لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

يوسف سنڌيءَ جي ادب شناسي

يوسف سنڌيءَ جي ادب شناسي
يوسف سنڌيءَ جو لکيل”سنڌي ادب“ ڪتاب 2011ع ۾ سچائي اشاعت گهر، اڪادمي ادبيات، جي سهڪار سان شايع ڪيو. 528 صفحن جي هن ڪتاب ۾ هڪ سئو اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو شامل آهي ۽ مهاڳ ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. هوءَ لکي ٿي ته:
”هن ڪتاب لکڻ تي آءُ محترم يوسف سنڌيءَ کي پڻ انهيءَ ساڳئي سٿ ۾ شمار ڪريان ٿي جن سنڌي ٻوليءَ کي ايڪيهين صديءَ ۾ مانائتو ڪيو آهي.“
يوسف سنڌيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي وٿ طور قرار ڏنو وڃي ٿو. هن جاکوڙي اديب پنهنجي محدود وسيلن هوندي پڻ ادب توڙي اديبن جي وڏي خدمت ڪئي آهي ذاتي طور نهٺو، هڏ ڏوکي ۽ مددگار آهي. هو هميشه انڪساريءَ کان ڪم وٺندو آهي نه وٽس وڏائو، نه ٺاهه ٺوهه، هو ڪتاب ۽ پنن جي فائيل ڪڇ ۾ کنيو سيمينارن، ادبي محفلن، بڪ اسٽالن، پبلشرز ۽ پرنٽرز وٽ نون نون موضوعن تي لکڻ ۽ نون نون ڪتابن ڇپائڻ لاءِ سرگردان آهي. سندس حياتيءَ جو مقصد فقط ۽ فقط سنڌ، سنڌ واسين ۽ سنڌي علم ادب جي خدمت آهي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان پڻ يوسف صاحب ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سڄي سنگت کي گڏ کڻي هلڻ ئي سندس مشن آهي. هو مستقل ۽ مسلسل لکندڙ اديب آهي.
سندس ڪيترائي ڪتاب ترتيب، ترجما ۽ تصنيف ڪيل آهن، جن ۾”پسي تنهنجي تجلي“، ”سنڌي ادب جا سرچشما“، ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ،“ ”تو ڇو پيار ڪيو“ ”اونداهي ۾ سوجهرو“، ”سدائين سفر ۾”، ”نجم عباسي“ ”فن ۽ شخصيت“، ”هل ته دهلي هلون.“ ”سنڌ سان ڇا ٿيو“، ”ڏيئو ۽ دريا“، قديم يونان جون ديويون ۽ ديوتا“، ”حضرت محمد صلي الله عليه وسلم“، ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون“ ”آزاديءَ جو ڊگهو سفر“، ”بُک“، ”اُسامه بن لادن جي پراسرار دنيا“، ”چي گويرا جي ڊائري“، ”سدا سُرها گل“، ”سنڌ پاڪستان کان پوءِ“، ”قاسم پٿر شخصيت/يادگيريون“، ”آزاديءَ جو ڊگهو سفر“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
”سنڌي ادب“ ڪتاب جي ورق گردانيءَ کان اڳ جيئن ئي هٿ ۾ کنيم ته هن ڪتاب جي سرورق ۽ مواد مون کي پاڻ ڏي ڇڪيو، گذريل ڪيترن ئي سالن کان آئون پاڻ پڻ سنڌي نثر، نثري صنفن ۽ انهن صنفن ۾ لکيل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ متعلق ڪم ڪندي پئي اچان، انهيءَ ڪري هي ڪتاب مون کي نه فقط پنهنجي مطلب ۽ مقصد متعلق لڳو پر جيئن جيئن پڙهندي ويس تيئن مون کي اندازو ٿيو ته سوانح لکڻ ڪو ڪمال هجي نه هجي پر ڪماليت سان لکڻ يقينن وڏو ڪمال آهي. يوسف سنڌيءَ هر ليکڪ جي باري ۾ تمام وڻندڙ ۽ تفصيلي معلومات ڏني آهي جيڪا ادبي تاريخن جي حوالي سان هڪ بلڪل منفرد اضافو شمار ٿئي ٿي. ”سنڌي ادب“ ڪتاب کان اڳ سندس ڪتاب“ ”سنڌي ادب جا سرچشما“ 2004 ۾ ڇپيو هو. جنهن ۾ 43 سوانحي مضمون شامل هئا. فاضل ليکڪ انهي سان گڏ ٻيا مضمون ملائي ڪل سو اديبن جو احوال هن ڪتاب ۾ آندو آهي. جنهن جي ليکڪن جا نالا الف ب وارا ترتيب سان ڏنل آهن. جو اڄڪلهه جي جديد تحقيق جو گهربل انداز آهي.
ڪتاب ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو سوانحي ذڪر ۽ خدمتون بيان ڪيل آهن. انهن ۾ آغا سليم، امر جليل، الطاف شيخ، اياز قادري، امداد حسيني، استادبخاري، تنوير عباسي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، پير حسام الدين راشدي، ڄيٺمل پرسرام، حميد سنڌي، سراج الحق، سوڀو گيانچنداڻي، سندري اتم چنداڻي، غلام نبي مغل، گوبند مالهي، ليکراج عزيز، نجم عباسي، نسيم کرل، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين جو احوال آهي.
هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع معلومات پيش ڪيل آهي. طارق اشرف جي خدمتن کي مڃتا ڏيندي ليکڪ لکي ٿو ته:”سهڻي جا ٻيئي دور، سنڌي ادب جي حوالي سان اهميت وارا آهن. سهڻي ڪيئن نوان ليکڪ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو. سهڻي هڪ رسالو ڪونه هو، سهڻي هڪ تحرڪ هو، سهڻي هڪ ڇاڻي هئي، جيڪا سٺا اديب ڇاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ وجهندي هئي.“(ص232)
ظفر حسن جي باري ۾ لکيو اٿس ته:
”ظفر حسن، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان”لاشريڪ له“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگيءَ ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به ڪونه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائيءَ ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا.“(ص_234)
هن ڪتاب ۾ هر دور جي نثر نويسن ۽ انهن جي فن جي ڄاڻ ملي ٿي ته انهيءَ دور جي فڪر ۽ تخليقي قدرن جي پروڙ پڻ ملي ٿي ته گڏ مولوي احمد ملاح کان ذوالفقار سيال تائين اهم شاعرن ۽ سندن ڪم بابت معلومات موجود آهي.”سنڌي ادب“ هڪ ڪارائتو ۽ قيمتي مواد وارو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪمپوزنگ جون غلطيون نه هئڻ برابر آهن. نثر جو استعمال آسان ۽ عام فهم آهي. يوسف سنڌيءَ کي جس هجي جنهن ادب ۾ هڪ اهم ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي.