ڌڪ دشمن جو به سهڻ کپي
ننڍا هئاسين ته تازو پاڪستان ٿيو هو ۽ اسان جي ملڪ جو هر ماڻهو ’انڊيا‘ ۽ خاص ڪري ’نهرو‘ جيڪو انڊيا جو وزير اعظم ٿيو، ان تي ڏمريو پئي هليو. پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن واتان ۽ پوءِ اسڪولن ۾ پنهنجن سينيئرن ۽ استادن واتان جواهر لعل نهرو ۽ موهن داس گانڌيءَ لاءِ گهٽ وڌ ٻڌي ٻڌي دماغ ۾ اهو ويهي ويو، ته اهي ڪي چريا چرٻٽ هئا. پر پوءِ جڏهن جهازن جي نوڪري ۾ ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو، ته پنهنجي اوسي پاسي وارن ملڪن سري لنڪا، برما، مالديپ، ٿائلنڊ جهڙا ته ڇا پر مسلمان عرب ملڪن توڙي يورپ جي ملڪن ۾ هر پڙهيل ڳڙهيل کان نهرو ۽ گانڌيءَ جي تعريف ٻڌي حيرت ٿي ۽ انهن ڌارين ملڪن ۾ انهن هندوستاني سياستدانن نالي روڊ رستا، لئبرريون ۽ پارڪ نظر آيا. مون کي ياد آهي ته لنڊن جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ مصري جهاز جي ڪئپٽن نهروءَ جي لکيل هڪ ڪتاب جي تعريف ڪئي ته اسان جي هڪ جهازيءَ حيرت مان کيس چيو (جيڪا هن ڄڻ اسان جي دل جي به ترجماني ڪئي) ته ”ڪمال آهي! تون نهرو جي تعريف ٿو ڪرين! هو ته انڊيا جو هندو هو.“
ان تي هن مصري مسلمان ڪئپٽن ٺهه پهه وراڻيو ته ”هندو هو ته ڇا ٿيو. اسان ڪو هن جي ڌرم جي فلاسافي نه پيا discuss ڪيون. هن جي سوچ ۽ ادب بابت پيا ڳالهايون. اسان جي ملڪ ۾ ته نهرو ۽ گانڌيءَ جا لکيل مضمون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا.....“
سچ پڇو ته منهنجي لاءِ اهو پهريون encounter هو، جنهن مون کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، ته هڪ مسلمان اسان جي دشمن جي تعريف ٿو ڪري! ۽ پوءِ ته ٻين به ڪيترن مسلمانن ۽ يورپي گورن کان نهرو ۽ گانڌي جي لکڻين ۽ سٺن خيالن جون ڳالهيون ٻڌي تعجب لڳو. انگلينڊ يا يورپ ايندي ويندي اسان جو جهاز آفريڪا جي اوڀر ڪناري واري تاريخي ۽ جھوني بندرگاهه ممباسا ۾ تيل پاڻي ۽ جهازين (جهاز هلائيندڙن وغيره) لاءِ راشن خريد ڪرڻ لاءِ ٻه ڏينهن کن ضرور ترسندو هو. بلڪه جي ممباسا لاءِ ڪارگو لاهڻو هوندو هو، يا اتان کڻڻو هوندو هو يا وري جهاز جي ڪا ضروري مرامت ڪرائڻي پوندي هئي، ته پوءِ ته جهاز هفتي ڏيڍ لاءِ به بيٺو هوندو هو. هي سن 1970ع ۽ اڳين پوين سالن جي ڳالهه آهي، جڏهن سئيز ڪئنال بند هو. سو يورپ يا آمريڪا ڏي وڃڻ لاءِ هر جهاز کي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ اسان لاءِ هن پاسي ممباسا، زنجبار ۽ دارالسلام جهڙا بندرگاهه دل پسند هئا، جو ڪولمبو، عدن ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن وانگر هتي جو بزنيس به ننڍي کنڊ جي گجراتين، آغا خانين، بوهرين، سنڌي هندن ۽ پارسين