بودلو....
نه ڪنھن چيو؛
پوءِ اچين ڇو نه ٿو .........
نه اچڻ جي به ڪي سبب ٿين ٿا ...
خبر آ.... سُستي ٻيو ڇا.....
نه سڪ ته مونکي به الاھي لڳي آھي..... پر.....
پر ڇا......
سڀ ڳالھيون ٻڌائبيون نه آھن...ڪجهه ڳالھيون سمجھي وڃبيون آھن.......
اھو ته مان ڄاڻان ٿي......
پوءِ اجايو ضد ڇو ٿي ڪرين.....
پر، مان ھڪ ڀيرو توکي روبرو ٻڌڻ چاھيان ٿي.... جيئن گوتم ٻڌ جا ڀڪشو، گوتم کي ٻڌندا ھُئا، وڏي گيان سان، وڏي ڌيان سان..... جڏھن يونيورسٽيءَ ۾ توکي آخري دفعو ٻڌو ھئم..... پنھنجي عمر کان به وڏيون ڳالھيون ڪيون پئي تو.... گھڻو عرصو گذرڻ ڪري ڪجهه ڪجهه وسري ويو آھين.... مان توکي دھرائڻ ٿي چاھيان.... تنھنجي چھري جو سبق پڪو ڪرڻ ٿي چاھيان ....
وقت سان چھرا ڌنڌلائجي ويندا آھن..... ماڻھوءَ جون ترجيحات مٽبيون رھنديون آھن.... ماضيءَ ۾ جيئڻ وڏو عذاب آھي.......
پر توکي اچڻ ۾ رڪاوٽ آھي ڪھڙي.... ڪجهه ته خبر آھي.... ڪجهه ڄاڻڻ چاھيان ٿي... يه ايئن چئو کڻي ڊسمبر ۾ ايندس، ڊسمبر ۾ نکري پوندو آھيان، ڊسمبر ۾ منھنجو رنگ صاف ٿي ويندو آھي، ڊسمبر جي ڌُپ مزو ڏيندي آھي....
نه اھڙي ڳالهه نه آھي....
ھي ڳالهه به نه آھي،ھو به نه آھي ....
پوءِ ڳالهه آھي ڪھڙي جيڪا لڪائين ٿو....
اچي ڪيان ڇا؟
ڪھڙو تون اندر ۾ دٻايل، اڻ اظھاريل ڪيفيتن جو اظھار ڪنديئن....
پنھنجي وچ ۾ شايد ڪجهه به نه ھو.... شايد انڊراسٽينڊنگ ھئي، ڪلاسميٽنيس، دوستي... بس.... ان کان اڳتي ....
ڪي احساس جا رشتا به ته ھوندا آھن.... ڪي اڻپوريون خواھشون به ته ھونديون آھن، ماڻھو جي اندر جي ڪنھن اکيل ڪري ڏٺي آھي... ڪي دل مان نڪتل جملا نڙي جي پند تائين ٿڪي پوندا آھن؛ ڪي احساس جا وھڪرا زبان جي پٽ تي وگھري ويندا آھن؛ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو ڳالهه ڪرڻ ھڪڙي چاھيندو آھي، پر ڪري ٻي ويندو آھي. ڪيترين ئي ڳالھين جا ڳلا اسين گھٽي ڇڏيندا آھيون.... ڪي ڳالھيون ته تڪراري گھٽيءَ جيان هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيندا آھيون. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو ڪيچ جا پنڌ به ڪري ٿو وڃي ۽ ڪڏھن ڪڏھن جملن ۾ به سھڪي پوندو آھي ـ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ جملو چوڻ لاءِ سوين جملا ڳالھائڻا پوندا آھن ـ پوءِ به اھو جملو ادا نه ٿي سگھندو آھي.... يا ماڻھو چوڻ ئي ناھي چاھيندو.....
مطلب تون مونکان اعتراف ڪرائڻ ٿو چاھين....؟
ڇا جو اعتراف؟
ڇا ڪجهه شيون اڻ چيون سٺيون نه لڳنديون آھن..... شروع ڪري اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ ....
۽ ھا متان ايئن سمجھين ته تون منھنجي طلب ٿي پيو آھين...... ايئن بلڪل به ڪونھي....
