پنهنجي پاران
ڪهاڻي جا انيڪ روپ آهن، جيڪا شڪل ته مٽائي ٿي پر ختم نه ٿي ٿئي. هڪ اها ڪهاڻي آهي، جيڪا لکت ۾ اظهاري ويئي آهي، ٻي زبان سان ٻُڌائي ويئي آهي ۽ ٽيئن اها ڪهاڻي آهي، جيڪا ”راز“ ٿي پنهنجو انت آڻي چڪي آهي. ھر گھر ڪھاڻي آھي. ھر شخص ڪھاڻي آھي. بي شمار ڪھاڻيون آهن، ماڻهو ٿڪي ٽٽي ننڊ ۾ پناهه ڳوليندو آهي، پر ڪهاڻي مسلسل اُڻجي رهي آهي بنا ڪنهن ساهي جي، بنا ڪنهن ننڊ جي. تنهنڪري ڪهاڻي جا انيڪ رنگ آهن، بي شمار گهاڙيٽا آهن، رخ ۽ مهانڊا آهن، ڪهاڻي جي به هڪ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي جي هڪ زمين آهي، آسمان آهي ۽ ڪهاڻي جو هڪ سمنڊ اهي ۽ ڪهاڻيڪار هڪ ماهيگير آهي، جنهن جي ڄار ۾ ڪهاڻين جا پلو مڇي جهڙا منفرد ڪڻا جهلجي پوندا آھن.
ڪھاڻي احساسن جي، ڪيفيتن جي، وارتائن جي احساساتي ريڪارڊنگ آھي. سماج ڪھاڻين جو ڪارخانو آھي. جيتري ڪھاڻي جي پئداوار آھي، اوترو اھا لکجي، محفوظ نه ٿي رھي آھي. نتيجي ۾ اڻ اظھاريل، اڻ ٻڌايل ئي رھي ٿي. ڪھاڻي جو وھڪرو بليڪ ھول جي ڪُن جيان مسلسل پئداواري صورت ۾ رھي ٿو. بي شمار ڪھاڻيون اندر جي مُقام ۾ مدفن ٿيل آھن. جيڪي ڪڏھن ڪڏھن اڀار کائي ڳوڙھن جي صورت ۾ اکين مان وھي اينديون آھن.
لکڻ منھنجي لاءِ عبادت جھڙو آھي. ڇو ته لکڻ مھل اڪثر ماڻھو نرم ٿي وڃي ٿو،انسان ٿي سوچي ٿو، ان منجهه احساس پئدا ٿئي ٿو. ليکڪ گوناگون ڪيفيتي،احساساتي لقائن جو مشاھدو ماڻي ٿو. لکڻ جو عمل لکندڙ ۾ نرمي پئدا ڪري ٿو. ماڻھو پنھنجي ڪردارن ۾ پيوست ٿي نه فقط پيڙاءُ جي ڪيفيت مان گذري ٿو، پر لکندي ست رنگي ڪيفيتن جي وجهه ۾ رھي ٿو، ھو ڪنھن مھل جذباتي ٿئي ٿو، ڪنھن مھل نراش،اداس،خوش،۽ ڪنھن مھل روئي ٿو ويھي.مان ٽوٻي، سرلان، ڦاٽڪ، پٿرائجي ويل انسان، ٿري ٻارن، پنھنجي مزدور ڪردارن ۽ ڪوڏو تي لکڻ مھل رنو آھيان. مان پنھنجي سڀني ڪردارن ۾ پاڻ کي لاھي ڏٺو آھي. منھنجي ڪھاڻي اڪثر ڪنھن جي ڪھاڻي آھي. فنيءَ طور مون ڪھاڻي جا سڀ تفصيل ڪھاڻي ۾ بين المتن (Inter-textuality)ٽيڪنيڪ اپنائيندي اظھاري ڇڏيا آھن. منھنجي ڪھاڻي جو ھڪ حصو(Textual متن ) ۾ آھي؛ ته ٽي حصا اڻ لکيل ھوندي ڪھاڻي ۾ موجود آھن انڪري، انھن جي محسوسات تائين پڙھندڙ يقينن پھچندو. مان لفاظي بدران اختصارپڻيءَ ۾ احساساتي ڳَر سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڪجهه ڪھاڻين کي نه چاھيندي به طوالت کان بچائي نه سگھيو آھيان. ٻولي جي حوالي سان مان پنهنجي علائقي جي ٻولي جي لهجي کي به استعمال هيٺ آندو آهي.
