الطاف شيخ ڪارنر

جيءَ اندر جھاتي

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3187
  • 967
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيءَ اندر جھاتي

دنيا جي خوش حال انڊسٽري

دنيا جي ڪنهن به بزنيس کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ اهو ٿو ڪمائي جيڪو ان ۾ پئسو ٿو لڳائي. ويندي زمينداري ۾ به ڏٺو وڃي ته ان جي پئداوار جو مالڪ زميندار ئي رهي ٿو جنهن جي زمين آهي ۽ جنهن ان ۾ پوک ڪرڻ لاءِ ٻج، ڀاڻ ۽ جراثيم مار دوائن (ڪيميڪلس) تي خرچ ڪيو آهي. اهڙي طرح ڪو انڊسٽري (ڪارخاني، فئڪٽري) جو مالڪ آهي ته ان فئڪٽري مان ٿيندڙ فائدو فقط هن کي ئي ملي ٿو، پوءِ اها انڊسـٽري چاهي ڪپڙي جي هجي، جورابن جي يا بوٽن جي. ٻي ڳالهه ته ڪنهن به انڊسٽري ۾ جام پئسو لڳائڻ جي باوجود ان ۾ نقصان جا به انديشا رهن ٿا. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته ملاڪا رياست جو وزير اعليٰ داتو رحيم تامبي چِڪ جيڪو منهنجو هم عمر، دوست ۽ پاڙيسري هو، چوندو هو ته: ”الطاف دنيا ۾ هڪ اهڙي به انڊسٽري آهي جنهن ذريعي توهان حق حلال جي روزي ڪمائي سگهو ٿا، جنهن ۾ ڪنهن سيڙپ جي ضرورت ناهي، جنهن مان نقصان نه رڳو فائدو ئي فائدو آهي ۽ جنهن جو لاڀُ امير کان غريب ماڻهوءَ تائين پهچي ٿو.... ۽ اها آهي ”ٽوئرزم انڊسٽري“.
اسان واري يار ”رحيم تامبي چِڪ“ جو مطلب هو، ته جڏهن ڌارين شهرن ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڪنهن شهر ۾ گهمڻ لاءِ اچن ٿا، ته ان شهر جي مڪاني ماڻهن: هوٽلن وارن کان ٽانگي رڪشا وارن جي ڪمائي ٿئي ٿي. ظاهر آهي جيڪو گهمڻ لاءِ اچي ٿو اهو حيثيت آهر ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ ويهي ٻوڙ ماني نه کائيندو، ته ٿالهه واري کان ڇولا ته وٺي کائيندو. شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين سندس گهمڻ ۾ مڪاني ٽئڪسي، ٽانگي ۽ چنگچي واري جو فائدو ٿيندو ۽ آخر ۾ گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو پنهنجي مائٽن مٽن ۽ دوستن لاءِ، جي شڪارپور جهڙو شهر آهي ته مٺائي، آچار، پاپڙ، کجور جهڙيون شيون سوکڙي طور وٺي ويندو.
منهنجي خيالَ ۾ ان ٽوئرزم مان ٿيندڙ معاشي فائدي کان اسان سنڌي وڌيڪَ واقف هُئڻ کپون ،جو اسان پنهنجي يا آس پاس جي ڳوٺن ۾ سال ۾ لڳندڙ ٽن ڏينهن جي ميلي ۾ ڏسندا رهون ٿا ته دڪاندار کان مزدور تائين ان مان ڪيترو ڪمائي وٺن ٿا. ويندي پخال ۾ پاڻي کڻي پيئارڻ وارو به ڪمائي وٺي ٿو ۽ جڏهن ٽن ڏينهن جي ميلي ۾ ئي ان ڳوٺ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيو وڃن، ته پوءِ انهن هنڌن جو سوچيو، جِتي تاج محل جهڙي ڪنهن تاريخي شيءِ ڪري آگري ۾ يا معين الدين چشتي جهڙي بزرگ جي مقبري ڪري اجمير ۾ ٻارهو ئي ميلو متو رهي ٿو .... اتي جي مڪاني هوٽلن ۽ دڪانن جي مالڪن کان وٺي فٽ پاٿ تي پڪوڙا ۽ ڳنڍيريون رکي وڪڻڻ وارن جي ڇا ته ڪمائي ٿيندي هوندي.
بهرحال مٿين ڳالهه ته ”ٽوئرزم انڊسٽري مان فائدو ئي فائدو آهي“، ملاڪا جي وزير اعليٰ تڏهن ڪئي، جڏهن مون هن کان پڇيو ته هو ڇو هر وقت پريشان آهي ته انڊيا، اسپين، مالديپ ٻيٽ ۽ سري لنڪا وانگر هِتي ملاڪا ۾ به ٽوئرسٽ نظر اچن. هيءَ 1980ع جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي جڏهن ملاڪا جهڙي شهرَ ۾ جيڪو اڄ ڪلهه ته هوٽلن ۽ ٽوئرسٽن کان اٿلي ٿو، هڪ به ”فائيو اسٽار، ته ڇا ”فور اسٽار“ هوٽل به نه هئي. ملڪ جي پهرين نئين نيول اڪيڊمي کلي هئي جنهن ۾ مون جهڙا چار پنج پاڪستان، انڊيا، برما، سريلنڪا ۽ انگلنڊ جي جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن پڙهائڻ لاءِ رکيا ويا هئا. ٻيا ته گهر کان به ٻاهر نه نڪرندا هئا، پر آئون مڙيوئي سفرنامي خاطر ڪجهه احوال حاصل ڪرڻ لاءِ ملاڪا شهر جا پيو چڪر هڻندو هوس. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا ڇا ته ماٺيڻو ۽ ننڊاکڙو شهرُ هو. هن وزير اعليٰ جي دماغ ۾ بس اهو ئي جنون هو ته هن جي رياست واري شهر ملاڪا ۽ اوسي پاسي جي شهرن: مور، جاسين، مسجد تاناح ۽ سنگائي اُڊانگ وغيره ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو اچن. آئون کِلي چوندو هوسانس ته: ”آهي مون فارينر جي ڏسڻ لاءِ ڪجهه ڪونه، ٻيا اچي هِتي ڪهڙا اَڪَ ڪارا ڪندا. پاڪستان جهڙي گرم ملڪ ۾ وري به بهار ۽ سرءُ جا ٽي ٽي مهينا ته سٺي موسم رهي ٿي هِتي ملائيشيا ۾ جُهڙ آهي ته فرحت آهي نه ته ٻارهوئي ٽڪڻ ٿي گرم ٿئي! ٻي ڳالهه رحيم تامبي چِڪ! توهان کي پئسي ڪمائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ توهان وٽ ته گهڻي آدم شُماري به نه آهي. چوڌاري بنا هر ڪاهڻ، کيڙڻ ۽ پاڻي ورائڻ جي ميون جا وڻ، ڀاڄيون ناريل، پام آئل ۽ رٻڙ جون پوکون آهن. ڌرتي اندر ٽامو، پتل، قلعي ۽ ويندي سون آهي.... اڃان به سنگاپور جهڙو ملڪ ٽوئرزم جو سوچي جنهن وٽ ڪجهه ناهي..... نه پوک نه ڌاتو..... نه پيٽرول نه گئس.... پيئڻ لاءِ پاڻي به هو توهان کان ٿو خريد ڪري. ٻي ڳالهه ته توهان وٽ ڪو فارينر هلي ملي اچي به کڻي ته ڏسي ڇا؟“
منهنجي ان آخري جملي تي هو (وزير اعليٰ) چوندو هو: ”بس! اها ئي ته هڪ ڳالهه آهي جنهن جي کوٽ آهي. ڏس الطاف! ٽوئرزم اهڙي شيءِ آهي، اهڙي انڊسٽري آهي، جنهن مان لڳاتار ڪمائي آهي ۽ غريب غربي جو فائدو آهي. ٽوئرزم لاءِ جيڪا اهم شيءِ ”امن امان“ جي حالت آهي اها اسان وٽ آهي، ٽوئرسٽ جي رهائش لاءِ ننڍين وڏين هوٽلن ۽ هائيجن جو خيال ضروري آهي، اهو به منهنجي رياست ۾ زور شور سان هلي رهيو آهي، باقي ٽوئرسٽ جي گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڪجهه شيون سوچي ٿو وٺان“.
