لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

مسڪينن جو مسڪين، ”جهان خان“

مسڪينن جو مسڪين، ”جهان خان“
قومي اڳواڻن ۽ مهندارن جي ڳڻن ۽ خاصيتن کي عام تائين پهچائڻ هڪ اهم ۽ افضل ڪم آهي. سوانح عمريون تاريخ جو حصو ته آهن پر قومي مهندارن جون سوانح عمريون ۽ آتم ڪهاڻيون انهيءَ قوم جي لاءِ لمحه فڪريه آهن ته ڇا اسين پنهنجي اهڙن اڳواڻن جو قدر ڪري سگهيا آهيون.؟ يا سندن پيروي ڪري سگهيا آهيون ۽ اهڙي دلي احساس ڪرڻ سان قومي ترقيءَ جي لاءِ خيال اتپن ٿيندا ۽ عام جي رهنمائي ٿيندي، مٿئين عنوان وارو ڪتاب مجنون بلوچ لکيو آهي جو پاڻ روينيو جي کاتي ۾ مختيارڪار هو پر کيس ادب سان دلچسپي رهي ۽ سندس لکڻ جو نوع نرالي هئڻ ڪري لکيل مضمون پڻ وڻندڙ آهن (هڪ مضمون مشهور مجموعي”هٻڪار“ ۾”مانيءَ جهڙو مٿو“ جي عنوان سان گهڻو مقبول ٿيو،) پر کيس گهڻي شهرت هن ڪتاب سبب ملي ۽ هن ڪتاب کي پسند ڪرڻ ۽ اُن مٿي تنقيدي، تاثراتي ۽ تعريفي مضمون لکڻ ۾ جن شخصيتن لکيو انهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، لطف الله بدوي، قاضي عبدالمجيد عابد، احمد خان آصف مصراڻي، ڪريم بخش خالد، نجم عباسي، حميد سنڌي، ،م.ع ڏيپلائي ۽ ٻين لکيو ۽ ڪيترين اخبارن ۾ هن ڪتاب جي تعريف ۾ ڪالم آيا جنهن سان اهو مختصر ڪتاب ڪافي مقبول ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ پڻ مقرر ٿيو جو انهيءَ کان اڳ هن قسم جو سوانحي احوال موجود نه هو. ليکڪ جي حسن بيان ۽ حسن انتخاب هن ڪتاب کي نه فقط مشهور ومعروف ڪيو پر رائيٽرس ڪلب جو انعام يافته ڪتاب پڻ قرار ڏنو ويو ۽ هڪدم ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپيو جن ۾ اهي رايا ۽ مضمون پڻ شامل ڪيا ويا جيڪي مٿين ليکڪن هن ڪتاب تي لکيا هئا.
”مسڪين جهان خان کوسو،“ ڪتاب هڪ ٿري مفلس پر مخلص شخص جي حياتيءَ جو زوردار ۽ اثرائتو عڪس آهي. هيءَ سوانح فقط ڄم ۽ موت جي رسمي تاريخ ۽ زندگيءَ جي سلسليوار بيان جي ڪٿا نه آهي. بلڪه ليکڪ هن ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان جي دلي جذبن، پنهنجي ڏتڙيل ٿرين جي ڏکين حياتين تي آب هاريندڙ اکين کي فوٽو گرافر جيان چٽيو آهي. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ سامي ويري ۾ 9 جولاءِ 1909ع تي کوسن جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ، جهان خان فطري طور مسڪين طبع پر اندران فولاد هو. سندس پيءُ رئيس بجار خان پوليس ۾ صوبيدار هو ته چاچو پڻ پوليس ۾ هو. کيس پڻ گهر وارن پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو پر هو پوليس کاتي جي ظلمن ۾ غريبن کي تڙپندو ڏسي نه سگهيو ۽ نوڪري ڇڏي سڄي حياتي غريبن جي خدمت کي ارپي ڇڏيائين. هيءُ بلوچ بهادر ۽ نڊر هو. انهيءَ ڪري ڪنهن به بالا آفيسر سان ملڻ ۾ ڪڏهن به حجاب نه ڪندو هو. بلڪه کين ڳولهي وڃي لهندو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ ٻڌل فائيل جنهن ۾ ڳوٺاڻن جي سورن جون داستانون هونديون هيون(يعني مختلف مسئلن جون درخواستون) سي آفيسرن جي اڳيان پيش ڪري سادن سودن ٿرين جا ڪم ڪرائيندو هو. بغير ڪنهن اُجوري ۽ محنت جي. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪري ٿرين لاءِ اناج ۽ ٻين سهوليتن جو بندوبست ڪندو هو. حڪومت کي ٿر لاءِ تعميري تجويزون لکي درخواستون موڪليندو هو ته ڪتابچا ڇپرائي اختياريءَ وارن ڏي موڪليندو هو. هن نه ڪڏهن سردي ڏٺي نه ڪڏهن گرمي. فائيلن جا انبار کڻي آفيسن جي در در تي رلندو هو ۽ تيستائين سڪون سان ڪونه ويهندو هو جيستائين اهو ڪم ٿي نه وڃي.
جمال ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٿر 1966ع ۾ وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، ”مسڪين جهان خان بلڪل فقير منش، ننڍي سفيد ڏاڙهي، درخواستن جي پٺارڪ ڪلهي تي، کيس سڻس پئجي ويئي ته چار چڱا اچي بنگلي تي لٿا آهن، سو هليو آيو ملڻ، تمام ڳنڀيرتا سان ٿر ۽ ٿرپارڪر جا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ٿي ويو. ڏک، بک، سال جون بيماريون، نانگ بلائن جي علاج لاءِ دوائن جي اڻ هوند، کڻي پڇوس ته پوءِ ڇا ڪم ڪجي.؟ ته هڪدم پٺارڪ لاهي ان بابت درخواستون پيو ڪڍي ڏيکاري جيڪي اڳيئي بالا اختياري وارن کي ڏنيون هئائين. اسان کي عرض رڳو اهو آهي ته ان جي پوئواري ڪجو. بالا عملدارن کي ڪن کڻائجو. هڪ عجيب آسماني انسان هو، جو ٿر جي واريءَ مان اڇي کنڀيءَ وانگر ڦٽي نڪتو هو. ٿر ۽ ٿر واسين لاءِ سندس هڏ ٿي ڪم ڪيو. اهڙو عجب انسان جو ڪو ديوتا هو يا اوتار يا ڪو ولي الله. مون حيدرآباد جي ڪمشنر عبدالله ميمڻ کي چيو ته تنهنجي ڊويزن ۾ ٻه وڏا ماڻهو رهن ٿا انهن جو خيال رکجانءِ هڪڙو استاد منظور علي خان ۽ ٻيو مسڪين جهان خان کوسو، لک احسان جناب محمد بخش مجنون صاحب جا جنهن مسڪين جهان خان جي شخصيت تي هڪ نهايت چڱو ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو ۽ اهو ڪيئن به ڪري پڙهي ڇڏڻ گهرجي. ناياب هوندو”.
مون وٽ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو موجود آهي. جو جميل پبليڪيشن ميرپورخاص وارن 1969ع ۾ شايع ڪيو. پهريون ڇاپو 1967ع ۾ ڇپيو هو. 162 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 88 صفحن تائين پهرين ڇپيل ڇاپي جي باري ۾ تبصرا آهن ۽ 89 کان 162 تائين صفحن ۾ مسڪين جهان خان جو ذڪر آهي.
محمد بخش مجنون، مسڪين جي طبع جي باري ۾ لکي ٿو ته،”کوسو“ ۽”مسڪين“ ؟! کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي، کوسو پئسي پنجڙ ۾ کڻي مسڪين هجي پر طبيعت جو مسڪين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. کوسو کٽل ته به خان آهي، جُتي نه آهي ته به جوان آهي. گهر ۾ ڀل، ٽي ڏينهن دانگي به نه چڙهي هجيس، پر ٻاهر کوسو، اهڙي مخرج سان ڳالهائيندو ۽ اها ڏيکاري ڏيندو جو اڳلو سمجهندو ته مڙس ڪو لک تي مٿو ڌوئي آيو آهي.“(1)
اڳيان لکي ٿو ته ”مسڪين نه رڳو هڪ درويش صفت ۽ درويش سيرت بزرگ آهي مگر هڪ بلند اخلاق ۽ نڊر بلوچ پڻ آهي.“ (ص.23) اهو به لکيو اٿس ته مسڪين جي ٿر لاءِ محبت پڻ، انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جو بيچين روح، ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار مارئيءَ جي روح کي اڄ يقينن تسڪين هوندي ته سندس حب الوطنيءَ جي مشن کي زنده جاويد رکڻ لاءِ مسڪين جهڙو مجاهد سندس ئي ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“(2)
”سرمائيدارن جي اکين ۾ مسڪين هميشه ڪنڊو ٿي چڀندو رهندو آهي. انهيءَ ڪَک جي ڪانيءَ ڪڍڻ لاءِ، وڏا ڪي وس ۽ حيلا هلائيندا آهن، آخر 1956ع ۾ اندريان ٻاهريان جانٺا هڻي، وارو ڪڍي مسڪين کي غنڊا ائڪٽ جي ڪارروائي ۾ اڙائي، کڻي دسي وڌائون مسڪين غريب کي، ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ملي، ٻارنهن مهينا جيل ۾ رهيو.“(3)
ليکڪ موجب مسڪين جهان خان جي انهيءَ گرفتاري سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو. ڪيترن اخبارن ليک لکيا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين سندس گرفتاريءَ جا احوال ويا. وڏن وڪيلن سندس وڪالت ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ٿي ۽ هو ضمانت تي آزاد ٿيو پوءِ به سندس ويهه شنوايون ٿيون جيڪي هُن سامي ويري کان ڪراچيءَ تائين سُڃ جي ثمر تي ٿرن جي ڀٽن ۽ ريل جي سفرن سان ڪيون.
ٿر جي ڪولهين، مينگهواڙن مطلب ته هر ڪنهن سان رهائيندو هو، ڪولهي ته سندس محبوب قوم رهي جو اهي سندس وانگر محنتي ۽ جفاڪش آهن. هو ٿرين جي ڪيترن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ ان ۾ ڪامياب پڻ ٿيو. هر ننڍي وڏي مسئلي کي لکت ۾ آڻيندو هو پين ۽ مس ڪپڙي گڏ گڏ ئي هوندا هئس. پنهنجيءَ هڙ ۾ هر شيءَ رکندو هو سندس پويان ٿرين جا ولرن جا ولر هوندا هئا. پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏيندڙ رهيو. سندس کاڌو صفا سادو ۽ اڪثر بکي پيٽ هوندو هو. ڪٿي به زمين تي ڪنڊ ۾ سمهي رهندو هو. کيس پنهنجي ذات لاءِ ڪوبه شوق نه هو. نه هو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي علمي ۽ ادبي پر سندس سماجي خدمتن کيس سڀني جو محبوب بنايو. سندس شاندار سماجي خدمتن جو اعتراف آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ 1996ع ۾ ڪري کيس عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي پاسپورٽ ۽ ويزا سسٽم جا معاهدا اڃان ڪونه ٺهيا هئا ته چوري چڪاري وڌي ويئي بارڊرن جي ٻنهي طرفن جا ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت مسڪين ميدان ۾ لٿو ۽ هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنائين جنهن سان سندس واهه واهه ٿي ويئي ۽ هن ”بين المملڪتي“ حيثيت ماڻي. سندس ڳوٺ سامي ويرو پاڪستان جو بارڊر ۽ ٻاکاسر هندوستان جي بارڊر جي آفيسرن جون ميٽنگون انهيءَ وقت جي مختيارڪار عبدالغفور آرائين ۽ صوبيدار عبدالله خان بروهيءَ جي حاميءَ سان ڪرايائين ته جيئن امن امان قائم ٿئي ۽ ان ريت چوري ٿيل مال پڻ ڀاڳين کي واپس وٺرايائين ۽ ائين ماهوار ميٽنگون منعقد ٿينديون هيون. ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي آباد ڳوٺن ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ عوام جي چورن ۽ ڌاڙيلن جي آزار مان جند ڇٽي هو پنهنجا ڪک ڇڏي لڏڻ کان بچي ويا. اهو سندس وڏو ڪارنامو آهي. مطلب ته هن سوانحي ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نيڪ نيتي، درياهه دلي، عاجزي، همٿ، محنت، خلوص، پنهنجي تر جي ماڻهن سان گڏ سڄي انسانيت جو ڀلو چاهڻ ڏسيل آهي. اهو ڪتاب هن نيڪ دل انسان جي حياتيءَ ۾ ڇپيو. کيس وڏي مڃتا ملي. نيڪي ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي. اها پنهنجي خوشبوءَ سان دنيا کي ضرور واس ڏيندي آهي. حياتيءَ جو اصل مقصد جن پرکيو انهن حياتي سجائي ڪئي. دادا هولا رام هنس پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ جيون جي مقصديت تي لکي ٿو ته، ”ڪي چون ٿا ته، ”جيون رُڃ آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون سُڃ آهي. ڪي چون ٿا ته جيون سفر آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون صدا آهي، ڪي چون ٿا ته جيون ڳولها آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون ڪرم آهي. ڪي چون ٿا ته جيون ڪهاڻي آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون ڪايا آهي. ڪي چون ٿا ته زندگي بهار جي موسيقي آهي ته ڪي چون ٿا ته هوءَ پن ڇڻ آهي.! آخر زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي“.؟(2)
منهنجي نظر ۾ ته زندگيءَ جو مقصد فقط ۽ فقط قرباني، دان ۽ ديا آهي پنهنجي حياتي دان ڪري ٻين جو جيون سڦل ڪرڻ ۾ آهي. جيڪو ڪم مسڪين جهان کوسو جهڙا ڪي مرد مجاهد ڪري ويا ۽ اهڙا ڪيترائي فرد جيڪي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل شعبي مطابق عوام الناس جي خدمت ڪري پنهنجو نالو امر ڪري ويا. سي زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪري ويا آهن.
مسڪين جهان خان جون خدمتون ٿر جي عوام کي هميشه ياد رهنديون. هن عظيم انسان 23 جولاءِ 1980ع تي ڄامشورو ۾ وفات ڪئي. سندس جسد خاڪيءَ کي ڪارونجهر جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو.

حوالا:
1- محمد بخش مجنون”مسڪين جهان خان“ جميل پبليڪيشن
ميرپورخاص 1969ع. ص.92
2- ساڳيو حوالو؛ ص.128
3- ساڳيو حوالو.128
4- هولا رام هنس، آتم ڪٿا هڪ اديب جي، بيسٽ سنڌي سڀا،
ممبئي، 2004ع. ص.5