ڪھاڻيون

مان انسان ٿيندس

محمد دين راڄڙي جي قلم مان سرجندڙ احساسن جي مهڪ من اندر تادير تاثير ڇڏڻ جي قوت سان سرشار ملي ٿي، سندس دلفريب ڪهاڻين جا ڪردار ۽ موضوع ظاهري طرح ته پنهنجي معاشري جا عڪاس آهن، پر مختصر ترين ڪهاڻين ۾ به هو سهڻي چترڪار جو روپ ڌاري پنن جي ڪئنواس جي لفظن جي موتين جا اهڙا ته نقش چٽيا آهن جو سندس معصوم سڀاءَ جيان لکڻين سان به پيار جي پالوٽ کي پسي سگهجي ٿو، ۽ يقينن انهن مان ڪي اڻ ڇهيا احساس پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪندي سڪ ۽ سوز جي رشتي سان پاڻمرادو ڳنڍي وٺن ٿا.
Title Cover of book مان انسان ٿيندس

اندر وارتا...!

هال ۾ تاڙين جي گونج.... آدرش ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو هن کانسواءِ سڀ تاڙيون وڄائي رهيا هئا...... ۽ هڪ مهان اديب: مهمانِ خاص ڪهاڻي تي رايو ڏيندي چيو: هي ڪهاڻي ماڻهو جي اندر جو تعارف آهي. اسين اندر ۾ ڪٿي نه ڪٿي کٽل هوندا آهيون ۽ هي ڪهاڻي اندروارتا، ان کوٽ جو ڀرپور اظهار آهي. هي ڪهاڻي حياتي جي ڪتاب جو مُهاڳ آهي. ڪهاڻيڪار جا ڪردار الاهي ذهين، باشعور آهن.... اڇوتا ڪردار آهن.... ڀٽائي رحه جي سِٽ ڀلي بک ڀرم جي جهڙا.... هال ۾ تاڙين جي ٻيهر گونج.... آدرش جي اندر ۾ ڄڻ فائر ٿي پئي لڳا... هڪ لِڱا محسوس ٿيس رڙيون ڪيان، چئي ڏيان ته تاڙيون منهنجي لاءِ وڄايو، ڪهاڻي منهنجي آهي.....!! دوست بهترين ڪهاڻي جو انعام وٺي آدرش ڏانهن وڌي رهيو هو...... آدرش دوست جي ڀاڪر مان پاڻ کي آجو ڪرائي ائين محسوس ڪيو ڄڻ ته ڪنهن ننڍي نينگري معصوم ڳوٺاڻي ڇوڪري پيءَ جيڏي پوڙهي مڙس جو ڀاڪر ڇڏائي جان آجي ڪرائي هجي.... سوچيائين: سڀئي نفرتون اظهاري ڇڏي.... پر سوچيائين منهنجي نفرت جو قد ڄامڙو آهي، دوستي جو ڀرم الاهي وڏو آهي.... پر اسين بي زبان نياڻي جيان پنهنجي وجود جا سڀئي اختيار ڪڏهن ڪڏهن مڪمل طرح ٻين جي حوالي ڇو ڪندا آهيون؟..... ڪڏهن ڪڏهن ائين ڇو ڪندا آهيون اسين.... ! مداري جي ڀولي ٿي پوندا آهيون، مداري جي اشارن تي نچندا آهيون.... تماشبين خوش ڪندا آهيون.... ڪڏهن خواهشون اسان کي نچائينديون آهن، ڪڏهن سمجهوتا نچائيندا آهن، ڪڏهن سماج نچائيندو آهي، ڪڏهن دشمن ته ڪڏهن دوست، ڪڏهن مجبوريون، بي وسيون، محروميون، مشڪلائتون، رويا، احساس... اسان بنا ڪنهن وقفي جي نچندا رهندا آهيون.... اسين پنهنجي پر ڪٿي آزاد آهيون!! اسين نچون پيا ڪڏهن پيٽ گذر لاءِ ته ڪڏهن خاندان لاءِ، اسين رڳو نچندا وتندا آهيون، ڪڏهن پنهنجن لاءِ ته ڪڏهن پراون لاءِ.... ماڻهو ته نه ٿيا سين ناچو ٿياسين......!
رات جا ٽي ٿِيا ها، هن جي دوست سميت سڀ موڪلائي گهرن ڏانهن روانا ٿي چُڪا هئا.... اڄ آچر جي رات آهي، ۽ چنڊ جي چوڏهين، ائين لڳي ٿو رات پنهنجي وجود تي سفيد چادر ويڙهي ڇڏي آهي..... ڪيڏي نه چُپ آهي، رستا دم پٽن ٿا، مسئلن ساهي پٽي آهي..... دل چوي ٿي اڄ پوري رات خاموشي محسوس ڪيان ۽ ماٺار سان سرٻاٽ ڪيان ته حد درجي جي سچائي پيڙاءُ آهي. ماڻهو سادگين، سچائين کي ڪيش ٿا ڪرائين. ائين ٿو لڳي اسين سڀ چور آهيون. سماج ٻيلو ٿو لڳي، قبرستان ٿو لڳي، سڀ سُمهي پيا آهن، رڳو چند روح ٿا جاڳن .... جو چوندا آهن، روح مرندا ڪونهن .... سچائي جي نسل اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي..... رات جي پيٽ ۾ هزارين ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون... رات به حياتي جي سِٽ ۾ اڌ دم جيان آهي .... رات شاندار نعمت آهي... ماڻهن سان گڏ مسئلا به ننڊ ڪن ٿا. ۽ جئين ئي سج اک ڪڍي ٿو. ماڻهو مسئلن جو تسلسل جوڙي اڳتي وڌن ٿا... ائين ٿو لڳي ماڻهو هُجڻ مڃائن ٿا... رات پوري ٿي ته ڏينهن جو پردو چاڙهيو ويو...... اڄ آچر آهي، پر الائي جي ڇو مسئلن جي موڪل ڪونهي!..... ماڻهو اندر جي قلعي ۾ قيد آهن. هر ماڻهو وقت اٻاري ٿو ۽ حياتي جا دونهان جهٽي ٿو..... ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي اسين سڀ ڪوئلي جا ڪاروباري آهيون. اسان جو اندر غار آهي، جتي ڪيئي ڏينڀن جا مانارا آهن.... اسين هر روز ڏنگجون ٿا، هر دفعي وقت سان ڊوڙيون ٿا ۽ هر دفعي شڪست ڪير ٿو کائي..... اسين هر وقت ٻين کي الٽيميٽم ڏيون ٿا، ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي الٽيميٽم ڏنو آهي؟.... اسان جو وجود بندوق جهڙو آهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اندر ۾ ڦاٽندڙ پر اڪثر ٻين جا سينا چيريندڙ......
من ڪيڏو اٻاڻڪو ٿي پيو آهي، جو آرٽ اڻلڀ آهي، نه ڪو، آدرشي ماڻهو ٿو ملي نه ڪو تخليقي مصور جنهن کان بي وسي جي تصوير ٺهرائجي.... اسان جي گهرن جا نقشا به بنهه سادا آهن، ڪيڏو نه دونهون آهي، ماڻهن جا اندر لالٽين جي اندر جيان ڪاراٽيل آهن.... نه لائبريري آهي نه آرٽ گيلري، نه ناٽڪ منڊلي آهي ۽ نه ئي ٿيٽر: جتي حياتي پرفارم ڪجي، هر ڪو پنهنجي مطلب جي ديو جو پوڄاري آهي، هر ڪو ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو.... محبت جا معيار ڪيڏا نه بازاري ٿي پيا آهن، سطحي ٿي پيا آهن..... خوشيون به خالص ناهن رهيون، اخلاق، قدر، اڏوهي جي ور چرهيل آهن. شين سان گڏ ماڻهن جي سوچ ۾ به ملاوٽ آهي.... ڪي ماڻهو ته پنهنجي پاڻ لاءِ به ڄڻ اجنبي آهن.... سڀئي رشتا ڇو جُڙتو لڳن ٿا، ماڻهن مان رشتن جي شناس ئي ڇڏائي ويئي آهي..... سڀ ماڻهون مشينون آهن ڄڻ.... مان اڄ کانپوءِ ٻين لاءِ نه لکندس... تخليق به ته اولاد جهڙي ئي پياري ٿئي ٿي.....
پوءِ آءُ پنهنجا ٻچا ٻين حوالي ڇو ڪيان؟...... پر.....
مان ايڏو سطحي ڇو ٿو سوچيان، باظرف ماڻهون ته مشهورين، چاپلوسين کان مٿڀرا هوندا آهن...... گُم نام جينيس جيان، اُهي شهرت جا نه شهرت انهن جي محتاج هوندي آهي.... پر تخليق اظهار کان سواءِ اندر جي ڄر آهي...... هر ماڻهو چالاڪي ذريعي ٻين کي بيوقوف بڻائي پنهنجو ئي تعارف ڪرائي ٿو.... ماڻهو آخر ڦِري ڇو ٿا وڃن؟!...........
ان راز کي ڪير ڇو ڪو نه پروڙي سگهيو آهي ته نفرتن جي هزارين حصي ۾ به محبت ڀريل هوندي آهي.... نفرت جي دٻي منجهه ئي ڪنول جا خوبصورت گل ٽڙندا آهن.... ڪي ماڻهو بلڪه اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته اميدون نه رکجن، اميدن جا ڏيئا هلڪڙي ڦوڪي سان گل ٿيو وڃن، پر اميد بنا ڪيئن ٿو جي سگهجي...ڪڏهن ڪڏهن اميدون پنهنجي مڪمل بي يقينين کانپوءِ به ڪبيون آهن.... اسان وٽ قابليت جاچڻ جا معيار به الاهي مدي خارج آهن، شعور بجاءِ چالاڪي ٿي جاچي وڃي..... محبت ۽ زندگي کي ماڻهو سمجهندو مس آهي ته حياتي پوري ٿيڻ لڳندي آهي..... محبت کي مڃائڻ لاءِ ته ست جنم به ٿورا آهن..... پر آءُ واري ويڙهي سمنڊن جي گهراين تائين غوطو هڻندس.... آءُ محبت سان گڏ حياتي جو مقصد ماڻيندس.... آءُ بنا ڪنهن پرواهه جي هلندو ويندس.... پنڌ ڪندو ويندس بنا ڪنهن ٿڪ جي اڻ کٽندڙ منزل طرف.... آءُ هلندو ويندس..... پنڌ ڪندو ويندس....... پولارن تائين پنڌ ڪندو ويندس..............