سامونڊي نوڪري ۽ ولايت ۾ رهڻ جي شوقينن لاءِ
منهنجو جواب ”ها“ ۾ هوندو آهي. آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته ٿي سگهي ٿو ڪو اهڙي پريشانيءَ ۾ هجي جنهن جو حل يا ان بابت صلاح مشورو منهنجي ڌيان ۾ هجي ۽ هن جو ئي فائدو ٿي سگهي. هينئر مون ويٺي تجزيو ڪيو ته مون وٽ جيڪي فون اچن ٿا اهي ٻن قسمن جا آهن. هڪ جهازن سان واسطو رکندڙ تعليم ۽ انهن تي نوڪرين بابت هوندا آهن ۽ ٻيو ٻاهر ولايت ڏي تعليم وٺڻ يا نوڪريءَ ۽ بزنيس ڪرڻ بابت هوندا آهن. گذّريل ٻن سالن اندر ڪيترائي مضمون لکي چڪو آهيان ته اسان جي توڙي دنيا جي مرچنٽ نيويءَ جو هاڻ ڪو حال نه رهيو آهي. ڪو زمانو هو يعني 1962ع وارو، جڏهن اسان جي ملڪ ۾ مئرين اڪيڊمي کلي هئي ۽ اها ايشيا جي ٽئين اڪيڊمي هئي، هر ملڪ مال بردار جهاز خريد ڪري رهيو هو. ويندي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ چئن پنجن جهازن مان 1980ع تائين 80 کان مٿي جهاز ٿي ويا. جتي ڪٿي جهاز هلائڻ وارن جي ڊمانڊ وڌي رهي هئي. آئون پهريون سنڌي هوس جنهن مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا ورتي ۽ مونکي حيرت ٿي ته اسان جي ملڪ جو سمنڊ جنهن صوبي کي ڇهي ٿو اتي جا ماڻهو جهازراني ۾ دلچسپي نٿا وٺن. مون تعليم دوران ئي بنگال مان مضمون لکيا ۽ پوءِ جهاز تي چڙهڻ سان سفرناما لکڻ شروع ڪيا. جيئن اسان جا سنڌي نوجوان هن طرف به رخ رکن. شروع جي ڏهاڪو سالن ۾ مون انهن سفرنامن ۾ سامونڊي زندگي جي ڏاکڙن کي سينسر ڪري فقط گهمڻ ڦرڻ جون ڳالهيون لکيون جيئن اسانجو نوجوان هن زندگي لاءِ ڪشش محسوس ڪري. حيرت جي اها ڳالهه ته هر سال سنڌ جي نوجوانن جو تعداد وڌندو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا ڪاپي جا عادي هن فيلڊ جي ڏکي پڙهائيءَ کي منهن نه ڏئي سگهيا پر ڪيترن ته تمام گهڻو نالو روشن ڪيو ۽ اڄ اهي ڪيميڪل، آئل ٽئنڪر ۽ LPG گئس کڻندڙ جهاز هلائين ٿا جن لاءِ سخت ذهني ۽ جسماني طرح هوشيار رهڻو پوي ٿو. گذريل صديءَ جي آخري سالن ۾ ئي ۽ هاڻي هن نئين صديءَ جي شروعات کان هر ملڪ ۾ هڪ ته مرچنٽ نيويءَ جي جهازن جو نمبر گهٽبو وڃي ۽ ٻيو ته هر جهاز آٽو ميٽڪ ۽ ماڊرن ٿيڻ ڪري، ان کي هلائڻ وارن جو تعداد به گهٽبو وڃي. جهازن جي تعداد جي گهٽجڻ جو وڏو سبب اهو ئي آهي جو هنن کي کڻڻ لاءِ سامان ئي نه ٿو ملي!
