لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جون علمي ۽ ادبي خدمتون

ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جون علمي ۽ ادبي خدمتون
ڊاڪٽر نواز علي شوق جو جنم، رحمت خان تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو هُن خيرپور ، سکر ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ايم اي ڪيائين ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي سربراهه ۽ شاهه لطيف چيئر جي سربراهه جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. علم ۽ ادب جو ڪوڏيو ۽ شاهه لطيف ۽ سچل جو پارکو، هي صاحب نثر توڙي شاعريءَ ۾ يڪتا خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي. کيس صوفياڻي شاعريءَ سان شغف آهي ڪيترن شاعرن جو ڪلام سهيڙي شايع ڪيو اٿن ته نثر جي مختلف صنفن جيئن ناول، ڊرامو، افسانو ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترائي مضمون مقالا لکيا اٿن. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان گڏ سنڌي ثقافت ۾ پڻ کين گهڻي دلچسپي آهي. ڪافين سان ته خاص رغبت اٿن. ڪتابن جا ڪوڏيا آهن. وٽن انيڪ ڪتاب ۽ قلمي مسودا اهم موضوعن تي موجود آهن. ڊاڪٽر نواز صاحب جي پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو هدايت علي نجفي تارڪ جي باري ۾ آهي. ڊاڪٽر صاحب محقق هئڻ سان گڏ تنقيدي ادب ۾ پڻ هڪ سَندَ جي حيثيت رکي ٿو. هڪ نقاد جي حيثيت سان غيرجانبداريءَ سان ڪم کي پرکڻ سندن معيار آهي.
نواز صاحب جي ڪتابن ۾ ڪجهه جا نالا هن ريت آهن.”سامي سفر هليا“ (سفرنامو 1981) ”آديسي اٿي ويا“(غزل) ”شاعرن جو تذڪرو“(1981) ”ملاوٽ جا ماهر“(مزاحيه مضمون) ”وندر ۽ وڻڪار“ (مضمون، مقالا، شاعري) ”هٻڪار“(چونڊ مضمون) ”ڪلام حضرت سچل سرمست“(1981) ”وڏن جو ادب“، ”ديوان تارڪ“، ”سر ڏهر“، ”سچل سارو سچ“،(هي ڪتاب سي ايس ايس جي 2016ع جي نصاب ۾ مقرر ڪيو ويو آهي) ”معلوماتي دنيا“، گيت جي گلزاري، ”سچل سرمست جو طالب“(1992)”سنڌ جا هنر“ ”ڪلام فقير عبدالله ڪاتيار“ (1998ع) ”سياڻو سهو، بيوقوف بگهڙ“(ٻاراڻو ادب) ”شمس العلما مرزا قليچ بيگ“ سنڌ جو عطار، ”سکر، بکر ۽ روهڙي“(2001) ”صوفي روحل فقير“(2001) ”سدا سرها گل“ (2001)”نينهن جا نعرا“ ، ”گيت جي گلزاري“، ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“(ترجمو) ”ٿر ۽ پارڪر جو احوال“ ”ڪلام شاهه نصير“، (2004) ”ڪلام عثمان سانگي“ (2004) ”ادبي اشارا“ (تنقيدي مضمون) ”ڪليات علوي“(مرتب) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. کين علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
نواز صاحب جي ڪلام جو نمونو هن ريت آهي.
دل ۾ خيالي زلف ورخ يار ٿي ويو،
واليل والضحيٰ سان سروڪار ٿي ويو،
تنهنجي ثنا ڪيم ته شعر بڻيا شاهڪار
ٻيو شعر ڪو چيم ته سو بيڪار ٿي ويو.

