اداري پاران
تحقيق ۽ تنقيد ٻئي محنت طلب ڪم آهن ۽ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ محقق يا نقاد جو وسيع مطالعو هجڻ لازمي آهي. محقق کي ڄاڻ هوندي ۽ نقاد شين کان واقف هوندو. تڏهن ئي شين جي سٺي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهندو. ڪنهن به موضوع تي تحقيق ڪجي ته ان سان ڀرپور انصاف ڪري سگهجي يا ڪنهن ليکڪ جي ڪتاب توڙي سندس لکڻين تي تنقيد ڪجي ته دليل ايترا مضبوط هجن جو ليکڪ خود اعتراف ڪري ته جن شين جي نشاندهي ڪري تنقيد ڪئي وئي آهي. اها جائز آهي ۽ ان مان ليکڪ کي اصلاح به ملي سگهي. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تنقيد نه ٿيڻ برابر ٿئي ٿي ۽ جيڪا تنقيد ڪئي وڃي ٿي اها ذاتي بنيادن تي ڪئي وڃي ٿي ۽ اها تنقيد براءِ اصلاح نه پر تنقيد براءِ تنقيد هجي ٿي. جنهن جو مقصد صرف ان جي اوڻاين کي ظاهر ڪري ان جي دل شڪني ڪرڻ آهي، تنقيد براءِ اصلاح جو مقصد ليکڪ کي سندس اوڻاين جي نشاندهي ڪرڻ آهي ۽ ان کي صحيح راهه ڏسڻ به آهي ۽ تنقيد براءِ اصلاح جو اصول به اهو آهي ته شروع ۾ ان ليکڪ جي شين ۽ مثبت ڳالهين تي ڳالهائي سندس سٺي لکڻي جي ساراهه به ڪجي ۽ پوءِ ان جي اوڻاين تي ڳالهايو وڃي. ان سان اهو ٿيندو ته ليکڪ پاڻ تي ٿيل تنقيد کي به برداشت ڪري ويندو ۽ ان ڳالهه کي به سامهون رکندو ته نقاد سندس سٺي شيءَ کي ساراهيو به آهي پر جي ان جي لکڻيءَ جي صرف اوڻاين تي ڳالهايو ويندو ۽ شروعات ئي تنقيد کان ڪبي ۽ ختم به تنقيد تي ڪبو ته هو دل شڪسته ٿيندو ۽ اهو محسوس ڪندو ته نقاد سندس ذاتي مخالف آهي ۽ هن تنقيد ڪري پنهنجي دل جي ڀڙاس ڪڍي آهي، ان ڪري محقق توڙي نقاد کي تحقيق ۽ تنقيد جي اصولن کي سامهون رکي نيوٽرل ٿي ڪري لکڻ گهرجي. جنهن سان اسان جي سنڌي ادب ۾ تنقيد اُسري سگهي ٿي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ به لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزي سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته هن انصاف کان ڪم ورتو هوندو. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ پازيٽو ليکڪ آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي، اسان سندس هي ڪارائتو ڪتاب ڇپائي سرهائي محسوس ڪيون ٿا. اميد ته پڙهندڙن کي به هن ڪتاب مان لاڀ ضرور حاصل ٿيندو.
غلام مصطفيٰ سولنگي
سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد