ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ولد سلطان جوڻيجو 26 نومبر 1935ع تي ڳوٺ پير فتح شاهه تعلقي بدين ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم بدين مان ۽ پوءِ ٽنڊي باگي مان پڙهيائين. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آنرز ۽ 1982ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين. 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ بحيثيت پروفيسر ۽ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. ڊاڪٽر عبدالجبار سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ميدان ۾ استاد جي حيثيت سان شاگردن جي خدمت ڪئي. ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۾ رهنمائي ڪيائين. مختلف ادارن جو ميمبر رهيو. کيس سنڌي سرائيڪي، پنجابي، ۽ اردو ٻولين تي عبور حاصل هو. هُن 200 کان مٿي تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا کيس موسيقيءَ سان رغبت هئي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پارکو هو ته ڪلاسيڪل شاعريءَ جي به کين ڄاڻ هئي. سندن لائبريري ۾ ڪيترائي موسيقي جا البم ۽ سَون جي تعداد ۾ ڪتاب ۽ قلمي نسخا آهن. شاعر جي حيثيت سان”شام“ تخلص هين. دوها، بيت، وايون ۽ نظم چيا اٿن. سندن شاعريءَ جو مجموعو ”مرگهه ترشنا“ جي نالي سان آهي. سندن لکيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 65 تائين آهي. جن مان ڪي هن ريت آهن. ”سوکڙي“(1950) ”اباڻو گهر“(ڪهاڻيون) (1958) ”دانشمندي“(1958) ”ڪنز لطيف“(1963) ”سوري آ سينگار“(ناول 1963) ”غزلن جو غنچو“(ايڊٽ ڪيل. 1961) ”سنڌيون“(مذهبي شعر بابت 1970) ”سڄڻ نت سوجهرو“(رسول پاڪ بابت نظم جو ترجمو 1971) ”سنڌي ٻيو ڪتاب“(1973) ”مائوءَ جي ملڪ ۾“(سفرنامو. 1973). ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“(1973) (ٻيو ڇاپو 3 جلد 2006) ”اڪيلي“(ناول ترجمو 1974) ”لاڙ جي لغات“(ببليو گرافي. 1974) ”مرگهه ترشنا“ (شاعري. 1975) لطيفيات)ببليو گرافي. 1977) ”لطيف ڪوئيز“. 1978) ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“، ڊاڪٽر صاحب جو پي ايڇ ڊي جو مقالو 1980سنڌ الاجي طرفان ڇپيل) ”نه ڪر هار سينگار“(ڪهاڻيون. 1981) (سچل نامو)ببليو گرافي 1981) ”ديپڪ ملهار“(آتم ڪهاڻي. 1981)، ”سنڌي لوڪ گيت“(1985) ۽ سومار شيخ (سوانح 1987) ”سليس سنڌي“(نصاب. 1989) ”ونڊ سر محل جو مسافر“(سفر نامو . 1987) ”لاڙ جو مطالعو“(ترتيب. 1991) ”ٿر جي ٻولي“(هدايت پريم ۽ جبار صاحب 1994). ”مقالا ۽ نر تي تند نياز سين“(شاهه لطيف ڪانفرنس 1988 جا مقالا ترتيب ڊاڪٽر جبار ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو) ”ڪشف الابيات“ (1995) ”ڪٺمال“، ”ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو“. ”شيخ اياز، هڪ مطالعو“. ”تنوير عباسي هڪ مطالعو“ ”ڊاڪٽر سنديلو، هڪ مطالعو“ ۽ ”محمد سومار شيخ، هڪ مطالعو“ ”سرائيڪي شاعري، هڪ مطالعو“. ”شاهه لطيف، هڪ مطالعو“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا آهن. چند ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا اٿن.
