عورتن جي تعليم
سعادت آ، فضيلت آ، حقيقت آ علم
حڪومت آ، سياست آ، عبادت آ علم
علم انسان جي ٽئين اک ۽ دين جو سوجهرو آهي، علم جي الاهي نور سان انساني ڪردار جا گل ڦل ٽڙي، انسانيت جي تعمير ڪن ٿا ۽ قومن جون تقديرون جاڳي اٿن ٿيون. سماج جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو راز يقينن انهيءَ ۾ ئي سمايل آهي ته هتان جو هر فرد تعليم يافته هجي ۽ هو فقط ڪاغذي ڊگري هولڊر نه پر صحيح معنيٰ ۾ ڄاڻ ۽ شعور جو ادراڪ رکندڙ هجي علم جي نور جي سگهه تمام طاقتور ۽ مضبوط آهي جنهن جو اندازو اسان کي اڄ به ايترو نه آهي جيترو هئڻ گهرجي. انهيءَ جو سبب فقط اهو آهي ته آباديءَ جي اڌ حصي يعني عورت ذات جي، تعليم ۽ علمي سجاڳيءَ تي اسان جي توجهه گهٽ آهي.
زناني تعليم جي ضرورت ۽ اهميت جو اندازو هن حديث سڳوريءَ مان احسن نموني ٿئي ٿو. پياري رسول پاڪ محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته:
طَلبَ العلم فريضتهُ عليٰ ُڪلِ ُمسلِمَ وَ ُمسلِمَتَه.
ترجمو: علم جي طلب فرض آهي هر مسلمان مرد ۽ عورت تي.
مٿئين حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته عورت جي علم جي حاصل ڪرڻ کي اسلام ۾ ڪيتري فوقيت ڏنل آهي؟ اها عورت ئي آهي جا پنهنجي معصوم ٻچڙي کي لوليون ڏيئي پينگهي ۾ سُمهاري ٿي ۽ فرشتو ٻار انسان به ٿيئي ٿو ته شيطان پڻ ٿي سگهي ٿو. هر ماءُ جي آس ۽ اميد هوندي آهي ته سندس اولاد نيڪ ۽ صالح هُجي کيس ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳي پر اهو ماءُ جي ڏنل تعليم، تربيت ۽ دعائن جو نتيجو هوندو آهي جو هو سمجهدار ۽ سماج جي لاءِ ڪارائتو فرد ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏهن اها ماءُ پڙهيل لکيل هوندي ته طبيعت ۾ سلجهيل، سلقيه مند ۽ صلح پسند هئڻ ڪري چاهيندي ته سندس اولاد پنهنجو وقت ضايع نه ڪري ۽ هاڪاري سرگرمين ۾ هجي کيس وقت جو قدر، پئسي جي اهميت ۽ دنياوي ضرورتن جي ۽ دين جي حڪمن جي ڄاڻ ضرور هوندي آهي. انهيءَ ڪري سندس تربيت سان ملڪ جي تعليم جي تناسب ۾ اضافو پڻ ٿيندو ۽ هوءَ چاهيندي ته سندس اولاد تعليم يافته ٿيئي.
عورتن جي تعليم جي اهميت کان انڪار نه اڄ ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي پوين دور ۾ هو. اسلام جي حوالي سان نظر ڊوڙائبي ته حضرت عائشه صديقه رضه(محدث حديث) اسما بنت ابو بڪر، حضرت انس رضه جي والده، بيبي رابعه بصري ۽ ٻين ڪيترين عورتن قرآن پاڪ ۽ حديث جي علمن کي سکيو، اڳيان هلي ٻيون پڻ ڪيتريون عورتون پنهنجي علم ۽ عقل سان ڪامياب ٿيون. ان کان پوءِ هندوستان ۾ ملڪه نور جهان،
مسز بند رانائيڪي، محترمه شهيد بينظير ڀٽو، حسينه واجد ۽ ٻين ڪيترين عورتن ملڪن تي حڪمرانيون ڪيون ۽ پنهنجي پنهنجي رياستن ۾ عوام جي اڪثريت جي دلين کي فهم ۽ فراست سان کٽيو.
سنڌ جي تعليم جي حوالي سان جيڪڏهن تجزيو ڪجي ته سنڌي عورت اڄ ڪافي پٺتي پيل نظر اچي ٿي. ڳوٺن جي عورتن جي سماجي ۽ معاشي حيثيت مضبوط نه آهي جنهن جو وڏو سبب علم جي ڪمي آهي، انهيءَ جي ابتڙ شهرن ۾ سنڌي عورت جي ڪجهه قدر علمي، سماجي ۽ معاشي حيثيت مضبوط آهي. شهرن ۾ ڪيتريون نينگريون، اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جنهن ۾ ڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن ته ڪن قانون جي تعليم ۾ پاڻ ملهايو آهي. اڄ جي سنڌي پڙهيل ڳڙهيل عورتن ۾ شوبزنس، بيوٽيشن، بيڪنگ ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جو رجحان آهي. سنڌ جي شڪارپور جي پهرين عورت ڊاڪٽر ساران صديقي(جنم 1900ع) هئي. جيڪا پنج سئو هندو شاگردن جي وچ ۾ پهرين واحد مسلمان عورت هئي، جنهن دهليءَ مان 1934ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ لاهور ۾ فاطمه جناح ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج جا امتحان وٺڻ ويندي هئي. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ وڏو عرصو زنانو وارڊ اڪيلي سر هلايائين.
اهڙي ريت پوءِ عورتن ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم جو رجحان وڌيو. ڪيتريون اعليٰ درجي جون ليڊي ڊاڪٽرز جيئن ڊاڪٽر رضيه انصاري، ڊاڪٽر لطيفان گانڌي، ڊاڪٽر آفتاب منير، ڊاڪٽر امينا اشرف عباسي ۽ ٻيون آيون ۽ اڄ انيڪ ڇوڪريون ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ڪيتريون عورتون درس وتدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيون. جن ۾ دادي ليلا، آپا مريم نوحاڻي، ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ ٻيون آهن ته سياست ۾ بيگم طاهره آغا، بيگم صغران هدايت الله، ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ ٻيون آهن.
مطلب ته شهر جي عورتن کي ڪيترائي موقعا مختلف فيلڊس ۾ تعليم جي باعث ميسر ٿين ٿا. جو هو پيرن تي بيهي پنهنجي حياتي نه فقط ٺاهين ٿيون پر وڏو نالو پيدا ڪن ٿيون. انهيءَ جي برعڪس سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم جي وڏي ڪمي آهي جڏهن ته آباديءَ جو وڏو انگ ڳوٺن ۾ رهي ٿو. انهيءَ ڪري گڏيل طور تعليم جو سيڪڙو گهٽ ئي شمار ٿيندو. هن سيٽلائيٽ جي دور ۾ اسان جي آباديءَ جي اڌ حصي جو علمي معيار ايترو ته ڪريل آهي جو اسان ڪنهن به حالت ۾ دنيا جي حالتن جي برابري ڪرڻ جي لائق نه آهيون.
هلندڙ وقت ۾ اخبار ۾ آيل هڪ خبر مطابق”سنڌ جا 12 هزار هڪ سئو اوڻٽيهه اسڪول اهڙا آهن جن کي ڇت ميسر ڪونهي. حميرا علواڻي ڪاوش 28 فيبروري 2009ع ۾ لکيو هو ته:
”اڪيڊمي آف ايجوڪيشن پلاننگ اينڊ مينيجمينٽ آف پاڪستان جي سروي مطابق پاڪستان ۾ 12737 اسڪول بند آهن جن ۾ 60 سيڪڙو اسڪول سنڌ جا اسڪول آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي ڳوٺن جا اسڪول آهن ۽ سنڌ ۾ مجموعي طور 51 کان 64 سيڪڙو ٻار تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن.
اهو تجزيو ته کڻي پنج سال اڳ جو آهي پر موجوده وقت به ڪو خاص ٻوٽو ٻريل ڏسڻ ۾ نٿو اچي مٿي ڄاڻايل انگن اکرن موجب 60 سيڪڙو ٻارن جي تعليم کان محروميءَ ۾ اڌ انگ بلڪل نياڻين جو به هوندو جڏهن ايتريون نينگريون بنيادي تعليم کان محروم آهن ته پوءِ سيڪنڊري ۽ هائر تعليم تائين ڪيئن پهچي سگهبو.؟
هاڻي انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟ سببن کان پوءِ ئي انهن جي اپاءُ تي غور ڪري سگهجي ٿو.
موجوده وقت ڳوٺن ۾ تعليم جي رڪاوٽن جي سببن ۾ اهم هيٺيان آهن.
1. زنانن اسڪولن جو تعداد ۾ گهٽ هُجڻ.
2. اسڪولن جو ڳوٺ کان پري هجڻ.
3. ڀوتارن ۽ وڏيرن طرفان اسڪولن جي قائم ٿيڻ، کلڻ ۽ جاري رکڻ ۾ رڪاوٽون وجهڻ.
4. نااهل استادن جون ڀرتيون
5. مقامي ماسترياڻين جي کوٽ هجڻ.
6. عوام جو تعليم جي لاءِ لاغرضائي، اٻوجهائي ۽ تعاون نه ڪرڻ.
7. عورتن جي محنت مزدوريءَ سبب گهران وڃڻ جي ڪري، سندن ننڍين نياڻين جو گهر ۽ ٻار سنڀالڻ.
8. معاشي مجبوريون ۽ سماجي پابنديون.
9. والدين طرفان نياڻين جي تعليم تي گهربل توجهه نه ڏيڻ.
10. انتظاميه ۽ تعليم کاتي جو پاڻ ۾ ايڪو نه هئڻ.
۽وڌيل ڪرپشن کان سواءِ ٻيا پڻ انيڪ سبب آهن جن لاءِ اڄ منهنجو هيءُ مضممون تئي تي ڇنڊ آهي. اسان ڪيترائي سيمينار ڪرايون هن ڏس ۾ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ڪرايون پر آئون فقط هڪڙو ئي عرض ڪنديس ته خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، دل جي سچائيءَ سان سنڌ جو هر هڪ شخص جيڪڏهن هن قومي مسئلي کي دل سان محسوس ڪري ۽ انهيءَ ۾ مدد ڪري ته سنڌ ڌرتي جنت ٿي ويندي.
جيڪڏهن اسان هن گلوبل دور ۾ عورتن کي محڪوم ۽ ڪمزور رکڻ لاءِ، سڄاڻ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ، ذهني ۽ جسماني غلاميءَ لاءِ، معاشري ابتري لاءِ، علم کان محروم ڪيو ته هڪ اهڙي سماج جي اوسر عمل ۾ ايندي جيڪو بي وقعت، ڪمزور ۽ اخلاقي طور ڪريل سماج هوندو. اچو ته گڏجي عهد ڪري پنهنجي آسپاس علم جا ڏيئا منور ڪريون. پڙهيل لکيل مائرن سان پڙهيل ڳڙهيل قوم ٺاهيون شاعر چواڻيءَ ته:
نياڻيون نماڻيون آهن، نيڻن جا تارا،
تن کي نه ڪيو، بي علم خدارا.
(”علمي سجاڳي“، سيمينار، 2014ع ۾ پڙهيل مضمون)