لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

ويٺي وَوڙي

ويٺي وَوڙي
جهڙي سونهن، سچائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ هوندي آهي اهڙي سونهن دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به موجود ناهي. مون کي به اهڙن ماڻهن سان ملي دلي خوشي ٿيندي آهي جن جو وجود سچائي ۽ سادگي جو اهڃاڻ هجي. ادي پروين موسيٰ ميمڻ پڻ اهڙي شخصيت جي مالڪ آهي. جنهن جو حُسن سندس سادگيءَ مان جلوه گر ٿيندو آهي. نياز نوڙت سان ڀرپور سندس پرخلوص وجود سچ پچ ان جهڪيل وڻ مثل محسوس ٿيندو آهي جنهن جو جهڪاءُ ڦلدائڪ هجڻ جي نشاني هوندو آهي. بلڪل ساڳيءَ طرح سندس لکڻي به پاڻ وانگر، سادي، سولي سٻاجهي ۽ سڀاويڪ آهي. جنهن کي سولائيءَ سان پڙهي سمجهي ان مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو. پاڻ سالن کان سنڌي ادب لاءِ خاموشيءَ سان جاکوڙيندي رهي آهي. سندس ڪيئي تحقيقي ڪتاب سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ وڏو سهارو آهن. تنهن ڪري ئي پروين موسيٰ ميمڻ جا ڪيئي ڪتاب شاگرد هٿوهٿ وٺن ٿا ته عالمن، اديبن ۽ محققن وٽ پڻ سندس ڪتابن کي وڏي پذيرائي ملي آهي. موجوده وقت 2016ع جي سي ايس ايس جي نئين نصاب مطابق لکيل سندس ڪتاب سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو(ادبي تاريخ) ڪامپيٽيٽو امتحان جي شاگردن لاءِ لکندي جي مضمون ۾ ڪاميابيءَ جي سندَ تي ڇپيو آهي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا روزاني جي اخبارن جنهن ۾ عبرت، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رهيا آهن.
سندس هي ڪتاب”پلئه پايو سچ“ سون برابر آهي. ڇاڪاڻ ته سوانحي مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب پروين موسيٰ جي صرف تحقيق نه آهي پر سندس سنڌي ادب سان محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي. جيڪا هوءَ ورهين کان ڪري رهي آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي تاريخ جي مثالي ڪردارن جن ۾ هوتچند مولچند گربخشاڻي، منگها رام ملڪاڻي، دادا هولا رام هنس، مخدوم امين فهيم، شمشيرالحيدري جهڙين شخصيتن جا خاڪا ۽ سندن ادبي خدمتن جو جائزو ورتل آهي ۽ گڏوگڏ ڪجهه نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي شامل ڪري اتساهيو ويو آهي. انهيءَ صنف ۾ مون کي پڻ بيهاري سچ پچ ته ادي پروين مون کي مان بخشيو آهي.
”پلئه پايو سچ“ پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪا هڪ ذميوار محقق طور پنهنجي ڀرپور سچائيءَ سان ڪتاب ۾ موجود ڪردارن کي تفصيلي پڙهيو ۽ سمجهيو آهي. انهن جي ادبي تخليقن، ڪتابن، مضمونن ۽ انٽرويوز جو مطالعو ڪري پوءِ ئي قلم هٿ ۾ کنيو آهي. سندس لکڻي ۾ به رس چس آهي. توڻي جو هوءَ مسلسل لکاري آهي پر جڏهن سندس لکڻيءَ تي غور ڪريون ٿا ته هوءَ تخليقي روپ ۾ پڻ معياري ليکڪ نظر اچي ٿي. سندس ٻولي ايڏي ته عام ۽ مٺڙي آهي جو پڙهندڙ هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪتاب پڙهي پنهنجي سيني ۾ سمائي ڇڏي ٿو.
توڙي جو ادي پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي هن ادبي پورهئي کي غير معمولي ڪم نٿي ڳڻائي پر واقعي وقت جي تارازيءَ ۾ ڪاڻ نٿي ٿي سگهي. تنهن ڪري سندس هن پورهئي جي ڪٿ به وقت جو منصف ضرور ڪندو.
ڪنهن به قوم لاءِ ان فلسفيءَ کان وڌيڪ عزت لائق اهو استاد، شاگرد ۽ پورهيت هوندو آهي جيڪو کيس مليل ڪم چاهه ۽ ايمانداريءَ سان مڪمل ڪري ٿو. سنڌي ادب به اهڙن محنتي ۽ ايماندار ليکڪن جو گهرجائو آهي. اسان وٽ به چند ئي سهي پر پروين موسيٰ جهڙا خاموش طبع ليکڪ/ڪردار موجود آهن. جيڪي پنهنجي ذات کان مٿڀرا ٿي پنهنجي حصي جو علمي، ادبي تحقيقي ۽ تاريخي ڪم ڪري پنهنجي ٻولي کي مالا مال ڪري رهيا آهن. جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيندو.

ماهين هيسباڻي
ڪراچي