منھنجي ڪھاڻين ۾ ڊاٽس.(............)ڪي ڪوڊ آھن شايد،يا ڪي منھنجا احساس، جيڪي پڙھندڙ ئي ڊي ڪوڊ ڪري سگھندا. مان پنھنجي ڪھاڻي کي فطري طور آزاد رکي پنھنجي انداز سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مان پنھنجي ڪھاڻين تي تحقيق به ڪئي آھي. مان پنھنجي ٽارگيٽيڊ ڪردارن کان انٽرويو به ڪيا آھن، انھن سان ڪچھري به ڪئي آھي. منھنجيون ڪھاڻيون منھنجي ڪردارن ۽ سماجي اڻبرابرين، ڏاڍ، استحصال سان تعزيت آھن. يقينن منھنجي ڪوشش آھي. مڪملتا ڪڏھن ٿيڻي ئي ڪونھي. بس ھڪ مزاحمت آھي، ڪو مقصد آھي، ڪا دانھن يا ڪو احتجاج آھي؛ جيڪو مون ريڪارڊ ڪرايو آھي. لکڻ جي ماڻھو ڪوشش ئي ڪندو آھي، لکي ڪٿي سگھندو آھي، مان به فقط ڪوشش ئي ڪئي آھي.
مان لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان 'گل ڦل' ۽ ٻيا ٻاراڻا رسالا پڙھي ڪئي.پر ادب طرف لاڙو ٻالڪپڻيءَ کان ھو.پرائمري جا پنج درجا پنھنجي ڳوٺ سانڪو (عبدالله راڄڙي)جي اسڪول مان پڙھي ڇھين ڪلاس ۾ گورنمينٽ پرونشلائيزڊ ھاءِ اسڪول ڏھرڪي ۾ داخل ٿيس ته رسيس مھل چاچي عبدالڪريم جي بڪ اسٽور ۽ غفار بڪ ڊپو تي ھليو ويندو ھيس،جتي چاچو حقو ڇڪي رھيو ھوندو ھو ۽ سامھون ٽيبل تي ڪتاب پيل ھوندا ھئا.پر پئسن جي اڻاٺ سبب ھڪ رپئي،يا ڏيڊ رپئي ۾ ملندڙ ننڍڙا ڪتاب عمرو يار ۽ ٽارزن جي ڪھاڻين وارا ڪتاب وٺي سگھندا ھئاسين، اسڪول ۾ ٽي ادبي استاد مليا، سائين عبدالقدير ڪانڃون جيڪو اسانکي ڪلاس ۾ پنھنجي فوٽو ڪاپي ٿيل ڪھاڻين جي ڪتاب مان سماجي، اصلاحي ڪھاڻيون پڙھي ٻڌائيندو ھو،سائين عبدالرزاق ڊکڻ جيڪو ادبي ڳالھيون ڪندو رھندو ھو،ٽيون استاد جميل سومرو جنھن کان متاثر ٿيس. ايئن سائين عبدالمجيد ڪانڃون صاحب، سائين گل حسن ڪولاچي جو شفقت ڀريو ورتاءُ اڄ ڏينھن تائين نه وسريو آھي. پرائمري جي استادن سائين نظر محمد ڏھر، استاد حاڪم علي راڄڙي، غلام فريد راڄڙي، لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سائين مڪيش ڪمار منڌاڻ، سائين ذوالفقار شاھ، سيد ظفر شاھ، ميڊم شميم گھمرو، سائين ممتاز مري، سائين حسن شيخ، غلام مصطفي مشوري، عبدالرشيد سومرو، حسن بخاري، انصاري صاحب، جھڙا استاد پئدا ٿيڻ ۽ منھنجو انھن وٽ پڙھڻ منھنجي لاءِ اعزاز آھي.