هلايو ٿي، جن سان اڙدو ۽ سنڌي زبانن ۾ ڳالهائيندي اسان Comfortable محسوس ڪيو ٿي. پوءِ هنن اسان کي مفت ۾ کڻي ڳڙ نٿي ڏنو پر واپاري طبيعت جو هجڻ ڪري، ڳڙ جهڙي مٺي ڳالهه ته ڪئي ٿي.... ويندي ڪڏهن ڪڏهن اوڌر به ڏني ٿي. بهرحال هڪ دفعي جهاز ممباسا ۾ بيٺو هو ته آئون هڪ سنڌي دڪاندار ٻلديو واسواڻي سان گڏ ڀر واري بوهري جي دڪان تان ٽيپ رڪارڊر وٺڻ ويس. ٻلديو جي دڪان تي اهو نه هو ۽ هن بوهريءَ کي منهنجي پارت ڪئي ته ”هي توهان جو مسلمان ۽ اسان جي وطن جو سنڌي آهي..... هن کي سٺي اگهه تي ڏجانءِ.“
انهن ڏينهن ۾ اهڙيون زباني خرچ سفارشون ٻڌي اسان _ ”بزنيس جي اٽڪلن کان اڻ واقف“ ۽ بيوقوف جهازي، مطمئن ۽ خوش ٿيندا هئاسين. بهرحال هيءَ سڄي ڳالهه ان ڪري نڪتي آهي، جو خريداري جي رسيد ڏيڻ وقت هن بوهري دڪاندار جي ٽيبل تي رکيل ڪتاب جي ٽائيٽل تي نهرو جو فوٽو ڏسي منهنجي وات مان نڪري ويو ته ”توهان هي پيا پڙهو؟!“ دراصل ان وقت تائين به منهنجو ذهن ايڏو Prejudiced هو، جو مون نهرو کي دشمن ۽ بي ڪار ماڻهو ٿي سمجھيو ۽ اهڙي ماڻهو يعني هندوءَ جي ڪتاب کي پاڻ پڙهڻ ته خراب ٿي لڳو، پر ٻئي مسلمان يعني هن بوهري دڪاندار وٽ ڏسي به حيرت ٿي.
اهو ڪو ڪتاب هندي زبان ۾ لکيل هو، سو بوهري دڪاندار، منهنجي ان سوال تي سمجھيو ته آئون ان ڳالهه تان حيرت کائي رهيو آهيان، ته هڪ بوهري جنهن جي مادري زبان گجراتي هئڻ کپي سو ڪيئن هندي جو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. سو هن ڏاڍي مزي سان چيو ته ”آئون بڙودا ۾ ڄائس جتي مون کي منهنجي والد گجراتي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ بدران ڪانوينٽ اسڪول ۾ داخل ڪيو جتي انگريزي ۽ هندي پڙهائي ويندي هئي.“
مون ڪتاب کي کڻي ان جا ورق اٿلايا. عربي يا فارسي ٻولين جهڙي لکائي بدران بنگاليءَ جهڙي هئي بلڪه چٽگانگ ۾ تعليم دوران ٿوري گهڻي بنگالي سکڻ ڪري مون ان ڪتاب جا صفحا اٿلائيندي، پهريون دفعو نوٽ ڪيو، ته هندي ۽ بنگاليءَ جا ڪجهه اکر جهڙوڪ ن، م، ل ۽ گ وغيره هڪ جهڙا هئا. بوهري دڪاندار ٻڌايو ته هي ڪتاب جواهر لعل نهروءَ جي ٽيهن خطن جو مجموعو آهي، جيڪي هن پنهنجي ڌيءَ اندرا گانڌيءَ کي 1928ع ۾ لکيا جڏهن هوءَ ڏهن سالن جي ٻار هئي. ان وقت نهرو الهه آباد جي جيل ۾ هو ۽ اندرا مسوري شهر جي هاسٽل واري اسڪول ۾ رهي پئي. هنن خطن ۾ نهروءَ پنهنجي ڌيءَ کي تاريخ ۽ تهذيب جون ڪهاڻيون ٻڌايون آهن. هن اهي خط انگريزيءَ ۾ لکيا هئا ۽ اصل ڪتاب جو نالو Letters from a Father to his Daughter آهي پر هي، هن هندي جي ترجمي واري ڪتاب جو نالو، بوهري دڪاندار ٻڌايو ته ”پتا ڪي پَتر پُتري ڪي نام“ آهي. اهو ترجمو اڙدو ۽ هندي جي مشهور اديب ’منشي پريم چند‘ ڪيو آهي.
