ناريل جو پاڻي
سياري جي موسم ۾ جڏهن چپ ڦٽي پون ٿا ته انهن کي کوپري جو تيل لڳايو وڃي ٿو. يعني اهو تيل جنهن کي نيچ سمجھيو ويو ٿي اهو هاڻ کائڻ بدران فقط چپ آلا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ فقط ڪي وڏا ماڻهو کوپري جي تيل کي رڌ پچاءَ ۾ استعمال ڪن ٿا. آئون جتي پڙهيس يعني بنگلاديش ۽ جتي آخر ۾ نوڪري ڪيم يعني ملائيشِا اتي چوڌاري ناريل ئي ناريل نظرآيا ٿي. ملائيشيا ۾ ته بصر جي پوک نٿي ٿئي سو ٻوڙ جو بصر ۾ داڳ ڪرڻ بدران ان ۾ ناريل جو چُورو وڌو وڃي ٿو. توهان کي هر سيڌي جي دڪان تي ناريل جو چورو ڪندڙ مشين Coconut Desiccators نظر ايندي. چورو ڪري ڏيڻ وارو ڇوڪرو ناريل جا ٻه اڌ ڪري، ناريل جي کوپي ۾ چنبڙيل گودي (ناريل جي ٿلهي تهه) مٿان ان مشين جي ڪٽر کي هلائڻ سان ان جو چورو ڪري ٿو جنهن ۾ پاڻي ملائي رڌ پچاءَ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سڄي ملائيشيا ۾ ان تازي ناريل جو استعمال ٿئي ٿو. ان کي تازو ناريل ان ڪري ٿو چوان جو ان تازي ناريل کي اس ۾ سڪائڻ سان ان ۾ ٻيو سواد اچي ٿو جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ڏونگھي (کوپرو) سڏيون ٿا ۽ جنهن جي ڪاتر اسان وٽ مٺاين ۽ پانن ۾ وڌي وڃي ٿي. ملائيشيا جي ڳوٺن مان لنگهبو ته ڪيترن هنڌن تي رستي جي ٻنهي ڪنارن تي هزارن جي تعداد ۾ ناريل سڪندا نظر ايندا. هي اهي ناريل آهن جن جون ڦارون ڪري ڪراچي ۽ حيدآباد جي چوراهن تي ڇوڪرا وڪڻندا آهن. ان تازي ناريل ۾ کير جهڙي لذت ۽ خوشبو ٿئي ٿي. پر اهو ساڳيو ناريل جڏهن سڪي ٿو ته اهو ڊراءِ فروٽ ٿيو وڃي ۽ ان سڪل ناريل يعني ڏونگھيءَ جي ڪاتر خشڪ ميوي: پستن، بادامن ۽ اخروٽن واري دڪان تي وڪامي ٿي. ۽ جيئن بادامن کي نِپوڙي انهن مان تيل ڪڍيو وڃي ٿو تيئن سڪل ناريل کي نپوڙڻ سان ان مان به تيل نڪري ٿو.
ناريل جو پاڻي پيئڻ لاءِ ان کي وڻ مان ڪچو پٽيو وڃي ٿو. ان ۾ موجود پاڻي دراصل طاقتور شيءِ آهي جو ان پاڻيءَ ۾ اهو کير آهي جيڪو وقت سان گڏ ناريل جي کوپي سان چنبڙي ناريل ٿو ٺاهي. ڪچي ناريل کي بنگاليءَ ۾ ”داٻ“ سڏجي ٿو. چٽگانگ ۽ ڍاڪا جي گهٽين ۾ ناريل وڪڻڻ وارا داٻ داٻ..... يا ناريڪل ناريڪل جا هوڪا ڏيندا آهن. بنگاليءَ ۾ ناريڪل معنيٰ ناريل جنهن جون ڦارون ٿالهه ۾ سجائي اسان وٽ به وڪرو ٿين ٿيون. ملائيشيا ۾ داٻ ـــ يعني کير واري ڪچي ناريل کي ”ڪليپا مُودا“ سڏين ٿا. ڪليپا معنيٰ ناريل ۽ مُودا معنيٰ ننڍو، جوان جيئن ملئي ٻوليءَ ۾ بادشاهه کي راجا سڏين ۽ شهزادي کي ”راجا مودا“.
