موالين جي دلپسند راند
ڏسڻ وارا ٿي سگهي ٿو ٺري پيا هجن ته اسانجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ راندين جا مقابلا ٿي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪن کي اها خبر پڙهي شرم به آيو هجي ته پڙهائيءَ کي ته هڻو کڏ ۾ پر اسانجو راندين ۾ به اهو معيار وڃي ٿيو آهي جو ليوڊو راند جو مقابلو پيو ٿئي! ليوڊو راند ته ڪا مقابلي جي راند ناهي. ليوڊو راند کان هر هڪ واقف هوندو ته ان ۾ ڪهڙي محنت يا عقل جي ڳالهه آهي جو کٽڻ واري کي واهه واهه چئجي. هڪ ٻار به ڍارو هڻي سگهي ٿو ۽ ڇڪي جي مٿين حصي وارا ٽٻڪا ـــ هڪ کان ڇهه جيترا گهر پنهنجي ساريءَ کي اڳتي ڌڪي سگهي ٿو. ليوڊو راند بدران اڃان به شطرنج (Chess) راند جو مقابلو هجي ته واهه واهه ڪجي. ڀلا شطرنج نه ته ڊرافٽ راند ئي سهي جنهن ۾ کيڏڻ واري کي ڪجهه ته عقل کان ڪم وٺڻو پوي ٿو ته آئون پنهنجي ڪهڙي سفيد ساريءَ سان ٻئي جون گهڻي کان گهڻيون ڪاريون ساريون ماريان. ۽ منهنجي هڪ مارڻ تي اڳلي لاءِ اهڙي راهه ته نه کلي ويندي جو هو ويتر منهنجيون ٻه ماري رکي. اهڙين راندين ۾ عقل ۽ پرئڪٽس جي سخت ضرورت ٿئي ٿي ۽ کٽڻ واري لاءِ واهه واهه ڪري سگهجي ٿي. باقي ليوڊو راند ته ليزي (سست) ۽ ڪاهل ماڻهن جي راند آهي جنهن ۾ نه عقل جي ضرورت نه پرئڪٽس جي ۽ نه پهلوانيءَ جي.
مونکي ملائيشيا ڏي وڃڻ وارا شروع جا سال ٿا ياد اچن يعني 1960ع واري ڏهي جا جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور گڏ ٿي وري ڌار ٿيا هئا ۽ هنن جو هر ڳالهه ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو رهيو ٿي. سنگاپور ۾ ميجارٽي چينين جي آهي جيڪي تعليم توڙي راندين ۽ فنڪاريءَ ۾ هوشيار آهن. هوڏانهن ملئي ماڻهو جيڪي هاڻ مڙئي سڌري پيا آهن، شروع ۾ بيحد سست ۽ ڪاهل هئا. سنگاپور جي ماڻهن جو اڪثر باڊي بلڊنگ، ڊوڙڻ ۽ ترڻ جهڙن مقابلن ۾ نالو ايندو هو جن ۾ محنت، پورهيو ۽ پرئڪٽس ٿي کپي ۽ هيڏانهن ملائيشيا پاسي جا ماڻهو ان شوق ۾ ته سندن ملڪ جو نالو به گنيس بڪ ۾ اچي، ان لاءِ ڪڏهن ڪو ملئي ماڻهو ڪمري ۾ ڏهه کن نانگن سان گڏ ويهي پنهنجي واکاڻ پيو ڪرائيندو هو ته ڪڏهن ڪا ڇوڪري پنهنجي ڳل تي ڏنگ نڪتل چار کن وڇون ويهاري اخبار ۾ پئي فوٽو ڏياريندي ته ڏسو مون ڪمال ڪري ڇڏيو آهي منهنجو نالو به گنيس بڪ ۾ اچڻ کپي. سو اسان وٽ به آساني وارين شين ۾ حصو وٺي اسان سمجھون پيا ته وڏا کيپ پيا کٽيون. ان سان گڏ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ والدين کي آئون اهائي نصيحت ڪندس ته ليوڊو جهڙين راندين ۾ پنهنجن ٻارن کي لڳائي هنن جو وقت ۽ تخليقپڻي (Creativity) کي ڇيهو نه رسايو. ”اکر ڀوري“ يا ”ليوڊو“ جهڙيون رانديون ته موالين جون رانديون سڏائين ٿيون جن جي کيڏڻ ۾ رڳو وقت جو زيان آهي. جهاز تي نوڪريءَ دوران جڏهن جهاز ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ گهڙڻ لاءِ ان جي ائنڪريج تي اچي پنهنجي واري جو انتظار ڪندو هو ته اهي ٻه ٽي ڏينهن هر هڪ واندو هوندو هو جو انهن ڏينهن ۾ نه جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ٿئي ٿي ۽ نه بندرگاهه ڏي وڃڻ جي موڪل. وقت گذارڻ لاءِ جهاز جا آفيسر ۽ ڪجهه خلاصي ڪتاب پڙهن ته ڪجهه والي بال، برج ۽ شطرنج جهڙيون رانديون کيڏن. پر اهي جيڪي پنهنجي جسم سان گڏ ذهن کي به تڪليف ڏيڻ کان ڀڄن ٿا اهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليوڊو راند کيڏن. مونکي پهرين جهاز تي ئي هڪ پراڻي ڪليگ ٻڌايو ته اوچي قسم جا ”موالي“ ليوڊو جهڙي راند ۾ به محنت ۽ ٿڪ محسوس ڪن ٿا جو ڪير ذري ذري ڍارو هڻي ۽ پنهنجي ساريءَ کي ڇَڪي مطابق گهر ٽپائي. هنن هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ان کان به آسان راند ايجاد ڪئي آهي جنهن ۾ فقط هڪ آڌيلي (انهن ڏينهن ۾ اڌ رپئي جو الڳ سڪو هوندو هو جيڪو ”آڌيلو“ سڏبو هو) جي ضرورت آهي. هر هڪ پنهنجو آڌيلو ڪڍي اڳيان رکندو آهي ۽ پوءِ ويٺا پنڪيون کائيندا آهن جيسين ڪا مک اچي انهن رکيل آڌيلن مان هڪ تي وهي. جنهن جي آڌيلي تي مک ويٺي ان جا ٻئي آڌيلا ٿيا. صبح کان شام تائين مک جو انتظار ڪندي ڪا هڪ اڌ مک اتان ضرور اچي لانگھائو ٿيندي هئي ۽ ڪنهن خوش نصيب کي کٽائڻ لاءِ ان جي آڌيلي تي ويهي ٿڪ ڀڃندي هئي.