مون بعد ۾ پنهنجي ذهن کي ٺاهيو ۽ انهيءَ سفر ۾، ڪولمبو بندرگاهه مان مٿئين نالي وارو انگريزي ڪتاب ۽ نهروءَ جو هڪ ٻيو ڪتاب Glimpses of World History خريد ڪري اڳتي جي سفر ڪولمبو کان سنگاپور ۽ سنگاپور کان هانگ ڪانگ ۽ پوءِ ٽوڪيو تائين پهچڻ دوران سمنڊ وارن ڏينهن راتين ۾ پورا ڪيا ۽ دل ۾ چيم ته اها اسان جي ڪيڏي غلط سوچ آهي جو ڪنهن کي اجايو ذات پات، دين ڌرم يا ڌنڌي ڌاڙيءَ جي بنياد تي هن جي هر ڳالهه کي رد ڪيون ٿا. شيخ اياز لاءِ چوندا هئاسين ته هو شراب ٿو پيئي، اهو سٺو شاعر ناهي. ڀائي هن جي پيئڻ سان شاعريءَ جو ڪهڙو واسطو؟ هو کڻي ڇا به ٿو ڪري، پر سندس بهترين شاعريءَ ڪري هو ناليرو شاعر آهي. رهيو سوال پيئڻ جو ته اها هن جي ذاتي ڳالهه آهي، اسان کي رنجائي ته نه ٿو. ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو نه به پيئندو هجي يا هن ڪڏهوڪو پيئڻ ڇڏي توبهه تائب ٿي ويو هجي. مثال طور ڊاڪٽر اديب رضوي يا لاڙڪاڻي جو ڊاڪٽر مالڪ جلباڻي سٺا يورولاجسٽ آهن ۽ عوام جي خذمت پيا ڪن ته انهن جي ان ڳالهه جي ته واکاڻ ڪرڻ گهرجي. ڪو چئي ته هو شيعا آهن يا سني آهن يا ڪو چئي (مثال طور) هو جواري آهن، ته اهو انهن جو ذاتي فعل آهي. ان بنياد تي اسان ڪيئن ٿا چئي سگهون، ته هو خراب ڊاڪٽر يا خراب ماڻهو ٿيا؟
اهڙي طرح ڪنهن دشمن ملڪ جي ماڻهوءَ يا ڪنهن ٻي دين ڌرم جي ماڻهوءَ ڪا سٺي ڳالهه ڪئي آهي يا سٺو ڪم ڪيو آهي، ته اسان کي اها ته ٻڌڻ، سکڻ ۽ appreciate ڪرڻ کپي. نهروءَ جا مٿيان اهي ٻه ڪتاب ۽ ان بعد ڪوبي (جپان) جي سي مينس ڪلب مان کنيل ڪتاب..... هڪ ”دي ڊسڪوري آف انڊيا“ ۽ ٻيو سندس آتم ڪهاڻي جو ڪتاب Towards Freedom پڙهڻ کان پوءِ منهنجو ذهن کليو ۽ ائين لڳو ڄڻ آئون ڪنهن سوڙهي گهٽيءَ مان نڪري هڪ هوادار ميدان تي اچي بيٺو هجان. بعد ۾ انهن ڪتابن پڙهڻ لاءِ پنهنجن پاڪستاني ۽ ملئيشين شاگردن کي به چوندو هوس، ته پڙهڻ کپن. نه رڳو نهرو جا ڪتاب پر گانڌي (موهن داس ڪرمچند) جا به ڊگهن سامونڊي سفرن دوران خوب پڙهيم. نه ته مون کي اجايو اهڙو ساڙ هو جو ملائيشيا جي هڪ شهر اپوح ۾ هڪ مسلمان جي هوٽل ۾ گانڌيءَ جي چوڻين (Quotations)جو پوسٽر لڳل ڏسي خارون پئي کاڌم. روس وارن گانڌيءَ جي تصوير واري پوسٽ جي ٽڪلي ڪڍي، ته ڏک مون پئي ڪيو. جيتوڻيڪ اسان جو ليڊر محمد علي جناح به گهٽ ڳالهه نه هو. روس وارن ته گانڌيءَ جي تصوير واري ٽڪلي اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪڍي، ايران وارن ته جناح صاحب جي ڄم واري ڏينهن تي 1976ع ۾ هن جي تصوير جي ٽڪلي (Postage Stamp) ڪڍي هئي. ترڪيءَ جي گاديءَ واري شهر انقرهه جي وڏين گهٽين مان هڪ Cinnah Caddesi جناح نالي آهي. آمريڪا جي شهر شڪاگو جي Devon ايوينيو