سو کير وارو پاڻي پيئڻ لاءِ ڪچو ناريل وٺڻ کپي جنهن ۾ ڊرل مشين سان يا ڏانٽي سان سوراخ ڪري اسٽرا ذريعي يا گلاس ۾ اونڌي ان کي پي سگهجي ٿو. ان کير جهڙي پاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي پروٽين ۽ وٽامن آهن. کير پيئڻ بعد ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ پاسي ان ناريل کي وڏي ڪات سان ٻه اڌ ڪري ان ۾ پلاسٽڪ جو چمچو وجھي ڏيندا آهن ته جيئن ان جي اندرين ڀتين تي جيڪڏهن هلڪو ملائيءَ جو تهه (گودو) ڄمي چڪو آهي ته ان کي به روڙي کائي سگهجي. ڏينهن مٿان ڏينهن گذرڻ تي ناريل ۾ موجود کير جا ذرا چوڌاري ڀت سان چنبڙي گودي کي ٿلهو بنائين ٿا ۽ باقي جيڪو پاڻي بچي ٿو اهو بي سواد ۽ سادو پاڻي آهي. ناريل (گودو) ٺهڻ بعد ان پاڻيءَ ۾ اها ڪا به طاقت ناهي جيڪا ناريل ٺهڻ کان اڳ ان ۾ موجود ٿئي ٿي. مونکي به ان جو احساس تڏهن ٿيو جڏهن 1983ع يا 1984ع ۾ هڪ ڏينهن ملاڪا شهر جي سبزي منڊيءَ ۾ چڪر هڻي رهيو هوس ته اتي هڪ چينيءَ واڪ ڏئي پڪل ناريلن سان ڀريل ٽرڪ ورتي. هن انهن ناريلن کي سڪائي يعني ڏونگھيون ٺاهي ڊراءِ فروٽ يا تيل ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿي ڪيو. هن اتي ئي ٽي چار مزدور لڳايا جيڪي ناريلن جي بَج (وار) پٽي، ٻه اڌ ڪري خريدار جي مزدا گاڏيءَ ۾ ڦٽا ڪري رهيا هئا. مون حيرت مان هڪ چينيءَ کان پڇيو ته ناريلن جو هي قيمتي پاڻي گڏ ڪرڻ بدران ايئن رستي تي ڇو پيا هاريو. ته هن مونکي سمجھايو ته هن پاڻيءَ ۾ ڪهڙو سواد، ڪهڙي طاقت. جيڪا طاقت واري شيءِ هئي ان جو ته ناريل ٺهي ويو. هن پاڻيءَ ۾ ته عام پاڻيءَ جهڙو به حال ناهي جو اهو هڪ قسم جو ڊسٽلڊ واٽر آهي جنهن جي پيئڻ سان ويتر پيٽ خراب ٿيندو. مون دل ۾ سوچيو ته ڳالهه ته واهه جي ٿو ڪري. ٻي عالمي جنگ تي لکيل ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم ته ڊسٽلڊ پاڻي جي غير موجودگي ۾ جپاني يا انگريز ڊاڪٽر پڪل ناريلن جو پاڻي دوا سان ملائي سيون هڻندا هئا. ياد رهي ته اڄ ڪلهه ڪنهن به مرض جي سئي Liquid فارم ۾ ملي ٿي پر جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته دوا هميشه پائوڊر جي شڪل ۾ هوندي هئي جنهن سان گڏ پاڻيءَ جي شيشي الڳ وٺبي هئي. پاڻيءَ جي شيشيءَ مان ڊاڪٽر سئي ذريعي پاڻي ڪڍي پائوڊر واري شيشيءَ ۾ داخل ڪندو هو. پوءِ ان پاڻي ۽ پائوڊر کي ڪجهه لوڏا ڏئي پوءِ سئي ذريعي اهو مڪسچر ڪڍي مريض کي ٻانهن ۾ هڻندو هو.
بهرحال ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ناريل جڏهن ڪچو آهي يعني اڃان گودو نه ٺهيو آهي ته ان ۾ موجود پاڻيءَ ۾ طاقت آهي ۽ اهو قيمتي آهي. ناريل پچڻ بعد يعني گودو ٿلهو ۽ سخت ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ رهيل پاڻيءَ جي ڪا Value نٿي رهي.
