سنڌي ادب جو سرموڙ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو
عبدالڪريم سومرو/ادل سومرو ، محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هنرمند هو. گهرو ماحول ادبي نه هئس پر حالتن مطابق سندس اندر جو تخليقڪار اڀري سامهون آيو. ننڍپڻ ۾ ٻاراڻي ادب سان لکڻ ڄي شروعات ڪيائين. سندس ادبي اوسر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو وڏو هٿ رهيو. رشيد ڀٽيءَ جي معرفت سندس ملاقاتون شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن سان ٿيون. کيس مطالعي جو جهجهو شوق رهيو آهي. علمي طور ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪرڻ بعد هن سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪئي ۽ ان کان پوءِ پي ايڇ ڊي ڪيائين. جنهن جو موضوع ”سنڌي ادبي سنگت: تاريخ ۽ ڪردار آهي“. جا ڊگري ڊاڪٽر ادل صاحب 1999ع ۾ ورتي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ڪم ڪيائين. جتي سنڌي شعبي جو چيئرمين رهيو ته شيخ اياز چيئر پڻ سنڀاليائين.
ڊاڪٽر ادل جي لکڻ جي شروعات، ”چنڊ پشم گولو“ ٻاراڻي ادب سان ٿي. سندس فن 1971ع کان پوءِ باقائدي ڇپجڻ لڳو. سندس سڃاڻپ، محقق، شاعر، مضمون نگار ۽ مترجم طور آهي. ٻاراڻي ادب ۾ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“(1977) ”چند پشم گولو“(1979) ”آچر جا احوال“(ڪهاڻيون) 1979ع، ”پتلين جو تماشو“، شاعري 1985ع، ”جيتن جي ڪانفرنس“(ڪهاڻيون 1984) ”پوپٽ جهڙا گيت“(شاعري 1986) مٽيءَ جا رانديڪا(شاعري) ”رنگ برنگي ڦوڪڻا“ (شاعري ترتيب ڏنل) آهن. نظم جي ٻين ڪتابن ۾”وليون وڻ ڦلارئا“”1982)”سمنڊ جاڳي ٿو“ (1984)”وساري نه ڇڏجو“(2004)”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ (ترتيب 2002) ۽ نثري ڪتابن ۾”اسين مسافر پيار جا“، (مضمون ۽ خاڪا)، ”نيروليءَ جو خواب“ (مضمون ۽ خاڪا) ”نئين دور جا نوان سبق“، (ڪالم) ”تنوير عباسي فن اور شخصيت“ (اردو ۾) آهن. هو تحقيقي جرنل جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي ته سنگت پبليڪيشن پاران”شاعري“، ”ڪهاڻي نمبر“ به ڇپرائي پڌرا ڪيا اٿس. سندس لکيل چوسٽا موجوده وقت ڪاوش اخبار ۾ پابنديءَ سان اچي رهيا آهن. شاعريءَ جي صنفن ۾ هن غزل، وائي، نظم، بيت ۽ گيت جي صنف ۾ بهترين لکيو آهي. سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڪيسٽن تي ڳائي، مشهوري ماڻي آهي. مترجم طور ڊاڪٽر ادل، آصف فرخي، اصغر نديم ۽ ٻين جي شاعري ۽ ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن. نثر ۾ هن 200 کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سندن خاڪن ۽ تاثرن جي ڪتاب، ”اسين مسافر پيار جا“، ۾ شيخ اياز، نصير مرزا، اياز گل، رسول ميمڻ، بيدل مسرور، رشيد ڀٽي، حسام الدين راشدي، طارق عالم، غفار تبسم ۽ ٻين جي باري ۾ وڻندڙ خاڪا لکيل آهن جن ۾ هن انهن ڪردارن کي ادبي لقبن سان نوازيو آهي. هن ڪتاب جي ٻولي نثر ۾ هوندي به شاعراڻي سڳنڌ ڏئي پئي. ڊاڪٽر ادل کي سندس فن تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن. هو پنهنجي هم عصرن ۾ وڏو نالو آهي. سندس شاعريءَ ۾ نيون نيون تشبيهون، استعارا ۽ جدت آهي. موضوعن جي حوالي سان سندس شاعريءَ ۾ قوميت، وطنيت ۽ سنڌيت سمايل آهي. سنڌي سماج جي مسئلن کي دل جي گهراين سان محسوس ڪري ٿو. سندس غزلن ۾ سنڌيت جي سُرهاڻ آهي. چوي ٿو ته:
مان جڏهن توسان مليس ڄڻ زندگيءَ ۾ سمنڊ هو،
دل وئي منهنجي ٻڏي جو عاشقيءَ ۾ سمنڊ هو.
مورڙي جي ماءُ جا سڏ ساحلن تي ويا مري،
پوءِ ڪلاچي جي اکين جي هر گهٽي ۾ سمنڊ هو.
درد جا ٻيڙا تو هيا سڀئي ٻوڙي ڇڏيا
اي ڪوي، شمشير!، تنهنجي مئڪشي ۾ سمنڊ هو.