آئون ان بعد به ڏهه سالَ لڳاتار ملاڪا ۾ هوس جنهن دوران هن ملاڪا ۾ چڙيا گهر (Zoo)، عجائب گهر، پارڪ ٺهرايا. شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ جيڪي به مسلمانن جون مسجدون، هندن جا مندر، سکن جا گوردوارا، عيسائين جا گرجا گهر ۽ ٻڌن جا پگوڊا هئا انهن سڀني جي سهڻي نموني سان مرمت ڪرائي مختلف رنگن روغنن سان چمڪايا.... نه صرف اندران ٻاهران پر ان جي آس پاسي واري علائقي کي به گل گلڪارين سان خوبصورت بڻايو جيئن دنيا جي مختلف مذهبن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي عبادت گهر کي ڏسي خوش ٿين ۽ فوٽا ڪڍي پنهنجي وطن پنهنجي عزيزن ۽ دوستن کي ڏيکاري، انهن کي گهمڻ لاءِ هرکائِن. ملاڪا ۾ آڳاٽي زماني جو پورچوگالين جو هڪ ننڍڙو قلعو هو .... بلڪه فقط ڀت جو هڪ حصو هو، ان کي رنگ روغن ڪرايو، سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ وانگر ملائيشيا جي مختلف ڊريسن ۾ ماڻهن جا مجسما Statue ٺهرايا ۽ قومي هوائي ڪمپني سان ملي انهن فارينرس کي ٽڪيٽ تي ڊسڪائونٽ ڏياريا، جيڪي ملاڪا گهمڻ آيا ٿي، ڌارين ملڪن جي اخبارن رسالن ۾ ملاڪا گهمڻ جا اشتهار ڏنا ۽ مون ڏٺو ته ملاڪا ۾ هر سال ٽوئرسٽن جو تعداد وڌندو رهيو ۽ هاڻ ته ملاڪا ۾ جهڙو ميلو متو پيو آهي .... اهي ملاڪا شهر جون گهٽيون جن ۾ 1968ع کان 1985ع تائين به مون اڪيلي کان سواءِ ڪو ورلي ڌاريو نظر آيو ٿي، ان جي گهٽي گهٽي ۾ هوٽلون ۽ مسافرخانا آهن جن ۾ رهائش لاءِ خالي ڪمرو نه ٿو ملي. هاڻ ملاڪا شهر مٽياري ۽ ماتلي جهڙو ڳوٺڙو نه پر يورپ جو ماڊرن شهر لڳي ٿو جِتي هر شيءِ بين الاقوامي معيارَ جي آهي. هر هڪ خوش حال آهي.
هن وقت آئون سوچيان ٿو ته اسان جي فقط سنڌ ۾ ئي خبر ناهي ڇا ڇا تاريخي يادگار ۽ قدرتي نظارا آهن: مڪلي جي مقبرن ۽ شاهجهان مسجد کان حيدرآباد جو پڪو قلعو، ڪوٽ ڏجي کان گورک هل. رڳو سکر رهيس ته ٽي ڏينهن ساڌ ٻيلو، ستين جو آستان، معصوم شاهه جو منارو، لئنسڊائون پل ۽ ٻين تاريخي ۽ قدرتي نظارا ڏسڻ لاءِ پورا نه پئي پيا ۽ جِتي ملاڪا جهڙي رياست اڄ سڀ کان گهڻو ٽوئرزم مان ٿي ڪمائي اتي اسان جي سنڌ ته گهڻو ڪجهه لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿي. پر اسان وٽ جنهن بنيادي شيءِ جي کوٽ آهي، اها آهي امن امان جي صورت حال. مال ۽ جان جي حفاظت نه هجڻ ڪري هڪ ڌاريو ته ڇا ملڪي ماڻهو به اچڻ کان ٽهي ٿو ..... هيءَ اهـڙي ڳالهه آهي جيڪا موجوده حڪومت به محسوس ڪري رهي آهي ۽ جيئن ئي اها کوٽ پوري ٿيندي، ته تاج محل ڏسڻ کان به وڌيڪَ ماڻهو اسان وٽ موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ ايندا.