واقعي، مبارڪ صاحب چواڻي مان پاڻ به ھڪ ڪھاڻي آھيان. مان غربت کي تمام ويجھو کان ڏٺو آھي. مونکي فخر آھي ته مان ان پيءُ جو پٽ آھيان، جنھن جا ھڏا ننڍي ھوندي کان ھر ھلائڻ سبب مُڙيل آھن. منھنجو عظيم بابا، جنھن وٽ داستان آھن ته محنتن جا، مشئقتن جا، جيڪو مونکي ڪلھي تي ٻني ءَ تي کڻي ويندو ھو، ۽ ڏاندن ۾ ھر جوٽي زمين کيڙيندو ويندو ھو ۽ ڏاندن جي جوڙي کي سڄي، کٻي جون ھدايتون به ڏيندو ويندو ھوندو ھو ۽ ويجھو اچڻ تي: بس ھڪ جاٽ ڏيئي گھر ھلڻ جون تسليون به. منھنجا پورھيت بابا منھنجو ھي ننڍڙو پورھيو؛ تنھنجي اُتم پورھئي کي ارپيان ٿو.
مان انتھائي بي ڌياني، ويڳاڻائپ، اڻھوند کي به محسوس ڪيو آھي. ته بلاوجه شديد نفرتن، دشمنين کي به منھن ڏنو آھي. پر پنھنجي ورثيءَ ۾ مليل دشمنن سان به محبت، ھمدرديءَ، نيڪ نيتيءَ جو دامن ڪڏھن به نه ڇڏيو آھي نه ڇڏبو. الائي جي ڇو مونکي، مونسان انتھائن جي نفرت ڪندڙ ماڻھن تي رحم ايندو آھي، ته خوامخواهه ڪيڏي خفي ۾ آھن. ڪنھن ڏاھي چواڻي: اسان وٽ محبتن لاءِ به انتھائي محدود وقت آھي، ماڻھو نفرتن لاءِ الائي ڪٿان ٿا وقت ڪڍي اچن. شال اسان سڀ سک ڀرئي، پر امن، تعليم يافته، خوشحال، معاشي خودمختيار، مھذب سماج جي اڏاوت لاءِ پاڻ پتوڙيون. ۽ جيترو ٿي سگھي، ڪنھن جي ڪم اچون، ڪنھن جو ڀلو ڪيون. ڇو ته منفيت، نيت جي بدي، ٻيائيءَ، ٺڳيءَ، ڌوڪو، ٻهروپڻو پنڌ به ڪندو آھي ۽ ان کي اکيون به ٿينديون آھن، جيڪو آخرڪار ٻي ڪنھن نه اسانکي ئي ڳولي لھندو آھي. تنھنڪري، ڪر ڀلا، ھو ڀلا. منھنجي خاندان ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي ٻنھي پاسن کان پيڙھين کان وٺي شديد استحصال جو شڪار رھندو پئي آيو آھي. منھنجي ڏاڏي کان ان جي نه ڪيل گناھن عيوض نه فقط تيار ڪيل فصل کسيا ويا؛ پر ڳوٺ جي سوين ايڪڙ زمين مان به ان وقت جي وڏيرن خرد برد ڪري ان کي ھڪ ايڪڙ به نه کڻڻ ڏنو. انڪري ھو آخر تائين مفلسيءَ ۾ رھندي. پرائي رھڪي پوکي ڪندي ٻچا پاليندو رھيو. ساڳي ڪار منھنجي نانا بابا سان به ٿيندي رھي. نانا کي پٽ جو اولاد نه ھو انڪري، جڏھن مان ڄايس ته ڇھن مھينن جو مس ٿيم ته امان مونکي نانا کي بخشش ڪري ڏنو. انڪري ھن مھل تائين مان ان گھر ۾ رھان پيو. منھنجو نانا بابا بعد ۾ وڏي جدوجھد کانپوءِ پنھنجا حق وڙھي ورتا.