سامان ڇو نه ٿو ملي؟ اڳ ۾ اسان جهڙن ملڪن مان ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، ڌاڳو ويندي کنڊ جپان، چين، سعودي عرب جهڙن ملڪن ڏي وئي ٿي. هاڻي هر ڪو ملڪ ان ڪوشش ۾ آهي، ته ٻئي ملڪ مان سامان گهرائي پنهنجو زرمبادلو ڇو ضايع ڪجي! ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ اها شيءِ پوکجي يا جيڪا پوکي وڃي ٿي، ان تي گذارو ڪجي. جپان يا ملائيشيا پئسي وارا ملڪ آهن ۽ اسان جي ملڪ جا چانور هاءِ ڪلاس آهن، پر هاڻي هو اسان کان اُچا چانور وٺي کائڻ بدران پنهنجي سادي جنس تي گذارو ڪن ٿا.
اهڙي طرح ڪو زمانو هو، جو اسان جا جهاز، جپان، انگلنڊ، جرمني جهڙن ملڪن مان ڪارون، ٽي ويون، واشنگ مشينون، ريفريجريٽر کڻي اسان جهڙن ملڪن توڙي عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي ويا ٿي. هاڻي ته هر شيءِ هر ملڪ ۾ ٺهي پئي. ٽي ويون، ريفريجريٽر ته ڇا پر جپاني ۽ جرمن ڪارون به نه رڳو ايشيا جي ملڪن ۾ پر آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ به ٺهن پيون. انڊيا ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ ته پنهنجي برانڊ جون ڪارون به ٺاهين پيا. جيڪي ڏاڍيون ڪامياب ويون آهن. اهڙي طرح موٽر سائيڪلن کان وٺي ڇت جا پکا ۽ ٽيبل فئن وغيره هر ملڪ ۾ ٺهن ٿا.
اڳ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ جهڙن ملڪن کان جهاز رڍون ۽ ٻڪريون کڻي عرب ملڪن ڏي آيا ٿي. ايتري قدر جو انهن لاءِ خاص جهاز ٺهيا جيڪي ”ڪئٽل شپ“ (چوپايو مال کڻندڙ جهاز) سڏبا هئا. هاڻي ته دبئي ۽ سعودي عرب ۾ به واڙا کلي ويا آهن. ايتري قدر جو سعودي عرب جو کير اسان جهڙن ملڪن ۾ پيو وڪامي، جيڪو باءِ ايئر اچي ٿو. بمبئي ۾ ٺهيل ڊبل روٽيون، ڪيڪ، نان ختايون روزانو واشنگٽن ۽ نيويارڪ پهچن ٿا پر باءِ ايئر. مسافر بردار جهاز ته وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿيا آهن جو اڄ ڪلهه امير توڙي غريب اهڙو بزي ۽ جلدي ۾ آهي جو هو هڪ ملڪ کان ٻئي ڏي هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪري ٿو.