منهنجي پنهنجي تجربي موجب بهترين ٽوئرزم لاءِ ..... يعني سياحن کي پاڻ ڏس ڇڪڻ لاءِ، ڪجهه ٻيون شيون به ضروري آهن، جهـڙوڪ: سٺي پوليس، رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ سٺيون ۽ سستيون هوٽلون ۽ سواريءَ جي آساني.
امن امان سان گڏ سٺي پوليس جو هجڻ ضروري آهي. سنگاپور ۾ 1970ع تائين به بدامني جو عالم هو. ايتري قدر جو اسان جهاز وارن کي پنهنجي مڪاني آفيس کان هدايتون مليل هيون ته ڏينهن جو به بندرگاهه کان گهڻو پري نه وڃون. ذرا سوچيو ته سنگاپور ٻيٽ آهي ئي ڪيڏو ....! پهرين به لکي چڪو آهيان ته هاڻ سمنڊ کي ڀري جملي پکيڙ 720 چورس ڪلوميٽر ڪئي وئي آهي، نه ته 1968ع ۾ جڏهن پهريون دفعو آيو هوس، ته اهو فقط 580 چورس ڪلوميٽر هو. سنڌ جو مٽياري ضلعو سڀ ۾ ننڍو آهي ان جي پکيڙ به 1420 چورس ڪلوميٽر آهي. بدامني ڪري هر هنڌ ماڻهو گهٽ ٿو نڪري. فئملي ۽ ٻارن سان ته هرگز نه ٿو نڪري. انهن ڏينهن ۾ يعني 1970ع ۾ سنگاپور ٺڳن جو ملڪ سڏيو ويو ٿي ۽ شهر ۾ هلندڙ بسين تي ”بشنين کان خبردار رهڻ“ جهڙا چِتاءَ لکيل هوندا هئا ۽ هاڻ ته سائين اهڙو امن آهي جو توهان جو هلندي رستي تي پرس ڪري پئي ته به ڪو هٿ نه لاهيس. جپان ۽ سئيڊن .... توڙي يورپ جي ٻين ملڪن ۾ پوليس ايڏو مددگار آهي جو ٻار ٻچا ڀلي اڪيلا پيا هلن. مجال آهي جو ڪو نالو وٺين. پوليس کي اطلاع ڪرڻ تي اها يڪدم مدد لاءِ پهچيو وڃي. ملائيشيا ۽ ٿائي لئنڊ جهڙن ملڪن ۾ سالن کان ڏسان ٿو، ته پوليس جو ڪافي رعب تاب آهي تڏهن ته مڪاني چيني ۽ ٽوئرسٽ يورپي ڇوڪريون رات جو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ بسين يا سائيڪلن تي پيون هلن .... مجال آهي جو ڪو سندن نالو وٺي. حيرت جي اها ڳالهه آهي ته ان معاملي ۾ انڊيا به ڪافي اڳتي وڌي ويو آهي تڏهن ته انڊيا ۾ ٽوئرسٽ ڇوڪريون اڪيلي سر نه فقط شهرن ۾ پر ڳوٺن ۾ به اسڪرٽ ۽ چڍيون پائي پيون هلن.