مان شايد ڪھاڻي طرف انڪري به آيس ڇو ته مون گھڻ رنگي استحصال کي به محسوس ڪيو، ٻيو مان ننڍپڻ کان وٺي ڪن لائي ٻڌڻ جو شوقين رھيو آھيان.مان استاد شھزادي ڇڄڻ ۽ عبدالرحيم سومري کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻڌو آھي. نانا بابا جي پڳ مٽ يار نانا رسول بخش ڏھر جي چورين جا پيرائتا ڪارنامه ھجن، يا مامي علي حسن ڏھر جا قصا، ڪُتن جي شوق جا داستان، تڏن، شادين، فيصلن، ڳوٺاڻن پوڙھن ماڻھن، حمل فقير شر، ملھار ٽانگي واري، مرحوم الله بچائي راڄڙي جھڙن سگھڙن، توڻي پوڙهي عورتن جي سگهڙ ڪچھرين، خاص طور ڏاڏيءَ جي گفتگو مان ٻولي گڏائيندو رھيو آھيان. ننڍي عمر کان منھنجي تحت الشعور ۾ ٻولي جا ڀنڊار سمايل آھن.انڪري،شايد مان نوجوان ھوندي پنھنجي ڪھاڻين ۾ پوڙھو ٿي ڳالھائيندو آھيان. منھنجي اڪثر ڪھاڻين جي ٻولي جينيئن ٻولي آھي. جيڪا مون ڪٿي نه ڪٿي ٻُڌي آھي.
منھنجي ذاتي ڪھاڻي کي منھنجي ڪنھن شاھڪار پينٽنگ جي نموني جھڙي نرلي واهه جي ڪنڌي تي اڏيل ڳوٺ سانڪو (عبدالله راڄڙي) جي گھٽين ۾ کيڏندڙ ٻار کان شروع ٿي، ليڪچرر ٿيڻ تائين منھنجي بي شمار دوستن، محترم استادن ۽ منھنجي ڀائرن پئي لکيو آھي. منھنجي وڏي ڀاءُ منير احمد قادري، عبدالشڪور جنھن منھنجي ننڍيءَ ڀاءُ ھوندي مونکي ننڍي ڀاءُ جيان پڙھايو، منھنجا تعليمي خرچ ڀريا، هميشه مون تي اعتماد ڪيو، بلڪه سموري خاندان جو ايئن ڀرجھلو ٿي بيٺو جيئن ڪو وڏو سياڻو ملاح ٽٽل ٻيڙي کي وڏي مھارت سان ڪناري تائين رسائيندو آھي. اسانجي خاندان ۾ اسانجو ھي ڀاءُ ڄڻ ھڪ ڀاءُ ٿي نه پر سموري خاندان جي حياتي پيو گذاري، سڀئي بار ان جي ڪلھن تي آھن الله سائين کيس وڏي حياتي عطا فرمائي، مقبول ڀاءُ جيڪو بابا جي ٻانھن جو ٻل آھي، عمران ننڍو ڀاءُ جنھن ھڪ ڏينھن شھدادپور مان منھنجي ڪھاڻي ڪاوش اخبار ۾ پڙھي ميسيج ڪيو ھو: ”ڀائو بھترين ڪھاڻي 50 رپئي جو نوبل انعام ايزي لوڊ ڪرايان ٿو“. يقين ڪيو، ڄڻ ته مونکي ايزي لوڊ جي صورت ۾ واقعي نوبل انعام مليو، هي ڀاءُ ۽ دوست ئي آھن، جيڪي مونسان منھنجي سنگين حالتن ۾ ڪلھو ڏيئي بيٺا آھن. پوءِ اھي جھيڙا ھجن، منھنجي ننڍڙي پري فائزه جي دل جي سرجري ھجي،فصل ٽٽڻ جا قرض ھجن، اسان ڀائرن ھڪ ٻي جو ساٿ ڏنو آھي. جڏھن ڪراچي ۾ پنھنجي پياري ڀائٽي رضوانه کي جناح اسپتال ۾ وڃي داخل ڪيوسين،جيڪا اسانکان وڇڙي ويئي،جيڪا هميشه اسانکي ياد رھندي... پر عبدالشڪور ڀاءُ انجي حياتي بچائڻ لاءِ پئسن جون ٿھيون کڻي آيو.حقيقت ۾ ھي ڪتاب پنھنجي سموري خاندان خاص طور ڀاڻيجن، ڀائٽن، بابا، امان، نانا، بابا، ڏاڏا، ڏاڏي، جيون ساٿي ۽ ڀينرن کي ارپيان ٿو، منھنجي ڪھاڻي ۾ منھنجي خاندان جو ڪردار رھيو آھي. ھڪ سيلف ميڊ ماڻھو، گھڻو تڻو اوڌر تي گذارو ڪندڙ،منھنجي لاءِ دنيا جو مشڪل ترين ڪم ڪنھن کان پئسا گھرڻ رھيو آھي؛ جيڪو مان ڪيو به تمام گھڻو آھي.شھر پھچڻ تائين ڪرايو به نه ھجڻ، پر تنھن ھوندي، سياست به ڪئي، ادب، اسٽيج ڊرامه نگاريءَ جتي استاد اورنگزيب ساگر، جاويد ڪانڃون، نديم شاهه، حسين مھر، معشوق چاچڙ، لطيف مھر، عزيز سومرو، احسان سومرو ۽ استاد جمال ڀٽو جھڙا دوست مليا، سوشل ورڪ کان ويندي، ليب ثيڪنيشن، پرائيويٽ اسڪول ٽيچنگ، ان ڪيترن ئي سالن جي جدوجھد ۾ منھنجي ڪھاڻي ڄڻ ته منھنجي دوستن ۽ استادن لکي آھي، مان سائين شھزادي ڇڄڻ صاحب کي ڪيئن ٿو وساري سگھان جيڪو منھنجو يارھين ڪلاس جو پرائيويٽ فارم وٺي آيو ۽ مان 1999 ۾ مئٽرڪ پاس ڪري تعليم کي خيرآباد چئي چڪو ھُيس،اھو فارم ڀرجڻ منھنجي حياتي جو يو ٽرن ھو،جو بعد ۾ مان شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمينٽ تائين پھتس ۽ اھا سائين شھزادي جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ھئي جنھن سي.ايس.ايس،پي. سي. ايس،جھڙا امتحان ڏياريا،منھنجي ڪھاڻي ۾ استاد شھزادي جو ڪردار مرڪزي رھيو آھي،جنھن نه فقط بنيادي برين واشنگ، شعور سازيءَ ڪئي، پر ڪردار سازي به ڪئي. انڪري، مان انھن کي ميرپور ماٿيلي جو سقراط چوندو آھيان. مان ڪيئن ٿو وساري سگھان زاھد ڀنگر کي جنھن مونکي پرائيويٽ اسڪول پڙھائڻ جي صلاح ڏني. ۽ منظور احمد لغاري صاحب جي اسڪول ۾ محترم تقي محمد شاھ ڏانھن موڪليو،جنھن اٿندي ئي انگريزي جي ٽيسٽ ۾ فيل ڪري وڌو ۽ سنڌي سٺي ھجڻ سبب سنڌي جو استاد ڪري رکيو، پوءِ انگريزيءَ سان دل لڳي...۽ ھڪ بھترين شريف النفس دوست به مليو. ۽ اتان عبدالشڪور ڪانڃون، واجد محمود، استاد عبدالقدوس، زاھد نائچ، حفيظ ٻنڀ، آصف ملڪ جھڙو درياءَ دل انسان، امجد چنه، حافظ فاروق سميجو، مشتاق لاشاري، ۽ ڪيترائي ٻيا بھترين دوست مليا.
عبدالرحيم سومرو اھڙو ڀائرن جھڙو دوست به مليو،جنھن مونکي بي شمار ڪتاب پڙھايا. ھيءُ اھڙو انسان آھي، آدرشي،نيڪ نيت،ايماندار، سڀ ڪنھن جي ھڪ جھڙي عزت ڪندڙ، بااخلاق، ذميوار، حساس، انسان دوست روح. مان عبدالرحيم سومري کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان قاصر آھيان.ھي اھڙو شخص آھي. جنھن ڪڏھن به ڪنھن جي لاءِ من ۾ مير نه رکيو ھوندو. ويتر استاد شھزادي جي صحبت. اسانجي سنگت ۾ استاد جي حيثيت رکندڙ. منھنجي ڪھاڻين جو بھترين نقاد، ۽ مونکي حوصلو ڏيندڙ ،ھڪ گمنام اديب.
