جي ڪري ڪول
ان سفر ۾ قدرت جو اهو به ڪمال ٿيو جو مٿين ٽنهي ڇتن سمنڊن مان ڪو هڪ به هڪ ڏينهن لاءِ به اسان کي خراب نه مليو ـــ يعني جن جن هنڌن تان جنهن جنهن وقت اسانجو جهاز گذري رهيو هو اتي امن ۽ شانتي جو عالم هو. ائٽلانـٽڪ سمنڊ جا يارهن ئي ڏينهن ۽ بحر روم جا پنج ڏينهن (جبرالٽر کان پورٽ سعيد تائين) سمنڊ اهڙو مليو جهڙو آرسي .... جنهن مٿان جهاز ڄڻ ته ترڪندو ويو ٿي ـــ لهر نه لوڏ، ڇول نه ڇوهه! نه ته هنن سمنڊن تان اسان جو جهاز هلندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ٺري ميرواهه، ڏوڪري، مسو ڀرڳڙي يا سنڌ جي ڪنهن ٻئي ڳوٺ جي ڪچي رستي تان ٽانگي ۾ پيو وڃجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ توڙي بحر روم (Mediterranean) ۾ روزانو طوفانن جو اطلاع مليو ٿي پر اهي هر وقت اسان جي جهاز جي پوزيشن کان سوين ميل ڏور ڪي اتر اوڀر ۾ گرين لئنڊ ۽ آئيس لئنڊ پاسي ته ڪي ڏکڻ اولهه ۾ ارجنٽائنا ۽ ڪيپ آف هارن ڏي هئا. انهن ئي سمنڊن ۾ ٻه ٽي دفعا جهاز ٻڏڻ جا سگنل پڻ مليا جن کي بچائڻ لاءِ ويجھن جهازن کي مدد لاءِ سڏيو پئي ويو پر اسان جو جهاز ان رينج کان تمام پري هو ۽ اسان انهن سڀني پريشانين کان آجا تاجا رهي پنهنجي راهه وٺي منزل ڏي ڌوڪيندا رهياسين. هونءَ به اسانجا جهاز پنهنجي ملڪ جي سڪ ۽ ڇڪ ۾ واپسي وارو پنڌ (Homeward Journey) ڪجهه تکائيءَ سان ئي ڪندا آهن جنهن جو وڏو سبب اهو هوندو آهي جو ٻارهين کان چئين واري آڌي رات واري واچ (ڊيوٽي) ۾ ٿرڊ انجنيئر پروپيلر (جهاز جي پکي) جا چڪر Rpm وڌائي ڇڏيندو آهي پوءِ ڀلي انجن اوورلوڊ ٿيڻ ڪري ان جي سلينڊرن جا رليف والو کلندا رهن يا گهڻي تپش ڊيولپ ٿيڻ ڪري ڪنهن يونٽ جو پسٽن يا لائينر ڪرئڪ ٿي وڃي.
بهرحال اڄ کان چاليهه سالَ اڳ (1970ع ڌاري) جو هي سامونڊي سفر اڄ ياد پيو اچي ته شامَ جو ڊيوٽي کان واندا ٿي سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسين ۽ رات جو يارهين ٻارهين تائين هن جي ڪئبن ۾ ڪچهري سان گڏ سندس چاٽو ـــ آمريڪا مان ورتل مٺايون، بسڪيٽ، کاڄا بادام چٽ ڪندا هئاسين. جهازن جي دنيا کان غير واقفڪارن لاءِ اهو لکندو هلان ته مرچنٽ نيوي جي جهاز هلائڻ لاءِ ـــ يعني مال بردار، آئل ٽئنڪر، مسافر بردار جهاز هلائڻ لاءِ ٻه ڌريون اهم ٿين ٿيون. هڪ نيويگيٽر جيڪي نيويگيـشن جا ڄاڻو ٿين ٿا جن جو وڏو ڪئپٽن ٿئي ٿو ۽ ان بعد چيف آفيسر، سيڪنڊ آفيسر، ٿرڊ آفيسر، فورٿ آفيسر ۽ ڪئڊٽ ٿين. ڪن جهازن تي هي ”آفيسر“ بدران “Mates” به سڏجن. ٻي ڌر انجنيئرن جي ٿئي ٿي جنهن جو مٿانهون آفيسر چيف انجنيئر ٿئي. ان بعد ”سيڪنڊ انجنيئر“ يعني چيف انجنيئر کان پوءِ ٻئي نمبر تي. اهڙي طرح ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، ٻه يا ٽي ”ففٿ انجنيئر“ ۽ هڪ يا ٻه ڀرتي ٿيل تازا ”گرئجوئيٽ مئرين انجنيئر“ به ٿين جيڪي پهريون سال ڏيڍ ”جُونئر انجنيئر“ سڏجن. آئون ٻه اڍائي سال جهاز هلائي چڪو هوس ۽ ان جهاز تي هاڻ فورٿ انجنيئر جي ڊيوٽي ڪري رهيو هوس.