ٽوئرسٽن ۾ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ صاف سٿرو ۽ مناسب اگهه تي کاڌو ۽ رهائش لاءِ هوٽلون پڻ ضروري آهن. توهان انڊيا جون ريلوي اسٽيشنون ۽ ايئرپورٽ ڏسو ته کاڌي جي شين سان ڀريا پيا آهن. ٻاهر جي قيمت ۽ اندر جي قيمت ۾ ڪو ورلي فرق نظر اچي ٿو. غريب غربو پليٽ فارم تان پنهنجي پسند جي شيءِ وٺيو پيو کائي. ساڳئي وقت اسان وٽ ڏسو هر شيءِ مهانگي. چانهه جو ڪوپ 80 رپئي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ تي 100 رپئي. ويهن روپين واري پٽاٽو چپس جي ٿيلهي 150 روپيه. اسلام آباد ايئرپورٽ تي هن ڀيري ٻيو به دڪان کليل هو. مون سمجھيو ته مقابلي ۾ هاڻ سستائي هوندي پر اها ئي مهانگائي .... يارو ايڏي مهانگي چانهه يا بسڪيٽ ته ڪوپن هيگن ۽ اسٽاڪ هوم جهـڙن مهانگن هوائي اڏن تي به نٿا ملن. ٽوئرسٽ ته سَستائيءَ ڪري attract ٿئي ٿو. ههڙي مهانگائي جي عالم ۾ اسان وٽ ڪير ايندو؟ اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ کي ته اهو به ڊپ رهي ٿو ته ڪٿي بيف ۽ مَٽن جي نالي ۾ کيس گڏهه جو گوشت ۽ ڪوئن جي ڪِٽ ڪِٽ نه کارائي وڃي. ويندي پيئڻ جو پاڻي ان هائيجنڪ آهي.
اسان وٽ رهائش لاءِ ضلعي شهرن ۾ به هوٽلون اڻ لڀ آهن. جِتي آهن انهن جا وري اگهه ڏسو. دهلي، آگره ۽ ممبئي جهڙن شهرن ۾ جِتي فائو اسٽار هوٽلون آهن اتي ريلوي اسٽيشن جي ڀر وارين گهٽين ۾ اهڙيون به هوٽلون آهن، جن جي سڄي ڪمري جي مسواڙ ٻه سؤ رپيا آهي ۽ فقط هڪ ماڻهو جي سمهڻ لاءِ هڪ سؤ روپيا. آئون ڏسندو آهيان ته ڪيترائي يورپي سياح به اهڙين هوٽلن ۾ خوش ٿي رهن ٿا ۽ پئسو بچائن ٿا. بقول هنن جي امن امان آهي ته ڪهڙي به هوٽل هجي ۽ سڄي رات پکو ته هلي ٿو.
اهڙي طرح ٽوئرسٽ جي سير تفريح لاءِ سواري جو سولائيءَ سان ملڻ ۽ سستو هجڻ پڻ ضروري آهي. توهان انڊيا ۽ ايران ۾ ڏسو ته اتي جي هر شهر ۾ جيتوڻيڪ بي انتها ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا پر جنهن وقت به رڪشا يا ٽئڪسي جي ڳولا ڪر، ته سامهون بيٺي آهي ۽ اگهه به بي حد مناسب. اڃان به سستائي کپي ته هر هنڌ آرام واريون بسون، ميٽرو ريل ۽ ٽرين. ممبئي ۾ ٽرين شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين هلي ٿي. منجھس فقط ٻه ڪلاس آهن. مٿيون ڪلاس ”ٽون ڦان“ رکڻ وارن ماڻهن لاءِ جنهن جو ڀاڙو 80 رپيا آهن ۽ هيٺين ڪلاس ۾ باقي ”ڪُت خلق“ پر ڀاڙو فقط 6 رپيا! آئون فقط پهريون دفعو مٿين ڪلاس ۾ چڙهيس ۽ جيتوڻيڪ سفر ۽ سهولت جي حساب سان اهو ڀاڙو ڪجهه به ناهي، پر هر ٽوئرسٽ اڃان به سستائي ڳولي ٿو ۽ ان بعد مون هميشه هيٺئين ڪلاس کي ترجيح ڏني جِتي عام ماڻهن سان خبرون چارون به ڪيم ٿي. ايتري قدر جو گورن انگريزن ۽ يورپين کي به هيٺئين ڪلاس ۾ سفر ڪندو ڏٺم. سو اسان به جي چاهيون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچن ته اسان کي هنن جي سهولت، سک، امن امان، صحت ۽ گهٽ خرچ واري رهائش ۽ صاف سٿري کاڌي پيتي جي لاءِ بندوبست ڪرڻو پوندو.