منھنجي تربيت ۾ محترم محمد اسماعيل سميجو،ڊاڪٽر مظھر اسحاق آرائين،سياسي،سماجي شعور،ادبي شعور جي حوالي سان محترم ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب،استاد مفتون ڪورائي جيڪو منھنجو ادبي استاد، اتساھيندڙ ڪردار، پاڻ به اتساھ جي علامت، ڪچھرين جو ڪوڏيو، محفل جو مور، مان اڪثر چوندو آھيان. ھي ڪيترو حساس شخص آھي.فيض جي انقلابي نظمن کان ويندي ڀٽائي رح جي سٽن تي روئي ڏيندڙ، مان ھن شخص کي ڏٺو آھي ته ھن جي داد ھن جا ڳوڙھا ھوندا آھن. جڏھن به ڪا شاھڪار شاعري ٻڌندو،ڪنھن ظلم جو اظھار ٻڌندو،ڪو راڳي بھترين سُر وچان ڳائيندو،ڪا ڏک ڀري خبر پڙھندو،ٻڌندو،ھڪدم روئي ڏيندو! مان ھن جي شاعري کي ھن جي عبادت سمجھندو آھيان.مان پنھنجي نظماڻي ڪھاڻي آدرشي استاد مفتون کان متاثر ٿي لکي ھئي.اھڙن ماڻھن تي لکڻ ويھجي ته ڪتاب لکجي وڃن.
ان کانپوءِ استاد جميل سومرو،جنھن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏھرڪي ۾ مونکي ۽ رميش ڪمار بي ايم کي به رڳو ڪم ڪرڻ جو اسپيس ڏنو،پر اڳتي وڌڻ جو اعتماد به ڏنو.جيڪو اڄ ڏينھن تائين مختلف صورتن ۾ جاري آھي.استاد جميل صاحب مون سميت ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت پئي ڪئي آھي. ۽ ڪڏھن به ناھي ڳڻائي.مان سائين جي خداداد صلاحيتن، سندس ٻولي جي ائپروچ، شعور جي عملي صورت،۽ سنڌي ٻولي جي دسترس، شاعري کان بي حد متاثر رھيو آھيان. جميل صاحب ڪڏھن به پنھنجي ادبي حيثيت ڪيش ناھي ڪرائي. ھو غير محسوساتيءَ انداز سان نوجوان دوستن جي ادبي، علمي رھنمائي ۾ هميشه اڳيان رھيو آھي. ايئن محترم پريم پتافي، سائين حقنواز شيراز چانڊيو، جي ايم لاڙڪ، امر کھاوڙ، سائين مشتاق گبول، سائين اياز لطيف دايو، محترم عبدالروف پارس دايو، وجيش ڪمار، سائين سڪندر مگسي، سائين عبدالحئي ڀٽو، سڪندر اوڳاھي، مير احمد مير، طالب کوکر، غلام حسين سيال، عرفان لنڊ،گل لنڊ،دوست سومرو، فھيم گبول کان ويندي سموري سنڌ جي ادبي حلقي کان مون ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ پرايو آھي.
