ماهين هيسباڻي: بحيثيت شاعره
ماهين هيسباڻي نوشهروفيروز ۾ غلام مرتضيٰ هيسباڻيءَ جي گهر ۾ پهرين اپريل 1976ع تي جنم ورتو. هن نياڻيءَ کي ننڍپڻ لاڪون علم، ادب سان پيار هيو. سندس ماءُ ماريه بلوچ چواڻيءَ ته، شاعريءَ سان ماهين کي روحاني لڳاءُ آهي. جنهن عمر ۾ ڇوڪريون گڏو گڏي راند ڪنديون آهن مون هن کي لکندي پڙهندي گهر جي ڪنڊ ۾ اڏيل ننڍڙي نيلام گهر جي ميزباني ڪندي شعر پڙهندي ڏٺو“. ۽ هن ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۾ ۽ پروگرامن جي ميزباني ڪندي انيڪ شعر سهڻي تلفظ ۽ ادائيگيءَ سان پڙهيا ۽ جهونگاريا آهن. سندس پهرين سڃاڻپ شاعريءَ کي سهڻائيءَ سان پڙهڻ هئي ۽ ٻي سڃاڻپ ذاتي مجموعي ”تون“ جو ڇپجڻ رهي. جنهن سان هوءَ هڪ شاعره جي حيثيت ۾ صاحبِ ڪتاب ٿي سامهون آئي آهي.
ماهين شاعره هئڻ سان گڏ ڪالم نگار، ڪمپيئر ۽ جرنلسٽ آهي. هن پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ 2001ع ۾ ايم اي ڪئي ته سنڌي ادب ۾ 2006ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪيائين، ماهين جا ڪالم روزاني ڪاوش، عوامي آواز ۽ عبرت ۾ ڇپجي چڪا آهن جيڪي سياسي، ادبي، علمي ۽ سماجي موضوعن تي مشتمل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾”بينظير ڀٽو جون چونڊ لکڻيون“ (ترتيب) 2008ع، ”تون“ شعري مجموعو 2005ع ۾ ڇپيا آهن.
”تون“، ڪتاب 127 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ بيت، دوها، ٽيڙو، چئوسٽا، نظم، گيت، وايون ۽ غزل آهن. ڪتاب جو مهاڳ، امداد حسينيءَ لکيو آهي ته مهتاب اڪبر راشدي ۽ حبيب جتوئيءَ پاران سندس فن جو جائزو ڏنل آهي. هن ڪتاب جو انتساب، سندس ماءُ ماريه بلوچ جي نانءُ آهي. جنهن ئي سندس شوق کي اتساهي پٺڀرائي ڪئي ۽ اهو ڪتاب وجود ۾ آيو. ”تون“ شعري مجموعو نظم سان شروع ٿئي ٿو سچ ته ادب جي شروعات نثر جي بجاءِ نظم سان ٿي آهي ۽ اهو به سچ آهي ته شاعريءَ جي شروعات عورت کان ٿي آهي. اها ماءُ جي هنج آهي. جتان ماءُ جي لوليءَ جي صورت ۾ شاعري اُسري آهي. عورتن ئي جذبن جي اظهار لاءِ ڳيچ، سهرا ۽ لوليون چيون. شاعري فقط ڏکن سکن ۽ محبتن جو عنوان نه آهي دراصل شاعري پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ علمي حالتن جي عڪس سان گڏ مڙني انساني روين جي عڪاس آهي. شاعر جا احساس ۽ جذبا سهڻن لفظن جو روپ ڌاري سندس شخصيت جو آئينو ٿي سامهان اچن ٿا. ماهين جا احساس ۽ جذبا هن ڪتاب ۾ انهيءَ وقت جا آهن جڏهن هوءَ سندس چواڻيءَ ته”عشق جي عين کان به اڻڄاڻ هئي.“ سندس شاعريءَ ۾ خيالن جي گهرائي ۽ بيان جي روانيءَ سان گڏ ٻوليءَ جي سونهن آهي. جنهن ۾ وڏو ڪمال تجنيس حرفيءَ جي صنعت جو پڻ آهي. جيئن چوي ٿي ته:
پهرئين پيار ۽ پيريءَ جي پيڙا ۾ ٿورو ئي فرق هوندو آهي.
ڊاڪٽر منظور قادر لکي ٿو ته:
”ماهين جي شاعريءَ ۾ جيتري سادگي آهي، خيال جي اڏام اوتري اوچي ۽ مٿانهين آهي. سندس شاعري موکيءَ جي ان مڌ جيان آهي جنهن ۾ زهر جهڙي ڪڙاڻ به آهي ته مدهوشيءَ جهڙو سرور به آهي“. (1)
سندس خيال جي بلنديءَ جي حوالي سان هتي چند مثال پيش ڪجن ٿا.
پرين جن کان پنهنجا جدا ٿي وڃن ٿا
خدا جو قسم سي جڏا ٿي وڃن ٿا
نه ڪر پيار ماهين ايڏو انهن سان
محبت مان جيڪي خفا ٿي وڃن ٿا.
هيٺين چوسٽي ۾ درد جو اظهار ڪيترو نه اونهائيءَ سان ٿيل آهي.
اندر اڌ لڳا پيا آهن
سينا سڀ ُڇڳا پيا آهن
سارا ساز ڀڳا پيا آهن.
ڳايان گيت ڪيئن الا!مان،
(2)
نظم”اي ڄامشورا“ ۾ ڄامشوري جي هوائن، سپنن جي سنسارن، سهڻن مست نظارن، پيار جي ڪهاڻين ۽ حسن جي ادائن، کي هن دلفريب نموني سان پيش ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت يونيورسٽي ۽ يادون پڻ هڪ بي انتها وڻندڙ نظم آهي هن ننڍڙي ڳٽڪي ۾ ماهين جو شاعراڻو اظهار جهجهين صنفن ۾ آهي. هوءَ چوڻ جو فن ڄاڻي ٿي. سندس چيل هڪ گيت جي لفظن جي اُڻت ڏسو:
ماني پچايان، ويٺي واجهايان ڪڏهن ايندين ڍولڻا،
ڏيئڙا ٻاريان، هر هر ساريان ڪڏهن ايندي ڍولڻا.
تون ڪڏهن ايندين ڍولڻا.
(3)
شاعري ٿورن لفظن ۾ خيال جو اظهار آهي. ماهين جو هيءُ اظهار پيار، محبت ۽ رومانس ضرور آهي پر انهيءَ ۾ لفاظي نه آهي سنوان سڌا لفظ آهن. اثرائتا ۽ تزُ لفظ آهن، جن کي هن مختلف گهاڙيٽن اندر اوتيو آهي پر هوءَ مطمئن نه آهي کيس اڳيان وڌڻ جي جستجو آهي.
چوي ٿي ته:
آ درد ڏنو دورين، مون کي محبتون گهرجن،
جيڪي ويون کسجي، سي قربتون گهرجن،
مسجد مندر، چرچ ۾، ٿو ڇا ڳولين انسان؟
افق تائين جي پهچن، سي عبادتون گهرجن،
چون ٿا ته آهي، هڪ شاعره ماهين،
مون کي ته شاعريءَ لاءِ، اڃان رياضتون گهرجن.
(4)
چندر ڪيسواڻي ماهين جي فن کي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته،”ماهين جي شاعري مفروضن کان آجي پروڙ ۽ پائڻ جي نئين جڳ ۾ ان جي اندر کي چٽي رهي آهي.“
ماهين ڪيترن ئي ٽي وي چينلز جيئن، پي ٽي وي، آواز، مهراڻ ۽ ڪي ٽي اين تي پروگرام مئنيجر ۽ پروڊيوسر، نيوز ڪاسٽر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪري چڪي آهي ۽ ڪري رهي آهي. سندس ور الطاف ميمڻ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل آهي کيس ٻن نياڻين هڪ پٽ سنڌيار جو اولاد آهي سندس گهڻي توجهه ميڊيا جي ڪم تي هئڻ سبب آئون سمجهان ٿي سنڌي ادب کي نقصان ٿي رهيو آهي جو ماهين جو هڪ ڪتاب 2005ع ۾ آيو آهي ان کان پوءِ سندس ڪوبه ڪتاب نه اچي سگهيو آهي. هوءَ لکي رهي آهي پر وقت جي ڪميءَ سبب انهيءَ کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ ڪجهه دير ٿي رهي آهي. اميد ته اڳيان سندس ٻيو ادبي پورهيو پڻ نروار ٿيندو.
حوالا:
1- قادر منظور/ سولنگي مصطفيٰ(ترتيب) ”سنڌ جون شاعر عورتون“، سنڌ
راڻي پبليڪيشن حيدرآباد 2015ع، ص.174.
2- هيسباڻي ماهين ”تون“ نئون نياپو پبليڪيشن، ڪراچي، 2013 ص
-104
3- ساڳيو حوالو، ص-104
4- ساڳيو حوالو، ص-88