ڀلي ايئن نه ھجي پر مان توکي سمجھي به ٻيھر سمجھڻ الائي جي ڇو ٿو چاھيان....
پر ڪجهه رشتا سمجهائي ناھن سگھبا ـ شايد انھن کي سمجھائڻ لاءِ اظھار جا، ٻولي جا گھاڙيٽا کٽي پوندا آھن ـ اھڙن رشتن کي محسوس ڪبو آھي، اھڙن رشتن جو احترام ڪبو آھي، اھڙي رشتن کي ملھائبو آھي.... سمجهه ۾ ئي ناھن ايندا... ڪڏھن ڪي معاملا، ڪي مسئلا، حياتي ڀر ڪجهه رشتن جيان اڻ سمجھا ئي رھندا آھن.....
انھن کي اڻ سمجھو ئي رھڻ ڏبو آھي...
ڪنھن به ڪتاب کي مڪمل سمجھي وٺبو؛ ته اھو ڪتاب ٻيھر ڪٿي پڙھبو....
مان ته توکي آھستي آھستي سمجھڻ ٿي چاھيان... مان ته توکي ڀٽائيءَ جي رسالي جيان حياتي ڀر ورد ڪرڻ ٿي چاھيان.... مان ته چاھيان ٿي ـ مون وٽان ھر شيءَ کُٽي وڃي.... پر تنھنجو سمجھڻ نه کُٽي....
جيئن تون ھر پيپر ڪرڻ کانپوءِ اڪثر عادتن چوندو ھئين. وڏي تياري ھئي.... ٽائيم گھٽ ھجڻ ڪري گھڻو ڪجهه رھجي ويو..... ھي رھجي ويو، ھو رھجي ويو.... رھجي وڃڻ سٺو ھوندو آھي سي ايس ايس پي.... جيئن ڪنھن جو ڪنھن وٽ رھجي وڃڻ ........
حياتي جي ننڍي وٿي ۾ گھڻو ڪجهه رھجي ئي ويندو آھي.....
پوءِ مان اچي ڇا ڪيان؟
مان اچي ھڪ بند ڪيل باب کي نه ٿو کولڻ چاھيان....
ڪڏھن ڪڏھن بي سبب به اچبو آھي. ڪيتري عرصي کان چوانءِ ٿي.... پر توکي ھر ڳالهه جو جواب کپي...... مونکي توسان ڪي راز عمر ڀر شيئر ناھن ڪرڻا.... الائي جي ڇو، مونکي ايئن لڳندو آھي، پاڻ گڏ پڙھڻ کان پھريئن به ڪٿي مليا آھيون... شايد مونکي وسري ويو آھي... مونکان اڪثر خوبصورت خواب جڏي شاگردن جيان وسري ويندا آھن.... مونکي ايئن ڇو لڳندو آھي ته تون منھنجو ئي ڪو وجود آھين..... پر مان مڃان نه ٿي... ڪي ماڻھوءَ توھان جي زندگي ۾ ايندا آھن... توھان جي شخصيت سنوارڻ، شخصيت ساز ماڻھو.. جيڪي توھانکي توھانجي شخصيت جو تعين ڪري ڏيندا آھن، توھانکي توھانجي معنيٰ ٻڌائيندا آھن...ته توھان ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون صلاحيتون آھن، توھانجي ھجڻ جو احساس ڏياري، توھانجي پنھنجي ذات جو شعور ڏيئي... چُپ چُپاتا، توھانجي زندگي مان پولارن جا پنڌ ڪري، نظر جي حد کان ترورا ترورا ٿي ـ اکين کان اوجھل ٿي ويندا آھن. توھان کان شين جيان ھٿ مان ڇڏائجي ويندا آھن. پوءِ ڳولئي ناھن لڀندا، اتفاق سان به نظر تي ناھن چڙھندا. جيئن سماعتون انھن جي آواز کان سڪي مرنديون آھن؛ تيئن اکين جا اوسيئڙا ويندا آھن وڌندا.... ڪي ويجھا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سُپرين....
ڪوهه ڄاڻان ڪھڙا پرين....
مطلب اڃان ان کي وساري نه سگھيو آھين نه....
نه بلڪل نه....
جيڪي ماڻھو ساھن ۾ سِبيل ھوندا آھن.... اھي ڪٿي وسرندا آھن....
پوءِ تنھنجي زندگي ۾ منھنجي ڪھڙي حيثيت آھي.....؟ سيڪنڊ چوائس.... مونکي ثانوي حيثيت قبول ناھي...
شايد، محبت ڪڻڪ جي ماني جيان ھوندي آھي، جنھن مان ڪڏھن به منھن ناھي ڀڄندو....
پر ڪي خال ماڻھو ھڪ حياتي جيتري تمام محدود وقت ۾ ڀري ناھي سگھندو.... سچ ته اھو آھي، ڪن ماڻھن جا خال ڀربا ئي ڪونھن.... انھن جي جڳهه ڪير به وٺي ناھي سگھندو... انھن جي جڳهه هميشه خالي رھندي آھي... ھا! اھا الڳ ڳالهه آھي ته ڪي تو جھڙا روح ان خلا کي ڀرڻ ايندا آھن..... آسيس ملندي آھي.... ڪن ماڻھن جي ڪي ھڪجھڙايون ھونديون آھن... ماڻھو سڪ لاھيندو آهي... گھاءُ ڀرڻ جي ڪوشش به ڪندو آھي... پر ھوندو پورائو آھي.. شايد ھا، شايد نه..... ھا ۽ نه جي وچ ۾....
پوءِ، منھنجو ڪھڙو ڏوھ....؟
منھنجا به ته ڪي خواب آھن... ڪي آئيڊيل آھن... خبر اٿي، سموري زندگي ماڻھو پنھنجي آئيڊيل جي تلاش ۾ ھوندو آھي. اھو ماڻھو به reserved ملي ته؛ من اٻاڻڪو ٿي پوندو آھي.... ماڻھو بي شمار آھن، پر ڳالهه روح ملڻ جي آھي... مان سمجھيو شايد مونکي آئيڊيل ملي ويو آھي... منھنجو مئچ... جنھن کي مون ٻه سال سمجھيو، سوچيو، ڪي خواب اُڻيا.... خبر اٿي سَمجھيل ماڻھو ڇڏڻ ڪيترا اوکا ھوندا آھن.....
پر تون ته منھنجي زندگي ۾ ليٽ آئي آھين..... ۽ چوندي ته پاڻ ھيائين ته مان تنھنجو پيار نه آھيان... مان تنھنجو ڪلاس ميٽ، وڌ کان وڌ سٺو دوست.... جنھن جي ھئي ته فقط انڊراسٽينڊنگ ....
پوءِ به مونکي سمجھائي سگھنديئن ته... جيڪو ھڪٻئي جا چھرا پڙھي وڃي، جيڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ چپ ويھي به گھڻو ڪجهه ڳالھائي وڃي... چاھيندي به، اوھان ان کي پنھنجي سوچ مان ڪڍي نه سگھو... ان کان پل به پري نه رھي سگھو... جنھن مان اکيون ڍوءَ ئي نه ڪن ... اچي ته خوشي محسوس ٿئي، وڃي ته اداسي... موڪلون ڪري ته، ميسيج ڪري اچڻ جو پڇجي.... ڪو ان جو نالو کڻي ته خوشي ٿيڻ باوجود، خوامخواهه ڪاوڙ جو اظھار ڪجي.... ڪنھن سوال پڇڻ تي جي ڪو رکو جواب ڏي ته ڪاوڙجي... حيرت واري نگاھن سان ڏسي ڪلاس ۾ وڃي اڪيلو ويھجي.... جي احساس ٿيڻ کانپوءِ پرچائڻ اچجي نه ـ منھن ٻي پاسي ڪري ڪجهه نه ڳالھائجي.... فقط ڀِت ڏانھن بي سود ڏسبو رھجي... آخرڪار ڪاوڙ ۾ ايترو چئجي ايترو مصروف آھين ته ٻي دفعي توسان ڊسڪس نه ڪبو.... بس ڳالهه ايتري نه...بس خوش....
۽ جڏھن ڪلاس ۾ آخري ڏينھن موڪلائڻ مھل چيم:
حياتي رھي ته ملبو......
تو چيو..... بس..... فقط ملبو......
ايتريون ڳالھيون ياد اٿئي....... نه.... بس چند ڳالھيون.....
