سَرلان...!
جي ڪيائين سُندرتا.
ديدي اوهان ايڏا نِراش ڇو رهندا آهيو؟ اوپرا اوپرا، هر پل هڪ اُلڪو، ويچار......... وِياڪل وِياڪل ......
سندرتا........!
جي ديدي...........
هو ڏس آسمان جي اڱڻ ۾ تارا دائرن ۾ ورهايل آهن؟......... ۽ ڇا چنڊ قيد آهي............. ڪڪرن تي پهرو آهي؟
نه ديدي ........!
هوا جي پيرن ۾ ڏانوڻ وڌل آهن..........؟
نه ديدي ........!
ڇا پکين جي اُڏار لاءِ ڪي محدود پيٽا نڪتل آهن؟
نه ديدي ........!
پوءِ اسين انسان ڇو ڪونه آزاد آهيون...............؟ ڪاش! آءَ پکين جي روح ۾ پيوست ٿي پنهنجو وطن ڏسي اچان ها.........
ڪاش! آءَ آزاد هِير هجان ها............. جو هوا جي ويزا ناهي ٿيندي ........... پکي پاسپورٽ کان آجا آهن. آءُ ڪو جُهڙ، تارو، چنڊ هجان ها........ پولارن جا پنڌ ڪري پنهنجي وطن جو درشن ڪيان ها......... جيڪر آءَ واريءَ، مٽي هجان ها...... هوا جي جهولن ذريعي اڏري ڌرتي ماتا جي سيني سان چنبڙي پوان ها........... پر مان انسان آهيان سندرتا.......... انڪري قيد آهيان .......... سرلان ڍُنڍهڪار ڏيئي روئڻ لڳي.......... سندس سڪ ۽ اُڪير جي درياءُ جا ڪپر اٿلي پيا......... ۽ سندرتا جي جهولي ۾ ڪنڌ رکي سڏڪي ۾ پئجي ويئي ۽ سندرتا ڄڻ ديدي جو درد پروڙي ورتو.
وطن کان دربدر ٿيل ماڻهو ٻوٽي کان ڇنل گلاب جيان هوندا آهن سندرتا، فرق صرف ايترو آهي گلاب تمام جلد مرجهائجي ويندو آهي، پر اسين جلاوطن روز سُسندا ۽ سُڪندا رهندا آهيون هن درد نه ڀُتو ٿيندو آهي نه ان کي سُرو لڳندو آهي. ان پيڙاءُ جي حياتي به حياتي جيڏي طويل ٿيندي آهي. ان بيچيني کي ته ابديت حاصل آهي. ............ ديس جي ياد ڪاٺي جي وجود ۾ پيوست ٿيل ڪِل جيان چڀندي رهندي آهي.
ڪيڏو انياءُ آهي جڏهن پنهنجا گهر اوپرا ٿي وڃن ۽ ماڻهو کي پنهنجي ڌرتي لاءِ پنجٽيهه سالن تائين ويزا لاءِ انتظار ڪرڻو پوي............... اسان دربدر ٿيل ماڻهو به سندرتا! نوٽڻ راند جهڙا ٿي ويندا آهيون، جنهن ۾ ڳوٽ جي چرپر جا سڀئي حق ئي واسطا رانديگر وٽ هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو نوٽڻ کان بيزار ٿي ڳوٽين ۽ آڱار سان ڪڍيل پيٽن کي اڪيلو ڇڏي بيزار ٿي اُٿي هليا ويندا آهن. پيٽا جي پنڌ ڪري سگھن ته ڪڍ لڳي پون ۽ ڏانوڻ ٿي پون- پيٽا ته سڏ به ناهن ڪري سگھندا........... ڪيڏا بي اختيار هوندا آهن. ديس بَدر ماڻهو ................ ڄڻ پنڌ ڪندا ڪندا طويل سُرنگهه م گهڙي آيا آهيون ۽ لنگهه وٽ سرنگهه ڪِري پئي آهي........... اسان جو ساهه ته ٻوساٽجي ٿو........ پر موت نٿو اچي، سڪرات جھڙي حيات ٿا گھاريون..........چوڌاري ڌاري ٻولي، بازار ۾، رستن ۾، سوارين تي ڌاريا ماڻهو، عجيب ٻوليون........... هاءِ منهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي ماءُ جي لولي ............... وطن جي ياد ان ماءُ جي درد جھڙي هوندي آهي جنهن جا ٻچا وڃائجي ويندا آهن ......... هڪ دفعو پنهنجي مارن سان ملان، پنهنجا گهر، شهر، ڳوٺ ڏسان.............. هِتي ته ڄڻ سُڪي ٺوٺ ٿي ويل وڻن ۾ ٺهيل آکيرن جهڙا آهيون.... اوپرا اوپرا
ديدي اوهان جي ويزا ته ٿي وئي آهي ته پوءِ ايڏا اداس ڇو آهيون............؟
الائي جي ڪڏهن اهو سڀاڳو سج ڪَني ڪڍندو، جڏهن آءُ پنهنجي ڌرتي ڏانهن سفر ڪنديس ۽ سنڌو درياءُ جو درشن ڪنديس، لاڙڪاڻو گھمنديس............ قلندر شهباز ۽ ڀٽائي رح سرڪار جي ڪشادي اڱڻ ۾ ويهي ڀٽائي جي راڳين جا آلاپ ٻڌنديس................ موهن جو دڙي تي ويهي پنهنجي شاندار تهذيب تي فخر ڪنديس................
جتي لُڪ لڳي، جتي اڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي
منهنجو اتر، لاڙ، ٿر، ڪوهستان، وچولو، منهنجو منڇر، ڪينجهر. ٺٽو، مڪلي، مومل ماڙي.......... جڏهن مينهن پوندا ته آءُ چيڪي مٽي جي واس وٺنديس، رهڙڪي وينديس. سڪ جي اڌ سِير ۾ آهيان........... الائي ڪڏهن ڪَپر تي پهچنديس........... پنهنجي مٺڙن ڀائرن، مائٽن سان رهاڻيون ڪري اکين جي سڪ لاهينديس.........
سيڪنڊن جو پنڌ ڏينهن جون مسافتون پار ڪندي آخر اُهو سج به اڀريو جڏهن سرلان ڪجهه گھڙين ۾ اباڻي ديس لاءِ اُسهڻ واري هُئي ته پاڙي جا سڀ سنڌي الوداع ڪرڻ ۽ ملڻ لاءِ اچي سرلان جي گھر گڏيا. ائين پئي لڳو ڄڻ هڪ قيدي جي اڄ رهائي ٿي رهي آهي ۽ سڀن جي اکين ۾ آلاڻ هئي ۽ اکين ۾ ياد جا ٽاڪيل اوسئيڙا ڄڻ ڪورس ۾ چوندا هجن، پيغام ۽ نياپا، سلام ڏيندا هجن:
اي مٺڙي هوا سنڌ ڌرتي جي
منهنجي مارن کي تون سلام ڏجان
موهن، مڪلي کي تون پيار ڀريا
سلام ڏجان
سرلان نياپا، پيغام ۽ سلام وٺندي اچي ديس لاءِ اسهندڙ ريل گاڏي ۾ ويٺي...............جيئن ريل ڪوڪ ڪئي ۽ ڦيٿن جا چيڪاٽ ٿيا ............ منظر مٽجڻ لڳا................. سرلان کي الوداع ڪرڻ آيل مائٽن ڳوڙها اگھندا ۽ ريل نظر اچڻ تائين هٿ لوڏيندا رهيا ............ جيئن ريل هلڻ لڳي، ڄڻ سرلان جي خوشي ٻيڻي ٿيڻ لڳي.......... ۽ من ۾ سنڌي کاڌا تهري، بُسري، سرنهن جو ساڳ چرڙا کائڻ ............ ميل ملاقاتون ڪرڻ جا خواب تعبير ٿيڻ لڳا............... پنهنجي وطن ڏانهن واپسي، پنهنجي گهر ڏانهن واپسي، پنهنجي مارن ڏانهن واپسي جو احساس ۽ خوشي حياتي جو محترم احساس آهي، جنهن کي دنيا جو ڪو به ادب سگھاري انداز سان اظهاري ناهي سگهيو. شايد ان محسوس ٿيندڙ اظهار لاءِ اڃان اهڙا معتبر لفظ تخليق ئي ناهن ٿي سگھيا............ اڄ هرپل، هر عمل ڪنوار جيان سينگاريل پئي لڳو........ سرلان کي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ ته دنيا جي سڀني پڃرن ۾ قيد سمورن پکين کي هڪ ئي وقت آزاد ڪري هوا ۾ اڏاريو ويو آهي.... تان جو لاهور اسٽيشن ويجهو ٿيڻ لڳي.......... سرلان جي دل جي رفتار ٽرين کان به تيز ٿيڻ لڳي، خوشي جي طوفان سان گڏ اکين جي آسمان مان ڪڻ ڪڻ ٿيڻ لڳي....... ٽرين اچي لاهور اسٽيشن تي بيٺي ......... ماڻهو سامان سنڀاري لهڻ لڳا هر پاسي ميلاپ جا جذباتي منظر ها.......... سرلان جي آس وندين اکين پنهنجي ڀائرن، پيارن جي تلاش شروع ڪئي........ جيئن ئي ڀاءُ جي سرلان تي نظر پئي ڊُڪي اچي هڪ ٻئي سان ڳچي لڳا.............. سڪ ۽ خوشي جي طوفان ۾ سرلان جو ساهه پکيئڙو اڏرندو اچي لاڙڪاڻي لٿو............. ۽ جسم ڀاءُ جي ٻانهن ۾ ڍَرڪي پيو.......... سرلان جي لاش کي هڪ رات لاهور مردي خاني ۾ ترسائڻ کانپوءِ واپس انڊيا نيو ويو............ ائين لڳو ڄڻ ته ڪيترن ئي ڏينهن کان اڃايل هرڻي رڻن جي مسافري ڪٽڻ کان پوءِ پاڻي جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ روح سان پاڻي جي ٽوڀي جي ڪناري تي پهچي اڃ جي آس اندر وسندين ۾ سانڍي روح کان موڪلايو........!!.