ان لمحي مان ڪيئن ٿو وساري سگھان پنھنجي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏھرڪي کي جنھن منھنجو ھي ڪتاب ڇپايو آھي. ۽ پياري فدا ملڪ کي جنھن هميشه مونکي پنھنجي ننڍي ڀاءُ جيان پيار ڏنو آھي. ۽ منھنجو ،منھنجي قد کان وڌ احترام ڪيو آھي.مونکي به ھُن لاءِ بي حد احترام رھيو آھي.ايئن ادبي سنگت ڏھرڪي جي سينيئر ساٿي سائين ملزم سومري لاءِ به بي حد احترام آھي. جي ايم لاڙڪ جنھن جي ادبي جنون کي ڏسي، اسان به اتساھ وٺندا آھيون.ٻين محترم دوستن ۾ منظور بيدار ڀٽو،حقنواز آڪاش ٻرڙو،سرمد مظھر، پيارو مسافر پتافي، غفار شيخ، باسط سومرو، سائين عبدالغفار ڊکڻ، سڪندر فراق لغاري جنھن سان ٻٽيهه دليون، غلام شبير لغاري، اشوڪ ڪمار بيڪس، پيارو عاشق راڄڙ جنھن جي لوڪ ڏاھپ، لاجيڪل ڊسڪشن مان پنھنجي ڪھاڻين جا موضوع ڳوليندو رھندو آھيان. ان جي ڪچھري مونکي گھڻو مواد ڏيئي ويندي آھي. نور احمد سومرو کان ته ڪافي پرايو، وڏي ڳالهه اھا ته انگريزي ليڪچررشپ جي انٽرويو جي تياري مھل ھفتو ان جي اوطاق تي رھيس.رات جو دير تائين گڏجي پڙھنداھياسين ۽ صبح جو نماز مھل اچي اٿائيندو ھو ۽ پڙھڻ لاءِ زور ڀريندو ھو،مان ھن دوست کان اڌاري ورتل ٿري پيس سوٽ ۾ انٽرويو ڏنو..ائين ئي ممتاز جلباڻي، سليم چنو، علي نواز نائچ، غلام نبي گبول، فرحان سومرو وري يونيورسٽيءَ جي آڻيون ۽ چاڙھيون دور جا اھڙا دوست رھيا...جنھن سان ڏنل سنگين حالتن ۾ ٽھڪ اڃان خيرپور جي فضائن ۾ گونجندا ھوندا.پرڀ داس پپو به ھڪ يگانو دوست،جنھن حالتن سان نه فقط مڙس ٿي منھن ڏنو آھي، پر پاڻ ملھائي ڏيکاريو آھي.ايئن ئي مجيب الرحمن راڄڙي. جنھن لاءِ فقط ايترو چوندس ته ھن ماڻھو سان اختلاف رکڻ لاءِ بلاوجه سبب ڳولڻا پوندا. انتھائي صابرين، مھذب ۽ ملائم طبعيت جو مالڪ. جنھن جي فطرت ۾ آھي ته فقط احساس ۽ محبت. پير بخش راڄڙي جنهن نانا بابا جي بيماري ۾ وڏي ڀاءُ جيان ساٿ نڀايو. استاد عبدالقادر چاچڙ جنهن قرآن پاڪ پڙهايو.
ھا،ان سڀني دوستن کان منفرد محبوب دوست کي ڪيئن ٿو وساري سگھان،جنھن منھنجي جيون ۾ رنگ ڀريا،مونکي اعتماد ڏنو،مون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايئن ڳالھائيندو ھو جيئن ڪو گڙنگ نقاد ڪنھن ڪتاب جي اکر اکر ۾ لھي وڃي.ان لاءِ فقط اردو جا ٻه شعر ئي ارپيندس:
ملنے لگتا ہے جب کسی کی رفاقت میں سکون،
پھر یوں ہوتا ہے! کہ وہ شخص بچھڑ جاتا ہے۔
*
تم نے کہا تھا آنکھ بھر کے دیکھ لیا کرو مجھے،
اب آنکھ تو بھر آتی ہے، پر تم نظر نہیں آتے۔
لک ٿورا محترم مشتاق گبول صاحب، مجيب اوٺي،مبارڪ صاحب،جميل سومرو صاحب،ملزم سومرو،فدا ملڪ،جي ايم لاڙڪ جنھن ڪتاب تي رايا ۽ بئڪ ٽائٽل لکي ڏنو.
انتھائي گھڻو مشڪور آھيان نامياري نقاد محترم خليق ٻگھيو صاحب جو جنھن دل ۽ روح سان منھنجي ڪتاب تي مفصل انداز ۾ لکيو.ٿورائتو پياري آصف رضا نظاماڻي جو جنھن خوبصورت ٽائٽل ٺاھي ڏنو.
۽ سمبارا پبليڪيشن جي سموري سٿ ۽ خاص طور محترم ساجد سنڌي جو جنھن ڪتاب اوھانجي ھٿن تائين پھچايو.
منھنجي فقط ھڪ ئي خواھش آھي ته اوھان منھنجو ڪتاب دل سان پڙھي پنھنجو رايو ضرور ڏيندا.
مھرباني.
محمد دين راڄڙي
ليڪچرر انگريزي گورنمينٽ
بوائز ڊگري ڪاليج، ڏهرڪي
03324177619