مون ته ايم اي جي نصاب سان گڏ توکي به سٽ سٽ پڙھيو ھو، وڏي نفاست سان تنھنجا نوٽ ٺاھيا ھا... تنھنجا ڪھڙا آدرش آھن، توکي ڪھڙا ڪتاب لکڻا آھن، تنھنجي پسند، ناپسند، تنھنجيون ڪمزوريون.... نه گرمي برداشت، نه گھڻي سردي، سردي ايندي بيمار، گرمي جو ڪچو.... تنھنجو مرڪڻ.....
پر مان به توکان وڌ، توکي سڃاڻان.....
مونکي به تنھنجي بھادري سان، بي باڪي سان چاهه آھي.... انڪري ئي ان ڏينھن ۾ فيصلو ڪيو ھيم ته تنھنجي آنر، گريس، فقط تنھنجي محبوب جي امانت سمجھي توھان ٻنھي جي حياتي مان نڪري ويندس.....
توھان مونکي ٻڌائڻ ۾ الاھي دير ڪري ڇڏي..... ته تنھنجي من ۾ ڪو ٻيو آھي... ۽ توھان ان کي تر جيترو به وساري نه سگھيا آھيو..... ۽ نه وساري سگھندو....
ظاھر ڳالهه آھي؛ مان ان ماڻھو سان ڪيئن ٿي زندگي گذاري سگھان، جيڪو اڳواٽ ئي ورھايل آھي ـ ان پھريئن محبت ۾ جيڪا ڪنھن ٻي جي حياتي جو حصو ٿي چڪو آھي......
پوءِ به شايد ڪي گنجائشون نڪري اينديون آھن، تو جھڙا ماڻھو پوءِ به...... الائي جي ڪيئن ڪنھن جي من ۾ پنھنجو مقام ٺاھي وٺندا آھن.... شايد اھو انھن جي روين، اخلاق جو ڪمال ھوندو آھي..... انھن جي سچائيءَ جو نتيجو ھوندو آھي... ڇو ته اوھانجي زندگيءَ ۾ سچا ماڻھو به ايندا رھندا آھن....
يا توجھڙن ماڻھن جو ڪجهه بچي ويل پيار، جيڪو اسان جھڙن ماڻھن جي حصي ۾ ايندو آھي... مان فيصلو نه ٿي ڪري سگھان.... مان توکي چاھيو ھو، يا چاھت کان مبرا ٿي ڪو روح جو رشتو ڳنڍيو ھو. جنھن ۾ نه جنس جي لالچ ھئي. نه گڏ رھڻ جو خواب..... شايد اھو ٻيو ڪجهه ھو... جنھن کي شايد مان لفظن جو روپ نه ٿي ڏيئي سگھان..... تو جيان ليکڪ ھجان ھا ته متان بيان ڪري وڃان ھا..... پر سي.ايس.ايس.پي....ڪڏھن مھا اديب به ڪي احساس پنھنجي سموري صلاحيتن باوجود اظھارڻ کان عاري ھوندا آھن... جڏھن ٻولي کٽي پوندي آھي نه سي.ايس.ايس.پي ته ماڻھو روئي ڏيندا آھن.اداس ٿي ويندا آھن... چپ ڪري ويهي رهندا آهن.....
مان ته وري به........
پر شايد مان ان نتيجي تي پھچي سگھان ۽ پنھنجي رشتي کي ڪو نانءُ ڏيئي سگھان.....
تون ايڏي به سادي نه آھين.... ھا اھا الڳ ڳالهه آھي ته رٽائي آھين.... شين کي تهه تائين سمجھڻ چاھيندي آھين. انڪري تو Candida جي سماجي، روحاني پناهه چوائيس کي ساراھيو ھو ته عورت فقط محبوبه نه ھوندي آھي، اھا زال به آھي، ماءُ به آھي. انڪري، ان ۾ مامتا جو جذبو، محبوب واري جذبي تي اڪثر حاوي ھوندو آھي. شايد انڪري توکي Hamletجي محبوبه Ophilia سان ھمدردي ھوندي ھئي ته جڏھن عورت ٻن مقدس رشتن وچ ۾ چونڊ جي آزمائش ۾ پوندي آھي ته ھو ٻنھي سان برابري جو انصاف ڪري پاڻ جيون جي دستبرداري قبول ڪندي آھي. شايد تون Ophilia واري ڪامپليڪس ۾ ڦاسي پئي آھين. ڇو ته عورت جي درد کي تون ئي بخوبي سمجھي سگھين ٿي.... شايد انڪري توکيJan Austen جي ناول Pride & Prejudiceجي ھيروئين ۽ هِن جي ڀينرن کي مڙس ڳولڻ جي نمائش ۾ پيش ڪرڻ واري عمل تي اعتراض ھو ته عورت فطري طور سکيو گھر ته تلاش ڪندي آھي، پر روحاني سک به.....محفل ڇڏي اچڻ واري ھيروئن جي انا توکي ڪيڏي وڻي ھئي....
