لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر عابدہ گهانگهرو جو فن: تحقيقي جائزو

ڊاڪٽر عابدہ گهانگهرو جو فن: تحقيقي جائزو
عابده گهانگهرو، محرابپور، تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوابشاهه ۾ 24 نومبر 1969ع تي جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم محرابپور مان حاصل ڪئي. اڳيان هلي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۽ فيڊرل اردو يونيورسٽي، ڪراچي مان بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين سندس تحقيق جو موضوع.”سنڌي شاعريءَ ۾ ترقي پسند نظريا ۽ لاڙا.“ آهي.
ادبي دنيا ۾ سندس پهريون مضمون 1991ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڪهاڻي جي صنف ڏي رجحان ٿيس. 1997ع ۾”عوامي آواز“ اخبار ۾ عورتن جو صفحو”سورمي“ سنڀاليائين جنهن ۾ پڻ سندس ڪهاڻيون ڇپيون. تحقيقي ڪم ۾ اچڻ کان پوءِ سندس لاڙو مقالن ڏي رهيو. هوءَ استاد طور تدريسون خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آهي. سندس تحريري فن ۾ مضمون، مقالا، ڪهاڻيون ۽ ٻارن لاءِ آکاڻيون شامل آهن جن جا سندس ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ”تخليق جو انت“(ڪهاڻيون) ۽”ماريه ميز ۽ لائبريري“ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، ”تخليق جو انت“ ڪتاب کي مهراڻ ميڊيا سروس وارن، سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ جي سهڪار سان 2014ع ۾ شايع ڪيو. جنهن ۾ 18 مختصر ڪهاڻيون آهن جن جا عنوان”الا ڏاهي مَ ٿيان، ”ليکڪا ۽ خوف“ ”خود غرض ماءُ“، ”غيرتي ڀاءُ“، ”زال جي نوڪري“، ”مهرالنسا“، ”اسٽيٽس“، ”انصاف کپي“ ۽ ٻيا آهن. ڪتاب جو انتساب شهيد نظير عباسي جي ونيءَ حميده گهانگهرو جي نالي آهي. ڊاڪٽر خورشيد عباسي، زوار پيرزادو، حميده گهانگهرو ۽ طاهره ڏيرو طرفان ڪتاب جي باري ۾ تاثرات ڏنل آهن. ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جون هي ڪهاڻيون ساديون سوديون بناوٽ ۽ تصنع کان پاڪ، حياتيءَ جي حقيقت نگاريءَ تي مشتمل آهن. روزمره جا واقعا آهن. جيڪي فڪشنائيز ڪيا ويا آهن. جن جو اصل موضوع ۽ مقصد عورت ذات جي استحصال خلاف آواز اٿارڻ آهي. ليکڪا ڄاڻائڻ چاهيو آهي ته پڙهيل ڳڙهيل عورت کي ڪيتري قدر برداشت ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪيئن من مارڻو ٿو پوي؟. گڏ جيڪڏهن هوءَ نوڪري نٿي ڪري ته به قصوروار ۽ جيڪڏهن ڪري ٿي ته به قصوروار. پنهنجي ذهني سڪون ۽ گهر جي بهتريءَ لاءِ کيس ئي همٿ ڪرڻي آهي. اهڙا ڪردار پيش ڪري ليکڪا عورت کي دلي قوت ڏني آهي. سورٺ جو سوڍل کي سمجهائڻ، مارئيءَ جو پنهنجي ور ظفر جي يو اين او جي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ، ريحانه فتح علي جو پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سياست کي منهن ڏيڻ(هوءَ يونيورسٽي ۾ پنهنجو سبجيڪٽ تبديل ڪري ٿي پر مقصد ماڻي اڳيان وڌي ٿي،) يا ڊاڪٽر سعيده جو سمجهه سان مسئلي کي منهن ڏيڻ اهي سڀ بهادر ۽ سمجهدار عورتون ليکڪا ذڪر ڪيون آهن ته ڪٿي ڪٿي هن مايوسيون پڻ بيان ڪيون آهن جيئن انيلا يا مهروءَ جي بيوسي(ڪهاڻي مهرالنساءَ) ُمرڪ (ڪهاڻي مرڪ) صفيه(الا ڏاهيءَ مَ ٿيان) ۽ـ چند ٻيا ڪردار آهن.
عابده گهانگهرو جون هيءُ ڪهاڻيون سندس ادبي سفر جي شروعات آهن جيڪي تقريبن 2000ع جي دور کان لکيل آهن اڄ انهن ڪهاڻين کي 16 سال گذري چڪا آهن هن حساس ليکڪا وٽ عورت ذات جي ڏکن لاءِ دکي دل آهي هوءَ سندس غمن ۾ ڀائيوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي ائين لڳي ٿو هن وڏيءَ دل سان لکيو آهي پر ڪٿي ڪٿي تسلسل جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي ته ڪتاب ۾ ڪجهه بيهڪ جون نشانيون ۽ اعراب صحيح نموني ڏنل نه آهن. جيڪا پروف جي غلطي چئي سگهجي ٿي. ٻوليءَ جي حوالي سان سندس تحريرون متاثر ڪن آهن. جن ۾ خاص طور چند ڪهاڻيون سٺي ڪلائيميڪس ۽ موضوع جي حوالي سان منفرد آهن جيئن پر اعتماد چهرو، غيرتي ڀاءُ، تحقيق، ليکڪا، ايوارڊ، اسٽيٽس ۽ تخليق جو انت آهن. ٻوليءَ جو استعمال هن ريت آهي ڪهاڻي ”تخليق جو انت“ ۾ لکي ٿي ته:
”سيما جو مڙس سکيو ستابو ماڻهو هو، سيما جي مائٽن سندس اسٽيٽس ڏسي کيس سڱ ڏنو هو. ڄڻ کيس خدا سرٽيفڪيٽ ڏنو هو ته سيما پٽ ڄڻيندي سو هنن سيما کي ان اوڙاهه ۾ اڇلايو هئو. هوڏانهن سيما جو مڙس جيڪو پهرين زال مان ڇهن ڌيئرن ڄمڻ ڪري بيزار ٿي پيو هو، ان هيءَ ٻي شادي گهٽ پر پٽ ڄڻن جي لاءِ هڪ پروجيڪٽ سائين ڪيو هو. مٿان سيما کي اهو الٽيميٽم ته پٽ نه ڄڻڻ جي صورت ۾ هوءَ مائٽن وٽ ويندي بلڪل ائين جيئن پروجيڪٽ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ملازمن کي گهر موڪليو ويندو آهي.(ص.79)
نصير سومرو هن ڪتاب جي تبصري ۾ لکيو آهي ته، ”جڏهن عورتن جي حقن بابت ليکڪائون لکنديون آهن ته جهڙڪر مرد ۽ عورت درياءَ جا ٻه ڪنارا محسوس ٿيندا آهن جيڪي ڪڏهن به ملي نٿا سگهن پر هن ڪتاب ۾ مرد بابت ليکڪا جا ويچار منصفاڻا آهن. اهو به لکيو اٿس ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙيون آهن جيڪي ناٽڪ جي رنگ ۾ اچي سگهن ٿيون.“ (ڪاوش دنيا)
ڊاڪٽر عابده جو تخليقي سفر جاري ۽ ساري آهي. سندس ايندڙ ڪتابن ۾ ”سُکن واري سڌ“ (مضمون ۽ مقالا) ”سنڌي ٻوليءَ تي عربي ٻوليءَ جو اثر“(تحقيق) آهن.

حوالا:
1- گهانگهرو، عابده ڊاڪٽر، ”تخليق جو انت“ مهراڻ ميڊيا سينٽر، ڪراچي، 2014ع ص.79
2- سومرو نصير، ڪاوش دنيا مئگ روزاني ڪاوش ڪراچي.