ڪھاڻيون

مان انسان ٿيندس

محمد دين راڄڙي جي قلم مان سرجندڙ احساسن جي مهڪ من اندر تادير تاثير ڇڏڻ جي قوت سان سرشار ملي ٿي، سندس دلفريب ڪهاڻين جا ڪردار ۽ موضوع ظاهري طرح ته پنهنجي معاشري جا عڪاس آهن، پر مختصر ترين ڪهاڻين ۾ به هو سهڻي چترڪار جو روپ ڌاري پنن جي ڪئنواس جي لفظن جي موتين جا اهڙا ته نقش چٽيا آهن جو سندس معصوم سڀاءَ جيان لکڻين سان به پيار جي پالوٽ کي پسي سگهجي ٿو، ۽ يقينن انهن مان ڪي اڻ ڇهيا احساس پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪندي سڪ ۽ سوز جي رشتي سان پاڻمرادو ڳنڍي وٺن ٿا.
Title Cover of book مان انسان ٿيندس

جاڳر...

باهه جي مچ جي چوڌاري ڪي ماڻهو ڪانڀ ڪڍي ويٺا هئا ته ڪي پلٿي ماريون، گهر جي ڪشادي اڱڻ تي الغوزه جي سُريلي آواز تي ڪيترن ئي ائين پئي ڪنڌ لوڏيا جيئن هلڪي هوا ۾ سج مُکي جا ٻوٽا لوڏيندا آهن. آچر، جمعي جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته: ”ٿڌ ۾ آواز پري تائين ويندو آهي“. پاڙي جون پوڙهيون عورتون پنهنجي ڌيئرن، پٽن ، گهرن، جنن ڀوتن، بيروزگارين، تنگدستين، قسمت جي خرابين کانسواءِ الاهي ڪهڙا ڪهڙا سوال ذهن جي پلو ۾ ٻڌي اچي مڙيون، هڪ عورت ٻي عورت سان ڀُڻڪي ادي مڙهو گوڏن کان ويهي رهيو آهي. اکين کان به گهٻرو گهر ۾ هڪ نه ٻي ڇڏي ئي نٿي ...“ڪاٺي” کان “سوال” ڪندم ته ڪنهن دشمن تعويذ ته ناهن ڪرايا.... ادي مائٽن تي ڪهڙو ڀروسو.... ها ادي توبهه ڪيو... اڄ ڪلهه ته ماڻهو هروڀرو دشمني تي لهي ايندا آهن... الغوزه سان گڏهاڻي ڏارم ڀوپي سان گڏ آيل هڪ چيلي عورت ۽ “جوڙي” واري جوڙي جي به الغوزه سان سنگت ڪرائيندي سُريلي جوڙي وڃائڻ شروع ڪئي... باهه جي مچ جي سامهون... الهڏني جي جوان ڌي ملوڪان مٿي تي ڪپڙو وجهي، ڪنڌ زمين ۾ جُهڪائي تماشو بڻجي ويٺل هئي.... ملوڪان کي دماغي دورا پوندا هئا، ڊاڪٽرن ”هسٽيريا“ جي نشاندهي ڪري مسلسل علاج هلائڻ ۽ نياڻي جي جلد از جلد شادي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو هو...... ملوڪان جي سنڱ تي گوڙ هو....... ڳوٺ جي ماڻهن اچي الهڏني کي ٽپن تي کنيو... بابا ڊاڪٽرن کي ڀلا ”حساب“ جي ڪهڙي خبر... انهن کي ته رڳو ايندي آ سُئي هڻڻ .... پئسا ڦرڻ... ملوڪان جي ڪتاب ڪڍائي ... جي جنن جو اثر نه نڪري ته منهنجي ........ مُٽ سان ڪوڙجان پر سال.. پاروچن ۾ ڏارم ڀوپو پنجن، ڇهن ذائفن جي جنن کي ڪُٽي ناڙ ڪري اصل ڪُڪڙ ڪري ڪڍي ڏنائين .... ماين جو رنڀون هيون.... ڪُڪڙو ڪو ڪُڪڙو ڪو... ڪندا جن ويا ڀڄندا...
اڄ آخرڪار جاڳر جو بندوبست ڪري مچ ٻاريو ويو...جڏهن سڀ ماڻهو اچي مچ جي چوڌاري ويٺا... ته ڏارم ڏونگي مچ ۾ وجهندي ... تيل جي بوتل منهن تي چاڙهي... اڌ کن بوتل ڳڙڪائي.....جيئن ئي واندو ٿيو... ته سندس گڏ آيل مائي اٿي بيٺي ... بابا پيران پير جو پيٽو ڪڍو مچ جي چوڌاري پوءِ جيڪو ٻاهر جيڪو اندر.. ڏارم چوڙي جنن کي به گيسي ڪرائي ڇڏي ... وچ ۾ ڪير نه ڳالهائي ... جنهن مهل ”فقير“ خوشي ڪندو... پوءِ ڀلي جنهن جو جيڪو سوال هجي پُڇي... ائين چئي جئين ئي چيلي ويٺي.....
ڏارم پڙهائي شروع ڪئي.... ته الغوزه ۽ جوڙي واري فقيرن ساز بند ڪيا....الاهي ڇا جو ڇا پئي پڙهيائين.... آخر ۾ استادي، استاد جمعي فقير جي... چئي، ها بابا الله ڏنا... ڪيون الا توهار......
جي سائين؛
الغوزه ۽ جوڙي جي رون رون ٻيهر شروع ٿي ويئي.......
ها فقير ...... کُل ڪر، ڪهڙي قبيلي جو آن..... هندو آن مسلمان آن... ڪاٺيءَ جو ڪهڙو قصور آهي... ڪاٺي کي ڪٿان قابو ڪيو اٿئي.... خوشي ڪر فقير، خوشي ڪر، شڪ شرم نه ڪر.... ملوڪان مندر جي مورتي جيان بت بڻيل رهي....
ها فقير.... اڄ خوشي جو ڏينهن ٿي.... کُل ڪر... کيڏ.... ظاهر ٿي... ڪاٺي جي ڪيئن جان آجي ڪندين..... ڪهڙي پير کي مڃندو آن، ڪهڙي پير جو مريد آن .... جنهن درٻار تي چئو توکي چڪر لڳايون ... قلندر شهباز ، ڀٽائي، سچل سرمست، شاهه گاجي... حاجن شاهه حضوري... جنهن تي حڪم ڪر..... ملوڪان جي اکين احتجاج ڪندي نير وهائڻ شروع ڪيا....
عورتن ۾ سُس پُس شروع ٿي....... چوڙو جن آ.... جان گُهٽي کڙو ٿس.... مشڪل کيڏي ... ظاهر ڪون ٿيندو ..... نه نه کيڏندو....
ڏارم: اڙي تلهڙ کڻي ڏيو آ مونکي... لڳي ٿو ”فقير“ پيار ۾ نه مڃيندو.
ها فقير ڪر بسم الله
الغوزه ۽ جوڙي واري فقيرن سازن تي زور ڏنو....
ملوڪان ڍنڍڪار ڏيئي روئڻ شروع ڪيو.... ملوڪان جي ماءُ جي دل جو کڙڪو وڌي ويو....
ڏارم ملوڪان جي پٺي تي لڪڙن جو وسڪارو لائي ڏنو.....
معصوم نياڻي جون جيڏيون دانهون هيون اوتريون نڪري ويون.... جي مرد هجي ها ته ڀڄي وڃي ها.....
ملوڪان جو پيءَ چاهيندي به ڀوپي جو هٿ روڪي نه سگهيو.....
هڪ مائٽ ڪن ۾ چيس: الهڏنا متان ڪجهه چئين ڏارم جلالي ۾ آ..... هي ڪاري جادو ۽ چلن جي ڪڙيل ڀوپن جي آهه هڪ هڪاڻ هوندي آ.... “حساب” سڌي نه ڪندو ته سختي ٿيندي....جهٽ گهڙي دل جهلي ويهه... فقير زبان کول... نه ته مون ديو قابو ڪيا آهن.
هڪ مائي ڳالهايو.... ابا (ڪاٺي) کان پڇو ته سَهي فقير آ، ڪي ملوڪان آ........... مار مهل جن ڪاٺي جي جان مان نڪري ويندا آهن....
مائي تون چپ ڪري ويهه .... مان سڀ مَڪر سُڃاڻان ٿو..... اڙي وجهو شِيخ باهه ۾، جنهن مهل تپي ڳاڙهي ٿئي ته ڏيانس ٿو ڏنڀ، ڏنڀ جو نالو ٻڌندي ئي ملوڪان جا ڇرڪ نڪري ويا...
شيخ باهه ۾ وڌي ويئي.....
ڏارم، ملوڪان جي وارن ۾ هٿ وجهي.... وار ڇڪڻ لڳو....
هڪ مائي، ٻي کي ”چوٽ پڪڙي ٿس“... چوڙها جن به چوٽ جا ڪولا هوندا آهن....
ڏارم ملوڪان جي وارن کان وٺي ڌنڌوڙي ٿو.......
سڌي ڪندين يا نه.... کُل ، ڳالهائي ته ڪاٺي جي جان مان ڪيئن نڪرندين.....؟
ملوڪان رڙيون ڪري روئڻ لڳي.... منهنجي جان ڇڏيو..... مان ملوڪان آهيان..... خدا جي واسطي منهنجي جان ڇڏيو.....
وري مَڪر.....
ڏارم ٻي هٿ سان ... ملوڪان جي پٺي تي لڪڙ وسائي ٿو......
اڙي ڪڍي ڏيو آن شيخ .... ته ڏيانس ڏنڀ......
ملوڪان جي بت مان خوف وچان سرڙيٽون نڪري ٿيون وڃن......
ملوڪان ڏارم کان ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪندي آهي ته پويان ويٺل مرد پڪڙي ويهاري ٿا ڇڏينس.... ملوڪان...... رڙيون، دانهون ڪري چئي ٿي ته مون کي جن نه آهن مان... هاڻي ٺيڪ آهيان....
مونکي ڪا بيماري ناهي..... خدا جي واسطي مونکي ڇڏيو
ڏارم جيئن ئي باهه ۾ ڳاڙهي ٿيل شِيخ هٿ ۾ کڻي ٿو.... ملوڪان..... اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي ... بوکلائجي ٿي وڃي... پنهنجا سڀ مائٽ، ماءُ، پيءُ عورتن کي دشمن سمجهي ٿي.... اهڙي ذلت، ۽ پيڙاءُ کان بيزار ٿي.. سڀني جا هٿ ڇڏائي.... باهه جي وڏي مچ ۾ منهن ڀر وڃي ڪري ٿي سڀ اُٿي پون ٿا... اڙي ڇوڪري کي کڻو باهه مان... اُٿو وارو ڪيو... اٿو ڙي .....کڻو.....کڻو.... وٺو....کڻوس مٿي...... وارو ڪيو.... اڙي........... اڙي اڙي وارو ڪيو، وارو ڪيو......اڙي ....................................................................................
فقير: جن کي چئبو آهي
ڪاٺي: مخصوص ٻولي ۾ جن ورتل ناري/عورت کي ڪاٺي چيو وڃي ٿو.
جاڳر: رات جو عاملن، ڀوپن پاران جن ڪڍڻ لاءِ ٻاريل مچ ۽ ماحول
حساب: مخصوص ٻولي ۾ جنن جي اثر کي چئبو آهي
ڪتاب ڪڍائڻ: تعويز ڏيندڙ ماڻهن وٽ موجود هڪ ڪتاب جنهن تي متاثر جو هٿ رکائي بيماري تشخيص ڪئي وڃي
چوٽ پڪڙڻ: وارن جي چوٽي پڪڙڻ