پر،بودلا مان ته توکي سڀني ڪردارن کان اتم ڏٺو آھي... اھڙو ڪردار، جنھن کي سموري حياتي اھو نه ٻڌائجي ته ھو ڪيتري مئچوئر آھي ـ ان ۾ ڪيتري فقيري آھي. ان ۾ ڪھڙيون صلاحيتون آھن. اھا پنھنجي سڀاءُ ۾ جوھر ۾ آھي ڇا؟
ماڻھن ۽ ڪتابن ۾ فرق ھوندو آھي سي.ايس.ايس.پي.... ڪتاب ھڪ دفعو لکبو آھي... ماڻھو روز لکجي رھيو ھوندو آھي.... مونکي تون ھڪ اينالائسز ۾ ڪيئن ٿو سھيڙي سگھين؟
ٻي ڳالهه ته،مان توکي ايڏو سيريس الائي جي ڇو نه ورتو ھو.....
مون کان وڌ.....
شايد........
مونکي اھا ئي تنھنجي ادا وڻندي آھي.... جو تون ڳالھين کي لفظن جي روپ ڏيڻ بجاءِ اکين سان اچاري ويندين آھين....
جڏھن سڀ خبر اٿئي ته پوءِ ڇو ٿو منھنجي واتان چورائين.....
واقعي ڪي واسطا ھوندا آھن ـ جيڪي حياتي ڀر بي نام رھندي به پنھنجو طعين ڪندا رھندا آھن..... ڪڏھن ڪڏھن ڪي شيون واقعي ئي ناھن سمجھي سگھبيون.... شايد ماڻھو، انھن کي سمجھڻ جي صلاحيت رکندي به سمجھڻ ناھي چاھيندو. شايد ڪي رشتا سمجھڻ کانپوءِ پنھنجي اھميت وڃائڻ شروع ڪندا آهن.... رشتن جو ٺھڻ ڪائناتي مظھر آھي ڪي ماڻھو اوھانجي سموري حياتي ۾ رھڻ کانپوءِ به توھانکي پنھنجو ناھن ڪري سگھندا..... جڏھن ته ڪي ماڻھو لمحن ۾ توھانکي پنھنجو ڪري وٺندا آھن ۽ سالن تائين پيا سمجھبا آھن. ڪن ماڻھن سان اوھان ڪي غير مشروط سمجھوتا ڪري حياتي زندگيءَ جو رڻ جھاڳيندا آھيو ۽ ڪي ماڻھو توھانجي حياتي ۾ نه ھجڻ باوجود اوھانجي روح ۾ ڪنھن بي گھر مسافر جيان ترسيل ھوندا آھن. توھان انھن کي ڪنھن ڀوائتي خواب جيان وسارڻ چاھيندا آھيون. پر ھو ڌنڌ پڄاڻان سج جيان اڀري ايندا آھن. اوھان ڪٿي انھن جو ذڪر ٻڌندا آھيو، ڪو انھن جو نالو کڻندو آھي... ته توھان جو ساهه ڀرجي ايندو آھي. من اساٽيل شام جھڙو ٿي پوندو آھي. منظر اوھانکي اوپرا لڳندا آھن. اوھان روئڻ چاھيندا آھيون، روئي نه سگھندا آھيون..... پر، اھڙن ماڻھن لاءِ ڪي اڻ لکا ڳوڙھا پاڻ ھُرتو نڪري ايندا آھن. اھي ڳوڙھا ئي ته ڪنھن کي پنھنجي مڪمل سچائين سان چاھڻ جي گواھي ھوندا آھن.. وڏي ڳالهه ته اھا آھي اوھان ڪي غم روئي نه ملھائي سگھندا آھيو نه ڪي خوشيون.... ۽ ڪيئي دفعا ته اھڙا ماڻھو سالن جا سال دل تان لھي ويندا آھن.... ڪي پل وسري ويندا آھن.... ماڻھو بي گُندرو ٿي پوندو آھي..... محبت کي وساري ويھندو آھي.ڪي زماني جون مصروفيتون، نوڪري، ٻار، گھر، آسائشون ڪي سمجھوتا.... پر پوءِ به اھي مور ماڻھو من جي ڪنھن ڪنڊ مان،ڪنھن روح جي جزيري مان،ڪنھن مختصر خواب وسيلي،ڪنھن ڊائري جي پنن ورائڻ سان،ڪنھن خوبصورت شام،ڪنھن جھڙياليءَ مھل اوھان جي ذھن جي پڌر تي نروار ٿي بيھندا آھن.ماڻھو کي پنھنجي ويساري تي ملامت ٿيندي آھي. بودلا!