سو اڄ جي حالت اها آهي جو هڪ طرف هر ملڪ ۾ مئرين اڪيڊميون جام کلي ويون آهن، جن مان ڌڙا ڌڙ سندن گرئجوئيٽ نڪرن پيا ۽ ٻئي طرح هر ملڪ ۾ پاڻي جي جهازن جو نمبر گهٽبو وڃي. هڪ ڊاڪٽر يا مڪينيڪل/اليڪٽريڪل انجنيئر ته تعليم بعد سرڪاري نوڪري نه ملڻ تي پنهنجي ڪلينڪ يا ورڪ شاپ کولي ڪجهه نه ڪجهه روزگار ڪمائي سگهي ٿو پر مئرين انجنيئر ڇا ڪري؟ پنهنجو جهاز خريد ڪري؟ جيڪڏهن (مثال طور) هو جهاز خريد به ڪري ٿو وٺي ته رڳو جهاز خريد ڪرڻ سان ڪم ته نه هلندو. هر اهم بندرگاهه ۾ آفيس جو بندوبست هجڻ به ته ضروري آهي. جيڪي پراڻيون جهازران ڪمپنيون آهن انهن جي ئي حالت خراب آهي، نئين ڪمپني ڇا هلي سگهندي؟ ان ڪري اڄ جي نوجوانن کي منهنجي اها صلاح آهي، ته مرچنٽ نيويءَ ۾ جيئن ته هاڻ اهو اسڪوپ نه رهيو آهي، ان ڪري ان ڏي رخ سوچي سمجھي ڪن. باقي پاڪستان آرمي وانگر پاڪستان نيويءَ لاءِ ضرور قسمت آزمايو جو ان ۾ پڙهائي دوران ئي پگهار ملي ٿو ۽ نوڪري پڪي رهي ٿي. مرچنٽ نيويءَ جا پگهار کڻي وڏا آهن، پر هڪ ته جهازن جي کوٽ آهي ۽ سينيئر ماڻهو به جهاز هلائڻ لاءِ واجهائين پيا. ٻيو ته مرچنٽ نيوي جي نوڪري ٺيڪي جي نوڪري آهي. سفر پوري ٿيڻ بعد وري ٻيو جهاز ڳولڻو پوي ٿو يا ساڳئي ۾ ٻئي سفر لاءِ ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي. مرچنٽ نيويءَ ۾ نه پينشن آهي نه پروويڊنٽ فنڊ. سو اهي سڀ ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ کپن. پاڪستان نيوي جيڪو فوجي ادارو آهي ان ۾ پينشن سان گڏ ٻارن ۽ ماءُ پيءُ جو ميڊيڪل به فري آهي. سو سامونڊي زندگيءَ جي شوقين پاڪستانين کي نيويءَ جي چونڊ لاءِ ’مقابلي‘ ۾ حصو وٺڻ کپي. مقابلو ان ڪري چوان ٿو، جو ههڙين چونڊن لاءِ هزارين اميدوار اپلاءِ ڪن ٿا جن مان هميشه ٽاپ جا ـــ يعني جيڪي پڙهائيءَ، صحت، جنرل ناليج، راندين، تقريرن ۽ ڊبيٽ وغيره وغيره ۾ مٿانهين درجي جون مارڪون کڻي جيڪي چونڊ لاءِ مقرر ڪيل تعداد اندر اچن ٿا، انهن کي ئي داخلا ملي ٿي. بورڊ مان کنيل فقط A1 گريڊ کي نٿو ڏٺو وڃي. ان ڪري منهنجي اڄ جي نوجوانن کي اها ئي صلاح آهي ته هو اٺين ڪلاس کان وٺي پڙهائي ڏي چڱي طرح ڌيان ڏين، جيئن هو نه فقط بورڊ جي امتحانن ۾ مٿانهين پوزيشن کڻن پر مستقبل جي ادارن جو انٽري امتحان به اعليٰ مارڪُن سان پاس ڪن. ان کان علاوه اخبار پڙهن راندين ۾ حصو وٺن، صبح جو سوير اٿي واڪ ڪن، رانديون کيڏن، جيئن هنن جي صحت سٺي رهي. مون ڪيترائي ڳوٺن جا غريب شاگرد انهن ڳالهين تي عمل ڪري ڪامياب ٿيندي ڏٺا آهن.
منهنجا پڙهندڙ مون کان ٻئي نمبر تي سوال ولايت ۾ نوڪري، تعليم وٺڻ يا بزنيس بابت ڪن ٿا ـــ خاص ڪري ملائيشيا ۾، جتي منهنجو گهڻي کان گهڻو وقت گذريو آهي ۽ هينئر به وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ اتي جي مختلف مئرين اڪيڊمين ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ۾ ويندو رهان ٿو. هتي پاڻ هڪ هڪ ڳالهه جو تجزيو ڪيون ٿا جيئن پڙهندڙن کي هڪ گائيڊ لائين ملي سگهي، يا گهٽ ۾ گهٽ Idea ٿي سگهي، جنهن کي ڌيان ۾ رکي، هو پنهنجي پروگرام کي سيٽ ڪري سگهن.