لطيف شناسي ۽ سچل سائين تي سندن مقالا اهم آهن. ڪٺمال ڪتاب اهڙن معلوماتي مضمونن ۽ مقالن سان سجايل آهي جو اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد جي، سهڪار سان سنڌ الاجي 2002ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ شاهه، سچل، ۽ ساميءَ جي باري ۾ ليکن کان سواءِ مشهور ليکڪن، ۽ شاعرن جي سوانح ۽ تذڪرا آهن ته ٻيا بيت، گيت، وائي، نعتيه شاعري، سنڌيءَ ۾ سوانح نويسي، جديد عالمي ادب جا لاڙا، افسانوي ادب ۾ ڪردار جي اهميت ۽ ٻيا موضوع آهن. هيءَ ڪتاب، ٽيهٺ مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ شاعريءَ جي باري ۾ ايڪيتاليهه ليک آهن.
جبار صاحب جي ڪتابن ۾”سنڌي ادب جي تاريخ“ هڪ اهم ڪتاب شمار ٿئي ٿو جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾ ڇپيو. جو هڪ ئي جلد ۾ هو ۽ ڳچ عرصو شاگردن ۽ ريسرچ ڪندڙن ۾ مقبول رهيو. اڳيان هلي ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب کي ٽن جلدن ۾ آندو جي سنڌي لئنگويج اٿارٽي 2004ع کان 2006ع تائين شايع ڪيا. پهريان 2 جلد مڪمل شاعريءَ متعلق آهن ته ٽيون جلد نثر بابت آهي.
سنڌي ادب جي تاريخ ڪتاب جو پهريون جلد، 335 صفحن تي مشتمل آهي هيءُ ڪتاب ٽن دورن ۾ ورهايل آهي. پهريون دور ڇهن بابن تي مشتمل آهي. ان جو پهريون باب سنڌي شاعريءَ جي ابتدا، سومرن جو دور، اسماعيلي داعين جو ڪلام، هڪ بيت جي تحقيق، جي موضوعن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ٻيو باب، سمن جي حڪومت، شيخ حماد جمالي، درويش نوح هوٿياڻي، شيخ عبدالجليل چوهڙ، سيد حيدر سنائي، مخدوم احمد ڀٽي، اسحاق آهنڱر ۽ ٻين جي احوال تي مبني آهن. باب ٽيون ۾ قاضي قادن ، مخدوم نوح سرور جو احوال آهي. باب چوٿون پير محمد لکوي، دادو ديال، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ذڪر تي آڌاريل آهي. باب پنجون عثمان احساني، لطف الله قادري، پراڻ ناٿ جي باري ۾ آهي. باب ڇهون ميون عيسو هالائي، ميون عنايت رضوي، احسان فقير، ۽ ٻين مُوضوعن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن تاريخ جو اهو پهريون دور 130 صفحن تائين اچي ٿو. هر باب جي آخر ۾ حوالا ڏنل آهن.
ادبي تاريخ جي جلد پهريون جو ٻيو دور چار بابن تي مشتمل آهي. باب پهريون شاهه عبدالطيف ڀٽائي، باب ٻيو صوفي شاهه عنايت شهيد، جمن چارڻ، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، خواجه سلطان لااولياءَ محمد زمان ته باب ٽيون سيد محمد بقا شاهه، ميان صاحبڏنو فاروقي، مدن ڀڳت، مين شاهه عنايت ۽ تمر فقير جي باري ۾ آهي ته باب چوٿون عروضي شاعريءَ جي ابتدا لوڪ ادب، لس ٻيلي جا شاعر، ڪڇ جا شاعر ۽ صنفن جي احوال تي آڌاريل آهن. ٽئين دور جا ٻه باب هڪ ۾ ميرن جي صاحبي ۾ شاهه ۽ سچل، نانڪ يوسف، خير محمد هيسباڻي، محمد علي سومرو، نماڻو فقير ۽ ٻين جو احوال آهي. ۽ ٻئي ۾ سنڌي موسيقي ۽ ڪافي جي صنف بابت آهي.
سنڌي ادب جي تاريخ(جلد ٻيون) جو مواد 595 صفحن تي مشتمل آهي. پهريون جلد سچل سرمست ۽ سندس ٻالڪن جي ذڪر تي اختتام پذير ٿئي ٿو. شروع ۾ سرفراز عباسي، روحل فقير، فتح فقير، عثمان سانگي، حمل فقير، سيد صاحبڏنو شاهه، سانوڻ فقير ٻين کي آندو ويو آهي ته اڳيان ويدانتي ڪلام صوفي دلپتراءِ، آسورام، ثابت علي شاهه، سيد فاضل شاهه، مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ، ڪشنچند بيوس، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، جو احوال آهي. عروضي شاعري ۽ جديد شاعري يا ٻين لفظن ۾ 19 صديءَ ۽ ويهين صديءَ جي شاعرن جي سوانح ۽ شاعريءَ جي ڄاڻ هن ٻئي جلد مان پوي ٿي. جنهن ۾ جديد شاعرن ۾ سڳن آهوجا، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، تنوير عباسي، امداد حسيني، سحر امداد، اياز گل، ادل سومرو، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ذڪر ڪيل آهن. جبار صاحب جي هن ادبي تاريخ جو ٽيون جلد مڪمل نثر جي باري ۾ آهي. جنهن جا ڪل نو باب آهن. پهريون سنڌي نثر جي ابتدا، قصو، ٻيو ناول، ٽيون ناٽڪ، چوٿون افسانو/ڪهاڻي، پنجون سوانح عمري، ڇهون آتم ڪهاڻي، يادگيريون، ستون سفرناما، خط ڊائريون ۽ خاڪا، اٺون، تنقيد، مضمون، ترجما ۽ نائون باب تحقيق ۽ ٻاراڻي ادب جي باري ۾ آهي. ڪل ڪتاب 249 صفحا آهي. ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ ادبي تاريخ مختلف ادبي تاريخن جي آڌار تي ۽ وڏي محنت ۽ تحقيق سان عمل ۾ آئي آهي. ادبي تاريخون ائين ئي هڪ ٻئي جي تسلسل جي آڌار تي ٺهنديون ۽ اڳيان هلنديون آهن. هن ادبي تاريخ ۾ شروع جا ٻه جلد تفصيلي آهن پر نثر جو ٽيون جلد اڃان وسعت طلب هئڻ گهربو هو. ادبي تاريخ جي لحاظ کان نثر جي معلومات تشنه آهي جا ڪنهن به تحقيق ۽ معلومات لاءِ مستند هوندي پڻ اڻ پوري آهي. منجهس پروف جون به غلطيون آهن. (لئنگويج اٿارٽي جي ڇاپي ۾) ڊاڪٽر جبار هن تاريخ جي لکڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪتابن کي ماخذ بنايو پر خاص طور جن ادبي تاريخن کي جيڪي کانئن اڳ موجود هيون. انهن ۾ سنڌي ادب جي تاريخ(ٻه ڀاڱا) خان بهادر محمد صديق ميمڻ، تذڪره ”لطفي ٽي ڀاڱا“ پروفيسر لطف الله بدوي، تاريخ شعراءِ سنڌ، هدايت علي نجفي تارڪ، سنڌي ادب، پير حسام الدين راشدي، سنڌي نثر جي تاريخ، منگهارام ملڪاڻي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هسٽري آف سنڌي لٽريچر، لال سنگهه اجواڻي، ۽ هسٽري آف سنڌي لٽريچر، پوپٽي هيرا ننداڻي ۽ ان کان سواءِ مختلف شاعرن جي باري ۾ تذڪرن جا ڪتاب آهن. جبار صاحب موجب ته هن ادبي تاريخ ۾ هن اهم شاعر ۽ نثر نگار شامل ڪيا آهن لکيو اٿن ته:
”ادبي تاريخ ۾ هر ڪو شامل رهڻ جو خواهان هوندو آهي. اهڙي تنقيد منهنجي مختصر ادبي تاريخ تي به ٿي. ممڪن آهي ته ڪنهن اسرندڙ ڪهاڻيڪار پاڻ کي ادبي تاريخ ۾ نه ڏسي واويلا ڪئي. مون انهن تنقيدن مان پرايو ۽ ڪوشش اها ڪئي اٿم ته معياري ليکڪ ۽ تخليقون شامل رهن.(1)