جو هڪ حصو ”محمد علي جناح وي“ سڏجي ٿو. ويندي انڊيا جي شهر گنتر ۾ جناح جي ياد قائم رکڻ لاءِ ”جناح ٽاور“ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ سهپ جي سگهه گهٽ هجڻ ڪري حيدرآباد، سکر يا ڪنهن ٻئي شهر ۾ نهرو يا گانڌيءَ نالي ڪا شيءِ هجي ها، ته ان جي بورڊ کي ساڙي ڇڏيون ها يا مٿس ڪارو رنگ اسپري ڪري ڇڏيون ها. ايتري قدر جو اسان هندن، عيسائين ۽ يهودين جا عبادت گهر ئي ساڙيو ڇڏيون جيتوڻيڪ ان ڳالهه لاءِ نه اسلام ٿو چئي نه ملڪ جو آئين..... آخر ايران ۽ ملائيشيا جهڙا به ته مسلمان ملڪ آهن جتي ٻين مذهبن ۽ قومن جا ماڻهو به سڪون سان رهن ٿا ۽ انهن جي عبادت گهرن کي ويتر اهڙو سهڻو بڻائي رکيو اٿن، جو دنيا جا ٽوئرسٽ انهن کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي اچن ٿا.
بهرحال ڳالهه جو مطلب هي آهي ته اسان کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو نه ٿو وڻي ته مڙيوئي خير آهي، پر هن جي پازيٽو ڳالهين ۽ تعميري ڪمن جي ته تعريف ڪجي. سائنسدان عبدالسلام، جنهن کي فزڪس ۾ نوبل پرائيز مليو، اهو ملالا يوسف زئيءَ کان اڳ تائين واحد پاڪستاني هو، جنهن کي اهو ايوارڊ مليو..... پنهنجي فيلڊ ۾ ڇا ڄاڻ رکندڙ آهي! سڄي دنيا مڃيس ٿي. پر اسان کي ان جي محنت ۽ پورهئي جي واکاڻ ان ڪري ناهي ڪرڻي جو هو قادياني هو! هي ائين آهي جيئن گهڻو اڳ جدي جي پاڪستاني سفارت خاني ۾ هڪ ادبي فنڪشن ۾، جن هڪ هڪ ڪتاب لکيو هو، انهن اديبن جي به تعريف هلي رهي هئي، اتي هڪ ڀلي انسان مون ڏي اشارو ڪري چيو هن شخص چاليهن کان مٿي سفرناما لکيا آهن .... سڀ خاموش ٿي ويا ۽ هڪ ٿڌو ساهه کڻي چيو ته اسان هن جو نالو نه ٻڌو آهي. تنهن تي پهرين همراهه چين ته ”هن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ آهن“. اهو ٻڌي ٻڌندڙن ۾ ڄڻ ساههُ پئجي ويو. هڪ ئي وقت ٻن ٽن چيو: ”ته اها ڳالهه ڪريو نه“.... يعني هنن لاءِ اهو اديب ڪا حيثيت نه ٿو رکي جيڪو سنڌي يا ڪنهن ٻي علاقائي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو .... اهو ان ڪري جو هنن سنڌين کي ڄٽ ٿي سمجھيو ۽ هنن جي mind set ان ڳالهه تي ئي ٺهيل هو ته پاڪستان ۾ اهم اديب فقط اهو آهي جيڪو اڙدو ۾ لکي ٿو..
بهرحال منهنجي اڄ جي نوجوان کي اها ئي صلاح آهي، ته پنهنجي دشمن جي به سٺاين کي مڃين ۽ انهن جي ڳالهين مان فائدو وٺن..... خاص ڪري پڙهڻ جي معاملي ۾ ته هو گهڻي کان گهڻو پڙهن. مهاتما گانڌيءَ ته تمام گهڻو لکيو آهي خاص ڪري سندس آتم ڪهاڻي The Story of My Experiments with Truth پڙهڻ وٽان آهي. هو گهڻو ڪري پهرين گجراتيءَ (مادري زبان) ۾ لکندو هو جنهن کي پوءِ پاڻ ئي ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو هو.