پهرئين ڳالهه نوڪري کي کڻجي، ته ملائيشيا ۾ اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ تمام گهڻيون نوڪريون هيون. تقريباً هر فيلڊ ڊاڪٽري کان انجنيري ۽ تعليم کان بئنڪنگ ۾ هنن ڌارين ملڪن جا ماڻهو رکيا ـــ خاص ڪري انڊيا، پاڪستان، سري لنڪا، بنگلاديش، جپان ۽ انگلنڊ جا. هاڻي سندن پنهنجا نوجوان ئي پڙهي چڪا آهن. ۽ هر هنڌ ٿيندڙ کوٽ پوري ڪري رهيا آهن. پر تنهن هوندي به ڊاڪٽري، انجنيري توڙي درس تدريس جون ڪي اهڙيون شاخون آهن، جن ۾ اسان جي پاڪستانين کي اڄ به نوڪريون ملن ٿيون. جيئن شهدادپور جو هڪ ٽالپر مليو جنهن Ph.D ڪنهن اهڙي خاص مڇيءَ ۾ ڪئي آهي، جو هن کي اتي يڪدم نوڪريءَ جي آفر ٿي وئي. ڪوالالمپور ۾ هڪ فارين يونيورسٽي ۾ هڪ ڄامشورو جو دل جو ڊاڪٽر پروفيسر آهي. مطلب ته خاص Subjects وارن جي اڄ به ملائيشيا توڙي عرب ملڪن ۾ ڊمانڊ آهي. باقي ڪو سمجھي ٿو ته فقط B.E يا MBBS ڪرڻ سان نوڪري ملي ويندي، اهو هاڻي مشڪل ٿي پيو آهي، جو هنن جا پنهنجا ئي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر بيروزگار ويٺا آهن. ڪي ٺڳ قسم جا چيني، ملئي ويندي اسان جا هم وطن جيڪي ملائيشيا جهڙن ملڪن جا شهري آهن، اهي پنهنجيون پرائيويٽ اسپتالون يا انجنيئرنگ ڪارخانا هلائڻ لاءِ گهٽ تعليم وارا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر گهرائين ٿا پر هنن سان پگهار ۽ ٻين سهولتن ۾ ويساهه گھاتي ڪن ٿا ۽ هو پورت نه ٿيڻ تي مجبور ٿيو موٽي اچن. اهڙي طرح ڪارخانن ۽ اسپتالن لاءِ مزور ۽ ٽيڪنيشن هو پنهنجي ئي ملڪ مان کڻن ٿا جو ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني ۽ تامل انڊين سخت پورهيت آهن. ٻئي نمبر تي هو انڊيا، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ فلپين جا کڻن ٿا. مقامي ڪارخاني دار ته ڇا، اسان جا اهي پاڪستاني بزنيس مين جن جون ملائيشيا ۾ فئڪٽريون ۽ ڪاروبار آهن، اهي به اسان جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ کان پاسو ڪن ٿا جو هنن کي به شڪايت آهي ته اسان جي ماڻهن کي ڪم نه ٿو اچي، سست آهن، No Work ڪلچر اٿن ۽ موڪلون گهڻيون ٿا ڪن.
اهي ڳالهيون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن ڪو ايجنٽ توهان کان پئسن جي گهر ڪري نوڪري جي لالچ ڏئي ته ان جي پڪ ڪرڻ ضروري آهي ته آيا اها نوڪريءَ جي آفر سچي آهي يا نه. ڇو جو اسان جا ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته ڌارين ملڪن ۾ هڪ ته نوڪريون رکيون آهن رڳو اتي پهچڻ جي دير آهي ۽ ٻيو هو ٿا سمجھن ته اهي شايد اسان پاڪستانين کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ آتا ويٺا آهن. پر حقيقت ائين ناهي. اسان جو نوجوان ولايت ۾ پهچي پريشان ٿيو وڃي ته هتي ته ڪا اهڙي ڪهاڻي ناهي جنهن جا ڦورو ايجنٽ خواب ڏيکارين ٿا.