دنيا جي هر جهاز وانگر اسانجي هن جهاز تي به رات جي ماني ڇهين بجي ٿيندي هئي جيڪو شامَ جو ئي وقت ٿئي ٿو ۽ ڪلاڪ سوا بعد سج لهي ٿو. ڊنر بعد سڀني جو زور سموڪ روم ۾ اچي ٽي وي ڏسڻ تي هوندو هو يا ٽيبل ٽينس ۽ ڪيرم جهڙين انڊور راندين کيڏڻ تي. ان بعد ٿرڊ انجنيئر، ففٿ انجنيئر ۽ ٻيا جيڪي ڊيوٽي تي نه هوندا هئا، سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا هئا. اٺين بجي ڌاري جهاز جو چيف آفيسر پنهنجي واچ (ڊيوٽي) ختم ڪري، يونيفارم لاهي، شلوار قميص ۾ سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ ايندو هو. ان کان اڳ سيڪنڊ انجنيئر يا ڪو ان جو چمچو (ففٿ انجنيئر) گذريل سفر ۾ بلغاريا يا پولنڊ جهڙي ڪنهن سوشلسٽ ملڪ مان ورتل بي ڊولي اليڪٽرڪ ڪيٽل ۾ چانهه لاءِ پاڻي رکندو هو. آئون ڊنر بعد پنهنجي ڪئبن ۾ هليو ويندو هوس جيڪا سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن بعد ٽيو نمبر تي هئي. رڇ جي مٿي جهڙي ۽ ان ئي رنگ جهڙي هيءَ ڪٽلي جڏهن پاڻي گرم ٿيڻ تي سيٽي هڻندي هئي ته آئون ان وقت حليم بروهي يا مشتاق يوسفيءَ جو مزاحيه ڪتاب يا انجڻ جو ڪو ٽيڪنيڪل ڪتاب پڙهڻ ڇڏي پنهنجي بيڊروم مان نڪرندو هوس ۽ ڊرائنگ روم ۾ رکيل فرج مان ڪتل يا پنير جون ڪجهه سئنڊ وچون کڻي سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ داخل ٿيندو هوس. ان ئي وقت اسانجو چيف آفيسر ”جي ڪري ڪول بيٺي را .... بيٺي مين تڪ دي را ....“ جھونگاريندو نازل ٿيندو هو. وهڻ کان اڳ هو فرج کولي سيڪنڊ انجنيئر کان پڇندو هو: ”کائڻ جي شيءِ ڪهڙي اٿئي؟“
”رڳو کائيندين، ڪڏهن کارائيندين به.“ سيڪنڊ انجنيئر چوندو هوس.
