. هن ڪتاب جا ڪجهه باب هن ريت آهن:
نيپرا جي نوڪري، مشرف بطور صدر ۽ مير ظفرالله جمالي وزيراعظم، هندستان جو سير، نيپرا ۾ نوڪري، لال مسجد، مشرف ۽ بينظير جو ٺاهه (NRO)، بينظير جي شهادت، زرداري بطور صدر، هڪ دفعو وري يورپ ۽ دبئي، آمريڪا ۽ لنڊن، عمران خان ۽ طاهر القادريءَ جا ڌرڻا وغيره.
هونءَ فضل قريشيءَ جو هي پورهيو نه فقط شاگردن ۽ نوجوان آفيسرن لاءِ رهنمائي آهي پر وڏن عهدن تي فائز سرڪاري ڪامورن لاءِ به اتهاس (Inspiration) آهي جيئن هو به رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنهنجي زندگي جو احوال ۽ تجربا لکي سگهن. مغرب ۾ ته سرڪاري ڪامورن جون آتم ڪٿائون عام آهن پر اسان وٽ مشرق ۾ به جاپان، ملائيشيا، سنگاپور وغيره ۾ جام نظر اچن ٿيون. اسان وٽ فقط ٻه ٽي مس آهن. ان جو سبب شايد اهو به آهي جو اسان وٽ ڪامورو (سرڪاري عملدار ــ بيورو ڪريٽ) معنا عوام جي خدمت ڪندڙ نه پر ڦورو ۽ رشوت خور آهي. هو وڏيرن، ڀوتارن ۽ سياستدانن کي ڪرپشن جا رستا ڏيکاري ٿو ۽ هنن جو راهون هموار ڪري ٿو ۽ غريبن جي زندگيءَ سان راڱا ڪري ٿو ۽ هن جي ڪنڌ ۾ لوهي ڪلي لڳل رهي ٿي. اهڙي سينياريو ۾ هو ڇا لکي.... نوڪري دوران هن فقط پيسو ميڙيو آهي. دبئي ۽ بئنڪاڪ جا چڪر هنيا آهن، شراب ۽ شباب جي زندگي گذاري آهي ـــــ هو ڇا ويهي لکندو، ۽ ڇاتي لکندو؟ پر نه. ان هوندي به اسان وٽ ڪيترائي نيڪ، حق حلال جي زندگي گذارڻ وارا، حق جي ڳالهه ڪرڻ وارا، غريبن جي مدد ڪرڻ وارا فضل الله قريشي، شمس جعفراڻي، يوسف ميمڻ، ادريس راجپوت، اي ڊي خواجا، نظام الدين جتوئي، جمال مصطفيٰ سيد، ولي الله دَل، اڪبر لغاري، عبدالقادر منگي (جي مون گهاريا ٿر ۾ جو ليکڪ)، بشير ميمڻ (DIG)، فتح علي خواجا (پوليس) جهڙا انيڪ ڪامورا آهن جن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ”اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي“ اميد ته اهي اڳتي هلي پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکندا جيڪو ٻين لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو.
هتي ڪجهه ”آتم ڪٿا“ بابت لکندو هلان ته آتم ڪٿا يعني آٽو بايوگرافي زندگيءَ جو احوال آهي جيڪو ليکڪ پاڻ لکي ٿو. اهڙي طرح ”ياديون“ لکيون وڃن ٿيون. ياديون (Memoirs) ۾ ليکڪ پنهنجي زندگي ۽ وقت کي ڌيان ۾ نٿو رکي هو پنهنجي زندگي جي خاص يادين، احساسن ۽ جذبن جو احوال ڏئي ٿو. فضل الله قريشيءَ پنهنجي هنن ٽنهي ڪتابن ۾ پنهنجي آتم ڪٿا سان گڏ رکي رکي اهم ياديون به ڏنيون آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ”ڪجهه ياديون ڪجهه ڳالهيون“ بلڪل صحيح ڏنو اٿس.