ڊاڪٽر صاحب جن کي نثر ۾ مضمونن ۽ مقالن، ۾ ته شاعريءَ ۾ صوفياڻي شاعريءَ جي باري ۾ عبور حاصل آهي. سندن مضمون جو سهيڙيل ڪتاب”هٻڪار“ ورسٽي سنڌ پبليڪيشن، سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽي طرفان پاپولر پرنٽرس، حيدرآباد مان 1976ع شايع ڪرايو. . هيءَ ڪتاب ايم اي سنڌي ۽ سي ايس ايس جي نصاب ۾ شامل آهي جنهن ۾ 23 مضمون مختلف موضوعن تي صاحبِ طرز مضمون نگارن جا شامل آهن. ڪتاب جي شروع ۾ نواز صاحب مضمون نويسيءَ جي باري ۾ جامع مقدمو ڏنو آهي. جنهن ۾ مضمون جي فن سان گڏ، سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر تي روشني وڌي ويئي آهي. اهو ليک پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب جي روشنيءَ ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل مضمونن ۾ پروفيسر نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جي ادبي گلشن مان ۽ ڪوڙيمل جي”پڪو پهه“(جو هڪ ڊگهو مضمون زناني تعليم جي فائدي لاءِ لکيل آهي) مان هڪ صفحو ڏنل آهي. ان کان سواءِ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب، مقالات الحڪمت مان”سچ“ مضمون ڏنل آهي. اهڙيءَ ريت پرمانند ميوا رام جو”هٺ“ شمس الدين بلبل جو”قلندري ميلو“ صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ جو”وهيو“ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو ”آزاديءَ ۽ غلاميءَ جو فرق“ لال چند امر ڏنو مل جو، ”چندا“ ”جيوت چٽا ڀيٽيءَ جو سلسلو“، نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جو ”ڳوٺاڻي چهر“ ميران محمد شاهه جو ”گنجي ٽڪر جو سير“ ڪشنچند عزيز جو ”انسان“، عطا حسين شاهه موسويءَ جو ”جي نوٽن جو مينهن وسي“، پير علي محمد راشديءَ جو ”شڪارپور“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”سنڌي سٻاجهڙا“ الهبچايو يار محمد سمون جو ”مهمان نوازي“ گوبند ڀاٽيه جو ”گهرجون“ ۽ ٻيا مضمون جيڪي سنڌي ادب جي مهان مضمون نگارن جي اهم ترين مجموعن ۾ آيل آهن. انهن سان هٻڪار کي سجايو ويو آهي.(ڪتاب هٻڪار جو تفصيلي، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو مون پنهنجي ڪتاب”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ روشني پبليڪيشن 2015ع) ۾ ڏنو آهي. جتان پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت جي ڄاڻ پوندي.
نواز صاحب جي اهم ڪمن ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سائين جي باري ۾ مضمون، مقالا ۽ ڪتاب آهن. جن ۾ سندن مرتب ڪيل ڪتاب ”سچل سارو سچ“ جو پهريون ڇاپو 1989ع ۾ سنڌي شعبي ڪراچيءَ طرفان گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي تعاون سان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سچل سائينءَ جي شاعريءَ تي وڏن عالمن ۽ اديبن جا ليک آهن جيئن ”سچل سائين جي ڪلام جا سرچشما“، ”ڊاڪٽر تنوير عباسي“، ”سچل صوفي لاڪوفي“، ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي، ”سماجي لسانيات جي روشنيءَ ۾ سچل جي شاعريءَ جو جائزو“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”منصور، حلاج۽ سچل“، اياز قادري، ”سچل ۽ بيدل“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سچل سرمست جو جهولڻو“، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي سماج ۽ سچل جي شاعري“، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ”صوفي تحريڪ ۽ سچل“ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ۽ ٻين جا مقالا آهن. تيرٿ سڀاڻي لکي ٿو ته”سچل سائين کي رواجي طور مذهبن جي خلاف سمجهيو ويندو آهي پر اها اڻ ڄاڻائي آهي. سندس ڪلام ۾ ڪٿي به مذهب جي مخالفت جو ڪوبه اشارو نٿو ملي. لاشڪ هن مذهب جي غلط روايتن ۽ تعصب کي ننديو آهي.“(ص.29)
هي ڪتاب بين الاقوامي سچل ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪيو ويو هو ۽ اهڙن قسم جا ڪتاب اسان جي وڏن شاعرن ۽ اديبن جي باري ۾ ڪيترن ئي اهل فڪر عالمن جا ويچار پيش ڪن ٿا. هيءَ هڪ ڪارائتي ڪوشش آهي جنهن جي لاءِ نواز صاحب جون محنتون جس لهن. ڊاڪٽر نواز صاحب جون سنڌي ٻولي، ۽ علم ادب لاءِ ڪاوشون اهم شمار ٿين ٿيون.