”يار مون وٽ ڪجهه آهي ئي ڪونه، کارايانءِ ڇا؟ آمريڪا مان جيڪي ورتم پهرين ڏينهن ئي چارئي ڪُئا چٽ ڪري ويا.“ ڪوئن مان هن جي مراد جهاز جا ڪئڊٽ هئا جن سندس هٿ هيٺ ڪم ٿي ڪيو. ۽ دل لڳائي ڪم ڪرڻ تي سٺا چيف آفيسر نه فقط هنن کي کارائين پيارين ٿا پر بندرگاهه ۾ خرچيون به ڏين ٿا جو جهاز تي سڀ کان ننڍي عمر جا ۽ گهٽ پگهاروارا آفيسر ڪئڊٽ ٿين ٿا. چيف آفيسر ٻڌايو ته سندس ڪئڊٽ اهڙا ته آهن جو هڪ دفعي هن پيٽ جي سور کان ادرڪ (سنڍ) ڪٽائي رکي ته اها به کائڻ جي شيءِ سمجھي هڪ ڪئڊٽ ڦڪي ويو. ”ان ڪري ته آئون کين ڪوئا ٿو سڏيان. چڱو سيڪنڊ صاحب ڪا خبر چار. آمريڪا جي بندرگاهن ۾ ڇا وهيو واپرايو....؟“
۽ پوءِ ڪچهري شروع ٿي ويندي هئي. ڪچهريءَ ۾ خاص خاص عنوان بحث هيٺ ايندا هئا ۽ اهي خاص عنوان اسان جهازين جا هوندا هئا: جهازران ڪمپني ۽ ان جا ڏاڍ ستم، جهازي دنيا ۽ ڇوڪريون، دنيا جا بندرگاهه ۽ ڇوڪريون، ملڪي سياست ۽ ڇوڪريون، ايندڙ جهازي امتحانن جي تياري ۽ ڇوڪريون، ڇوڪريون ۽ ڇوڪريون .... حبشي ڪارين، يورپي گورين، نڪ مِنين جپاني ۽ بي ڊولين ملئي ڇوڪرين بابت پنهنجا پراوا عجيب عجيب قصا، پنهنجي دماغي ديڳڙي ۾ Cook ڪري، هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين.
چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ انجنيئر جو هر ڳالهه تي بحث هلندو هو ۽ اسان هوندا هئاسين ڄڻ ڏسڻ ٻڌڻ وارا. ڪو پاسو هلڪو ڏسندا هئاسين ته بحث جاري رکڻ لاءِ ان جو طرف کڻندا هئاسين يا چڱي دير ٿي ويندي هئي ۽ ٿڪل هوندا هئاسين ته ڳري پاسي جو پاسو کڻي ٻي کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندا هئاسين. سيڪنڊ انجنيئر مولوي ٽائيپ ماڻهو هو. هو مذّهب، سٺائي ۽ نيڪيءَ جي پرچار ڪندو هو ۽ چيف آفيسر هن کي تنگ ڪرڻ لاءِ هر ڳالهه ۾ چوندو هو: ”ڇڏ يار، سيڪنڊ صاحب! ڪجهه حقيقت پسند به ٿيءُ. بيوٽي از ايوري ٿنگ. هاءِ ربا! جي ڪري ڪول بيٺي را .... بيٺي بيٺي مين تڪ دي را....“ ۽ پنهنجي مخصوص گاني جو ٿلهه ڳائڻ شروع ڪندو هو. ان کان علاوه هو هر شيءِ لاءِ چوندو هو: ”اِٽ از گڊ فار دل لگي“.