يا هڪ هنڌ چوي ٿو.
سڏڪو سڏڪو زندگي ڳڻجي ٿي،
پن پن وانگر پاڻ ئي ڇڻجي کڻي.(1)
هو لفطن جي استعمال جو فن ڄاڻي ٿو ته وٽس صنعت، تجنيس حرفي ۽ تشبيهن ۽ استعارن جا پڻ ڪمال آهن.
ڪينجهر تي پرڀات، ڪنول بتيلا ننڊ ۾،
رهاڻين ۾ رات، توسان گذري جاڳندي
ڊاڪٽر ادل سومرو تحقيق، تنقيد، ٻاراڻي ادب ۽ ٻين صنفن ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي پر سندس ئي لفظن ۾ ته: ”منهنجي بنيادي سڃاڻپ شاعر طور آهي ۽ مان اهو حوالو ئي پسند ڪيان ٿو. شاعريءَ جي دنيا ۾ ابتدا 1971ع کان وٺي هيل تائين منهنجو پڙهندڙن سان تعلق رهندو آيو آهي ۽ منهنجو اهو تخليقي سفر مسلسل رهيو آهي“. (2)
سندس موجب ته، زندگيءَ جا جيڪي به رنگ آهن سي منهنجي شاعريءَ جا موضوع آهن. ڊاڪٽر ادل جو مطالعو وسيع رهيو آهي. سندس صلاحيتون سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين رشيد ڀٽي، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، جي همت افزائيءَ سان نکريون. هو مير معصوم شاهه لائبريريءَ ۾ لڳاتار ڪتابن پڙهڻ لاءِ ويندو هو. يوسف سنڌي سندن مطالعي بابت هڪ انٽرويو جي حوالي سان ڊاڪٽر ادل جي لفظن ۾ لکيو آهي ته:
”ڪتابن سان اهڙي ته دوستي قائم ٿي جو بي اي جي تعليم تائين، لئبريري تقريبن ڏهاڙي ويندو هئس ان عرصي ۾ شيڪسپيئر، ٽينسن، وليم بليڪ، ڪيٽس، بائرن ۽ ٻين جي انگريزي شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. ان لائبريريءَ لاءِ ڪتابن جي چونڊ شيخ اياز ڪئي هئي. تنهن ڪري دنيا جو چونڊ ادب اتي موجود هو. (3)
ڊاڪٽر ادل جي ڪتابن ۾ شاعريءَ جا ڪتاب سرس آهن. هن وايون، گيت، نظم، غزل، آزاد نظم، نثراڻو نظم، سڀني صنفن ۾ لکيو ۽ خوب لکيو. مستقل ۽ مسلسل شاعريءَ سان نڀائي رهيو آهي. مختيار احمد ملاح، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”مبارڪ آهي، اهو ڏينهن، جنهن ڏينهن ادل سومرو ڄائو ۽ جنهن ڏينهن ڀٽائي ڄائو. جنهن ڏينهن سچل ڄائو.“
اڳيان لکي ٿو ته، ”ادل سومري جي شخصيت جا ٻيا به گهڻائي پاسا آهن. شاعر جي حيثيت ۾، استاد جي حيثيت ۾، دوست جي حيثيت ۾، ڪهاڻي نويس جي حيثيت ۾، ٻارن جي شاعر جي حيثيت ۾، ادبي ڪارڪن جي حيثيت، ادبي سنگت ۾ ادل جو هڪ وڏو رول رهيو آهي. اهي سڀ ڳالهيون هڪ شخص ۾ هڪ وقت موجود هجڻ، هن وقت ۾ غنيمت آهن.(4)
ڊاڪٽر ادل گهڻ پاسائون شاعر آهي سندس نالو پنهنجي هم عصرن ۾ توڙي ورهاڱي کان پوءِ جي اهم شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس ڪتاب هائر ڪلاسن ۾ نصاب ۾ مقرر آهن. سندس نثر توڙي نظم لاجواب آهي. هن پنهنجي شاعريءَ معرفت نه فقط نواڻ ۽ جدت ڏني آهي. پر سنڌ جي هلندڙ مسئلن جي موضوعن تي لکيو آهي. هڪ نقاد ۽ محقق جي حيثيت ۾ پڻ سندس خدمتون تاريخ ۾ ڳڻڻ جوڳيون شمار ٿينديون.
حوالا:
1- سولنگي، غلام مصطفيٰ ”شاعري ڳالهائي ٿي“، (تحقيق ۽ ترتيب)
سنڌ راڻي پبليڪيشن، 2015ع. ص. 68
2- روزاني ڪاوش، ادل سومرو پروفائيل، 27 سيپٽمبر 2009ع.
3- يوسف سنڌي،”سنڌي ادب“، سچائي اشاعت گهر، دڙو 2011ع. ص.6
4- مختيار احمد ملاح، ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“،
ڪاٺيا واڙ اسٽور، 2014ع. ص. 592.