توهان ڪڏهن ناريل ڪتل سان مِلائي کاڌو آهي؟ بيحد لذيذ ٿئي ٿو. ننڍي هوندي اسانجي پڦي اسان کي ناريل سان گڏ ڪتل کي حمام دستي ۾ ڪٽي ڏيندي هئي. مونکي اڄ به ناريل سان گڏ ڪتل کائڻ وقت ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ايندا آهن. ملائيشيا ۾ ناريل سو جام هئا پر اتي ڪٿان آئي ڪتل؟ ڇو جو ملائيشيا ۾ ته ٻارهوئي مينهن پون. خيرپور ۾ به جي ٻارهوئي مينهن پون ته سموري کجي غائب ٿي وڃي. ڪراچيءَ ۾ ناريل جيتوڻيڪ مهانگو ملي ٿو پر ڪتل به مليو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ليکڪ دوست امر جليل سان ملڻ بعد واپسي تي دهلي ڪالونيءَ وٽان لنگهندو آهيان ته اهي ٻئي شيون اتان ملي وينديون آهن. ۽ هاڻ ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا سنڌ جي هن عظيم ليکڪ امر جليل سان ملئي ۽ ناريل کاڌي. ڪالهه گِذري واري علائقي مان لنگهه ٿيو ته سعودي قونصل خاني وٽ هڪ ناريل وارو بيٺل نظر آيو. گاڏي بيهاري کانئس ناريلن جو اگهه پڇيم. هن هڪ ناريل جيڪو ڪجهه ڪرئڪ ٿيل هو يعني چيراٽيل هو مونکي ڏيکاريندي چيو: ”هن سائيز جا آهن. هرهڪ ڏيڍ سؤ جو آهي.“
”ڪچو اٿئي؟“ مون پڇيو.
”اڄ نه آهن پر اهو سؤ رپئي داڻو آهي.“ هن وراڻيو.
”ٺهيو اهو هن وقت نه کپيم باقي هن جو اگهه ته صحيح پيو ٻڌائين؟“ مون پڪ ڪئي.
”سائين توهان سان ڪوڙ ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهان“. هن جنهن حجت سان چيو ان مان مونکي لڳو ته هن سان شايد منهنجي پهرين به ملاقات آهي.
”ڇا توکان پهرين به ناريل خريد ڪري چڪو آهيان ڇا؟“
”نه سائين“. هن وراڻيو.
”مونکي لڳو ته شايد تون مونکي سڃاڻين ٿو.“ مون چيو.
”ها سائين. توهان الطاف شيخ آهيو نه؟“ هن پڪ ڪئي.
”تون مونکي ڪيئن سڃاڻين؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”آئون اڙدو اخبار امت ۾ توهان جو ڪالم هر هفتي پڙهندو آهيان.“
اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ته واه واه ڪي ته آهن جيڪي اسانجي لکڻين کي به پڙهن ٿا ۽ سڃاڻن ٿا. انهن پڙهندڙن ۾ ڊفينس سوسائٽي جي راحت مِلڪ ڪارنر وارا ٻه پنجابي ڀائر به آهن جن کان جڏهن ڌورو (دهي) وٺڻ ويندو آهيان ته مونکي مانُ ڏيڻ لاءِ ملائيءَ جو چمچو ڀري دهيءَ ۾ وجھندا آهن.
مون ڏيڍ سؤ روپيا ڪڍي ناريل واري کي ڏنا ۽ ناريل گاڏيءَ جي پٺين سيٽ تي ٿي رکيو ته هن مونکان اهو ناريل واپس وٺڻ جي گُهرَ ڪري ٻيو ڏيڻ لاءِ چيو.
”ڇو؟ ڳالهه ساڳي آهي سڀ ناريل هڪ جيڏا ته آهن.“ مون چيومانس.
”ها سائين پر هن ناريل ۾ چير پوڻ ڪري ان جو پاڻي ته نڪري ويو آهي.“ هن چيو.
”هن پڪي ناريل جو پاڻي ڇا ڪبو. اهو ئي رهڻ ڏي.“ اهو چئي مون گاڏي ٿي اسٽارٽ ڪئي ته هن مونکي روڪيو ۽ 30 روپيا واپس ڪندي چيو ته اسان پاڻيءَ جا ٽيهه روپيا وٺندا آهيون جيڪو هن مان نڪري چڪو آهي.“
مونکان کل نڪري وئي ۽ گاڏي بند ڪري پڇيومانس ته ماڻهو هن پڪل ناريل جو به پاڻي پيئندا آهن ڇا. ۽ کيس سمجھايم ته ڪچي ناريل جو پاڻي ٻي ڳالهه آهي هن پڪل ناريل جي پاڻيءَ جي ته ڪا Value ناهي.
”سائين آئون ته سمجھان ٿو پر گراهڪن سان ڪير مٿو هڻي. اسان کي به مفت ۾ 30 روپيا وڌيڪَ مليو وڃن.“