الطاف شيخ ڪارنر

جيءَ اندر جھاتي

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3187
  • 967
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيءَ اندر جھاتي

شبير شر جو سفر ۽ سفرنامو

اسانجي سکر جي وڪيل ڪامريڊ شبير شر صاحب يورپ جو سفر پورو ڪري پنهنجن پڙهندڙن لاءِ سفرنامو لکيو آهي. پاڻ، مونکي ان لاءِ مهاڳ / پيش لفظ مطلب ته ڪجهه نه ڪجهه لکي ڏيڻ لاءِ فون ڪيو.
”سائين ضرور لکندس.“ مون وراڻيومانس، ”توهان جهڙي ماڻهوءَ جي ڪتاب لاءِ ڏهه ڪم ڇڏي به لکندس. هونءَ به ڪنهن جي سفرنامي لاءِ ڪجهه لکڻ لاءِ آئون Comfortable محسوس ڪريان ٿو.“
شبير صاحب کي مون اڄ تائين ڏٺو ناهي. منهنجي ساڻس دوستي فون تي ڳالهه ٻولهه تائين محدود آهي. منهنجي ساڻس سڃاڻپ ڪاوش اخبار ذريعي اوچتو ٿي هئي. ٻه سال کن اڳ ڪاوش ۾ سندس هڪ ڊگهو ڪالم آيو هو. مون سندس نالو ان وقت پهريون دفعو پڙهيو. مون ته سمجهيو ته هي ڪو نئون ليکڪ آهي جنهن پهريون دفعو ڪالم لکيو آهي. بي دليءَ سان مون هن جي ڪالم جون ٻه سٽون کن پڙهيون ته مزو اچي ويو. منهنجي دلچسپي وڌندي وئي ۽ ڪالم ڇڏڻ تي دل نه پئي چيو ۽ پڙهي پورو ڪيم. شبير جي هن لکڻيءَ مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ Calculation ڪيم ته جنهن پختگي ۽ اسٽائيل سان هي ڪالم لکيل آهي ان مان نٿو لڳي ته هي ڪو نئون ليکڪ آهي. پر جي هي همراهه واقعي نئون ليکڪ آهي ۽ سندس هي پهريون ڪالم آهي ته پوءِ ته حد ٿي وئي. هو وڏو Genius چئبو ۽ ههڙي سٺي لکڻ واري هيڏو وقت ڇا پئي ڪيو؟ هن کي ته ڪڏهوڪو لکڻ کتو ٿي. پر جي شبير شر پراڻن ليکڪن مان آهي ته مون ڇا پئي ڪيو؟ هر اخبار، هر رسالو نوس نوس ڪرڻ واري کان ههڙي لکندڙ جا ڪالم ڪيئن مِس ٿيندا رهيا!
شبير جي ڪالم ۾ روانگي (Harmonic Flow) سان گڏ Boldness (دليري) ڏاڍي نظر آئي. ان ڪالم ۾ هن حڪومت جي خراب ڪارڪردگي (Bad Governance) ۽ حاڪمن جي ڪرپشن تي خوب ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي جيڪا هڪ نئين ليکڪ جي وس جي ته ڳالهه ناهي پر پراڻن ليکڪن جا به ان حد تائين سچائيءَ سان لکڻ ۾ پير ترڪن. سندس هن ڪالم مان مون اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ته لکڻ وارو ڪو وڏي عمر وارو آهي جنهن جو تمام گهڻو مطالعو آهي يا وري مون وانگر ڊگهن سامونڊي سفرن ڪري هن کي پڙهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ جنهن نموني سان هن پنهنجي ڪالم ۾ ڪجهه دانشورن ۽ سياستدانن جي ڳالهين جو حوالو ڏنو هو ان مان لڳم ته هن جي گهر جو اهڙو ماحول آهي جتي گهر جا ڀاتي هر وقت ملڪ جي سياست، اخلاقيات ۽ روزمره جي حالتن بابت ڳالهائيندا رهن ٿا. مون جڏهن شبير شر جو فون نمبر هٿ ڪري ساڻس خبر چار ڪئي ته معلوم ٿيو ته هو ننڍي عمر جو آهي ۽ هن جون بذات خود ملڪ جي اهم سياستدانن، مفڪرن ۽ قوم پرستن سان نه رڳو ڊگهيون خبرون چارون ٿيون آهن پر هنن سان گڏ وڏو عرصو هڪ ئي هنڌ رهڻ پڻ ٿيو آهي. پاڻ ٻڌيائين ته شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ هن هن جو رجحان ڪميونزم ۽ قوم پرستي ڏي هجڻ ڪري ضياءَ الحق جي ڏينهن ۾ کيس ست سال جيل جي سزا اچي وئي هئي. ان وقت هن جي عمر 24 سال هئي ۽ ساڳي جيل ۾ هن سان گڏ ممتاز ڀٽو، پيار علي الانا، عبدالله بلوچ، امداد شاهه لياري وارو، معراج محمد خان، پروفيسر اين ڊي خان، ظفر عارف، فتح ياب علي خان ۽ اقبال حيدر جهڙا اهم ماڻهو هئا جن جون نه فقط ڳالهيون ٻڌڻ جو کيس موقعو مليو پر جيل ۾ وقت ئي وقت هجڻ ڪري هن انيڪ ڪتاب پڻ پڙهيا. اهائي سمنڊ واري ڳالهه ته ڪراچيءَ کان ڪيوبا يا ڪئناڊا ويندي يا ٽوڪيو کان لاس اينجلس، اسٽاڪهوم (سئيڊن) کان آسٽريليا ويندي يڪا ٽيهه ٽيهه چاليهه چاليهه ڏينهن سمنڊ تي اڪيلو ڪيئن وقت گذري؟ اهڙن موقعن تي ڪتاب واقعي سٺا ساٿي ثابت ٿين ٿا.
”مون ته فرسٽ ايئر ۽ انٽر جو امتحان به جيل مان ڏنو.“ شبير کلندي ٻڌايو.
شبير چوٿين اپريل 1956ع تي خيرپور ميرس ضلعي جي تعلقي ميرواهه جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ مينگهو فقير ۾ ڄائو. هو ڳوٺ ۾ ئي رهيو ٿي پر سندن والد صاحب عبدالرزاق شر چاهيو ته سندس اولاد تعليم حاصل ڪري. پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ بندوبست نه هجڻ ڪري هن مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
شبير شر پنج ڪلاس پنهنجي ڳوٺ مينگهو فقير مان پڙهڻ بعد ڇهون ۽ ستون ڪلاس ڀر واري ڳوٺ رسولپور مان پڙهيو. ان بعد مئٽرڪ ٺري ميرواهه مان ڪيائين ته پنهنجن ڪجهه دوستن نذير عباسي، سهيل سانگي، بدر ابڙي، امر لعل، گهنشام پرڪاش، امداد چانڊئي سميت گرفتار ڪيو ويو. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳل هو ۽ ضيا صاحب جي Whims تي سياستدانن توڙي نوجوان شاگردن سان جيل ڀريا پئي ويا. شبير شر جي ست سال جيل ڪاٽڻ جي ڪهاڻي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، جنهن جو احوال شبير ٻڌايو ته هو ”جيل جون يادون“ يا ”جيل جي ڊائري“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ لکي رهيو آهي ۽ مڪمل ڪرڻ تي آهي. بهرحال ان وقت شبير سان فون تي ڳالهائي مونکي خوشي ٿي ته هو ان قسم جا ڪالم لکندو رهي ٿو. مون هن کي اهو ڪم جاري رکڻ لاءِ همٿايو ۽ چيومانس ته هو تمام سٺو ٿو لکي ۽ هن جي ان لکڻيءَ، ان ڪالم، مونکي موهي رکيو آهي. شبير ٻڌايو ته هو جرنلسٽ به ٿي رهيو آهي ۽ هن جو اخباري دنيا سان چڱو عرصو واسطو رهيو. هن وقت، پيشي جي لحاظ کان هو سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو. قانون جي تعليم هن خيرپور لا ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان ڏينهن کان مون به ارادو ڪيو ته اعجاز منگي، عاجز جمالي، امر جليل، حسن مجتبى، حامد مير، سهيل سانگيءَ جي ڪالمن وانگر شبير شر جو ڪالم به مِس نه ڪندس. اهو ادبي ۽ سياسي خيال کان هڪ معلوماتي ۽ دلچسپ آهي.