مهاتما (موهنداس ڪرمچند گانڌي) 1869 ۾ انڊيا جي رياست گجرات ۾ هڪ واپاري ڪٽنب ۾ جنم ورتو. لنڊن مان وڪالت پڙهيو ۽ وڏو عرصو ڏکڻ آفريڪا ۾ وڪالت ڪيائين ۽ ننڍي کنڊ جي ڌارين (انگريزن) کان جان ڇڏائڻ خاطر Quit India (انڊيا جي پچر ڇڏيو) تحريڪ هلايائين. ان سلسلي ۾ هن مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ انيڪ مضمونَ لکيا، جيئن ماڻهن ۾ سجاڳي اچي ۽ هنن ۾ ڄاڻَ پيدا ٿئي ۽ پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن. جانورن وانگر ڪنڌ هيٺ ڪري گونگا ٿي نه ويهن. گانڌيءَ جو ان سلسلي ۾ ڪتاب ”هندو سواراج (Indian Home Rule) ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪيل جلسن ۽ جدوجهد جي ڳالهين جو ڪتاب: Satyagraha in South Africa پڻ پڙهڻ وٽان آهي. انڊيا جي حڪومت مهاتما گانڌيءَ جي سڀني لکڻين کي مرتب ڪري 1960ع ۾ هڪ سؤ جلدن تي مشتمل ڪتاب The Collected Works of Mahatma Gandhi ڇپرايو، جنهن جا جملي پنجاهه هزار صفحا ٿين ٿا.
مهاتما گانڌي بابت ڪيترائي ڪتاب ڌارين به لکيا آهن، جن مان ٽنڊلڪر جو 8 جلدن جو ڪتاب Life of Mohandas Ghandi ۽ ڏهن جلدن تي مشتمل پياري لعل ۽ سشيلا نير جي بايوگرافي ”مهاتما گانڌي“ بيحد مشهور آهي.
اسان جي جناح تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، پر اسان جي ماڻهن جي اها اجائي ڪوشش رهي ٿي، ته هن کي هروڀرو پير ۽ مولوي بڻائي، ٻين جي ذهنن تي مڙهيون. ان چڪر ۾ ڪو ڌاريو جناح صاحب جون سؤ تعريفون لکي، هڪ اڌ ڪا ڪسي ڳالهه ٿو لکي (جيڪا ليکڪ جي ذاتي خيال موجب آهي.... ضروري ناهي ته صحيح هجي ....) ته اسان يڪدم بگڙجيو وڃون ۽ پاڻ کي جناح جو وڏو همدرد سمجهي ماڳهين ڪتاب تي بندش وجھرائي ڇڏيون. مونکي ياد آهي ته لاري ڪولنس ۽ ڊومنيق لئپري جهـڙن مشهور يورپي ناول نگارن ۽ ليکڪن 1975ع ۾ ”فريڊم ائٽ مڊ نائيٽ“ نالي انگريزي ڪتاب لکيو جنهن ۾ هنن 48-1947ع ۾ آيل درپيش واقعا: انڊيا جي آزادي جي مهم، لارڊ مائونٽ بيٽن جو وائسراءِ ٿي انڊيا اچڻ، انڊيا جو ورهاڱو ۽ مهاتما گانڌي، نهرو ۽ جناح بابت ڪيترائي واقعا لکيا. (اهو ڪتاب بعد ۾ سنڌيءَ ۾ شڪارپور ڄائي نثار هَڪڙو ترجمو ڪيو. جنهن کي روشني پبليڪيشن پاران ”آڌي رات جي آزادي“ جي نالي سان ڇپرايو ويو آهي.)