ويسارا عارضي ٿيندا آھن. مستقل محبت ٿيندي آھي.
خبر اٿئي، هن سموري ڪائنات جو مرڪز محبت اٿئي.... اھي ماڻھو وڏا ڀاڳوند ھوندا آھن؛ جيڪي محبوب ماڻيندا آھن.
ڪاش! سي.ايس.ايس.پي. پاڻ پھريئن ملون ھا.... ته منھنجي نصيب ۾ ......
ڪھڙو نصيب.....
بقول تنھنجي مان ته..... پوءِ به بودلا! تو اسان جھڙي ماڻھن کي خبر ئي نه پوندي آھي.... ۽ ماڻھو لاشعوري طور ويندو آھي ڪنھن جي من ۾ لھندو...
توکي اھا ڳالهه ياد آھي... ھڪ ڏينھن ڪاريڊور جي ڀت تي ڪتاب سيني سان لڳائي اداس ويٺي ھُئين... مان امتحاني ڪمري مان اٿي اچي تنھنجي آڏو ايئن اچي بيٺو ھُيس، جيئن پُوڄاري بت آڏو بيھندا آھن......
الائي ڪھڙي حُجت ھُئي توسان.....
چيومانءِ .......
پيپر جو ٽائيم ٿي ويو آھي،ھتي ڇا ٿي ڪرين...
مان نه ڏيندم؛ تياري ناھي.....
توھان ڏيئي اچو....
پوءِ مان پھريون دفعو.....ھڪ منٽ لاءِ تنھنجي اکين ۾ ڏٺو ھو..... تُنھنجي تياري ھوندي آھي. پاڻ تي يقين نه ھوندو اٿئي، اٿي ھل پيپر ڏي.....
نه مان نه ڏيندم.....
پوءِ تياري ڪرين ھا نه،توکي ڪنھن روڪيو ھو......
اٿي به ھاڻي...... شاباش...... ٻڌي نه ٿي ..... ٽائيم وڃي ٿو.....
تون پوءِ به ويٺي رھي ھُئين....
مان چيو نه، تون ڪرين سگھين ٿي پيپر..... اٿي اٿي، شاباس....
..........
پوءِ ڀلا مان به نه ڏيندم پيپر.......
تون منھن خراب ڪري ڪلاس روم ۾ ھلي ويئي ھُئين......
