عربي نه سکي غلطي ڪئيسين
شعيب 1977ع ۾ هالا شهر ۾ ڄائو. بنيادي تعليم هالا جي مسلم اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ سروري ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان بعد سنڌ يونيورسٽي مان بي ڪام دوران هن کي مديني جي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي جتي هو 1996ع کان 2003ع تائين رهيو. منهنجي پڇڻ تي ته آيا اتي ڪو سنڌ جو پروفيسر به هو شعيب ٻڌايو ته ٽي پروفيسر اهڙا هئا جن جا وڏا ڪنهن زماني ۾ سنڌ کان لڏي سعودي عرب ۾ اچي Settle ٿيا هئا ۽ سندن اولاد ”السنڌي“ سڏرائي ٿو. انهن مان هڪ شيخ عبدالقادر حبيب الله السنڌي ۽ ٻيو شيخ محمد عابد بن محمد ڪامل السنڌي هو. ٽئين پروفيسر جو نالو هن وقت ياد نه پيو اچيم.
آئون جن ڏينهن ۾ (1957ع ۾) هالا جي هاءِ اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ هوس ته شعيب جو والد صاحب عبدالرشيد انصاري ۽ ننڍو چاچو فاروق انصاري ان اسڪول ۾ هئا. عبدالرشيد مون کان ٻه يا ٽي سال وڏو هو ۽ مٿانهين ڪلاس ۾ هو ۽ فاروق ٻه سال کن ننڍو هو. شعيب جي والد هالا مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر ڪاليج مان M.Sc ڪئي ان بعد Law به ڪيو. 1972ع ۾ PCS جو امتحان پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ٿيو. ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر رورل ڊيولپمينٽ ۽ پوءِ نواب شاهه ۾ ڊپٽي ڪمشنر پڻ ٿي رهيو. پاڻ پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1992ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ننڍي ڀاءُ فاروق انصاريءَ جي به نوڪريءَ دوران وفات ٿي وئي. هن فارمئسيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1970ع ۾ B.Sc ڪئي ۽ ساڳي وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. هالا جو اسڪول ڇڏڻ بعد منهنجي ساڻس گلاسگو ۾ 1978ع ۾ ملاقات ٿي جن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز گلاسگو، هل ۽ ڊنڊي جهڙن بندرگاهن ۾ آيو ويو ٿي. فاروق اتان Ph.D ڪئي ان بعد واپس سنڌ يونيورسٽي آيو. هو پروفيسر ٿيو ۽ آخر ۾ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ به ٿيو. انهن ڏينهن ۾ کيس ڪئنسر ٿي پئي ۽ 2003ع ۾ وفات ڪيائين.
هونءَ ته هالا جا سمورا ٻار اسڪول وڃن ٿا ۽ خاص ڪري انصارين جا ٻار تعليم ۾ ڪافي اڳيان اڳيان رهيا آهن. هو هر فيلڊ ۾ آهن نيوي ۽ آرمي کان ڊاڪٽر انجنيئر ۽ سٺا واپاري ۽ ان سان گڏ دين جي ڳالهين ۾ به اڳيان رهيا آهن. منهنجي ڪلاس ۾ به ڪيترائي انصاري هئا.... ڪمانڊر نجم انصاري، پروفيسر عبدالصمد وغيره وغيره. پر عبدالرشيد ۽ سندس ڀاءُ فاروق ان ڪري به گهڻو ياد اٿم جو انهن جو والد صاحب يعني مولانا شعيب جو ڏاڏو ”حافظ الله بخش انصاري“ انهن ڏينهن ۾ اسانجو عربي ٽيچر ٿي آيو هو. ڪجهه مهينن بعد ستون ڪلاس ختم ڪري آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو هليو ويس پر جيڪي ڪجهه پيرڊ سائين الله بخش صاحب اسان کي پڙهايا سي اڄ به ياد اٿم ۽ سندس شخصيت کي سلام ٿو ڪريان ته هن ڪيئن اسان جو خيال ڪيو ٿي. هو سڀني استادن ۾ پوڙهو ۽ ضعيف هو پر سندس آواز بيحد کڙو هو. عربي پڙهڻ لاءِ اسان مان ڪو به تيار نه هو پر سائينءَ کي شاباس هجي جو ڳالهيون ۽ قصا ٻڌائي اسان کي سجاڳ رکي ڪجهه نه ڪجهه عربيءَ جا لفظ ياد ڪرائي ويو جن مان هڪ جملو اڄ به اسان ڪلاس ميٽ (يعني جيڪي جيئرا آهيون) هيڊ ماستر خادم علوي، پروفيسر تاج محمد ميمڻ، وڪيل ولي محمد ڀرڳڙي ورجائي کلندا آهيون ۽ سائين حافظ الله بخش انصاريءَ کي ياد ڪندا آهيون..... قطة صغيره وَ اسمها نميره..... ٻليءَ جو ٻچو جنهن جو نالو نميرا هو. عربي ۽ فارسي پيٽارو ۾ به نه پڙهياسين پر پوءِ جهازن جي نوڪري بعد، مختلف ملڪن ۾ وڃڻ تي يڪدم اهو احسا س ٿيو ته اسانجو ملڪ ۽ اسان بدقسمت آهيون جو عربي جهڙي ٻولي نه سکياسين. عربي اچي ها ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو به سوڊانين ۽ مصرين وانگر هر عرب ملڪ سعودي عرب ۽ ڪويت کان دبئي ۽ اردن ۾ ڇانيل هجن ها.
ريٽائرڊ ٿيڻ بعد ايران جو چڪر هڻڻ دوران مڪاني ماڻهن کي فارسي ڳالهائيندو ٻڌي ڏک ٿيو ته عربي ته نه سکياسين پر فارسي به نه پڙهياسين جيڪا اهڙي مِٺي ۽ سولي آهي جو اسان جي سنڌي يا اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ ته فارسيءَ جا آهن ۽ ڇا ته فارسي زبان ۾ لٽريچر آهي ـــ شعر و شاعري سان ته ڀري پئي آهي. ۽ ملائيشيا وڃي جنهن ٻولي ــــ ملئي تي مٿا ڪٽ ڪئسين ان ۾ ته ڪجهه به ادب نه مليو .... يعني نه نثر نه نظم .... بهرحال خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه جتي ڪٿي مدرسا نظر اچن ٿا جتي ننڍي هوندي کان ٻارن کي عربي پڙهائي وڃي ٿي ۽ پڙهائڻ وارا مولانا شعيب جهڙا پاڻ به عربيءَ جا نه فقط ڄاڻو آهن پر سندن ڳالهائڻ ۾ تمام گهڻي Fluency آهي.