جبار صاحب محقق پڻ هو ته نقاد پڻ، شاعر پڻ هو ته اديب پڻ. سندن حلقهءِ احباب وسيع هيو. ڪيترن کي کانئن اها شڪايت به رهي آهي ته هُو شخصي تنقيد ڪندڙ پڻ هو. جيئن حليم بروهي ۽ سندن جي وچ ۾ اختلاف اخبارن ۾ پڻ هليا پر بهرالحال ادبي تاريخ جو ڄاڻو هو. ته به اهو اعتراف ڪيو اٿن، ته ”اڃان هن کان وڌيڪ تفصيلي ادبي تاريخ لاءِ ميدان کليل آهي. خدا توفيق ڏيندو“.،
ڊاڪٽر فهميده حسين سندن تاريخ جي باري ۾ لکيو آهي، ته ”هيءُ ڪتاب نه صرف سنڌي ادب جي تاريخ جو ڪتاب آهي پر عملي تنقيد جو به ڪتاب آهي“.(2)
ڊاڪٽر جبار سفرنامي جي صنف ۾ به لکيو آهي سندن يورپ جي سفر تي مبني سفر نامو”ونڊ سر محل جو مسافر“ آهي. جنهن ۾ لنڊن جي لائبريرين ۾ موجود ناياب سنڌي قلمي نسخن ۽ ڪتابن جي ذڪر سان گڏ انهن ڪتابن ۽ نسخن جو احوال پڻ لکيواٿن جن مان پاڻ اتي فائدو حاصل ڪيائين.
چين جي باري ۾ سندس سفرنامو”مائوءَ جي ملڪ“ ۾ 1973ع ۾ شايع ٿيو. جو پيڪنگ۾ چيني زبان جي تعليم دوران (1965. 1966) ۾ لکيائين هن سفرنامي ۾ پيڪنگ توڙي ڪيترن ٻين شهرن جو تعليمي ۽ ثقافتي احوال ڏنل آهي. اتي جي تعليم ۽ سوشلسٽ سماج، کي جبار صاحب بيان ڪيو آهي ته چين جي ماڳن، عمارتن، عجائب گهرن، ادبي رجحانن ۽ تاريخي پس منظرن کي پڻ ذڪر ڪيو اٿن. سندن موجب ته اها قوم وقت جي پابند ۽ محنتي آهي ۽ منظم زندگي گهاريندڙ پڻ، لکي ٿو ته:
”وانگ فوچين بازار ۾ هڪ پوڙهي کان بيلچو گهريم ته ڊگهي تقرير ڪري وڌائين ته اوهين مهمان آهيو، اسان جو ڪم آهي، ”آءُ پاڪستاني آهيان“ مون چيو، پوءِ ته بلڪل تون ڪم نه ڪر، مون سوچيو ته، ”جهونا ڪامريڊ مون کي تون پنهنجي سوشلسٽ تعمير نو ۾ شريڪ نٿو ڪرين.“ (3)
مطلب ته هيءَ قوم پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ، ٻئي تي بوجهه نه وجهڻ ۽ مهمان جي عزت ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترين خوبين سان نوازيل آهي. 169 صفحن جو هيءَ ڊيمي سائيز جو ڪتاب ٿائيلينڊ واري ننڍڙي ڪامريڊ جي نالي انتساب ٿيل آهي.
جبار صاحب کي ڪلاسيڪل شاعريءَ سان وڏو لڳاءُ هو. سندن ايم اي جو مونو گراف 1962ع ۾”سنڌيون“ جي عنوان سان آهي جو ڪلهوڙن جي دور جي نظم سنڌيون بابت تحقيقي جائزو آهي ۽ 1970ع ۾ شايع ٿيو. نظم سنڌيون بابت لکيو اٿن ته، ”ڪلهوڙن جي دور واري هن طرز جي نظمن کي هڪ تحريڪ چئي سگهجي ٿو جنهن جو اولين ڪارج شريعت جي سمجهاڻيءَ سان پورو ٿيو جيئن ته پوءِ هن ۾ خدا ۽ رسول جي مدح ۽ ثنا به ٿيڻ لڳي ان ڪري هنن نظمن کي وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي ۽ منجهن جا نغمگي سمايل هئي. تنهن سنجيده ۽ بالغ ذهنن تي گهرو اثر ڪيو.(4)
ڊاڪٽر صاحٻ شاهه لطيف، سچل سائين، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جي باري ۾ مڪمل ڪتاب لکيا ته ٻين ڪلاسيڪل شاعرن تي شاهه لطيف جي باري ۾ سندن ڪتاب ”لطيفي ڪوئيز“، ”ببليو گرافي“، ”ڪنزالطيف“ ”ڪشف الابيات“ آهن ان کان سواءِ ڪٺمال ڪتاب ۾ 17 ليک لطيفي فن جي باري ۾ آهن جيڪي ادبي، علمي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ وڻندڙ ۽ شاهه جي شاعري کي کولي بيان ڪندڙ آهن.