مٿين ٽيليفونڪ ملاقات بعد سال سوا سال بعد گذريل هفتي شبير شر جو اوچتو فون آيو، ”سائين آئون توهانجي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي علائقن مان ٿي آيو آهيان.“
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀٽ شاهه تي شاهه لطيف ڪانفرنس ٿي چڪي هئي سو سندس مٿيون جملو ٻڌي يڪدم چيومانس ته ”سمجهي ويس..... هالا، ڀٽ شاهه ۽ شهدادپور مان ٿي سکر پهتا آهيو.“
هن وڏو ٽهڪ ڏيندي انڪار ڪيو. ”نه سائين، هالا، ڀٽ شاهه، سعيد آباد نه پر مالمو، اسٽاڪهوم، ڪوپن هيگن ۽ هئمبرگ وغيره مان....“
دل ۾ چيم صحيح ٿو چوي. سئيڊن جو بندرگاهه وارو شهر مالمو کڻي منهنجو ڳوٺ ناهي پر پنهنجي اصلي ڳوٺ ۾ ڪهڙو وڏو عرصو رهيس. ان کان وڌيڪ ته ملاڪا ۽ مالمو ۾ رهيس. اوساڪا ۽ يوڪوهاما ۾ رهيس. مالمو سئيڊن جو اهو ڪراچيءَ وانگر ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه آهي جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون تعليم حاصل ڪئي، جتي نوڪري دوران ڪيترائي دفعا جهاز جي مرمت توڙي سامان جي کڻڻ يا لاهڻ لاءِ جهاز کي لنگر انداز ڪيوسين. جنهن ننڍڙي، صاف سٿري ۽ خوبصورت شهر جي گهٽي گهٽيءَ ۾ پسار ڪياسين يا سائيڪل ۽ ميونسپل بس ذريعي شهر ۾ رلياسين... جنهن جي هڪ هڪ ڪنڊ ۽ هڪ هڪ چوواٽي سان يادون وابسته آهن....
”واقعي منهنجو ڳوٺ ئي سمجهه“ مون شبير کي چيو، ”پر ڪر خبر توهانجو ڪيئن وڃڻ ٿيو؟“
”بس سائين توهانجا سفرناما پڙهي دنيا ڏسڻ جو شوق ٿيو.“ شبير وراڻيو.
”هن سياري جي موسم ۾؟“ مون تعجب مان پڇيو. مونکي يقين ئي نه پئي آيو. سئيڊن ناروي جي موسم بابت لکي چڪو آهيان ته سياري ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجي پاڻ کي اگهاڙو ڪنهن فريزر ۾ بند ڪري ڇڏجي.
”سائين بس ڳالهه ئي نه پڇو! اها غلطي ٿي وئي. اسان يورپ جي اتراهن ملڪن سئيڊن، ڊئنمارڪ کان شروع ڪيو ته بيلجم، جرمني، فرانس جا شهر گهمندا گهمندا اچي اٽلي جي شهر روم کان نڪتاسين.“
”عجيب ٻروچ آهيو. مون کي پنهنجو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو ساٿي ڪوئٽيا جو اڪبر بگٽي ٿو ياد اچي. اڪبر بگٽي سياستدان نه پر هي انڪم ٽئڪس جو ڪمشنر ٿي رٽائرڊ ٿيو. مون کان ٽي سال جونئر هو ۽ لياقت جتوئي، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي ۽ ٽي وي اڙدو ڊرامن جي اداڪار اورنگزيب لغاريءَ وانگر اڪبر بگٽي بلوچي ڊرامن جو مشهور اداڪار پڻ ٿيو پر پوءِ سول سروس جو اعلى امتحان پاس ڪرڻ بعد نوڪريءَ کي لڳي ويو. سندس وڏو ڀاءُ تاج بگٽي منهنجو، مشهور پيٽرول پمپن جي شهنشاهه شوڪت جماڻي ۽ انبن جي راجا رفيق ڪاڇيلو جو ڪلاس ميٽ ۽ روم ميٽ هو.
اڪبر بگٽي جڏهن 1960ع ۾ پيٽارو آيو ته هن کي اڙدو ته ڇا سنڌي به چڱي طرح نٿي آئي. هو ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي ڀاءَ (اسانجي ڪلاس ميٽ) تاج وٽ ايندو هو جيڪو هن کي سندن مادري زبان ۾ سمجهائيندو هو. اسان ان ٻروچڪي ٻوليءَ جي لحظي ۽ لفظن مان محضوظ ضرور ٿيندا هئاسين پر سکي نه سگهياسين. فقط هڪ لفظ ياد آهي ”ٿانگو روغي؟“
اڪبر کي سير سپاٽي جو شوق هوندو هو. موڪل ۽ وجهه ملڻ تي خاص ڪري آچر ڏينهن، اڪيلو ئي اڪيلو نڪري ويندو هو. ڊڄڻو بلڪل نه هو پر رستو ڀلجي ويندو هو. نڪرڻ مهل اسان جي هائوس (هاسٽل) ۾ اچي ڀاڻس تاج کان موڪلائيندو هو. ان تي تاج پڇندو هوس ”ٿانگو روغي؟“ ۽ سندس جواب هميشه ساڳيو هوندو هو. ڪنڌ هيٺ ڪري، پٽ ڏي اشارو ڪري چوندو هو ”ايٿي“ يعني هتي ئي آهيان. پر سائين ٻروچ پيرين پنڌ پيو نڪ سامهون ويندو هو .... ٿڪبو ئي ڪونه هو .... ڪڏهن پيٽارو ڀرسان وهندڙ سنڌو نديءَ جو ڪنارو وڃي کڻندو هو ته ڪڏهن ٻئي پاسي جبلن جي ماٿرين مان وڃي نڪرندو هو. اسان هڪ پاسي کي اتر قطب (نارٿ پول) چوندا هئاسين ته ٻئي پاسي کي ڏکڻ قطب (سائوٿ پول). اڪبر ڪڏهن ڪڏهن رستو ڀلجي ويندو هو ۽ مانيءَ جي ٽائيم تي نه پهچندو هو ته پوءِ کيس ڳولڻ لاءِ اسان به تاج سان گڏ نڪرندا هئاسين. تاج چوندو هو ته ڏس ته صحيح! ٻڌائي به نٿو وڃي جو اسان اهو رخ رکون. پڇ کڻي ڪيڏانهن (ٿانگو روغي) ته هميشه ساڳيو جواب ته ”اتي ئي“
اڪبر بگٽي وڏو ٿي ويو. بلڪه اڄ ڏينهن تائين ملندو آهي ته سلام ڪرڻ کان به اڳ کيس چوندا آهيون ”ٻروچ! ٿانگو روغي؟“ اڪبر بيحد قابل آفيسر ۽ نيڪ انسان آهي. شروع کان ڪوئٽا ۾ رهندو اچي. هتي اڪبر بگٽي جي اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي جو جڏهن هن سکر جي ٻروچ شبير شر مونکي چيو ته هو منهنجا سفر ناما پڙهي ولايت گهمي آيو آهي ته پنهنجي ڪلاس ميٽ تاج بگٽي وارو ”ٿانگو روغي“ وارو سوال ڪرڻ بدران سمجهي ويس ته هو ”هتان ئي“ ويجهڙائيءَ مان ٿي آيو آهي. يعني ملائيشيا، سنگاپور، ٿائيلنڊ پاسي کان، يا دبئي، ايران مصر کان يا وري سري لنڪا ۽ مالديپ ٻيٽن کان. پر سائين منهنجي پڇڻ تي مونکي حيرت ٿي ته هو اڪبر بگٽيءَ وانگر گهر وارن ۽ دوستن کي ”هتي ئي“ جو چئي سچ پچ جي اتر قطب کان وڃي نڪتو! يعني اتر قطبي ملڪن سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ ۽ اتر يورپ جي ملڪن جرمني ۽ بيلجم کان ڏکڻ يورپ جي ڏاکڻن ملڪن فرانس، اٽليءَ تائين.
بهرحال مون کي خوشي ٿي ته هو مالمو، اسٽاڪهوم، ڪوپن هيگن، هيلسنڪي، هئمبرگ جهڙن شهرن مان به ٿي آيو آهي جتي تعليم ۽ جهاز جي نوڪريءَ ڪري منهنجي جوانيءَ جي سالن جو ڪجهه عرصو گذريو ۽ اهو به ڌيان ۾ رکيم ته هو ليکڪ آهي، سو کيس سفرنامو لکڻ لاءِ آماده ڪرڻ خاطر چيومانس ته ”شبير تو جهڙي ماڻهوءَ کي ڪجهه هفتن لاءِ ٻيا ڪم ڇڏي سفرنامو لکڻ کپي، خاص ڪري اهي شهر جن ۾ آئون رهيو آهيان ان بابت تنهنجا ويچار پڙهندي مونکي به مزو ايندو.“
”سائين نه رڳو لکڻ کپي پر لکي چڪو آهيان، جنهن جي مهاڳ / پيش لفظ وغيره لاءِ توهان کي فون ڪيو اٿم.“ هن ٺهه پهه وراڻيو.