ان ڪري جنهن کي به نوڪري ملي ته هو ان جي آفر ۽ ويزا جا ڪاغذ ان ملڪ جي سفارت خاني ۾ ڏيکاري، پڪ ڪري ته واقعي نوڪري پڪي آهي يا جعلي ڪاغذ آهن. ڪيترا ايجنٽ وزٽ ويزا تي ملائيشيا موڪليو ڇڏين، ته اتي پهچو، سندن ماڻهو توهان جي ان ”وزٽ ويزا“ کي ”ورڪ ويزا“ ۾ تبديل ڪرائي نوڪري وٺي ڏيندو. اها نسوري ٺڳيءَ جي ڳالهه آهي. ويزا اتي پهچي تبديل نه ٿي ٿئي.
تعليم لاءِ ملائيشيا جهڙا ملڪ سٺا آهن بشرطيڪه توهان کي Ph.D ڪرڻي هجي. باقي اهي خانگي ڪاليج جيڪي ملائيشيا، چين، آسٽريليا وغيره ۾ کلي پيا آهن، جن ۾ ڊاڪٽري ۽ انجنيري جي ڊگري ضرور ڏين ٿا، پر انهن ڊگرين وارن کي مون اڃان تائين نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نه ڏٺو آهي. هونءَ به ننڍي عمر جي ٻارن کي ولايت نه موڪلجي، پر ڪجهه ٻارن جو ۽ ڪجهه والدين جو پڻ، ولايت وڃڻ لاءِ اهڙو اچي شوق ٿيو آهي، جو هو قرض کڻي به پنهنجن B گريڊ انٽر پاس ٻارن کي ٻاهر موڪلين ٿا. ڪيترا دفعا اهڙن ٻارن کي مون ڪوالالمپور ۽ ٻين شهرن جي رستن تي ڇڙواڳ رلندو ڏٺو هوندو ۽ سمجھايو هوندو ته بابا هن لوفرپائيءَ کان بهتر آهي ته توهان تعليم ڏي ڌيان ڌريو.
ڪيترن ماڻهن کي ملائيشيا ۾ اچي بزنيس ڪرڻ جو به شوق آهي. يعني فقط ”شوق“ آهي. بزنيس جي آرٽ ۽ ڄاڻ کان بلڪل اڻ واقف آهن. هو سمجھن ٿا ته بزنيس لاءِ فقط ”پئسو“ ضروري آهي. هو سرڪاري نوڪرين مان ڦٻايل پئسو يا ڳوٺاڻو گهر ۽ زمين وڪڻي ان پئسي مان ملائيشيا ۾ وڏا بزنيس مين ٿي سگهن ٿا. پر ائين ناهي. بزنيس ڪو آسان ڪم ناهي ۽ نه وري ملائيشيا وارن جو اسان لاءِ ڪو هانءُ پيو ڦاٽي، ته اسان اچي هنن جي ملڪ ۾ بزنيس ڪري سکيا ستابا ٿيون. هنن ته اهڙيون ڪوڙڪيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جيئن ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي هو ڦُري سگهن. ورلي ڪو اسان جو دَبنگ قسم جو ميمڻ، چينوٽي، سنڌي هندو، يا ڪو شيخ ميمڻ ڪامياب ٿئي ٿو، نه ته گهڻا تڻا الهه تلهه چٽ ڪريو موٽن.
ويجھڙائيءَ ۾ اسان جو هڪ رشوتخور ڪامورو پنهنجو مال ملڪيت کڻي، هتي ملائيشيا ۾ اچي پيٽرول پمپ کوليو. هڪ نئين روڊ تي هن کي پلاٽ مليو. وڏو خرچ ڪري هن پيٽرول پمپ ٺهرايو. هتي جي قاعدي موجب ان سان گڏ واش روم ٺهرايائين ٻه مقامي ملازم رکيائين. سال ڏيڍ لڳو رهيو پر ايتري ڪمائي به نه ٿيس جو بجليءَ جا بل ۽ نوڪرن جا پگهار ڪڍي سگهي. نتيجي ۾ هو ٺهيل ٺڪيل پمپ اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي وطن موٽي ويو.
هڪ همراهه فون ڪيو ته هو زمين وڪڻي ۽ نوڪري ختم ٿيڻ تي مليل فنڊ کڻي ٻارن سان ملائيشيا ۾ اچي بزنيس ڪرڻ ٿو چاهي. مون پڇيو مانس ڪهڙو بزنيس؟ چوڻ لڳو ته مڙيوئي ڪو ”سيون اليون“ ٽائيپ کاڌي جي شين جو دڪان کوليندس. مون کيس ٻڌايو ته ملائيشيا وارا نه ان قسم جي دڪان هلائڻ جي اجازت ڏيندءِ ۽ نه توکي ۽ تنهنجي فئملي کي رهڻ ڏيندا. ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ ٻه طريقا آهن. هڪ ته سيڪنڊ هوم اختيار ڪرڻو پئي ٿو، جنهن ۾ هو توهان کي ملائيشيا ۾ شهريت يا PR (پرمننٽ ريزيڊنسي) نه پر پاڪستاني پاسپورٽ تي 10 سالن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏين ٿا، جنهن لاءِ هڪ ته توکي ڏيکارڻو آهي، ته تنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ ٻن سالن کان هڪ ڪروڙ رپين کان مٿي پئسو هر وقت موجود رهي ٿو. ٻيو توکي هڪ ڪروڙ رپيا ملائيشيا جي بئنڪ ۾ گئرنٽي طور رکڻا آهن جن مان اڌ پئسا ٻن سالن بعد ڪڍرائي سگهين ٿو. ان کان علاوه توکي ڏيکارڻو آهي ته تو وٽ ملائيشيا ۾ خرچ پکي لاءِ هر مهيني 3 لک رپيا ڳوٺان اچن پيا يعني پنهنجي ملڪ ۾ تنهنجي ڪاروبار مان توکي ملن پيا يا تنهنجو اولاد يا دوست موڪلين پيا. انهن سڀني ڳالهين بعد ملائيشيا ۾ رهائش جو مسئلو آهي. ائين ته ٻهراڙي واري علائقي ۾ ٻن ٽن لکن جو ڪاٺاڻو گهر مليو وڃي، پر ملائيشيا وارن پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي فائدي لاءِ هيئن ڪيو آهي، جو 25 لکن کان گهٽ قيمت وارا گهر فقط ملائيشيا جا بوميپترا (ڌرتي جا اصل رهاڪو) ”ملئي مسلمان“ خريد ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني جيڪي هن ملڪ جا سؤ سالن کان شهري آهن ۽ ملائيشيا جو پاسپورٽ اٿن اهي 25 لکن کان مٿي وارو گهر وٺي سگهن ٿا ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا ۾ سيڪنڊ هوم اسڪيم تحت رهڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ هڪ ڪروڙ رپين کان مهانگو گهر وٺڻ ضروري آهي. بلڪه هاڻ 2016ع کان ته ان جي حد هڪ ڪروڙ رپين مان وڌائي ڏيڍ ڪروڙ ڪئي وئي آهي. هاڻي جيڪي امير آهن جيئن عرب، يورپي يا اسان جهڙن ملڪن جا سردار، ڀوتار يا رشوت خور ڪامورا يا ڌاڙيل دهشت گرد ـــ اهي اهڙا مهانگا گهر افورڊ ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا حڪومت ان چڪر ۾ جهنگلن ۾ پلاٽنگ ڪري ڌڙا ڌڙ گهٽ معيار جا گهر ٺهرائي، وڏي اگهه تي وڪرو ڪري ملائيشيا ۾ رهندڙ شوقينن مان خوب پئسو ڪمائي رهي آهي. مزي جي ڳالهه اها ته انهن سيڪنڊ هوم وارن کي فقط محدود وقت ”پنج يا ڇهه“ ڪلاڪ بزنيس يا نوڪري ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ ان اسڪيم هيٺ زال مڙس ۽ 18 سالن کان ننڍا ٻار رهي سگهن ٿا. ننڍا ٻار رهندا معنيٰ اهي اسڪول ويندا ۽ اسڪول جون ڳريون فيون ڀرڻ ۾ به ملائيشيا حڪومت جو فائدو ٿيو.
ملائيشيا ۾ رهڻ جو هڪ ٻيو طريقو اهو آهي ته هو ملائيشيا جي ڪنهن شهر ۾ ڪا ڪمپني کولي بزنيس ڪري يا ڪارخانو کولي، پئٽرول پمپ يا سپر مارڪيٽ کولي. ان ۾ زال مڙس ملائيشيا ۾ رهي سگهن ٿا، پر ان شرط تي هو ڪا وڏي پئماني جي سيڙپ ڪري جيئن گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا مقامي ماڻهو ان ۾ لڳائي سگهي. ملائيشيا ۾ دڪان، هوٽل يا ڪارخاني ۾ مقامي ماڻهو رکڻ ڪو سؤلو ڪم ناهي. ڳري پگهار سان گڏ هنن کي طبعي سهولتون به ڏيڻيون پون ٿيون. مطلب ته چؤطرف ملائيشيا جي حڪومت ڌارئين ماڻهوءَ مان پئسو ڇڪي ٿي ۽ آئون ڏسان پيو ته اسان جا ڪيترائي سادا ماڻهو وڏي شوق سان پئسو لڳائين ٿا ۽ سمجھن ٿا ته اسان خوب ڪمائينداسين پر بزنيس ۾ به ايڏو ته سخت مقابلو آهي، جو اسانجو ماڻهو ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني ۽ انڊين گڙنگ واپارين سان مقابلي جي سگهه نه سَهي جلد ئي ڪپڙا ڇنڊي وطن روانو ٿيو وڃي.
سو هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن کي ملائيشيا يا ڪنهن ڌارئي ملڪ ۾ نوڪري مليو ٿي وڃي، ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي پر هو هر ڳالهه چڱي طرح جانچي جونچي ڪري. ڇو جو غير قانوني ڪمن تي ٻاهرين ملڪن ۾ سخت سزائون آهن ۽ اسانجو ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ غير قانوني ٿيندڙ ڪم ڏسي سمجھي ٿو ته ولايت ۾ به ائين پيو ڪم هلي پر پوءِ ڌارئين ملڪ ۾ هو جھلجيو پوي ۽ سزاياب ٿئي ٿو. اهڙي طرح بزنيس ۾ به توهان ماهر آهيو ۽ جام پئسو اٿانوَ ته پوءِ ڀلي ”مهم جوئي“ (Adventure) ڪريو نه ته ٻي صورت ۾ الهه تلهه وڃائي پاڻ کي ذهني مريض نه بڻايو. پنهنجي ملڪ ۾ ئي اڀرو سڀرو ڪمائيندا رهو. ٿي سگهي ٿو اسان جي ملڪ جا به وارا نيارا ٿي وڃن. ايماندار ۽ انصاف پسند سياستدان اسان جي ملڪ جي به قسمت بدلائي ڇڏين جيئن مهاتير محمد ۽ لي ڪئان يو ملائيشيا ۽ سنگاپور کي يورپ بنائي ڇڏيو آهي.