شيخ اياز جو پارکو ۽ سندس شاعريءَ کان گهڻو متاثر هو هن شيخ اياز هڪ مطالعو، ڪتاب اياز جي عظمت کي بيان ڪرڻ لاءِ لکيو. سندس لفظن ۾ ته: اياز هڪ عظيم شاعر آهي. سندس تخليقن جو مڪمل جائزو وٺڻ ۽ صحيح ڪٿ ڪرڻ ايترو آسان ڪونهي جيترو هر ڪو پڙهندڙ پارکو قلم کڻڻ وقت سمجهي ٿو. اياز هڪ عظيم شاعر آهي. هيءَ ڳالهه هڪ جملي ۾ ته سمائجي ويئي پر اهو آئون اياز جي ڪلام مان ثابت ڪندس. اياز جي شاعري جيتوڻيڪ ويهين صديءَ جو ورثو آهي. پر ايندڙ صديون به سندس ڪلام جي ڪٿ ڪنديون“. (5)
ڊاڪٽر صاحب شاعري، ٻولي، ادبي تاريخ جي مختلف موضوعن تي سوين مضمون ۽ مقالا لکڻ سان گڏ ڪارائتا ڪتاب تصنيف ڪيا جن مان ڪيترن ئي شاگردن ۽ ادب پڙهندڙن جي رهنمائي ٿي رهي آهي. مرتضيٰ سيال، ”سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار “ مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر صاحب جي زندگي شاهه سائينءَ جي سٽ، ”جان جان هئي. جيئري ورچي نه ويٺي“ جيان هئي. هن وقت وڃائڻ بجاءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪم ڪيو سندس علمي ۽ تحقيقي ڪم وارا ڪتاب سچ سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن“(6)
ڊاڪٽر صاحب هاڪاري سوچ رکندڙ ۽ پنهنجي ڪم مان مطمئن رهندڙ هو. 18 فيبروري 2010ع تي ڪاوش کي ڏنل انٽرويو ۾ چيائين ته؛
”سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو روشن آهي. اسين مايوس نه آهيون سنڌي ادب شاهوڪار آهي. جيترو به لکيو ويو آهي. اهو فارسي ۽ اردو کان گهٽ نه آهي پر معياري ادب آهي. اسين اديب ۽ نقاد ٻوليءَ جي آئيندي بابت مايوس ناهيون.(7)
ڊاڪٽر جبار 12 جولاءِ 2011ع تي هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي سندن علمي ۽ ادبي خدمتون سنڌي ادب ۾ هميشه قائم رهنديون.
حوالا:
1- جوڻيجو جبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“(جلد ٽيون، سنڌي
لئنگيج اٿارٽي، 2006ع ص. 54
2- فهميده حسين ڊاڪٽر، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“ سنڌ ادبي
اڪيڊمي 1997ع-ص.158
3- جوڻيجو جبار، ڊاڪٽر، ”مائوءَ جي ملڪ “۾ زيب ادبي مرڪز،
1973، ص. 34
4- جوڻيجو جبار، ”سنڌيون“ انسٽيٽيوٽ اف سنڌ الاجي، 1970ع
ص. 34
5- جوڻيجو جبار ڊاڪٽر، ”شيخ اياز هڪ مطالعو، شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور، 1999ع ص. 20
6- مرتضيٰ سيال،”سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار“، روزاني
ڪاوش آچر 17 جولاءِ 2011ع.
7- جوڻيجو، جبار ڊاڪٽر، روزاني ڪاوش، 18 فيبروري 2010ع.