”ڳالهه ٻڌ شبير! پوڙهو ٿي ويو آهيان، تڪڙو نٿو لکي سگهان، امت ۽ ڪاوش اخبارن لاءِ ڪالم لکڻ کان فرصت نٿي ملي پر تنهنجي هن سفرنامي کي پڙهي ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکندس. شبير ٻڌايو ته سندس سفرنامو ڪمپوز ٿي چڪو آهي يعني ٽائيپ ٿيل آهي ۽ سندس ئي شهر ۾ ”ماءِ پبليڪيشن“ وارا ڇپائيءَ جو انتظام ڪري رهيا آهن.
”تون ڇٽئين، آئون پاڻهي ٿو گهرائي وٺان“، مون شبير کي چيو. هو شايد ڪجهه منجهي رهيو هو ته هن جو ڪمپوز ٿيل ڪتاب مون تائين ڪيئن پهچندو. پرنٽ فارم ۾ يا اي ميل ذريعي.
گهر پهچي مون 03009319795 نمبر تي ممتاز بخاريءَ کي فون ڪيو ۽ کيس شبير شر جي سفرنامي جو مواد مون ڏي اي ميل ڪرڻ لاءِ چيو. هتي مون ممتاز بخاريءَ جو موبائيل فون نمبر ان ڪري ڏنو آهي جو مونکان ڪيترا پڙهندڙ خاص ڪري ولايت ۾ رهندڙ، پنهنجو ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ پبلشر / پرنٽر جو نمبر گهرندا رهن ٿا. اسانجي سرڪاري ادارن ۾ ته ڪو حال افعال ناهي جو کڻي ٽماهي رسالو به وقت تي ڪڍن. اهڙي حالت ۾ نيو فيلڊس، روشني، نئون نياپو، پيڪاڪ، ڪاڇو، سنڌيڪا ۽ ڪويتا پبليڪيشن جهڙن پرائيويٽ ادارن کي شاباس هجي جن جا غريب مالڪ ادب جي خدمت جي جنون ۾، حيرت انگيز حد تائين ڪتاب ڇپيندا رهن ٿا.
سکر جو هي ڇپائيءَ جو ادارو ”ماءِ پبليڪيشن“ فقط چند سال اڳ 2013ع کان ڪتاب ڇپي رهيو آهي، جنهن کي ٽي نوجوان هلائين ٿا. منهنجي واقفيت ممتاز بخاري سان سندس ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ٿي. ان بعد هن KTN ٽي وي تي به ڪم ڪيو ۽ هاڻ ماءِ پبليڪيشن جي نالي سان ڇپائيءَ جو ڪم ڪري ٿو. پاڻ 1968ع ۾ گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو ۽ انٽرنيشنل ريليشنس ۾ ايم اي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ئي واسطو رکندو اچي. ليکڪ طور سندس ناول، ڪهاڻين، تحقيق جي ڪتابن سان گڏ ترجمن جا ڪتاب به ڇپيل آهن.
ڇپائيءَ جو هي ادارو هلائڻ لاءِ سندس ٻيو ساٿي ياسين جوڻيجو آهي جنهن جو پڻ شروع کان ميڊيا سان واسطو رهيو آهي. پاڻ پهرين پاڪ اخبار، روزاني ڪاوش، ڪي ٽي اين نيوز ۽ ”جيو“ ٽي وي سان وابسطه هو. هاڻ ”APP“ ۾ نوڪري ڪري ٿو. ڪالم به لکي ٿو ته شاعري به ڪري ٿو. سندن ٽيون ساٿي عبدالقدير انصاري آهي، هي سرڪاري ڪامورو ضرور آهي پر هڪ ادب دوست، شاعر ۽ نثرنويس پڻ آهي. هن کي عبدالقادر منگي، شمس جعفراڻي، اڪبر لغاري، امتياز منگي جهڙن آفيسرن وانگر لکڻ پڙهڻ جو شوق آهي. ماءِ پبليڪيشن کي هلائيندڙن جي همٿ ۽ محنت کي داد ڏجي جو هنن ٿوري عرصي ۾ 50 کان مٿي ڪتاب ڇپي ورتا آهن. هن اداري جا ڪجهه ڪتاب منهنجي اڳيان رکيا آهن جن جي ڇپائي، ٽائيٽل، ڪور، پنو، بائيڊنگ. مطلب ته هر خيال کان سندن ڇپيل اهي ڪتاب بهترين چئي سگهجن ٿا، جيئن ته: سوڀو گيانچنداڻيءَ جو ڪتاب ”روشني جي پنڌ“، عبدالقادر جوڻيجي جو ڪتاب ”اندر ۾ ويٺل جن ڀوت“، نصير ميمڻ جو ”هاڻوڪي سنڌ جي تاريخ“، رشيد ڀٽي جو ”جيل ڊائري“ ۽ رحمت الله ماڃوٺي جو ”کريل گهڙيال“، ممتاز بخاري جو ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“ وغيره.
ٻئي ڏينهن ممتاز بخاريءَ جيئن ئي شبير شر جي يورپ جي سفرنامي جي ڪاپي اي ميل ڪئي ته مون ان جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو. مون کي خاص ڪري ان شهر مالمو بابت، شبير جا خيال پڙهڻ جو شوق هو ته هن کي اهو ڪيئن لڳو جنهن ۾ منهنجو تعليم دوران ڊگهو عرصو گذرڻ کان علاوه نوڪريءَ دوران ڪيترائي دفعا جهاز کي به وٺي وڃڻو پيو. مالمو ۾ جڏهن رهندو هوس ته ڪو هم وطني اتي گهمڻ، سرڪاري دوري تي، يا ڪنهن تعليمي شارٽ ڪورس تي ايندو هو ته موٽڻ وقت انهن کان مالمو شهر بابت پڇندو هوس ته هنن کي مالمو شهر ڪيئن لڳو ۽ اڄ به ڪو مالمو مان ٿي اچي ٿو ته هن کان هن شهر بابت سندس ويچار معلوم ڪريان ٿو..... پوءِ جڏهن هو چون ٿا ته مالمو واهه جو شهر آهي.... مالمو باغن ۽ پارڪن جو شهر آهي.... مالمو خوبصورت هنجن، بدڪن، نيرڳن، ڪازن ۽ لنجن جو شهر آهي، جيڪي بي ڊپا ٿي ماڻهن جي پيرن وٽ چڳندا رهن ٿا. مالمو صاف سُٿرن رستن ۽ روشن گهٽين جو شهر آهي .... مالمو امن امان جو شهر آهي جتي پئسن سان ڀريل پرس کڻي هلندي به ڊپ نٿو ٿئي.... جتي آڌي رات جو ڪنهن ڇوڪريءَ کي مِني اسڪرٽ ۾ هلندي به خوف نٿو ٿئي..... مالمو جتي هر شيءِ نج ملي ٿي، بنا ڪيميڪل ۽ جيت مار دوائن جي پوکيل اناج ۽ ميوا ملن ٿا.... جتي نلڪي مان ايندڙ هار وير لاءِ پاڻي به ايترو ئي صاف ۽ صحتمند آهي جيترو مِنرل واٽر جي بوتلن ۾ پئڪ ٿيل پاڻي وغيره وغيره.... ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي. پيٽارو ۾ پڙهندو هوس ته موڪلن ۾ ڪلاس ميٽن کي دعوت ڏئي پنهنجو ڳوٺ هالا گهمائيندو هوس ۽ موڪلائڻ وقت هنن جا هالا بابت سٺا رمارڪ ٻڌي خوش ٿيندو هوس. جهازن تي نوڪري دوران ڪنهن کان ٻڌندو هوس ته هو هالا مان ٿي آيو آهي ته هن کان يڪدم پڇندو هوس ته ڪيئن لڳو اسان جو ڳوٺ؟ هالا ’شهر‘ ته هاڻ ٿيو آهي .... اڄ کان اڌ صدي اڳ ته اهو ۽ مٽياري، سعيد آباد، سڪرنڊ سڀ ڳوٺ هئا. ”هالا جي جنڊي ڪاشي واهه جي آهي.“
” هالا مان سوسيءَ ۽ کاڌيءَ جو ڪپڙو ورتم، ڏاڍو سستو مليو“
”هالا جا پڪوڙا، نان پاوا، گٻيت ۽ ڌاڻي واهه جي آهي.“
”هالا جا رستا کليل ۽ گهٽيون سڌيون ۽ صاف سٿريون آهن“ وغيره وغيره ٻڌي خوشي ٿي ٿئي.... ملائيشيا، جپان، انگلينڊ ۾ رهندي به هالا يا سنڌ کان ايندڙ فارينر کان پنهنجي سنڌ جي ڳوٺن جي تعريف ٻڌي خوش ٿيندو هوس. پر پوءِ عرصو ٿيو ته مون پڇڻ ڇڏي ڏنو. ان کي به اچي ويهارو کن سال ٿيا آهن - جڏهن کان هن قسم جا رمارڪ پنهنجي يا سنڌ جي ٻين شهرن بابت ٻڌڻ لڳس ته ”ڇا ته گهٽي گهٽي ۾ انڪروچمينٽ آهي، مسلمان ٿي ڪري توهان جي هر گهر اڳيان ماڻهن جا ٽورا يا مينهن جا ڇيڻا پيا آهن، پيئڻ لاءِ ڇا ته گندو پاڻي آهي.... مِنرل واٽر جي نالي ۾ زهر پيو وڪامي.... موهن جو دڙو ڪير ڏسڻ ويندو؟ آهي ڪا امن امان جي بهتر حالت؟!...“ وغيره وغيره.
