ڊپٽي صاحب جنهن جو گفتو گفتو گل
مٿئين عنوان وارو ڪتاب سنڌي ادب جي سوانح نگاريءَ ۾ هڪ نئون اضافو آهي، جو نصير مرزا سهيڙيو آهي. غلام محمد مخدوم صاحب جي باري ۾ لکيل هن ڪتاب جو ڪاغذ ۽ ٽائيٽل وڻندڙ آهن. 360 صفحن جي هن سوانح ۾ سنڌ جي اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن جا مخدوم صاحب جي باري ۾ ليک آهن. جن ۾ پير حسام الدين راشدي، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، نفيس احمد ناشاد، قربان منگي، انعام شيخ، ڊاڪٽر قاضي خادم، تاج جويو، شوڪت حسين شورو ۽ ٻين جون تحريرون شامل آهن. 84 صفحن تي مشتمل انگريزي ٻوليءَ جي ليکن ۾ گل محمد عمراڻي، ڊاڪٽر منصور ۽ ٻين گهر ڀاتين لکيو آهي ۽ اردوءَ ۾ محمد حسن ۽ سيد اسلم جعفريءَ جون تحريرون شامل آهن. هن ڪتاب ۾”عڪس درِ عڪس“ جي عنوان سان فوٽو گئلريءَ ۾ تقريبن اڍائي سو بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ رنگين تصويرون آهن جن ۾ فئملي فوٽوز ۽ مخدوم صاحب جي منعقد ڪرايل سچل ڪانفرنسن جون تصويرون آهن ۽ مخدوم صاحب جن پنهنجي ذاتي وڏي لائبريري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي گفٽ ڪئي جتي سندن نالي سان غلام محمد مخدوم ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. انهي موقعي جا فوٽوز پڻ شامل آهن ۽ ريڊيو پاڪستان کي پنهنجي جمع ٿيل موسيقيءَ جي ڪليڪشن ڏيڻ وقت جون تصويرون پڻ عڪس درعڪس جي البم ۾ شامل آهن.
هن ڪتاب جي تحريرن کي پڙهڻ بعد اندازو ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب جي سوانح جا سوين رنگ آهن. هو اديبن ۽ عالمن جو قدردان هيو ته ڪتابن وٺڻ ۽ پڙهڻ جو ڪوڏيو رهيو. ڪتاب ئي سندس حياتيءَ جو اهم محور رهيا. نهٺائيءَ سان ٻين جي دل جيتيائين نثار احمد صديقيءَ کين مخلص دوست ۽ بي لوث انسان سڏيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالغفار موجب هو مهربان دوست ۽ برجستو آفيسر هيو. مشتاق شورو کين انتهائي نفيس، شفيق ۽ گهڻ سهو انسان سڏي ٿو.
هاڪاري رويو رکندڙ مخدوم صاحب 80 سالن جي حياتيءَ ۾ حياتيءَ کان مطمئن آهي هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي. موت کي برحق ڄاڻندي پنهنجي انٽرويو ۾ سنگت کي پيغام ڏيندي چوي ٿو ته:
”هلڻ وقت وکون ته ڳڻڻ گهرجن ۽ بس هلندو ئي رهڻ گهرجي، زندگي هڪڙو رقص آهي ۽ اهو رقص ڪبو رهجي، مڙي مڙي پويان ڏکن، اهنجن، يارن جي بيوفاين، پنهنجن جي وڇوڙن ۽ زماني جي مصيبتن کي بار بار پيو ڏسبو ۽ ڳڻبو رهبو ته زندگيءَ جو توازن هيٺ مٿي ٿي ويندو. پکي اڏامڻ مهل ۽ مڇي ترڻ مهل سوچيندي ٿورو ئي آهي بس پکي آسمان جي ڦهلاءُ ۾ اُڏامندو رهندو آهي ۽ مڇي درياءَ ۾ ترندي رهندي آهي. سو ماڻهو کي به زندگيءَ ۾ هلندو ۽ هلندو ئي رهڻ گهرجي، باقي سو هوا سان گڏ ڪوبه يا ڄمار ناهي رهندو ۽ نهايت جلد ڪو وقت اهڙو اچي ويندو آهي جو هوا نيٺ سرير جو ساٿ ڇڏي ويندي آهي ۽ ان کان پوءِ مٽيءَ جو ساٿ شروع ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو ازل تاابد زمين جي ڪتاب جو ورق بڻجي پوندو آهي. سو ماڻهو مٽي ۽ خاڪ جلد ختم ٿيڻ واري ۽ فاني شيءَ آهي. جنهن جي ذات سدائين رهڻي آهي ۽ اهوئي لافاني بخشڻهار ۽ اهوئي خلقڻهار آهي جنهن جو نوازڻ سڀ ڪجهه آهي ۽ ان ئي فلسفي پويان هلو ته، ”جو نوازي ڏڏ، آسرمَ لاهج اُن جو“(ص100)
ڪتاب جو ٽائيٽل، ضخامت، اڇو پنو منفرد عنوان ۽ ٻاهرين سونهن ۽ سوڀيا پڙهڻ لاءِ هرکائيندڙ آهي، پروف ڌيان سان چڪاسيل آهن. ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون نه هئڻ برابر آهن. هيءُ ڪتاب هڪ فرد جي انسان دوستي، ادب پروري، ذهانت، علميت ۽ فرض شناسيءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. صاحب ڪتاب سان سوانحي رهاڻ صفحي 17 کان 103 تائين ڪيل آهي جنهن ۾ ڊپٽي صاحبِ جا انٽرويو ۽ ساڻن ڪيل ڪچهريون آهن. سندن گفتن کي نصير مرزا گلن سان تشبيهه ڏني آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۾ ڇپيو آهي. جنهن جو عنوان”ڊپٽي صاحب جنهن جا گفتا سڀ گلاب“ ۽ اردوءَ ۾”ڊپٽي صاحب جن کي ساري حرف گلاب“ جي عنوان سان شايع ٿيا آهن.