بهرحال سائين انگريزيءَ جي ان ڪتاب ڇپجڻ بعد پاڪستان ۾ گوڙ مچي ويو، ته هن ڪتاب جي ليکڪن جناح لاءِ خراب ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڪتاب کي ban ڪيو وڃي ۽ اسان جي ملڪ ۾ ان ڪتاب تي يڪدم بندش لڳرائي وئي. آئون انهن ڏينهن ۾ جهاز تي يورپ ۾ هوس، جتي مون اهو ڪتاب وٺي پڙهيو ان ۾ ته ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي. هن ڪتاب جي ٻن ليکڪن جيڪڏهن ان ۾ لکيو آهي ته جناح ۽ ٻيا پيئندا هئا ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي.... ٿي سگهي ٿو بعد ۾ جناح صاحب به شيخ اياز وانگر توبهه تائب ٿيو هجي. بهرحال اهو ان جو ذاتي فعل هو اسان ڪو هن کي مسجد جو امام نه پئي بڻايو. دراصل اهو ڪتاب جنهن ۾ جناح جي ڳالهين کي يورپين به ساراهيو آهي، پڙهڻ سان پاڻ جناح لاءِ عزت ۽ مان ٿو وڌي ته هو ڪيڏو قابل ماڻهو هو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جهڙن کي پنهنجي ليڊر جناح صاحب لاءِ قدر هن ڪتاب پڙهڻ بعد ٿيو. انهن ڏينهن ۾ آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته هن ڪتاب تي بندش نه وڌي وڃي ها ته سٺو هو، جيئن اسان جي ملڪ جا پڻ پڙهي سگهن ها. بهرحال پوءِ..... شايد ڪجهه سالن بعد..... ساڳئي اها بندش هٽائي وئي! حيرت ٿي ٿئي ڪتاب بئن ڪرڻ وارن انهن چرين آفيسرن تي جيڪي پاڻ کي اڪابر سمجهي ۽ پنهنجو پاڻ کي وڏو همدرد سڏرائي ويتر نقصان ٿا ڪرائين. ائين ته ڌارين ملڪن جي ليکڪن ته نهرو ۽ گانڌيءَ جي جتي تعريف ڪئي آهي، اتي هنن انهن جون اوڻايون پوڻايون به بيان ڪيون آهن، جيڪي بهرحال هنن جا پنهنجا ذاتي خيال آهن، جيڪي ضروري ناهي ته صحيح هجن. يا اسين پڙهندڙ قبول ڪريون. ائين ته گانڌيءَ لاءِ ڪيترا اهو به لکن ٿا، ته سهاري لاءِ پاڻ سان وٺي هلندڙ ڇوڪريءَ کي هي پوڙهو هٿڙا لائيندو هو ۽ دل پشوري ڪندو هو. جوزف ليليويلڊ جهڙي ليکڪ ته مهاتما گانڌيءَ تي لکيل ڪتاب: Mahatma Gandhi & His Struggle with India ۾ ته ويهي هن شخص (گانڌيءَ) جي Sexual Life تي لکيو آهي، پر ته به اهو ڪتاب انڊيا ۾ Ban ناهي، هنن پڙهندڙن تي ڇڏي ڏنو آهي ته هو سٺو برو يا سچ ڪوڙ پاڻ پرکي، فيصلو ڪن.
محمد علي جناح تي تازو لکيل ڪتاب جسونت سنگهه جو قابلِ ذڪر آهي. هندوستاني سياست دان ٿي ڪري سو به BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) جو ماڻهو، هن جناح جي تمام گهڻي واکاڻ لکي آهي. هي ڪتاب Jinnah: India - Partition Independence سال 2009 ۾ ڇپيو. انڊيا جا ماڻهو انڊيا جي ورهاڱي جو جوابدار جناح کي ٿا ٺهرائين، پر جسونت سنگهه دليلن سان ٻڌائي ٿو، ته ان ۾ جواهر لعل نهروءَ جي پاليسين جو ڏوهه هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جناح هڪ قابل وڪيل به هو. قابل نه هجي ها ته انگريزن جي ڏينهن ۾ آغا خان يا پير پاڳاري جهڙن اهم ماڻهن جي ڪيسن لاءِ کيس وڪيل هرگز نه ڪيو وڃي ها. جناح جي نه فقط انڊين سياست دان جسونت سنگهه تعريف ڪئي آهي، پر ٻين به ڪيترن ئي. ويندي آڏواڻي (لعل ڪرشن) جي جناح لاءِ تعريفي راءِ ڏيڻ تي سندس پارٽي BJP ۾ گوڙ مچي ويو هو. جناح جي سياست جو دنيا تي اثر بابت والپرٽ واهه جو لکي ٿو ته:
Few individuals significantly alter the course of history. Fewer still modify the map of the world. Hardly anyone can be credited with creating a nation-state. Mohammad Ali Jinnah did all three.