۽ هاڻ شبير شر جو يورپ جو هي سفرنامو پڙهڻ کان اڳ دل ۾ اهو پئي سوچيم ته مالمو، اسٽاڪهوم، ڪوپن هيگن، هئمبرگ جهڙا شهر جن لاءِ مون گهڻو ڪجهه لکيو آهي انهن بابت اسانجي سکر جي وڪيل صاحب جو خبر ناهي ڇا Opinion هجي. ٻئي ڏينهن کان شبير جو سفرنامو پڙهڻ شروع ڪيم. ڪتاب جي فهرست نه هئي. يعني هن عنوان ڏئي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون لکڻ بدران يڪو لکيو آهي. البته ڊائري نموني تاريخون ڏيڻ سان اهو ڪجهه حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. پاڻ پنهنجن ٻن ساٿين سان گڏ هن سفر جي شروعات اتر يورپ جي ملڪ سئيڊن جي شهرن اسٽاڪهوم ۽ مالمو کان ڪئي آهي. اتي پهچڻ جي تاريخ ”يارهين سيپٽمبر“ ڏسي آئون ڪجهه گهڙين لاءِ وائڙو ٿي ويس. شبير مونکي فون تي ضرور ٻڌايو ته هو يورپ جا، خاص ڪري اتر يورپ جا، ملڪ گهمي آيو آهي. پر مون سمجهيو ته هو چرچا پيو ڪري. اسانجي گهڻن گهمڻ جي شوقينن وانگر هو به ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ سنگاپور مان ٿي آيو هوندو، يا ته تاريخ غلط ڇپجي وئي آهي! پڪ جون جولاءِ جو مهينو هوندو. ڇو جو سيپٽمبر کان مارچ تائين يورپ ۾ سخت سيارو ٿئي ٿو - خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن، فنلنڊ، بيلجم، جرمني پاسي. نه فقط سخت سيءُ ٿئي ٿو پر راتيون ڊگهيون ٿيڻ ڪري اونداهه ئي اونداهه رهي ٿي. هنن مهينن ۾ اتي جا رهندڙ مقامي ماڻهو به پنهنجن گهرن ۾ بند هوندا آهن يا ڪوٽن (يعني گرم ڪپڙن) ۾ قابو. سرنديءَ وارا مقامي ماڻهو ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي هليا ويندا آهن. هنن مهينن ۾ ڪنهن کي ڪا کٽي کڻي ته سئيڊن جو رخ رکي نه ته پکين کي به ايترو عقل آهي ته آگسٽ جو جيئن ئي مهينو شروع ٿو ٿئي ته اتر يورپ کان ڀڄي پاسو ڪجي. هو ڪڙم قبيلي سان ڏکڻ جو رخ رکن ٿا ۽ يورپ جي سياري جا هي مهينا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ گذاري پوءِ مارچ بعد موٽڻ شروع ڪن ٿا. هنن کي خبر آهي ته سنڌ جي ڍنڍن تي پهچڻ تي هنن جو شڪار شروع ٿي ويندو پر هو اتر يورپ جي سخت سرديءَ ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ کان سنڌ ۾ بندوق جي فائر سانشڪار ٿي ڪڻڇيءَ ۾ ترجڻ کي ترجيح ڏين ٿا، شايد! پر حيرت آهي ته سکر جو هي ٻروچ وڪيل صاحب ڪنهن جي هشيءَ تي هنن مهينن ۾ هتان اچي نڪتو! ايئن ته ڪجهه يورپي گورا به اڌ مغزي ٿين ٿا ۽ اڪثر جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ سکر ۽ جيڪب آباد ۾ نظر ايندا آهن. بهرحال مون شر صاحب جو سفرنامو پڙهڻ شروع ڪيو ته واهه جو لڳو.... پڙهندو ويس ۽ هاڻ ڪجهه لکڻ ٿي ويٺس ته سندس فون آيو:
”سائين ٻه چار ڏينهن ٿي ويا مون سوچيو ته توهان کان پڇان ته منهنجو سفرنامو پهتو ۽ پڙهڻ شروع ڪيانوَ يا نه؟“
”توهان شروع ڪرڻ جو ٿا پڇو. هتي پورو به ٿي ويو.“ مون وراڻيومانس.
”پوءِ سائين ڪيئن لڳو؟“ هن پڇيو.
”تنهنجي لکيل ”سفرنامي“ ته ڏاڍو مزو ڏنو.“ مون ٻڌايومانس، ”ظاهرآهي توکي لکڻ جي ڏات به آهي ته ڏانوءَ به. باقي تنهنجو ”سفر“ ائين هو ڄڻ ڪنهن اڻ سيکڙاٽ کي ’موت جي کوهه‘ ۾ ڦٽ ڦٽي هلائڻ لاءِ ڦٽو ڪيو وڃي. اهڙي سفر کان ته سکر کان ”جهٽ پٽ“ مان ٿي اچين ها، اهو بهتر هو؟“
”سائين آئون ننڍي هوندي کان توهان جا سفرناما شوق سان پڙهندو اچان. توهان ئي ته چوندا آهيو ته گهر کان ٻاهر نڪرجي. ولايت جو سير ڪجي. مون توهانجي ڳالهين مان متاثر ٿي هي سفر ڪيو آهي.“
واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شبير شر صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ مونکي ياد ڪيو آهي ۽ بار بار اهوئي لکيو اٿس ته هُن منهنجا سفرناما پڙهي هي سفر شروع ڪيو. شبير شر جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ سفرنامو پڙهي مونکي وتائي فقير جو هڪ چرچو ياد آيو. هلي هلي جڏهن وتايو فقير ٿڪجي پيو ته هن ٻڪ کڻي رب کان دعا گهري ته ”منهنجا مولا ٿڪجي پيو آهيان. ڪا سواري ڏيار ته ان تي چڙهي شهر پهچان.“ دعا گهري اڃان ڪجهه وکون مس هليو ته سپاهي نظر آيس جنهن جي گهوڙي ان وقت ويائي هئي. هن وتائي کي سڏ ڪري چيو، ”اڙي هيڏانهن اچ. هن ڦر کي ڪلهن تي کڻي شهر تائين هل.“
وتائي گهوڙيءَ جي ڦر کي ڪلهي تي رکي آسمان ڏي نظر ڪري چيو، ”منهنجا مولا سُڻين ٿو پر سمجهين نٿو. مون توکي چيو ته ڪا سواري ڏيار جيڪا مونکي کڻي هلي يا آئون ان کي کڻي هلان؟“
مون شبير کي چيو ته ”ٻروچ ڳالهه ٻڌ! ڪنهن لائبريريءَ ۾ منهنجا ڪتاب موجود هجن ته هيستائين ڇپيل اهي 95 ئي ڪتاب پڙهي ڏس. سفر بابت مون انهن ۾ جيڪي به ڳالهيون لکيون آهن تو ان جي ابتڙ ڪئي آهي....“ ان وقت کلندي شبيرسان جيڪي ان Point تي ڳالهيون ڪيم اهي هن سفرنامي ذريعي هتي ان ڪري ورجايان ٿو جو اهي دلچسپ ۽ ڪم جون ڳالهيون آهن ۽ اسان جا نوجوان جيڪي ٻاهر نڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. تعليم، نوڪري، بزنس، گهمڻ خاطر انهن جي رهنمائي ٿي سگهندي.
مون جن ڏينهن ۾ ڳوٺ کان نڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ بعد ۾ چٽگانگ (بنگال) تعليم لاءِ پهتس ۽ پوءِ نوڪري جي ڪري سمنڊ تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ شروع ڪيم ته ان وقت تائين به اسانجي سنڌي مسلمانن ۾ ڳوٺ ڇڏڻ جو ڪلچر نه هو. هالا کان ڀر واري ڳوٺ ڀٽ شاهه ۾ يا باڊهه کان ڏوڪري پهچندي اسان جي نوجوان پاڻ کي پرديسي ٿي سڏيو. مون ان ڪلچر کي ٽوڙڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو ۽ هاڻ ته سنڌي هندن وانگر مسلمان به جتي ڪٿي پهچي ويا آهن.
