لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

سنڌي صحافت جو اهم نانءُ: فقير محمد لاشاري

سنڌي صحافت جو اهم نانءُ: فقير محمد لاشاري

فقير محمد لاشاريءَ جو نالو سنڌي ادب جي بي باڪ صحافين ۾ شمار ٿئي ٿو. کيس ڪالم نگاري ۽ مضمون نگاريءَ تي ملڪو حاصل هيو. هو 4 سيپٽمبر 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي، تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ، گاجي کهاوڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان ته ميٽرڪ وارهه هاءِ اسڪول مان ڪيائين. 1972ع ۾ بي اي لاڙڪاڻي ڪاليج مان ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي ايڪانامڪس 1974ع ۾ ڪيائين. ڪجهه وقت درس وتدريس سان لاڳاپيل رهيو پر پوءِ، سندس توجهه صحافت ڏي ٿي ويئي ۽ ان ۾ گهري دلچسپيءَ سبب مستقل لکڻ لڳو. هُن اهڙي ريت صحافتي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو. هن سنڌ جي اهم اشوز تي مضمون ۽ ڪالم لکيا. سندس سياسي، سماجي، ادبي، فڪري ۽ ثقافتي مضمون سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ ڇپبا هئا. هو انگريزي ٻوليءَ جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. ننڍي لاڪون ڳوٺ ۾ فقط سندس ئي گهر ۾ انگريزي اخبار پڙهي ويندي هئي. 1972ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ست سال سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي لانگ مارچ جي سڏ ۾ سڏ ملائيندي، ف ، م لاشاري ڊاڪٽر اسماعيل، جگديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو، 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور کان اسلام آباد ويندي پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيا. جنهن ۾ اسماعيل اڍيجو ۽ ف.م لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. نوجوانيءَ جي عمر ۾ سندس وفات سنڌي صحافت ۽ ادب لاءِ هڪ وڏو سانحو شمار ٿئي ٿي. هن ٿوري عرصي ۾ گهڻو ڪم ڪيو. سندس ڪم جي رفتار تمام تيز هئي. هزارن ۾ ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيائين ان کان سواءِ سفرنامو”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“ لکيائين. هو آزاد ۽ جديد خيالن جو ليکڪ هو. کيس ڪڏهن به ڪير لالچائي مقصد تان هٽائي نه سگهيو. نه ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو سندس تحريرن ۾ فلسفو ۽ فڪر جي آزادي ته هئي. پر سنڌي قوم جا درد ۽ سور سمايل هئا. ٻوليءَ جي حوالي سان پختگي ۽ مضبوطي هئي. هن نه فقط صحافت کي جديد روين سان آشنا ڪيو پر سندس ڏنل پيغام ڪيترن کي بهادريءَ لاءِ اُتساهيو، ف.م لاشاري ڪافي ملڪن جا دورا ڪيا جن ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ نيپال شامل آهن. سندس معلومات، مطالعو ۽ سوچ وسعت واري هئي. انهي ڪري گهڻو لکجندڙ ۽ ڇپجندڙ ليکڪ هو. سندس لکيل ايڊيٽوريل اخبارن جي وڪري جي ضمانت هيا. هن ڪافي اخبارن لاءِ لکيو خاص طور عوامي آواز ، جاڳو، ڪاوش ۽ ٻيون آهن.
ف.م لاشاريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڌرتي جي دانهن“ (1988) ”سنڌ جا سور“(1988) ”سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق تائين“.(1993) ”رڃ جهڙي ماحول ۾ مور جي رڙ“ (ٻه ڀاڱا) ”ڇپر جا سونهان“، ”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“(نيپال جو سفرنامو 1985ع) آهن. هن صحافيءَ جي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي گهري نظر هئي. سندس ڪتاب پيپلز پارٽيءَ جي باري ۾ ان دور جي مسئلن جو گهرو مطالعو آهي. سندس مضمون سنڌ جي سورن کي ڄاڻائين ٿا پر انهن مسئلن مان نڪرڻ جو ڏس پڻ ڏين ٿا. هو سنڌ جو نوجوان دانشور هو. جنهن پنهنجي تحريرن وسيلي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ ٿي چاهي. ”رڻ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ“ ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ ڇپيو. هي ف.م لاشاريءَ جا ڪالم ”انب گوپانگ“ سهيڙي سنڌيڪا اڪيڊميءَ مان شايع ڪرايا. هن ڪتاب جو پهريون حصو.(1) ”سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق علي تائين“ آهي. اهي اداريا عوامي آواز ۽ جاڳو اخبار ۾ ڇپيا. هن ڪتاب جو مهاڳ سراج ميمڻ صاحب، ”ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو“ جي عنوان سان لکيو آهي. ٻيو ڀاڱو 1992ع ۾ شايع ٿيو. انهن ايڊيٽوريليز جا عنوان هن ريت آهن. ”آپريشن ڪلين اپ“ ۽ ”حڪومت جون مصلحتون“، ”پاڪستان عورتن جي خلاف ڇو آهي“.؟ ”جتوئي توتي دانهن“، ”جيئي سنڌ تحريڪ جو ڏوهه ڪهڙو آهي.؟“ ”سنڌ لاءِ کوڙ آزاديون“، ”سنڌين جي روزگار کي ڏنگيندڙ نانگ“، ”اسلام آباد جو ڳوڙهن سان ٿيل فصل“، ”تعليم، رياست ۽ سماج“، ”قومي بقا ۾ محنت ۽ محبت“، ”ڪوڙو تون ڪفرسين“ ۽ ٻيا عنوان آهن عنوانن مان ڄاڻ پوي ٿي ته اهي ڪالم خاص، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن سان گڏ سنڌ جي انهيءَ وقت جي مسئلن جي نشاندهي ڪندڙ آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان ادبي نه هوندي به اهي ليک هڪ سجاڳ صحافيءَ جي قلم معرفت سندس دل ۽ ضمير جو آواز آهن ۽ ڪتاب جي عنوان سان اندريون مواد ٺهڪندڙ آهي.
سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو:
ف. م لاشاريءَ جو نيپال جو لکيل سفر نامو آهي جو سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ وارن 1985ع ۾ پهريون ڇاپو ڇپايو. هن سفر نامي جو انتساب، محمد ابراهيم ميراڻيءَ جي نالي آهي. هي سفر ليکڪ صحافتي دور دوران حڪومت طرفان ڪيو، جنهن ۾ غلام نبي مغل جو به ساٿ هئن. رئوف نظاماڻي ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي ته، ”سفرنامي ۾ نيپال جهڙي ڏتڙيل ملڪ جي غريب ماڻهن جي پست سماجي حالتن جي نهايت دکدائڪ تصوير ڇڪي ويئي آهي ۽ سماجي تضادن کي سهڻي نموني سامهون آندو ويو آهي.“ (1)
نيپال جنهن جا ماڻهو سادا، کرا ۽ مظلوم آهن. ليکڪ موجب، مظلومن کي مظلومن سان اتحاد ڪرڻ گهرجي ته هو ٻڌيءَ سان هڪ وڏي طاقت ٿي اڀرن لکي ٿو ته:
”هنن جبلن جي دنيا، انهن جو مزاج ۽ معاشرو بنهه انوکو ۽ پنهنجي قسم جو پئي لڳو، سڀئي وڏيون چوٽيون آسمان ڏانهن منهن ڪيو. ڌرتيءَ وارن سان ڪاوڙيون بيٺيون هيون“.(2)
اڳيان لکيو اٿن ته، ”مون نيپال ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو تنهن سان منهنجو اهو ويساهه پختو ٿيو آهي ته مظلوم انسانيت جو سچو اتحاد ٿيڻ، تاريخ جو اڻ ٽر فيصلو آهي.“ سفرنامي لکڻ جي سبب کي ڄاڻائيندي چوي ٿو ته”مان رڳو ايترو ئي سمجهان ٿو ته پنهنجي مظلوم ڏيهه واسين کي هڪ ٻئي ڏيهه جي ستايل ماڻهن سان واقفيت ڪرايان. يقين ڄاڻو ته جيڪڏهن هنن پنهنجي مظلوميت تي سوڀ پائي ورتي ته اسان کي به سگهه ملي ويندي پر اسان ڪو اهڙو ڪم ڪري وڌو ته هو به سگهارا ٿيندا ۽ هو هيڻا ۽ هماليه سگهارو نه هوندو.“( 3) ليکڪ هن سفرنامي ۾ نيپال جي سونهن کي لفظن ۾ اوتيو آهي ته انهي جون تمام پست حالتون به لکيون آهن. هن ڊيمي سائيز مختصر سفرنامي ۾ ادبي رنگ مختصر آهي پر هن ڪتاب کي معلوماتي سفرنامو چئي سگهجي ٿو.
فقير لاشاريءَ جو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان عشق هو. هن وقت جي ڪيترن ٻرندڙ مسئلن تي لکيو جن جي لاءِ هن کي گهڻو ڀوڳڻو پيو. يوسف سنڌي لکي ٿو ته، ”هن جي سوچ ترقي پسند هئي. جنهن جي شروعات اسڪول جي زماني کان ٿي هئي. کيس محمد ابراهيم ميراڻيءَ جهڙو لائق استاد مليو جيڪو هڪ روشن خيال ۽ قوم پرست شخص هو. هن نه رڳو پنهنجي شاگردن ۾ قوم پرستيءَ وارا جذبا جاڳايا پر منجهن سنڌي ۽ ترقي پسند ادب پڙهڻ جو شوق جاڳايو. فقير محمد به ان استاد جي صحبت ۾ ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند سوچ ڏي مائل ٿيو“.(4)
اها سوچ اڳيان سندس ايڊيٽريءَ ۾ نڪتل اخبارن ۽ رسالن مان چڱيءَ پر پروڙجي پيئي. ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو لکيو آهي، ته: صحافت وڏي ذميداري آهي ۽ عظيم فرض شناسي، جيڪا قلم جي تقدس کي هر حالت ۾ محفوظ رکڻ لاءِ لالچ ۽ خوف کان مٿڀرو ۽ غير متاثر رهندي، پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ ميدان ڪارزار ۾ قدم رکڻ چاهي ٿي“.(5)
ف.م لاشاري اهو ڪم ڪيو هن ڄام صاحب جي دور ۾ هر آڇ ٺڪرائي پر پنهنجي لکڻين ۾ ثابت قدم رهيو. حڪومت طرفان سندس خدمتن جي مڃتا تي کيس ”ستاره امتياز“ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

حوالا:
1- فقير محمد لاشاري، ”سگهارو هماليه هيڻا ماڻهو“، سنگم پبليڪيشن، ڪراچي. 1985ع. ص. 13
2- ساڳيو حوالو.ص، 101
3- ساڳيو حوالو. ص،10
4- يوسف سنڌي، ”سنڌي ادب“ سچائي اشاعت گهر دڙو، 2011 ص. 337
5- ٻگهيو، عزيز الرحمان ڊاڪٽر، ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو، 1988ع. ص.4