سيڪنڊ انجنيئر جي فرج مان ويندو ماکي يا عراقي ڪتل کائيندو، ڪو جھليندو هوس ته چوندو هو: ”اٽ از گڊ فار دل لگي.“ وري گنڀير شڪل ٺاهي چوندو هو ”يار مونکي بُڪين ۾ سور ٿو رهي.“
سيڪنڊ انجنيئر يڪدم وار ڪندو هوس: ”اڃان پڙهه اهي فحش ناول ۽ ڪر اهي گنديون ڳالهيون.“
چيف آفيسر کي سيڪنڊ انجنيئر جون اهي مَهليون ڪُمهليون نصيحتون هرگز نٿي وڻيون خاص ڪري چار ڪلاڪ جبرالٽر ۽ سوُٽا واري ساموندي ٽرئفڪ مان جهازهلائڻ بعد هر جهازي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۽ مڃائڻ ٿو چاهي. ٻڌڻ هرگز نٿو چاهي. سو سيڪنڊ انجنيئر جي مٿين چتاءَ ڀري جملي تي چيف آفيسر يڪدم پنجابي ۾ وراڻيندو هوس.“ او ڇڊو يار. ڪتابون دي گل نه ڪرو. عشق ۽ دل لگي ڪرو. جڏهن ڪئپٽن ٿيندس ته اهڙن تهڙن بندرگاهن ۾ ته جهاز کي وٺي نه ويندس. منهنجو جهاز فقط انهن بندرگاهن جي جيٽين (ڌِڪن) تي لنگر ڪيرائي بيهندو جتي مڪاني ڇوڪريون گلاب ۽ گينڊي جي گلن جا هار کڻي اسان جي آڌر ڀاءَ لاءِ بيٺل هونديون. ۽ منهنجو ڪناري تي فقط اهو آرڊر آف دي ڊي هوندو ته جهاز ۽ ڊيوٽيءَ کي وساري ڇڏيو.....“
سيڪنڊ انجنيئر خار مان چيف آفيسر ڏي نهاري، پنهنجي پائيپ مان پراڻو تماڪ ڇنڍيندي ڀڻڪندو هو: ”ڌوڙ اٿئي پئي. چاچهين جو جهاز آهي جو جتي وڻندئي اتي بيهاري ڇڏيندين.“
”ڇا چيانوَ سيڪنڊ صاحب؟“
”ڪجهه نه. مون رڳو اهو چيو ته هاڻ وڦلهڻ بند ڪر ته چانهه پيئڻ شروع ڪريون“.
چيف آفيسر ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي (پنهنجي ڇاتيءَ تي) چوندو هو: ”سڀ ڪجهه ٻڌان پيو، ٻڌان پيو، ٻوڙو ناهيان. في الحال ٻه چار موسميون ته فرج مان ڪڍي کاراءِ، وقت اچڻ تي ڏسجانءِ.... هاءِ ربا! جي ڪري ڪول بيٺي را .... بيٺي بيٺي تڪ دي را ....“
”يار اهو ”ڪول بيٺي را“ جو چڱو جلاب ورتو اٿئي. آهي ڪنهن جو گانو؟“ هڪ ڏينهن ٿرڊ انجنيئر چيف آفيسر کان پڇيو.
”تين صاحب! بس اهي پراڻا بَخا هاڻ نه اڊوڙاءِ. آئون جڏهن نوڪريءَ ۾ لڳو هوس يعني جهاز تي ڪئڊٽ ٿيو هوس 1969ع ۾، ۽ پهريون دفعو پنهنجي ڀاءُ وٽ لاهور ويو هوس ته موڪلائڻ وقت هيرا منڊيءَ جي زهره ٻائيءَ هينئن نخرن سان ڳائي ٻڌايو هو:
جي ڪري ڪول بيٺي را....
بيٺي بيٺي تڪ دي را....
آج اقرار ڪر دي آ
مين تينون پيار ڪردي آ....
ڇا ڪريان دل ڦينڪ ته ننڍي هوندي کان هوس وڏي ڀاءُ پنج سؤ رپيا ڏنا ته هي اٿئي ڀاڙو لاهور کان ڪراچي هوائي جهاز ۾ وڃڻ لاءِ. مون چوٽيهه رپيا اٺ آنا پوئين کيسي ۾ وجھي هيرا منڊيءَ ۾ سڄي رات زهره ٻائيءَ جو وڃي گانو ٻڌو هو. هاءِ هاءِ.... جي ڪري ڪول بيٺي را.... ڇا ته سريلو آواز هو....! زهره ٻائيءَ زبان مان اکر ٿي ڪڍيو ۽ هن رئيس، جيڪو هينئر ٿوري دير اڳ جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ڪڍي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پهچائي آيو آهي، سَؤ جو نوٽ هن جي قدمن ۾ رکيو ٿي ۽ سندس روايتي باڊي گارڊ (هارمونيم وڄائڻ واري) نَوَ ڏهن روپين جا ۽ هڪ پنجن روپين جو نوٽ واپس ڪيو ٿي.“
”اهو ڇو؟ هن سؤ جو سڄو نوٽ ڇو نٿي رکيو؟“. اسان پڇيو هوس.
”نه بابا! سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪڃر ان معاملي ۾ ڏاڍا ايماندار ٿين ٿا. هنن جو اصول آهي ته گراهڪ مان سڀ پئسو ڇڪجي پر آهستي آهستي.....“
”ڀلا چيف صاحب! اهي چوٽيهه رپيا اٺ آنا ڪڍي پوئين کيسي ۾ ڇا لاءِ رکئي؟“
”عوامي ٽرين جي ٿرڊ ڪلاس جو ڀاڙو، جنهن ۾ ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ موٽيو هوس.“
”پوءِ يار ڀاڻين کي خبر ئي نه پيئي ۽ ايئرپورٽ تائين هو ڇڏڻ به نه آئي ڇا؟“ اسان پڇيو هوس.
” ان کي اها گولي ڏيئي نه هلڻ لاءِ راضي ڪيو هوم ته رات جي فلائيٽ آهي. ٻارن سميت ڪٿي هلي ايئرپورٽ تي ڀٽڪندين. ۽ هن چيو ته صحيح ٿو چوين. پر اهو ته رڳو هڪ دفعو. ان کانپوءِ هڪ دفعو ٻيو به ائين ڪيم. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪراچي کان لاهور آيو هوس ته ڪراچيءَ مان PIA جو بئگيج ٽئگ ڪٿان هٿ ڪري پنهنجي بئگ تي هڻي ڀاءُ کي اچي ٻڌايم ته اوڌر وٺي باءِ ايئر آيو آهيان. ڀاڄائيءَ ڏسندي چيو ”هي حال؟ سڄو ڌوڙ سان ڀريو پيو آهين!“
”جيتوڻيڪ ٽرين مان لهڻ وقت ٻه دفعا چڱي طرح هٿ منهن ڌوئي، وارن کي ڦڻي ڪري پوءِ گهر جو رخ ڪيو هوم. کين چيم ته ڪياماڙيءَ تي جهاز تان سڄو ڏينهن ڦوهاري ذّريعي ڪڻڪ پئي لٿي. ڊيوٽي ڪري سڌو ايئرپورٽ ڏي ڀڳو هوس وهنجڻ جو ٽائيم ئي ڪٿي هو.“ پر پوءِ جھلجي پيس جڏهن بئگ مان مانيءَ جي ڀورن سميت لنچ باڪس نڪري آئي جنهن ۾ ڪراچيءَ مان نڪرڻ وقت اتي رهندڙ اسان جي وڏي ڀيڻ بيضا ۽ اڦراٽا وجھي ڏنا هئا ته ”عواميءَ ۾ رستي تي کائيندو وڃجانءِ.“
”بهرحال ان ڀيري ڀاءُ مان پئسا نه نڪري سگهيا نه ته هڪ دفعو وري چوٽيهه رپيا اٺ آنا پتلون جي پٺئين کيسي ۾ رکي زهره ٻائيءَ جي ڪوٺي تي هي عاشق سندس راڳ ٻڌڻ لاءِ هيرا منڊي پهچي وڃي ها. هاءِ هاءِ سيڪنڊ صاحب! جي ڪري ڪول بيٺي را .... چڱو يار هاڻ کاڌو به ختم ٿيو ته چانهه به ختم ٿي. دلبرو! آئون هلان ٿو. چئين بجي صبح جو جهاز هلائڻ لاءِ مونکي وري اٿڻو آهي. اڄ صبح تائين جهاز باب المنديب تائين پهچي ويندو ۽ منهنجي واچ (صبح جو چئين کان اٺين تائين واري ڊيوٽي) سامونڊي ٽرئفڪ جي لحاظ کان تمام ٽائيٽ رهندي.“