شبير کي چيم ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ايڏو پري ۽ مهانگن ملڪن کان وڃي نڪتين. آئون هميشه اهو چوندو آهيان ته سفر سٺي شيءِ آهي پر خرچ پکو ٻيو ڏئي. جيئن حليم بروهي چوندو آهي ته ”شادي سٺي شيءِ آهي پر هجي ڪنهن ٻئي جي. اسان فقط دعوتي هجون ... رڳو کائي پي ڍءُ ڪيون“ ٻي ڳالهه ته ”اهو چوڻ ته سفر ماڻهوءَ کي سيکاري ٿو.“ اڄ جي دور ۾ هڪ مِٿ آهي. ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جي هن دور ۾ ريسلنگ هجي يا ڪرڪيٽ راند اسٽيڊيم جي هڪ ڪنڊ کان ويهي ڏسڻ کان گهر ۾ ٽي وي تي وڌيڪ چٽي طرح ڏسي سگهجي ٿي. اهڙي طرح مختلف ملڪن ۾ وڃي ڌڪا کائڻ کان ڪنهن جو سفرنامو يا ٽي وي اڳيان ويهي ڊسڪوري، ٽريول، ائنيمل ورلڊ يا نئيشنل جاگرافڪ چئنل جو ڪم جهڙو پروگرام ڏسي ڇڏجي. ڇو جو اڄ ڪلهه جي مهانگائيءَ واري دور ۾ سفر ڪرڻ سان دماغ عقل سان ڀرجڻ بدران کيسو پئسي کان خالي ٿيو وڃي. ڳالهه اها آهي ته جنهن ڪمپني يا اداري ۾ توهان ڪم ڪريو ٿا اهو توهان کي ٻاهر موڪلي ٿو ته خوش ٿي وڃو ۽ موقعي مان فائدو وٺو. يا ڪنهن شاگرد کي اسڪالر ملي ٿي ته هو ڀلي چين به هليو وڃي. شروع جي ڏينهن ۾ اسان جا ماڻهو ولايت وڃڻ کان انڪار ڪندا هئا يا اتي پهچي يڪدم موٽي ايندا هئا ته ڳوٺ ٿو ياد اچي، مائٽ ٿا ياد اچن، ٻوڙ ماني ٿي ياد اچي. مرحوم ڀٽو صاحب ڪيترا سنڌي ٻاهر موڪليا پر انهن مان ڪجهه موٽي آيا. هڪ ته پئرس مان به موٽي آيو. بين الاقوامي قانون هٽرائي هن درجن کن نوجوان ڊئريڪٽ جهازن تي ڪئڊٽ ڪرائي رکيا جيڪي لڳاتار نوڪري ڪرڻ سان ست اٺ سالن ۾ جهازن جا ڪئپٽن ٿي وڃن ها پر سڀ ڇڏي ويا. ٽي ڄڻا ته منهنجي جهاز تي به آيا. منهنجي زال، جيڪا مون سان گڏ مستقل جهاز تي رهي ٿي، هنن کي ڏاڍو سمجهائيندي هئي ته هو همت کان ڪم وٺن .... هي سمنڊ جون ڇتائيون ۽ طوفانن جا مرحلا عارضي آهن .... پر هنن کي هڪ طرف سمنڊ منجهايو ته ٻئي پاسي ماءُ پيءُ جي سڪ ۽ گهر جي سک ستايو. هنن جيئن تيئن هڪڙي Voyage ڪئي. جهاز ڪراچيءَ پهتو ته رسو ڇنائي سڌو ڳوٺ هليا ويا. ان ڪري آئون شروع جا ڏهه سال پنهنجن سفرنامن ۾ سٺيون ڳالهيون لکي سنڌ جي نوجوانن کي Fascinate ڪندو رهيس ته گهر کان ٻاهر نڪرو.... حرڪت ۾ برڪت آهي.... ڦول وه سرها هوا جو چمن سي نڪل گيا.... وغيره ... ۽ ان ڏس ۾ چڱو خاصو ڪامياب ٿيس.
سو ٻئي جي خرچ تي اکيون پوري وڃو پر جي پنهنجي خرچ تي وڃو ٿا ته ڪوشش ڪري ويجهن ملڪن ۾ وڃو ۽ جتي Avoid ڪري سگهو ته هوائي جهاز بدران ٽرين ۽ بسين ۾ سفر ڪريو ۽ سستين هوٽلن ۾ رهو. مون يورپين کي دهلي ريلوي اسٽيشن جي ڀر وارين گهٽين جي سستين هوٽلن ۾ رهندي ڏٺو آهي جتي ڪمري جي مسواڙ 200 رپيا آهي ۽ هو اها به شيئر ڪري ٻه ڄڻا ٿي رهن. هونءَ به سياري ۾ ايئرڪنڊيشنر جي ڪهڙي ضرورت. بس وهنجڻ لاءِ گرم پاڻي هجي. رات جو ڪمري تي موٽڻ مهل گورا (انگريز ۽ يورپي) ٽوئرسٽ اهو سو ڪم ڪندا آهن ته رستي تان مڇر ڀڄائڻ واري جليبي خريد ڪندا ايندا آهن جيئن پرديس ۾ مليريا جهڙي بيماري نه ٿئي. اسان مسلمان حرام حلال جي چڪر ۾ هوندا آهيو ته گوشت کائجي يا نه، هي يورپي ”غير مسلم“ هوندي به ان چڪر ۾ پون ئي ڪونه. سفر ۾ مڇي گوشت بدران ڀاڄي ۽ دال کائين جو گوشت، خاص ڪري پاروٿي مڇي بيمار ڪريو رکي ۽ سفر جو مزو خراب ٿيو وڃي.
شبير کي چيم ته ڪاش ان سفر جو پروگرام پڪو ڪرڻ کان اڳ ڪنهن مون جهڙي ماڻهوءَ سان صلاح ڪرين ها جيڪو سئيڊن جهڙن اتراهن ملڪن ۾ رهيو آهي. هو توکي انهن مهينن ۾ يورپ، خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن ڏي هرگز وڃڻ نه ڏئي ها. ان موسم ۾ دنيا جا اترادي ماڻهو لاڙ جو يعني ڏکڻ جو رخ ڪندا آهن. ماڻهو ته ڇا پر پکي به لڏڻ ۾ هوندا آهن ۽ توهان ته اهو ڪم ڪيو آهي جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”لوڪ لڏڻ ۾، چري اڏڻ ۾.“ ههڙي موسم ۾ ڪو پئسا ڏئي ته به اتر جو رخ نه ڪجي. توهان پنهنجو پئسو خرچ ڪري سزا ڪاٽي آهي. هن موسم ۾ يعني سياري جي ڏينهن ۾ ملائيشيا، ٿائلنڊ، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ وڃجي جتي ٻارهوئي هڪڙي موسم آهي ۽ ٻن وڳن ۾ ماڻهو گهمي ڦري سگهي ٿو. سياري ۾ يورپ اچڻ معنيٰ پاڻ سان ڪوٽ، سئيٽر، اوور ڪوٽ، مفلر گهلڻ. سفر اهو سٺو جنهن ۾ سامان نه برابر هجي.
شبير جي روانگي وقت اهو پڙهي ته ”سرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ مان گرم ڪپڙا نه ورتم جو ڪنهن صلاح ڏني ته اتان سئيڊن مان وڃي وٺجانءِ، جتي ان سرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺهن ٿا.“ مونکي ڏڪڻي وٺي وئي.
مونکي پهريون دفعو باءِ ايئر سئيڊن پهچڻ جو تجربو ياد آيو. اهو مارچ جو مهينو هو. ڪراچيءَ مان سئيٽر ۽ ڪوٽ پائي ٻانهن تي اوور ڪوٽ رکي اسٽاڪهوم لاءِ نڪتو هوس. جيتوڻيڪ اسٽاڪهوم جي سينٽرلي هيٽيڊ ايئرپورٽ مان نڪرڻ کان اڳ پنهنجي جسم تي اوور ڪوٽ چاڙهي نڪتس پر دروازو کولي کليل آسمان هيٺان روڊ تي آيس ته اتر قطب جي ٿڌين هوائن جسم کي ڄڻ ڪپي رکيو. سو يارو سياري جي مهينن ۾ اتر يورپ جي ملڪن ڏي وڃو ته پنهنجي ملڪ مان ئي گرم ڪپڙن جو بندوبست ڪري نڪرندا ڪجو. ۽ ڪراچيءَ جي لنڊا بازارين ۾ اهي اهي گرم ڪوٽ، مفلر ۽ سئيٽر ٿا ملن جن لاءِ يورپ جا ماڻهو به سڪن. ۽ يورپ جي قيمت جي مقابلي ۾ ڦلن مٺ ۾ ملن ٿا. مون مالمو ۾ فقط ٻه گنجيون ورتيون هيون ٻه هزار رپين ۾ هڪ هڪ ملي. گهر اچي ٽئگ پڙهيم ته لکيل هو ”ميڊ ان پاڪستان“ ان قسم جو تجربو شبير به لکيو آهي ته هن کي اسٽاڪهوم پهچڻ سان گرم ڪپڙا سندس دوست قادر جتوئي صاحب ۽ ٻين ڏنا. تنهن هوندي به هن کي مفلر خريد ڪرڻو پيو جيڪو هن کي پاڪستاني 15000 رپين ۾ مليو - سو به انگلينڊ يا جپان جو ٺهيل نه پر بنگلاديش جو هو! يورپ، خاص ڪري اتر يورپ جي سردي، ڏاڍي خراب ٿئي ٿي ۽ سيارو بلڪل غير رومانوي ٿئي ٿو. چوڌاري برف ئي برف هجڻ ڪري هي ملڪ ٽيڪنيڪلر بدران بلئڪ ائينڊ وائيٽ نظر اچن ٿا. اسڪرٽن ۾ گهمندڙ ڇوڪريون به هن موسم ۾ کيسن ۽ کٿن ۾ ويڙهيل هونديون آهن. هنن جو سڄو جسم ته گرم ڪپڙن ۾ ڍڪيل رهي ٿو پر منهن ۽ مٿو به مفلر ۽ ٽوپ ۾ لڪل رهي ٿو. پري کان ته خبر ئي نٿي پوي ته ڪو مرد وڃي رهيو آهي يا عورت. جيسين ويجهو اچڻ تي هن جو ڳالهائڻ ٻڌجي. بهرحال يورپ جي ٿڌن ملڪن ڏي ويندڙن کي اهو چتاءُ ڏيندس ته پاڻ کي ٿڌ کان بچائين. اسان جي ٿڌ ٻي آهي اتي جي ٻي. توهان ڏسندائو ته ويندي اتي جا گورا به گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل پاڻ کي چڱي طرح ڍڪي هلن ٿا. گهر ۾ جيتوڻيڪ هيٽر هلي رهيو هجي ۽ توهان کي لڳي ته ايترو سيءُ ناهي پر ٻاهر نڪرڻ مهل هميشه ٽي وي يا نيٽ تي موسم جو حال معلوم ڪري پوءِ ان مطابق ڪپڙا پهري نڪرجي. گهٽ ڪپڙن ۾ نڪرڻ جو جوکو نه کڻجي جو نمونيا جهڙيون بيماريون ٿيو پون. اهڙي طرح اونهاري ۾ عرب دنيا يا آفريڪا جي گرم ملڪن ۾ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري جي ٿڌ مان يڪدم ٻاهر اس ۾ نه نڪرجي. اهڙن ملڪن جي اس کان ته خاص طور تي بچاءُ ڪجي. پاڻ سان ڇٽي (Umbrella) کڻي هلجي يا مٿو ۽ ڪنڌ ڪنهن ڪپڙي سان چڱي طرح ڍڪجي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ جنهن وقت جهڙ ۽ مينهن آهي ته موسم خوشگوار آهي نه ته اهي ملڪ خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري انهن ۾ ڪينيا، يوگنڊا، صوماليا، ڪانگو جهڙن آفريڪي ملڪن جهڙي گرمي آهي. توهان پوڙهن ۽ سياڻن ملئي ماڻهن کان ڇٽي کڻڻ جو سبب پڇندائو ته هو توهانکي مينهن کان نه پر اس کان بچاءَ لاءِ ٻڌائيندا. اهو ان ڪري ٻڌائين ٿا جو خط استوا (Equitor) جي ويجهو وارن ملڪن ۾ سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا، ان ڪري اتي جي اس کان پنهنجو مٿو ۽ ڪنڌ بچائجي. ٻي صورت ۾ ڏينهن لڳي سگهي ٿو جنهن ڪري اڌ رنگ (Paralysis) به ٿي سگهي ٿو..... ۽ پرديس ۾ ڪا بيماري ٿيڻ کان رب پاڪ سلامت رکي. بهتر اهو آهي ته اهڙن ملڪن ۾ پاڻ سان ننڍڙو ٽوال کڻي هلجي جيئن اس ۾ هلڻ مهل ڪنڌ کي ڍڪي سگهجي. مٿي وانگر ڪنڌ ڍڪڻ بيحد ضروري آهي. هاڻ ملائيشيا جهڙا ملڪ ماڊرن ٿيڻ ڪري هر ڪو ڪمري اندر ٿڌي ڇانوَ ۾ ويٺو آهي نه ته اڌ صدي اڳ جڏهن 1968ع ۾ منهنجو هنن پٽن تي اچڻ شروع ٿيو هو ته ملئي ماڻهو به سوڊانين ۽ اسان سنڌين وانگر پٽڪو ٻڌندا هئا جنهن جو پوڇڙ پٺيان لڙڪائي ڇڏيندا هئا جيئن ڪنڌ تي اس نه پوي. ڪنڌ تي بچاءَ لاءِ انگريز دور ۾، انگريزن يوگنڊا جي فوجين جي ڊريس اهڙي ٽوپي رکي هئي جنهن جي پٺيان ڪپڙو لڙڪيو ٿي جنهن ڪنڌ کي ڍڪيو ٿي. سو ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ڏي ويندڙ گهمڻ جي شوقينن کي اها صلاح آهي ته پاڻ سان، پنهنجي ملڪ مان ئي هڪ عدد ڇٽي ۽ ننڍڙو ٽوال کڻي نڪرن. ان جي اڪثر ڪوالالمپور، جڪارتا يا بئناڪ جي هوائي اڏن مان نڪرڻ سان ضرورت پئجي سگهي ٿي. انهن شين جي خريداريءَ جو اهو هرگز نه سوچيو ته اتي پهچي خريد ڪنداسين. اهڙي طرح يورپ ويندڙ ڪراچي جي لنڊا مان گرم مفلر، ٽوپ، اوور ڪوٽ، لانگ جون، جوراب ۽ دستانا خريد ڪري نڪرن. اهي شيون ڪراچيءَ ۾ مهانگيون مهانگيون ته به يورپ جي مقابلي ۾ ڦلن مٺ آهن.
اسان جڏهن ننڍا هئاسين يعني 1950 ۽ 1960 واري ڏهاڪي تائين ته ان وقت لَنڊا جي ڪپڙن جو مطلب انگريزن جا پاتل ۽ پراڻا ڪپڙا هوندا هئا پر هاڻ آچر بازارين ۽ لنڊا مارڪيٽن ۾ نوان، اوچا ۽ برانڊيڊ ڪپڙا ملن ٿا. جپان، هانگ ڪانگ ۽ يورپ جي ملڪن ۾ زمين گهٽ هجڻ ڪري دڪانن توڙي گدامن جي ڳري قيمت ٿئي ٿي. انهن امير ملڪن جا دڪاندار سيارو ختم ٿيڻ سان دڪان گرم ڪپڙن کان خالي ڪري اونهاري جا رکڻ ڪارڻ هو گرم ڪپڙا ڪڍيو ڇڏين. آئون سئيڊن ۽ جپان وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته پوءِ پٺاڻ ۽ افغاني ڀائر اوڻي پوڻي ۾ سڄي دڪان جو سامان خريد ڪري ڪنٽينر ذريعي پنهنجي ملڪن پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش ڏي موڪلين ٿا ۽ اهو سامان جڏهن اسان جهازن ۾ کڻي اچون ٿا ته هو اتي ئي پورٽ اٿارٽيز وارا ان جي سخت فيوميگيشن (جراثيم ڪش دوا جو ڦوهارو هڻي) ڪري موڪلين ٿا. سو توهان کي اهو وهم هرگز نه هجڻ کپي ته لنڊا جو سڀ سامان گورن جو لاٿل پاٿل ۽ جراثيمن وارو ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ توهانجو ڏتومل درزي جيڪو توهان جي سٿڻ قميص چَڏن ۾ رکي سبي ٿو يا جنهن جي مٿان سڄو ڏينهن ويٺو آهي ۽ پوءِ توهان کي استري ڪري ڏئي ٿو اهي ڪپڙا وڌيڪ جراثيمن سان ڀريل ٿي سگهن ٿا.
انڊيا جي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن ڪراچيءَ جي آچر بازار مان ورتل پنجاه پنجاه رپئي جا ٻه سينٽ مائيڪل ڪمپني جا نوان ڪوٽ سئو رپيا ڏئي استري ڪرائي پوني کڻي ويو هوس جتي ٿڌڪار هئي. پوني کان ممبئي موٽڻ مهل اهي ڪوٽ اتي جي ڊرائيور ۽ روم بئاءِ کي ڏئي آيس. منهنجي ميزبان کي پوءِ خبر پئي ته يڪدم ممبئي فون ڪري مونکان پڪ ڪئي ته آيا اهي ڪوٽ آئون پنهنجي مرضيءَ سان ڏئي آيو آهيان يا نه. منهنجي ’ها‘ چوڻ تي هو پڪ سوچيندو هوندو ته غريب ماستر جي دل وڏي آهي. هن کي اها ڪهڙي خبر ته قميص يا پينٽ جي ڌئارڻي پنجاه رپين کان بچڻ لاءِ ميرا ٿيل ڪپڙا ان ڪري اڇلائيندو وڃان جو اهي قميصون ۽ ڪارگو پتلونون مون ڪراچي جي آچر بازار مان ٽيهين ٽيهين رپئي ورتيون هيون. يعني هيءَ 8 سال کن اڳ جي ڳالهه آهي. اڄ ڪلهه اهي سئو سئو رپئي وڪامندي نظر اچن ٿيون ۽ ڪوٽ 300 رپئي آهي. سو سائين سفر دوران ڪپڙن ۽ هوٽل جي ڪمرن کي نه ڏسو. پنهنجي صحت جو خيال ڪريو ۽ ڌارين ڌرتين جو چڱي طرح سير ڪريو.
هتي ٻاهر نڪرندڙن جي ڌيان تي اها ڳالهه به آڻيندس ته وڏي عمر يا بيماري جي حالت ۾ ڪڏهن به ڌارئين ملڪ ۾ نه وڃو. ها البت اتي جيڪڏهن توهانجو پٽ، ڀاءُ يا ڀائٽي جهڙو ويجهو مائٽ يا گهاٽو دوست رهي ٿو ۽ هو سٺي نوڪريءَ ۾ آهي يا امير بزنس مين آهي ۽ هو توهان جو بار کڻي ٿو ته پوءِ ٺيڪ آهي نه ته هوئي توهان کي هن وٽ اچڻ لاءِ منع ڪندو. ڇو جو پرديس ۾ علاج ڏاڍو مهانگو آهي. ويندي اسانجا اهي ماڻهو جن کي آمريڪا جو پاسپورٽ آهي پر ڪا وڏي نوڪري ناهي، وڏي آپريشن لاءِ هوائي جهاز جو خرچ ڪري پاڪستان يا انڊيا جي اسپتال ۾ داخلا وٺن ٿا جو هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڀرڻ بعد به آمريڪا کان گهٽ خرچ اچي ٿو. ان ڪري بنا انشورنس واري سياح کي کپي ته آمريڪا، يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ هرگز نه وڃي پر اتي وڃڻ بعد اهڙيڪا وڏي بيماري ٿي پئي ته يڪدم پنهنجي ملڪ موٽي اچي. هونءَ به بهتر اهو آهي ته سفر جي انشورنس ڪرائجي جيئن پرديس ۾ بيمار ٿيڻ جو ڳرو خرچ انشورنس ڪمپني ڀري. پر سوال آهي ته فقط هفتو ٻه يا مهيني جي سفري انشورنس ڪا سستي ته نه آهي. هوائي جهاز جي ٽڪيٽ جيتري مهانگي ٿئي ٿي. ان ڪري وڏي عمر وارو ٻاهر نه نڪري ته بهتر آهي ڇو جو هن لاءِ سفر جي دٻ سهڻ آسان ڪم ناهي. پوءِ هو پاڻ لاءِ توڙي سنگت لاءِ پرابلم ٿيو پوي. مزي جي ڳالهه .... مزي جي ڳالهه ته نه پر حيرت جي ڳالهه اها جو شبير شر جهڙو هڪ قابل وڪيل ۽ سمجهدار ماڻهو گهران ئي هڪ پوڙهو دوست، سو به سخت بيمار، پاڻ سان کڻي اتر قطب جي سئيڊن، ڊئنمارڪ جهڙن ٿڌن ملڪن ڏي نڪتو آهي. هن سفر جو نالو سير سپاٽو ته نه ٿيو پر ”Mission Impossible“ ٿيو. پر جي ڪو اهڙو ماڻهو هلڻ لاءِ زور ڀري ٿو ته هن کي سمجهائجي ته بابا موت کان اڳ مرڻ جا ٻيا به ته بهتر ۽ آسان طريقا آهن. پرديس ۾ مرندي مرندي پنهنجن ساٿين کي ته پريشان نه ڪريو.
ماڻهو ان کان به پوڙهن ۽ معذورن کي وٺي پاڻ سان هلن ٿا پر حج جي سفر تي ...... جتي سفر جا ساٿي ثواب ڪمائڻ جي جذبي سان دل سان خدمت ڪن ٿا ۽ اهو پوڙهو مريو به وڃي ته ان کان وڏي خوش نصيبي هن لاءِ ڇا چئبي، ته هو ڀلي پٽ تي دفن ٿي ويو. ان سفر ۾ بيمار ٿيڻ تي سعودي سرڪاري جي اسپتالن ۾ علاج به ٿئي ٿو ته دوا درمل به مفت ملي ٿي. مري وڃڻ تي سعودي عرب وارن کي دفن ڪرڻ لاءِ زمين به ڪشادي آهي. پر يارو! شل نه ڪنهن جو جپان، سنگاپور، آمريڪا يا يورپ جي ملڪ ۾ موت ٿئي. جيڪي اتي رهيا پيا آهن انهن جي ئي دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ ناهي ۽ جي لاش کي پنهنجي ملڪ آڻڻ چاهيو ٿا ته اهو هڪ ٻيو مشڪل ڪم آهي جنهن ۾ پئسي ڏوڪڙ جو خرچ هڪ طرف ته ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ جي مصيبت ٻئي طرف. آئون ته اهو چوندس ته شبير شر ۽ سندس سفر جي ساٿين کي کپي ته رب جو شڪر ڪن جو هو سڀ One Piece ۾ کلندا ڪڏندا موٽي آيا، نه ته جي سندن ساٿي اسپتال داخل ٿئي ها ته وڏو مسئلو پيدا ڪري ها. نه نه ته به سندن وڏي عمر وارو ساٿي هلڻ ۽ بسين ۾ چڙهڻ ۾ سستي ڪندو رهيو، ريل گاڏين ۾ الٽيون ڪندو هليو..... پر شاباش هجي اسانجي ليکڪ کي جو هر مشڪل کي مرڪندي منهن ڏيندو رهيو ۽ سفر جي ڏک جو ڳالهيون به سرڪس جي مسخري وانگر اسان کي وندرائڻ خاطر اسان لاءِ چرچائي انداز ۾ ويهي لکيون آهن. هن جتي ڪٿي هر شيءِ کي سمجهڻ ۽ Enjoy ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ اهو چاهي سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن کي سوشل فنڊ وٺڻ جو رواج هجي يا ريل گاڏين جو جهاز رستي سمنڊ ٽپڻ هجي. هن بيحد دلچسپ انداز ۾ هڪ هڪ ڳالهه لکي آهي. جيتوڻيڪ هن سفر ۾ هن جي سامهون فقط ڏاکڙا هئا.... خراب موسم (سخت سردي)، ڏورانهون ڏيهه جتي حلال کاڌي جو مسئلو هڪ طرف ته مهانگائي ٻئي طرف، پاڻ سان پنهنجو پٽ يا ڀائٽيو ڀاڻيجو کڻڻ بدران (جيڪو سفر ۾ هن جي خدمت ڪري)، هن پاڻ کان وڏي عمر جو ساٿي کنيو جنهن جو خيال رکڻ لاءِ هن کي هر وقت اڻ تڻ رهي ٿي، پر اهڙين حالتن ۾ به هن کلندي ڪڏندي سفر پورو ڪري اسان کي پڙهڻ لاءِ هڪ دلچسپ سفرنامو پيش ڪيو آهي. جپان ۾ ڇريءَ سان پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ کي عبادت سمجهيو وڃي ٿو. هي ڌرمي ڪم (هَراڪِري) ڪرڻ وارو پنهنجو پيٽ چيرڻ کان اڳ پنو ۽ برش (پين) گهرائي ڪا دلچسپ ڳالهه يا شعر لکندو آهي جيئن سندس سڃاڻا سندس موت بعد، سندس لکيل ڳالهه پڙهي محضوظ ٿين. آئون چوندو آهيان ته وڏي دل اٿن، وڏي همت اٿن جو هَراڪِري (Harakiri) ڪرڻ کان اڳ هنن جو دماغ شعر ٺاهڻ ۽ لکڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. اهو ئي ڪم شبير ڪيو آهي هراڪِري جهڙي سفر بعد خوب صورت سفرنامو لکيو آهي. ڄڻ ڦاهيءَ جي تختي تي بيهي ڪو رومانٽڪ گانو ڳائي. سوچيان ٿو ته هن ليکڪ کي جيڪڏهن ڪنهن سٺي موسم ۾، سٺن ملڪن جو سفر ڪرڻ جو موقعو ملي ها ته هو ته الائي ڇا لکي ها. وڪيل صاحب سخت مشغول ماڻهو آهي پر منهنجي کيس اها صلاح آهي ته هو هر سال هفتو موڪل ڪري پنهنجي نوجوان دوستن سان گڏ ايران وڃي ۽ ٻئي سال سري لنڪا يا نيپال وڃي، برما وڃي يا ويٽنام وڃي ۽ انهن سفرن جا الڳ الڳ سفرناما لکي.
ايئن به ناهي ته شبير شر جي هيءَ پهرين لکڻي آهي. انيڪ ڪالمن کان علاوه هن هڪ هندستان ۽ ايران جو سفرنامو پڻ لکيو آهي. ان حساب سان سندس هي ٻيو سفرنامو آهي. مون سندس پهريون سفرنامو پڙهيو ناهي پر اهو به ضرور دلچسپ هوندو جڏهن هن ههڙو ڏکيو سفر به کل خوشيءَ ۾ گذاريو ۽ ان جو احوال چرچائي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس ڪي ڪي جملا پڙهي کل اچي ٿي. جيئن پنهنجي زال کي هو ٽرئڪر سان منسوب ڪري ٿو. جيئن ٽرئڪر هڪ ڪار جي چرپر جي خبر رکي ٿو تيئن هو لکي ٿو ته هن جي گهر واري هن جي هر موومينٽ تي نظر رکي ٿي ته هو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، ڪٿي پهتو. لکي ٿو ته مان جهاز ۾ ئي هيس ته منهنجي ٽريڪر جو فون آيو. حسب معمول ڳڻتيءَ ۾ هئي....
استنبول جو چڪر ڏئي هوائي اڏي ۾ داخل ٿيڻ وقت سندس ساٿي پنهنجو بوٽ ۽ بيلٽ نٿو لاهي جنهن تي اتي بيٺل انچارج ڇوڪري پريشان ٿي وڃي ٿي ته ٻيا سڀ چڪاس خاطر جيڪي ڪن پيا اهو هي پاڪستاني نه پيو ڪري. ان تي شبير جي لکيل هيءَ ڳالهه واهه جي آهي ۽ سؤ سيڪڙو سچ ته اسان جا ماڻهو ٻين کي ڏسي به نٿا سکن. هو ترڪي جهڙي اسلامي ملڪ جي هوائي اڏي استنبول تي شراب جا دڪان ۽ مساج پارلرن ۾ عورتن کي ڏسي حيرت ٿو کائي ته ”هتي توڙي ملائيشيا ۽ دبئي جهڙن اسلامي ملڪن ۾ توڙي کڻي هي ڪم هلندا رهن ٿا پر ڪنهن به هنڌ اسلام کي خطرو نظر نٿو اچي. اهو ان ڪري جو اتي جي حڪومتن هن عمل کي فرد ۽ الله جي وچ جو مسئلو ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستان ۾ ملان حڪمران پاڻ خدا بڻجي ماڻهن جي مٿان قيامت نازل ڪن ٿا.“
روم پهچڻ سان جڏهن ليکڪ کي سندس واچ کي ٽي ڪلاڪ پٺيان ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته اٽليءَ جو وقت پاڪستان جي وقت کان پٺيان آهي ته هو طنز طور چوي ٿو ته ”هل سائين! ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ کڻي نه پر گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ اسان جو ملڪ يورپ کان اڳيان آهي!“
شبير شر جون هن سفرنامي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون آهن جيئن ته سئيڊن جي شهر اسٽاڪهوم ۾ ٽيهن سالن کان رهندڙ قادر جتوئي جي گهر ۾ رهڻ دوران سندس ساٿي غفار صديقي چيو ته مون کي جهنگ جو خيال ٿيو آهي. ان تي قادر چيو، ”ها. اسان ماڻهن کي ڪابه سائنسي شيءِ ايجاد ڪرڻ بدران جهنگ جو ئي خيال ايندو آهي. ڪابه ترقي يا تبديلي آڻڻ جو خيال ڪڏهن به نه ايندو آهي.“
شبير شر سئيڊن جي جن شهرن مالمو، اسٽاڪهوم، لُنڊ (Lund) ويو اتي توڙي فنلنڊ ۽ ڪوپن هيگن ڪنهن زماني ۾ منهنجي رهڻ ڪري انهن جو احوال پڙهي مونکي نوستلجيا محسوس ٿي رهي هئي ته اتي جي مارڪيٽن، اتي جي گهٽين، اتي جي بندرگاهن ۾ منهنجو ڏينهن رات هلڻ چلڻ هوندو هو. اسٽاڪهوم ۾ قادر جتوئي سان ملڻ ۽ ڪوپن هيگن ۾ اتي رهندڙ گنيش چند مينگهواڙ وٽ دعوت کائڻ سان هن کي يورپ جي برفاني موسم ۾ به سنڌ ياد اچي ٿي.
شبير جو ڪوپن هيگن ۾ لاهور جي هڪ مولويءَ جي دڪان تان دوائون وٺڻ جو احوال به دلچسپ آهي ته ٻين شين سان گڏ وڏي ڏاڙهيءَ وارو هي مولوي پنهنجي دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ وڪري لاءِ شراب جون بوتلون پڻ رکيو ويٺو هو. ”مون جڏهن مولوي صاحب کان پڇيو ته توهان شراب به وڪڻندا آهيو ڇا؟“ ته هن وراڻيو ته ”ٻين شين جي وڪري ۾ ايتري بچت ناهي. شراب جي وڪري ۾ڪافي بچت ٿئي ٿي.“ ۽ پوءِ لکي ٿو ته اصل ۾ جتي به مولوي جو مفاد ٿئي ٿو اتي اها شيءِ ناجائز مان جائز ٿيو وڃي.
وڪيل صاحب لاءِ هي هڪ نئون تجربو رهيو. هڪ ان قسم جو تجربو مون به پنهنجن اسڪئنڊينوين سفر نامن وارن ڪتابن ۾ هڪ عرب دڪاندار جو لکيو آهي جنهن پنهنجي دڪان ۾ سيڌي جي سامان سان گڏ سوئر جو گوشت ۽ شراب پڻ وڪيو ٿي. سئيڊن ۾ رهندڙ منهنجي يونيورسٽي جي اردني ۽ فلسطيني عرب شاگردن هن سان بائيڪاٽ ڪري ڇڏي هئي.
لاهور جي مٿين مولويءَ کان دوائون خريد ڪرڻ تان ڳالهه ياد آئي ته وڪيل صاحب جي جهوني ساٿي جنهن کي ڊائيبٽيز، بلڊ پريشر ۽ دم جهڙيون پراڻيون بيماريون هيون، ان جون دوائون ختم ٿي ويون هيون. هو انهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پڇائيندا پڇائيندا هن دڪان تي اچي نڪتا هئا.
دوائن جي کوٽ جي ڳالهه پڙهي هتي آئون دنيا جي سير تي يا حج تي نڪرڻ وارن سياحن / مسافرن / ٽوئرسٽن کي اها به صلاح ڏيندس ته هو گهران نڪرڻ مهل پاڻ سان ٻن قسمن جو دوائون ضرور کڻي نڪرن. هڪ اهي دوائون جيڪي ڊائبٽيز، بلڊ پريشر، ننڊ نه اچڻ جهڙين مستقل بيمارين لاءِ جيڪي هو هر روز کائين ٿا. جيڪڏهن هنن جو سفر ٻن هفتن جو آهي ته دوا چئن هفتن جون کڻن، ڇو جو متان هنن کي وڌيڪ رهڻو پئجي وڃي ۽ پرديس ۾ دوا حاصل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي. ٻي ڳالهه ته هو انهن دوائن جو اڌ بئگيج ۾ موڪلين ته اڌ پاڻ سان هٿ جي ٿيلهي ۾ رکن. ڇو جو منزل تي پهچڻ تي ڪيترن جو سامان گم ٿيو وڃي ۽ مسافر، خاص ڪري وقت تي دوا نه ملڻ تي پريشان ٿيو وڃن. ان ڪري ان قسم جون روزمره جي کائڻ جون دوائون پئسن ۽ پاسپورٽ وانگر پاڻ سان رکجن. انهن دوائن کان علاوه بخار، مٿي جي سور، پيٽ جي سور، ٿڌ زڪام، دست گهمري جهڙين ببيمارين جون دوائون پڻ پاڻ سان کڻجن. جيئن جيسين ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پهچجي تيسين پنهنجي آندل دوا مان فائدو ٿي وڃي. پر انهن دوائن کڻڻ بابت ڪنهن ڊاڪٽر کان ليٽر لکرائي گهران نڪرجو ته توهان کي انهن دوائن جي ضرورت آهي. ڇو جو ڪيترن ايئرپورٽن تي ڊاڪٽر جي ليٽر بنا پاڻ سان دوائون آڻڻ جي منع آهي.
منهنجي خيال ۾ منهنجو مهاڳ ڪجهه وڏو ئي ٿي ويو آهي. ان ڪري پنهنجين نصيحتن کي اتي بند ٿو ڪريان جيئن هن ڪتاب جا خريدار شبير شر صاحب جون ولايت بابت دلچسپ ڳالهيون پڙهي سگهن. ۽ ساڳي وقت شبير کي مبارڪ ٿو ڏيان بهترين سفرنامو لکڻ جي ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمئن ٿيڻ جي جنهن اعزاز جي خبر مون هي مهاڳ لکڻ دوران اخبار ۾ پڙهيم.