اڄ کان سٺ ستر سال اڳ تائين سفرنامو ۽ آتم ڪٿا جهڙيون شيون ادب ۾ شامل نه هيون پر هاڻ انهن جي سڀني کان گهڻي اهميت سمجهي وڃي ٿي ۽ ماشاالله سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سفرنامن ۽ آتم ڪٿائن/ يادن جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته آتم ڪٿائون (يا سفرناما) اڳ ۾ ڪنهن نٿي لکيا. مون ڇهه سال جيڪي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ گذاريا ۽ پوءِ مئرين انجنيئرنگ ڪرڻ بعد جيڪي ڊزن کن سال سمنڊ تي جهاز هلائيندي گذاريا انهن ۾ ڏاڍا ڪتاب پڙهيا. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسانجي انگريز پرنسپال جو پريشر هوندو هو ته لئبريريءَ مان گهڻي کان گهڻا ڪتاب وٺي پڙهو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ پڙهڻ ضروري هو. خاص ڪري مون لاءِ. سمنڊ تي ته جيڪو ڪتاب ملندو هو پڙهندو هوس پر سچ ڳالهه اها آهي ته مونکي سڀ کان گهڻيون آتم ڪٿائون وڻنديون هيون. فضل قريشيءَ جيترو گهڻو لکيو آهي اهو مواد جي انهن ڏينهن ۾ هجي ها ته مون لاءِ سندس هر هڪ ڀاڱو ڪراچي کان ڪئناڊا تائين 45 ڏينهن جو سامونڊي سفر سانتيڪو بنائي ها پوءِ چاهي جهاز جي ڀتين پويان طوفان هجن ها يا رف سي ـــــ مون تي ڪو اثر نه ٿئي ها. آئون هن جي ڪتابن جي سحر ۾ غرق هجان ها.
انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه آتم ڪٿائون مون پڙهيون ۽ مونکي پسند آيون ۽ جن جي ياد اڄ به دماغ ۾ تازي آهي اهي آهن: هيلن ڪيلر جي The story of my Life، ائني فرئنڪ جي The Diary of a young Girl، مهاتما گانڌيءَ جي The Story of My Experiments with Truth، مالڪوم ايڪس جي آٽو بايوگرافي، نيلسن منڊيلا جي Long Walk to Freedom، ارنيسٽ هيمنگوي جي A Moveable Feast، مايو اينجلو جي I Know why The Caged Bird Sings، جواهر لال نهرو جي آٽو بايوگرافي جيڪا 1936 ۾ ڇپي هئي، انڊيا جي پهرين ليڊي جج ائنا چانديءَ جي مليالم ۾ لکيل آتم ڪٿا جو ترجمو، انڊيا جي انگريزي شاعره ڪملا ثريا جي بنگالي ۾ لکيل آتم ڪٿا ”اينتي ڪٿا“ جو انگريزي ترجمو My Story، ڀڳت سنگهه جي Why I am an Atheist وغيره وغيره.
هاڻ ته اردو ۾ به ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون نظر اچن ٿيون پر اسانجي جواني وارن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه ڪجهه هيون اسان وڏي چاهه ۽ چشڪي سان پڙهيون. جيئن ته جوش مليح آبادي جي ”يادون کي بارات“ جيڪا 1970 ۾ ڇپي ۽ اسان جي ڪراچي کان جاپان ويندڙ جهاز ”ايم وي رنگا مٽي“ جي لئبرري ۾ موجود هئي. ان ۾ جوش صاحب پنهنجن معاشقن جو احوال بنا رک رکاءِ جي ڪيو آهي. ڪالا پاني يعني ”انڊامن ۽ نڪوبار ٻيٽ“ جيڪي اسان جي سامونڊي زندگي شروع ٿيڻ کان اڳ سياحت جو مرڪز ۽ سونهن جي علامت بنجي چڪا هئا، اهي انگريزن جي راڄ ۾ موت جو پروانو هئا. انگريز وڏن ڌاڙيلن ۽ هندستان جي آزادي جي متوالن کان هميشه لاءِ جان ڇڏائڻ لاءِ کين هنن ٻيٽن جي جيلن ۾ موڪليندا هئا. ورلي ڪو خوش نصيب اتان موٽي اچي اتي جون خوفائتيون خبرون ٻڌائيندو هو. اهڙين ئي ڪٿائن جي آتم ڪهاڻي جعفر ٿانيسريءَ پنهنجي ڪتاب ”تواريخ ــ عجيب المعروف ڪالا پاني“ ۾ لکي آهي. جعفر ٿانيسري انگريز راڄ جي خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 1866 ۾ ڪالا پاني (انڊامن ٻيٽ) تي 20 سالن لاءِ قيد رکيو ويو هو.
اردو جي هڪ پراڻي آتم ڪٿا ”اعمال ناما“ جنهن جي فوٽو ڪاپي اڄ به مون وٽ موجود آهي جيڪا انڊين ليجسليٽو ڪونسل جي ميمبر سر رضا عليءَ جي لکيل آهي. هي فوٽو ڪاپي جنهن ڪتاب جي آهي، اهو 1943 جو ڇپيل آهي. سردار ديوان سنگهه جي 1944 جي ڇپيل جيل جي آتم ڪٿا ”ناقابلِ فراموش“، حڪيم احمد شجاع جي ”خون بها“، انڊين اسڪالر ڊاڪٽر يوسف حسين خان جي آتم ڪهاڻي ”يادون کي دنيا“، مشتاق يوسفي جي ”زرگزشت“، قدرت الله شهاب جي آتم ڪٿا ”شهاب ناما“ وغيره وغيره.
آتم ڪٿائن (autobiographies/ Memoirs) جي تواريخ تي نظر ٿي وجهجي ته پراڻي زماني ۾ اهي گهڻو ڪري سياستدانن ۽ فوجي آفيسرن پنهنجن ڪوڙن سچن ڪارنامن ۽ سوڀن بابت لکيون ٿي. ان جو سڀ کان آڳاٽو مثال جوليس سيزر جي Memoir (يادين) جو آهي. سندس اطالوي زبان ۾ لکيل ڪتاب (جنهن جو انگريزي ترجمو Commentaries on the Gallic Wars) سن 45 قبل مسيح ۾ لکيو ويو. يعني هي ڪتاب حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڄمڻ کان به اڳ جو لکيل آهي. جوليس سيزر سياستدان ۽ فوجي هجڻ سان گڏ سٺو مقرر (Orator) ۽ نثر جو ليکڪ پڻ هو. پاڻ مٿين ڪتاب کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ان وقت جي دور جي ڄاڻ پوي ٿي. پاڻ سن 100 ق.م ۾ ڄائو ۽ 44 ق.م ۾ وفات ڪيائين.
آتم ڪٿائون ڪيترن بادشاهن ۽ راڻين به لکيون جن مان هندستان ۾ مغل سلطنت جو بنياد رکڻ واري ظهيرالدين بابر جو ڪتاب ”بابر نامون“ بيحد مشهور آهي. اهڙي طرح هڪ ٻئي مغل بادشاهه جي آتم ڪٿا ”تزڪ جهانگير“ آهي. انهن کان آڳاٽِي 32 صفحن جي آتم ڪٿا ”فتوحات فيروزشاهي“ دهلي جي سلطان فيروز شاه تغلق جي آهي. 1351 ۾ 45 ورهن جي ڄمار ۾ هو دهليءَ جو سلطان ٿيو ۽ هن 1388 تائين حڪومت ڪئي. انڊيا جا جانپور، فيروزپور، هسار، فيروزآباد ۽ فتح آباد شهر هن سلطان نالي آهن. اسانجي عمران خان وانگر انڊيا جي ڪيترن ئي رانديگرن جون به آتم ڪٿائون مشهور آهن جيڪي اڄ جا نوجوان شوق سان پڙهن ٿا. جيئن ته سچن ٽينڊولڪر جي ’Playing it My way‘ ۽ هڪ ٻئي ڪرڪيٽ جي رانديگر ڪپل ديو جي ’Straight from the Heart‘، يوراج سنگهه جي ’The Test of my Life‘، ملکا سنگهه اٿليٽ جي ’The Race of my Life‘، ٽينس رانديگر ثانيا مرزا جي ’Ace Against Odds‘، ۽ اڀي ناوُ بندرا شوٽر (نشاني باز) جي ’A Shot at History‘ وغيره.
سئيڊن ۾ تعليم دوران منهنجو اردني عرب ڪلاس ميٽ ايماد رضا جنهن کي پڻ مون وانگر آتم ڪٿائون پڙهڻ جو شوق هو تنهن مونکي ’الطبيان الحديثا الڪائنا بدولت بني زري في غرناطا‘ نالي عبدالله بن بولوجن جي عربي ۾ لکيل آتم ڪهاڻي ڏيکاري جنهن لاءِ هن (ايماد) ۽ ٻين ملڪن جي عرب ڪلاس ميٽن ٻڌايو ته ڪنهن مسلمان ليکڪ جي اها پهرين آتم ڪٿا آهي. عبدالله بن بولوجن (جيڪو المظفر فاتح اعظم جي لقب سان به مشهور آهي) طائفہ غرناطه (الاندلس، اسپين) جي بنو زري سلطنت (Zarid Dynasity) جو آخري حاڪم هو. عبدالله زري 1056 ۾ ڄائو ۽ هن اسپين جي ڏاکڻي صوبي طائفہ غرناطہ تي 1073 کان 1090 تائين حڪومت ڪئي. هن زندگيءَ جا آخري ڏينهن اڄ واري موراڪو ۾ ڏيهه نيڪاليءَ ۾ گذاريا جتي هن پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا ۽ پنهنجي زري (Zarid) گهراڻي جي تاريخ تي اهو ڪتاب لکيو. ٻئي سال منهنجي اردني عرب دوست ايماد انگلنڊ مان ڪنهن دڪان تان يا شايد اتي رهندڙ ڪنهن عرب دوست کان ان ڪتاب جو انگريزي ترجمو گهرائي ڏنو هو جنهن جو انگريزي نالو آهي: ”An Exposition of the Down fall of the Ziri Dynasity in Granada“.
آئون پنهنجن شاگردن کي هميشه اها نصيحت ڪندو رهيو آهيان ته پاڻ ۾ مطالعي جي عادت وجهو، اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته اسان کي به پنهنجن استادن اهائي عادت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪئڊٽ ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪُومبس ته اٺين ڪلاس کان ٻارهين تائين اسانکي اهوئي چوندو رهيو ته ڪتاب پڙهڻ جو شوقين جهنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو، هو بور نه ٿيندو، هو ڊپريشن جو مريض نه ٿيندو. جهنگل ۾ منهنجو رهڻ نه ٿيو باقي مطالعي جي عادت مون ۾ پيدا نه ٿئي ها ته ڊگها سامونڊي سفر مونکي يا چريو بنائين ها يا شرابي. اهي ڪتاب هئا جن جا ورق اٿلائيندي سمنڊ جي سفر جا لڳاتار ٽيهه ٽيهه، چاليهه چاليهه ڏينهن گذري ويا ٿي ۽ جهاز هانگ ڪانگ کان هوسٽن يا ويٽنام کان وئنڪوئر پهچي ويو ٿي. نه ته منهنجي ٻين ساٿي جهازرانن خاص ڪري يورپي گورن جو وقت پاس ڪرڻ لاءِ سڄو زور بيئر يا وسڪي ڏوگهي ننڊن تي هو.
سامونڊي نوڪري ڇڏي جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي ٽيچنگ ۾ آيس ته مون پنهنجن شاگردن کي موالي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مطالعي جي عادت پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. نه فقط مئرين اڪيڊمين ۾ پر پنهنجي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ به جڏهن انجنيئرنگ، ادب، يا ڪئريئر بلڊنگ جهڙن عنوانن تي ليڪچر ڏيڻ وڃان ٿو ته شاگردن کي ڪتاب پڙهڻ جي گڻن کان آگاهه ڪريان ٿو. ڪيترا ماڻهو ڪهاڻين Fiction جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪن ٿا جيڪي هنن لاءِ عارضي طرح وندر ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ته سٺا آهن پر اهي حوالا ڏيڻ لاءِ ياد نٿا رهن. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان قسم جي مطالعي جي عادت به سٺي ڳالهه آهي جو ان سان Vocabulary ۽ ٻولي سڌري ٿي، پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڏانوءُ پيدا ٿئي ٿو پر ان قسم جا ڪتاب پڙهندڙ جي شخصيت کي اجاگر (enhance) نٿا ڪن. ان لاءِ نان فڪشن جا ڪتاب، خاص ڪري ڪامياب ماڻهن جي زندگيءَ جا احوال پڙهڻ ضروري آهن. ۽ ماڻهن جي زندگين جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ هنن جون بايوگرافيون، آٽوبايو گرافيون، ڊائريون، يادگيريون پڙهڻ ضروري آهن جن مان پڙهندڙن کي ان مشهور شخص جي ذاتي زندگي جي ’فرسٽ هئنڊ اڪائونٽ‘ جي خبر پوي ٿي. ڪيترن ماڻهن کي آتم ڪٿائون بور ٿيون لڳن پر حقيقت اها آهي ته انهن ۾ ڄاڻ جو وڏو خزانو ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ ان شخص جي تجربن مان لاڀ حاصل ڪن ٿا. آتم ڪٿا پڙهڻ سان توهان کي ٻئي جي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ جي سعادت ملي ٿي. يوشيدا ڪينڪو (Yoshida Kenko) جو آتم ڪٿا جي ڪتابن لاءِ مشهور قول آهي ته ”To sit alone with a book spread out before you & hold intimate converse with men of unseen generations – such is a pleasure beyond compare“ يعني: ڪنهن جي زندگي جي ڪهاڻيءَ پڙهڻ جو لطف ئي ٻيو آهي.
يوشيدا جاپاني ليکڪ، شاعر ۽ ٻوڌي ٻائو ٿي گذريو آهي جيڪو 1284 ۾ ڄائو ۽ 1350 ۾ وفات ڪئي. سندس سڀ کان مشهور جاپاني ڪتاب Tsurezuregusa آهي جيڪو ”Essays in Idleness“ نالي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن ۾ ڪي ڏهه پنڌرهن نه پر 243 مضمون آهن جن مان ڪجهه جاپاني هاءِ اسڪولن جي ڪورسن جي ڪتابن تي رکيل آهن ۽ اسان جهڙا ڌارين ملڪن جا جڏهن جاپان پهچي جاپاني ٻولي سکڻ جا ڪلاس اٽينڊ ڪريون ٿا ته اسان کي به ڪجهه پڙهايا وڃن ٿا.
مون کان جڏهن شاگرد پڙهڻ لاءِ ڪتابن جي چونڊ جو پڇندو آهن ته آئون انهن کي هميشه آتم ڪٿائون پڙهڻ لاءِ چوندو آهيان. ان جو سبب پڇڻ تي آئون کين مٿيون ڳالهيون ٻڌائيندو آهيان. مون جڏهن ”ايم. وي اباسين“ نالي پهرين جهاز تي نوڪري شروع ڪئي ته اهو جهاز ڪافي پراڻو هو ۽ پهرين ئي سفر ۾ موسم ۽ سمنڊ به خراب مليو ۽ جن ٻن ٽن بندرگاهن ۾ جهاز لنگر انداز ٿيندو رهيو اهي بور هڪ طرف هئا ته ٻئي طرف اسان کي جهاز تان لهي گهمڻ ڦرڻ جي موڪل تي ڪنجوسيءَ کان ڪم ورتو پئي ويو. ذهني طرح آئون ڏاڍو ڊسٽرب ٿي ويس پر قدرت جا ڪمال ڏسو. ڪولمبو بندرگاهه ۾ جيڪي ٻه ٽي ڪلاڪ موڪل جا مليا انهن ۾ ڪتابن جي سيڪنڊ هئنڊ دڪان تان جيڪي ڪجهه ڪتاب خريد ڪري سگهيس انهن ۾ ”Backward Thinking“ نالي هڪ آتم ڪٿا به هئي. جهاز تي اچي چڱي طرح ڏٺم ته اها هڪ جهوني مون جهڙي مئرين انجنيئر (جهاز هلائيندڙ انجنيئر) ”جان لئمب“ جي لکيل هئي. جان لئمب اهو ماڻهو آهي جنهن جو ”ڊيزل انجڻ“ تي لکيل ڪتاب نه فقط اسانجي ڏينهن ۾ پر اڄ به دنيا جي مئرين اڪيڊمين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. بس سمجهو ته جيئن ”بشير پال“ جو فزڪس جو ڪتاب انٽر جي شاگرد ۾ مشهور آهي تيئن جان لئمب جو اسان مئرين انجنيرن ۾ آهي. اهو به لکندو هلان ته هي John Lamb مشهور انگريزي شاعر چارلس لئمب جو سوٽ ٿئي ۽ دنيا جي اوائلي مئرين انجنيرن مان آهي. هن 1910 ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي. يعني هن جي ريٽائرمينٽ کان گهڻو گهڻو پوءِ اسان سامونڊي نوڪريءَ ۾ داخل ٿياسين. پاڻ 1890 ۾ ڄائو هو ۽ 1958 ۾ لنڊن ۾ وفات ڪيائين. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شپ يارڊ ۾ ڪم سکڻ کان جهاز ۾ گذاريل ڏينهن جو احوال لکيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪهڙا جهاز هئا جن ۾ نه هوادار ڪمرا هئا ۽ نه ماني سٺي ملندي هئي. ”ڪمري ۾ لائيٽ نه هئي، ڏيو ٻارڻ لاءِ روزانو ٽي چار چمچا تيل ملندو هو جنهن مان ٿورو ٿورو بچائي رکندو هوس ته جيئن امتحان ويجها ٿيڻ تي رات جو دير تائين پڙهي سگهان. ڊگهي سفر ڪري اٽو به خراب ٿي ويندو هو ۽ ڪيترا دفعا ڊبل روٽيءَ مان مئل ڪاڪروچ نڪرندا هئا“، وغيره وغيره. جان لئمب جي آتم ڪهاڻي پڙهي مون ۾ همٿ آئي ۽ اتساهه پيدا ٿيو ته آئون وري به ان دور ۾ جهاز تي آهيان جڏهن نوڪري اهڙي ڏکي ناهي، ڪمرا ايئرڪنڊيشنڊ آهن، ماني فائيوِ اسٽار هوٽلن جهڙي ملي ٿي. سو دوستو! آتم ڪٿائون اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون، مشڪلن کي منهن ڏيڻ جي همٿ پيدا ڪن ٿيون ۽ ٻين جي تجربن ۽ غلطين مان اسان سبق حاصل ڪري سگهون ٿا.
اڄ جي سنڌي شاگرد کي آئون ٻين آتم ڪٿائن سان گڏ پنهنجي دوست ڊاڪٽر لائق زرداري جي آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ تمام گهڻو زور ڏيندو آهيان ته هن ڪيئن هڪ ڳوٺ ۾ غربت جي حالت ۾ رهي ڊاڪٽوريٽ ڪئي. هن ڪيڏي ڏکي زندگي گذاري، خرڪار کيس اغوا ڪري ويا ۽ سخت پورهيو وٺندا رهيا، هن جا پنهنجا سندس عزيزن جو قتل ڪندا رهيا، ڇا ڇا نه هن سان ٿيندو رهيو پر هن صبر ۽ عقل کان ڪم ورتو ۽ هن ڏکين حالتن ۾ به پنهنجو پاڻ ۽ اولاد کي تعليم يافته بڻائي ڇڏيو. اڄ جي شاگرد لاءِ ان قسم جون آتم ڪٿائون پڙهڻ تمام ضروري آهن جيئن هنن کي اتساهه (Inspiration) ملي ۽ هو ڏکين حالتن ۾ دل نه هارين ۽ اهي نوجوان جيڪي تعليم بعد سرڪاري نوڪري ۾ داخل ٿين ٿا انهن لاءِ شمس جعفراڻي ۽ فضل الله قريشيءَ جهڙن اعليٰ سرڪاري ڪامورن جون آتم ڪٿائون ”ڪتيم سڀ ڄمار“ ۽ ”ڪجهه ڳالهيون ڪجهه ياديون“ پڙهڻ ان ڪري به ضروري آهن جيئن هو انهن آفيسرن جي رهنمائي حاصل ڪري سگهن جن محنت ڪئي، انصاف ڪيو، پنهنجي وطن ۽ هم وطنين جي خدمت ڪري ٻين جي دلين ۾ هميشه لاءِ جاءِ پيدا ڪئي. هي اهي ماڻهو آهن جن جي زندگي جي آتم ڪٿا پڙهندڙن ۾ Inspiration۽ Motivation پيدا ڪري ٿي. آتم ڪٿا لکڻ وارين شخصيتن جون سٺائيون، سوچون، محنتون، تجربا ٻين لاءِ مثال ثابت ٿين ٿا جن کي فالو ڪري پڙهندڙ پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي سگهن ٿا.
ان تان مونکي ياد آيو ته هڪ دفعي جڏهن منهنجو جهاز جاپان جي بندرگاهه ڪوبي پهتو ته هر دفعي وانگر اتي جي Seamens ڪلب مان پڙهڻ لاءِ مفت جا ڪتاب کڻڻ ويس. پسند جا ڪتاب ڳولي رهيو هوس ته اتي جو پوڙهو انچارج مون وٽ آيو ۽ کلندي چيو: ”اڌ ڪلاڪ کان ڏسان پيو ته تو هڪ ڪتاب نه کنيو آهي. ڪهڙي ٽاپڪ جو ڪتاب ڳولي رهيو آهين؟“
”آتم ڪٿا جو ڪو ڪتاب.“ مون ٻڌايومانس.
”واهه واهه! زبرداست“ هن جاپانيءَ ۾ چيو.
”ڇو ڀلا؟“ مون پنهنجي چشمي مٿان هن ڏي گهوريندي چيو، ”توکي به آتم ڪٿائون وڻن ٿيون ڇا؟“
هن هائوڪار ۾ ورندي ڏيندي چيو: ”Reading autobiographies of successful people give you a new perspective on everything mundane. You begin to see things in a whole new light and begin to face problems with an increased level of confidence. They also help change your basic attitude to words life”
اڄ پنهنجي همعصر ۽ دوست فضل الله قريشي جي آتم ڪٿا ”ڪجهه ڳالهيون ڪجهه يادون“ جو ٽيون ڀاڱو پڙهي مٿيون آتم ڪٿائون به ياد اچي ويون. پنهنجي زندگي جو هڪ دلچسپ ۽ سولي سنڌي ۾ سربستو احوال لکڻ سان آئون فضل الله جهڙي مشغول ماڻهوءَ کي دل سان مبارڪ ٿو ڏيان. سندس آتم ڪٿا جي هن ٽئين ڀاڱي توڙي پهرين ٻن سان مونکي فقط اها شڪايت آهي ته اهي ايڏا ته ضخيم آهن جو اسان جهڙن ماڻهن لاءِ، جن کي بستر تي ليٽي ڪتاب پڙهڻ جي عادت آهي، اهي هنن ٿلهن ڪتابن کي هٿ ۾ کڻي سمهي پڙهي نٿا سگهن. مون سندس آتم ڪٿا جو گذريل حصو (ٻيو ڀاڱو) ليٽي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن عمر ۾، ههڙو ٽي سَيرو ڳرو ڪتاب ڪمزور هٿن ۾ جهلي پڙهڻ، ڏاڍو ڏکيو لڳو. سندس لکڻي Enjoy ڪرڻ بدران هر وقت اهو خوف طاري رهيو ٿي ته جي اک لڳي وئي ته هٿن مان نڪرڻ تي هي ڪتاب منهنجو منهن چٿي ڇڏيندو. فضل کي کپي ته ٽنهي ڀاڱن جي اٽڪل 2000 کن صفحن کي هو ڏهن حصن ۾ ڇپرائي اسان جهڙن لاءِ آساني ڪري سگهي ٿو. ائين مون ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪتابن جا حصا هڪ ئي باڪس ۾ دڪانن ۽ لئبريرين ۾ ڏٺا آهن. ان سان گڏ اکرن جو Font به وڏو رکي. بهرحال فضل الله جي آتم ڪٿا جا هي ڪتاب نه فقط سندس زندگي جي جهلڪ ڏين ٿا پر هڪ دور جي تاريخ ۽ Documents آهن جن جو مطالعو ڪرڻ اسان جي نوجوان توڙي وڏي لاءِ ضروري سمجهان ٿو. بلڪه اسانجي سرڪاري تعليمي ۽ ادبي ادارن کي کپي ته هن قسم جا ڪتاب ڇپرائي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي مهيا ڪن جو ههڙا ڪتاب نه فقط ڄاڻ ڏين ٿا پر educate به ڪن ٿا.

خلوص مان
الطاف شيخ
ملاڪا سٽي؛ ملائيشيا
12 آگست 2017