۽ ھا.... جڏھن پريزنٽيشن گروپ جي اڳواڻ ٿي ھُئين مان حسب معمول ڪلاس مان absent ھُيس.... ته تون...گروپ جا سڀ ميمبر ڪنفرم ڪري ھڪ نالو خالي ڇڏي ڏنو ھو..... خبر اٿئي ھن سنسار ۾.. بيشمار ماڻھن... ايئن ڪيترائي نالا خالي ڇڏي ڏيندا آھن...... ڪڏھن ڪڏھن ڪي جايون خالي ڇڏبيون آھن... ڪڏھن ڪڏھن اھي خال ڀرڻ جي اميد تي حياتين جا ڪيئي سج لھي ويندا آھن.... انھي خالي پڻيءَ جا اوسيئڙا وارن ۾ چاندي آڻي ڇڏيندا آھن.... ان خالي پڻيءَ جو به پنھنجو درد آھي، پنھنجو رومانس آھي..... اِھي خالي پڻا به معني خيز لڳندا آھن.... انھن جا پنھنجا نَشا، پنھنجون ڪيفيتون، پنھنجون اُداسيون ھونديون آھن... پوءِ جڏھن مان به ڪلاس ۾ موٽي آيو ھئس.... ھڪ استاد توکي ڊائس تي سڏائي گروپ پورو ڪرڻ جو چيو ھو...... تون ھَٻڪي ھَٻڪي منھنجو نالو کنيو ھو ۽ ڪلاس ۾ ھوڪرا پئجي ويا ھئا..... ڄڻ ته پنھنجو coupleٺاھيندڙن کي پڪ ٿي ھئي..... انھن ھوڪرن، سيٽين، نعرن مھل مان تنھنجي چھري کي چتائي ڏٺو ھو...... تنھنجي ان بااعتماد تاثراتن کي لفظن جي اڻپورن انگوڙن ۾ ڪيئن ٿو لاھي سگھجي.......
ڪيتريون ڳالھيون ياد ڪري ڪيتريون ڳالھيون ياد ڪندين..... ماضي ۾ جيئڻ ڪيڏو نه مشڪل ٿئي ٿو سي.ايس.ايس.پي
شايد ڪي ماڻھو توھانجي زندگيءَ ۾ ايندا ئي مھمان ٿي آھن..... مھمان، مھمان ئي ھوندا آھن سي.ايس.ايس.پي.... مھمانن کي آخر ڪار ھڪ ڏينھن وڃڻو ھوندو آھي..... انھن کي ڪيترو ترسائبو...... ڪڏھن خوشي پڄاڻان اداسي کي محسوس ڪيو اٿئي.... عيد جي شام، شادي جي پُڄاڻي، ۽ ڪنھن ماڻھو جي موڪلاڻي...... ماڻھو ننڍڙو ٻار ھجي ته روئي ڪڍ لڳي پئي.....
واقعي بودلا!
ڪي ماڻھو من جا مھمان ھوندا آھن،اوھان جي روح ۾ انھن جون اوطاقون ھونديون آھن.... انھن ماڻھن بنان اڻپورو جيئڻ ھڪ احساس جو سفر شروع ڪندو آھي جيڪو سفر اندر کي رھڙيندو رھندو آھي. افسردگين جي ڪيفيت پئدا ڪري ننڊ مان ڇرڪ ڏياري اٿاري ويهاريندو آھي. پوءِ ماڻھو ڪنھن ٻي محبوب دوست، ڪتابن، جاب، ڪچھرين ۾ پناهه ڳوليندو آھي.....
پر بودلا! ڇا اھو ضروري آھي ته جنھن کي اوھان روح سان ياد ڪيو، اھو به اوھانکي ياد ڪندو ھوندو؟
شايد......
سي ايس ايس پي اھي ماڻھو ڪيڏا نه خوشنصيب ھوندا آھن، جيڪي اوھانجي زندگي ۾ پھريئن ايندا آھن، انھن سان ڪھڙي ريس..... ڪاش! مونکي به تو جھڙي روح جي رياضت قبول ٿئي ھا.... پاڻ تي ضابطو آڻيندي به توڏانھن تانگهه ٿيندي رھندي ھئي.... پر تو منھنجا سڀ رستا ھڪ ھڪ ڪري بند ڪري ڇڏيا...... تو جھڙي انسانن سان ماڻھو ڪيترائي سمجھوتا ڪري سگھي ٿو.... ڇو ته تنھنجا ڪي آدرش آھن.... ڪي مقدس خواب آھن.... تنھنجي پھريئن محبت به قبول؛ ڇو ته ان وقت مان تنھنجي زندگي ۾ نه آئي ھيس.... مان ڪيتري به ڪوشش ڪيان.... تنھنجي پھريئن پيار جي جڳه نه ٿي وٺي سگھان.... ڇو ته تون ان کي ھڪ پل به وسارڻ لاءِ تيار نه آھين...... تون شادي به ڪري ڇڏي .... ڪيڏو تڪڙو آھين سي. ايس. ايس. پي.... ھاڻي تون ٻڌائي ته منھنجي لاءِ ڪھڙي گھٽي بچي ٿي....... مونکي توکي گھڻو ڪجهه چوڻو ھو.... تنھنجي ذات تي ڄڻ ته مون ڪيئي ناول لکيا ھئا.... پر سڀ احساس تنھنجي پھريئن پيار کي ارپيان ٿي.... تنھنجي ٻارن کي ارپيان ٿي.... ائين به ڪي راز، ڪي من جا ڀيد، ڪي غم، ڪي خوشين، خواھشن جا ماڻھو جي اندر ۾ ئي مقام ھوندا آھن. تو جھڙا ماڻھو قسمت وارن کي ملندا آھن..... خبر ٿي نه ھڪ ماڻھو جا، ڌرتي جي ھن گولي تي محدود اختيار ھوندا آھن. ماڻھو چاھيندي به پنھنجا مَن ناھي ماڻي سگھندو.... ھا باقي اھو اعتراف ڪيان ٿي........ توسان ھڪ رشتو رھندو؛ پر مان ان کي ڪو عنوان نه ڏيئي سگھنديس... اھو انام رشتو ھوندو يا ڪا انڊراسٽينڊنگ آءِ ڊونٽ نو.... آءِ ڪانٽ ايڪسپريس ان ورڊس...... پر تون ڄاڻين ٿو منھنجو پيار ڪو ٻيو آھي..... جيئن تون ڪنھن سان سچو آھين، ايئن مان به...... ان رات فون تي جڏھن تون ٽاپڪ تي ڊسڪس ڪندي ڪندي اچانڪ پنھنجي سموري زندگي جو ڪتاب مون آڏو کولي رکيو ھو ته زندگي ۾ پھريون دفعو مان ڪنڀر جي ڪچي ٿانو جيان تنھنجي اعتراف جي پاڻي ۾ ڀُرندي رھي ھيس... نه چاھيندي به، تنھنجو سھارو نه سمجھي مان فراز ڏانھن مائل ٿي ويئي ھيس..... مان ڪيترائي ڀيرا توڏانھن واجھايو..... پر تنھنجي دل جي قلعي تي تنھنجو پھريون پيار قابض ڀائنيم..... مان ھر ڀيري ڀُري.... ٻيھر جڙندي رھيس.....
مان بار بار ڀرڻ نه ٿي چاھيان سي ايس ايس پي .....
مان تنھنجي شادي جي مٺائي کي ڪيتري وقت کان ھٿ ۾ گھڻي دير تائين رکي، توکان لڪائي ڪلاس جي دري مان اڇلائي ھئي.... پوءِ به احساس جا رشتا ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ زندھ رھندا آھن، جي حياتي ۾ ڪٿي آمھون سامھون ٿياسين به، ته در گذر ڪري ڇڏينداسين، ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏينداسين.... تون ايئن ضرور ڪجانءِ نالا مٽائي اھا ڪٿا لکندو رھجانءِ، ڇو ته اھڙين ڪھاڻين جا نه ڪڏھن انت ٿيندا آھن نه پڄاڻيون.....
....ھي سمورو جھان رشتن جو الجھي ويل سُٽ ئي ته آھي. جنھن ۾ تو مان جھڙا سوين، ھزارين، لکين ڌاڳا ھڪ ٻي کان ھٿ ڇڏائڻ جي باوجود، ھٿ ناھن ڇڏائي سگھيا..... مختلف ڳنڍن ۾، ھڪ ٻي کان پري، مختلف وڪڙن، وٽن، ۾ ويڙھيا پيا آھن.... سي. ايس. ايس پي...... احساسن جي واٽ جا ھزارين موڙ آھن،ھزارين چوراھا.... ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڪھڙي واٽ وٺجي.... احساسن جا رشتا نه ساڻا ٿيندا آھن نه ئي انھن کي اَڇا پوندا آھن...ڪنھن سچ چيو آھي ته موت ماڻھو کي ھڪدم نه پر ڪيئي دفعا ايندو رھندو آھي..... مان ھڪ ڏينھن ڪلاس ۾ ان ڏينھن به شايد مري ويئي ھيس؛ جڏھن توکي شادي جي بوسڪي واري وڳيءَ ۾ تنھنجي ميندي لڳل ريٽي ھٿن ۾ پنھنجي خواب کي ڳاڙھو رئو پارائي تحليل ڪري ڇڏيو ھيم....!!