ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 17 آڪٽوبر 1931ع تي ڳوٺ ماڙي ضلع شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ٿي 1952ع ۾ ميٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪيائين ۽ اڳيان ايل ايل بي ۽ ايم اي ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج سکر ۾ جڏهن ليڪچرر مقرر ٿيو تڏهن شيخ عبدالرزاق”راز“ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪم ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيو. 1972ع کان پوءِ مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال رهيو. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس مقالي جو موضوع ”بيان العارفين سنڌي جي ترتيب ۽ اپٽار،“ آهي. ميمڻ صاحب جي لکڻ جي شروعات 1953ع کان ٿي. شروع ۾ شاعري به ڪيائين پر کيس نثر ۾ ۽ خاص طور تحقيق ۾ وڌيڪ دلچسپي هئي. سندن تحقيقي ڪم جهجهو آهي. اٽڪل 80 ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيائين جن ۾ ويهه اڻ ڇپيل آهن. سندن لکڻين جا موضوع ادبي تاريخ، سوانح، ٻولي، شاعري ۽ تصوف رهيا آهن. ڪتابن جا موضوع هن ريت آهن. ڏور(لوڪ ادب) ۽ ”ماڻڪ موتي لال“(ٻه ڀاڱا) ، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“، ”ديس ديس جون ڪهاڻيون“، ”ڏوهاري ڪير“، ”رتيءَ جي رهاڻ“، ”سکر جي سوکڙي“ (ترتيب) ”پرک ۽ پروڙ“ (تحقيق)، ”فڪر بيدل“ (تحقيق) ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ (تحقيق) ”سنڌي ادب جي تاريخ، ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، ”سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات“، ”سچل جو پيغام“، ”سر ڪلياڻ“، ”لطيف جو پيغام“، ”سر سارنگ“، ”لطيفي لات“ ۽ ”فڪر لطيف“ کان سواءِ اردو ٻولي ۾”حضرت قلندر شهباز“ ”سنڌي ادب کي مختصر تاريخ“، ”لسانيات پاڪستان“، ”نگار شات سنڌ“، ”پاڪستان ۾ صوفيانه تحريڪين“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سندن انيڪ مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ تحقيقي مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر ميمڻ جي ڪم جي پرک ڄاڻائي ٿي ته سندن تحرير مدلل، شسته ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. جنهن جي ڪري سندن ڪم گهڻو مقبول ٿيو آهي تذڪره نويسي ۽ تاريخي ڄاڻ ڏيڻ ۾ پڻ ڊاڪٽر ميمڻ جا ڪتاب اهم شمار ٿين ٿا.
”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، روشني پبليڪيشن، 2002ع ۾ شايع ڪيو جنهن ۾ ڪل ست باب آهن. جيڪي مختلف فصلن ۾ ورهايل آهن ۽ سڀ باب سنڌ جي مختلف تاريخي دورن جي علمي ۽ ادبي معلومات تي مشتمل آهن. باب پهريون عرب دور جنهن ۾ سياسي پس منظر کان قرآن پاڪ جي پهرين سنڌي ترجمي جو ذڪر آهي جنهن جو ٽيون فصل سومرن جو دور ۽ ان دور جون مذهبي تحريڪون ۽ واقعاتي بيت ۽ گنان بيان ڪيل آهن. ٻيو سمه دور آهي جنهن ۾ سياسي پس منظر کان پوءِ چند اهم شاعرن جو ذڪر آهي ٽيون دور ارغون، ترخان ۽ مغل دور آهي جنهن ۾ پڻ هن دور جي سياسي ۽ علمي حالتون ذڪر ڪيل آهن شاهه ڪريم، شاهه عنايت ۽ لطف الله قادري جي باري ۾ احوال ڏنل آهي. باب چوٿون ڪلهوڙا دور، مخدوم ابوالحسن کان شاهه ڀٽائي، خواجه زمان ۽ ٻين شاعرن سان گڏ اهم صنفن وائي، ڪافي، مناجات، معجزو ۽ مدح جو بيان آهن. باب پنجون ٽالپر دور سياسي، علمي، معاشرتي ۽ ادبي حالتن سان گڏ اهم شاعرن سچل سرمست، حمل لغاري، سامي، سيد ثابت علي شاهه ۽ ٻين جو بيان ڏنل آهي. ڇهون باب انگريز دور جو آهي جنهن ۾ شاعريءَ سان گڏ نثر نويسيءَ جي اهم صنفن ڪهاڻي، ناول، ڊرامي، مضمون، تحقيقن ۽ تنقيد سان گڏ مکيه نثر نويسن ۽ شاعرن کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي جنهن ۾ 36 نثر نويس ۽ ڏهه شاعر ڏنل آهن. ستون باب موجوده دور جي بيان تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ ادبي رجحانات سان گڏ پير حسام الدين راشديءَ کان پروفيسر عبدالرحمان جتوئيءَ تائين 26 نقادن ۽ محققن جي فن تي تبصرو ڏنل آهي. ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار 38 آندا ويا آهن ۽ شاعرن ۾ 80 شاعرن جو مختصر تعارف ۽ سندن شعر جو نمونو ڏنل آهي. 278 صفحن جو هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع تي مختصر پر ضروري احوال ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ لکيو آهي ته ”هن ڀيري هن ڪتاب کي گهڻو وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو ويو آهي ۽ ڪيترائي اضافا ڪيا ويا آهن. ان هوندي به اختصار کي قائم رکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اختصار ۽ جامعيت ئي هن ڪتاب جي مکيه خصوصيت آهي.(1)
”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1996ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪل 83 موضوع ڏنل آهن. جن ۾ خاص طور”ادبي اهڃاڻ ۽ لاڙا“ ”تنقيد جا جديد رجحان“، ”جديد ادبي تحريڪون“، ”نثر ۽ نظم جون ڪي اهم صنفون“ ۽ ”مختلف ادبي دور“، ”سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو“، ”نعتيه شاعري“، ”تصوف ۽ سنڌي ادب“، ”مثنوي مولانا روم جو هڪ سنڌي ترجمو“، ”تصوف ۽ صوفي شاهه جي نظر ۾“، ”مرزا قليچ بيگ ”شخصيت ۽ ڪردار” شيخ اياز جي شاعري ۽ ٻيا موضوع آهن هي ڪتاب قديم ۽ جديد سنڌي ادب جي موضوعن جو ميلاپ تحقيقي نموني سان آهي. ميمڻ صاحب جي پنهنجي لفظن ۾ ته،
”هن ڪتاب ۾ اوهان کي قديم ۽ جديد سنڌي ادب جا مختلف رنگ، روپ نظر ايندا. اوهان محسوس ڪندا، ته سنڌي ادب جي مختلف گلن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ، جلوو ۽ جمال جدا جدا آهي پر انهن جو روح هڪ آهي. سنڌي ادب جو منفرد انداز آهي ۽ ان جا پنهنجا قدر آهن جيڪي هر دور ۾ ڪار فرما رهيا آهن“.(2)
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب پنهنجي سڄي حياتي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت کي ارپي. هو آخر تائين ڪم ڪندو رهيو ۽ خاص طور ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيائين جيڪي ڪورس ۾ شامل آهن. يوسف سنڌي لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي جواهر پارا سنڌي ٻوليءَ کي ڏيئي ويو آهي صدين تائين سنڌي قوم کي لاڀ ڏيندا رهندا. هن پنهنجي محنت سان سنڌي ادب جو دامن ڪيترن اهم ڪتابن سان مالا مال ڪيو آهي.“(3)
ڊاڪٽر صاحب جي ٻن ڪتابن جو مختصر جائزو مٿي ڏنو اٿم. هڪ سندن اهم تصنيف”شاهه ڪريم جو ڪلام“ آهي. جا سندن تحقيقي ڪم جي سلسلي جي ڪڙي آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تڙ ڏاڏو هو جنهن سنڌ جي سرزمين کي روحاني فيض عطا ڪيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد شاهه ڪريم جي ”بيان العارفين في تنبيهه الغافلين“ تي تحقيق ڪئي هئي. جنهن بعد پاڻ مٿئين عنوان وارو ڪتاب لکي پيش ڪيائين. شاهه ڪريم جي باري ۾ احوال ”لطائف لطيفي“ مير عبدالحسين سانگي، ”مقدمه لطيفي“، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”رساله ڪريمي“، مرزا قليچ بيگ، ”تحفته الڪرام“، مير علي شير قانع، ۽ ٻين ڪجهه ڪتابن مان پڻ ملي ٿو.
بيان العارفين، شاهه ڪريم جي ملفوظات تي مشتمل آهي جيڪو سندن مريد محمد رضا سندن وفات کان پوءِ لکيو. هن ڪتاب ۾ علم ۽ حڪمت جا قول فارسي نثر ۾ لکيل آهن ۽ وچ ۾ ڪجهه سنڌي بيت آهن جن ۾ گهڻا شاهه ڪريم جا آهن. هيءَ ڪتاب مقدمي ۽ ستن فصلن تي مشتمل شاهه ڪريم جي سوانح ۽ فن جي باري ۾ ماخذ قرار ڏنل آهي.
شاهه ڪريم جو ڪلام:
ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. مقدمو ۾ ست فصل آهن جن ۾ شاهه ڪريم جي سوانح، شخصيت، ڪردار، علمي لياقت، مشرب ۽ ان وقت جون سنڌ جون سياسي حالتون ۽ سنڌ جو علم وادب بيان ڪيل آهن. متن جي ڀاڱي ۾ شاهه ڪريم جي ولادت پيري، مريدي، سندن بزرگيءَ جي تعريف، حق جي واٽ جي طلب، نماز ۽ درود، علم تواضع، سخاوت ۽ محبت جي اپٽار سان گڏ سماع ۽ وجد جو بيان آهي. سنڌ جي بزرگن جون حڪايتون، شاهه ڪريم جي شاعريءَ جي تصوف جي ذڪر سميت ڪل چوڏهن باب ڏنل آهن. اپٽار جي حصي ۾ شاهه ڪريم جي بيتن جي شرح، قاضي قاضن جي بيتن جي شرح، بيان العارفين ۾ آيل ٻيا بيت ۽ اهي بزرگ جن جو ذڪر بيان العارفين ۾ آهي. بيان ڪيل آهن. انهيءَ کان علاوه بيان العارفين ۾ آيل سنڌ جا شهر، پرڳڻا ۽ دريائن جي نالن جي عنوان سان ٽي فصل ڏنل آهن.
ڊاڪٽر مجيد، ارغوني دور جي هن نيڪ بزرگ شاعر جي سوانح ۽ ڪرداري خوبيون ذڪر ڪندي ڪيترائي واقعا ۽ ڪرامتون ڄاڻايون آهن ۽ ديني ۽ دنياوي زندگيءَ بابت شاهه عبدالڪريم جا نظريا ۽ قول پڻ ٻڌايا اٿن. جن ۾ علم، عبادت، دنياوي زندگي، سلوڪ وسماع، ۽ وجد جا بيان، عارفن جون منزلون، يقين جي قوت، شريعت، طريقت، مطلوب جو تعلق ۽ ٻين مسئلن بابت سمجهاڻيون آهن جن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا قول، قرآني آيتون ۽ حديثون ڪتب آيل آهن. شاهه ڪريم جي ڪلام جو شاعراڻو تجزيو، ڪلام جي قدامت، شعر جو مضمون، لهجو، شعر جي ٻولي، بيتن جو تعداد، وزن، بيتن ۾ استعمال ٿيل پهاڪا، چوڻيون، صنعتون، رومانوي داستان ۽ سندن ڪلام جو پوئين شاعرن تي اثر ۽ ٻيا شاعريءَ سان لاڳاپيل موضوع، ميمڻ صاحب دليلن سان سمجهايا آهن. ان کان سواءِ ڪلام جي مشڪل لفظن جي معنيٰ، قولن ۽ ملفوظات جي معنيٰ سمجهايل آهن. جن بزرگن جو ذڪر بيان العارفين ۾ آيل آهي جيئن، شيخ ابراهيم، مخدوم بلاول، بهاءُالدين گودڙيو، پير پٺو، فقير جوڻو، قاضي حسن، سيد علي ثاني، مراد شيرازي، سيد يوسف بکري ۽ ٻين تي ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي. ڪتاب مان شاهه ڪريم جي ملفوظات جا ڪجهه حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
فڪر کان سواءِ ذڪر ائين آهي، جيئن ميوي کان سواءِ وڻ، عمل کان سواءِ علم اجايو آهي. انهيءَ ڪري طالب کي گهرجي ته پنهنجو وجود وڃائي علم سان عمل کي مشروط ڪري(ص- 77 ۽83) عابد جي نماز رڪوع ۽ سجدي سان آهي پر عارف جي نماز وجود وڃائڻ سان آهي. خدا جي حضور ۾ هٿن ۽ پيرن سان نه هلجي پر دل جي حضور هلجي(ص.92ـ)
”شريعت ۾ حقيقت ائين آهي جيئن کير ۾ مکڻ سمايل هوندو آهي.(ص.93)
”خدا جي وصال لاءِ چار اصول ضروري آهن.(1) پاڻ کي گهڻو کائڻ کان روڪڻ. (2) ماڻهن سان ٿوري محبت رکڻ (3) ننڊ ٿوري ڪرڻ. (4) الله تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ. ”طالب کي گهرجي ته خدا کي سڃاڻڻ جي خواهش نه ڪري. ڇو ته جهڙي طرح خدا کي سڃاڻڻ گهرجي، تهڙي طرح ڪوبه ان کي سڃاڻي نه سگهندو. ان ڪري گهرجي ته هو پاڻ کي سڃاڻي. ائين ڪرڻ سان معرفت حاصل ٿيندس.(ص- 93 ۽ 97)
”هڪدم خدا جي ياد کان غافل هئڻ ائين آهي جيئن هڪ نبي قتل ڪرڻ معنيٰ ته هردم الله جو نالو وٺو جو هر دم توهان وٽ الله جي امانت آهي. جنهن تنهنجي تعريف ڪئي تنهن ڄڻ ته توکي ڪٺو.“
”سماع پڻ علمن مان هڪ علم آهي جنهن ۾ ڪوبه خطرو ڪونهي.”ص- 82 ۽ 173 )
مٿين حوالن مان ڄاڻ پوي ٿي ته شاهه ڪريم جا ملفوظات صبر وشڪر، نهٺائي، پيار ۽ امن ۽ تصوف جي تعليم جو پيغام آهن. پاڻ ان دور جو صوفي بزرگ هو جنهن دور ۾ سنڌ جو امن وامان تباهه حال هو. خوف وحراس واري ماحول ۾ هُن امن جي سبق سان گڏ تصوف جي راهه کي سنئون دڳ ڄاڻي شاعري ڪئي ۽ سُرن ۾ بيت چيا. سندس ڪلام جي اثر انگيزيءَ جو اثر شاهه لطيف جي ڪلام مان پسجي پيو. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب هن ڪتاب ۾ اهو موضوع پڻ بحث هيٺ آندو آهي ته شاهه لطيف پنهنجي تڙ ڏاڏي کان گهڻو متاثر هو ۽ اهو به ثابت ڪيو اٿن ته شاهه ڪريم جو ڪلام سنڌي شاعريءَ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ شاهه لطيف سائين، بيان العارفين کي پاڻ سان گڏ رکندو هو. شاهه ڪريم جو ڪلام ڪتاب، بيان العارفين في تنبيهه الغافلين جي اختصاري ڇنڊ ڇاڻ ڪيل صورت آهي. بيان العارفين جي اهميت مسلم آهي. تصوف جي تاريخ، تدريسي ارتقا ۽ ڪريمي فڪر وفهم کي سمجهڻ لاءِ بيان العارفين سان گڏ شاهه ڪريم جو ڪلام، هڪ خاص معاون ڪتاب شمار ٿئي ٿو. بيان العارفين جو مڪمل ترجمو، تحقيق ۽ تشريحي حوالن سان 2002ع ۾ اوقاف کاتي جي تعاون سان شايع ٿيو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد صاحب جون بيشمار علمي ۽ ادبي خدمتون هميشه قائم رهنديون. کين پاڪستان حڪومت طرفان 23 مارچ 1983ع تي”تمغه امتياز“ ۽ 1996ع ۾”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو. سندن وفات 11 فيبروري 1996ع تي ٿي ۽ کين لاڙڪاڻي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
حوالا
(1) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع. ص-19
(2) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر،”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.“ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع ص.، 17
(3) يوسف سنڌي، ”سنڌي ادب“ سچائي اشاعت گهر دڙو 2011ع ص.
385.
(4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“.
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. ص، 77، 83، 92، 93، 97-