لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

صفِ اول جو محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

صفِ اول جو محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو نالو سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ نامياري محقق، شاهه لطيف جي پارکو ۽ لائق نقاد طور سڃاتو وڃي ٿو. بلڪه کين سنڌي تنقيد نگاريءَ جو ابو پڻ سڏيو وڃي ٿو. هُن حيدرآباد سنڌ ۾ 8 مارچ 1884ع تي جنم ورتو. سندن ڏاڏو ديوان ٽئنگداس زميندار هو. پاڻ واڌواڻي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. گربخشاڻي صاحب ابتدائي تعليم مڪاني پرائمري اسڪول۽ سيڪنڊري تعليم اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد مان ورتي. 1899 ۾ ميٽرڪ 1905ع ۾ بي اي جي ڊگري امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. ايم اي جي واسطي بمبئيءَ جي ولسن ڪاليج ويو جتان 1907ع ۾ انگريزي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. واپس اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو ۽ انهيءَ ڪاليج ۾ وائيس پرنسپال به رهيو ۽ 1936ع ۾ پرنسپال جي عهدي تي پهتو ۽ انهيءَ ملازمت جي دوران هو 1928ع ۾ لنڊن روانو ٿيو ۽ اتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ مقالو، ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف،“ لکيائين جنهن تي کين ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي. پاڻ انتهائي محنتي شاگرد ۽ ڄاڻو استاد هو. سندس ڪم جو معيار بلند شمار ٿئي ٿو. جسماني طور ڪمزور هوندي به سندن ذوق ۽ شوق ۽ محنت جو جذبو اعليٰ درجي جا هئا. 11 فيبروري 1947ع تي اوچتو دل جي دوري پوڻ سبب سنڌي ادب جي هن محسن چوهٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
ڊاڪٽر هوتچند صاحب جي ڪتابن جو مقدار گهٽ پر معيار سٺو آهي. منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته، ”آخر اهو استاد اچي ويو جنهن جي هٿن ۾ سنڌي تنقيد ڪماليت تي پهتي، پروفيسر هوتچند انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر هو، فارسيءَ جو معلم هو، عربي، سنسڪرت ۽ هنديءَ جو عالم هو ۽ سنڌيءَ جو مصنف هو. ايترين زبانن ۾ مهارت هئڻ ڪري هو صاحب علم لُغت جو گهرو ڄاڻو هو ۽ سنڌ جو اهم اديب هو. جنهن تي سنڌين کي ناز آهي“. (1)
ادبي تاريخ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو وڏو ڪارنامو، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ تيار ڪرڻ آهي. جنهن جا پهريان ٽي جلد بالترتيب 1923ع کان 1931ع تائين شايع ٿيا ۽ چوٿون جلد تيار هئڻ جي باوجود شايع ٿي نه سگهيو. هي جلد سندن قابليت جو وڏو ثبوت آهن. اهم قلمي نسخا اڳيان رکي وڏيءَ محنت سان ڌاريون ڪلام جدا ڪري ڪلام جي صحيح متن ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان سان گڏ لفظن جي بنياد جي به نشاندهي ڪيائين. رسالي جي منڍ ۾ مقدمو لکيائين جنهن ۾ شاهه لطيف جي سوانح عمري، سيرت، مذهب، ويدانيت ۽ تصوف سان تعلق ۽ سندن شعر وشاعريءَ تي بحث ڪيو اٿن. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم، ان جي ٻولي، لغوي بناوٽن جو به پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿن. انهيءَ مقدمي وڏي مقبوليت ماڻي جو پوءِ ”مقدمه لطيفي“ جي عنوان سان الڳ 1936ع ۾ شايع ٿيو. ان کان سواءِ شاهه جي سورمين جي باري ۾ هڪ ڪتاب، ”روح رهاڻ“ 1933ع ۾ شايع ڪيائين. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جي ٽن جلدن کان اڳ رسالي جو اهڙو مستند نسخو ڪوبه نه هو. هن وڏيءَ جاکوڙ سان شاهه صاحب جو نج نبار ڪلام ڏنو ۽ مناسب پڙهڻيون اختيار ڪيائين ۽ لهجو لاڙي مقرر ڪيائين. سر ڪيڏارو جي داخلا ڪرڻ تي مٿس تنقيد پڻ ٿي. هن رسالي ڇپجڻ شرط 1924 ۽ 23 جي ڀارت واسي اخبار جي پرچن ۾ ڄيٺمل پرسرام ڪيترا تنقيدي مضمون لکيا جنهن سان مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ليلا رام سنگهه به راءِ خيال ٿيا ته لعل چند امر ڏنو مل، ڀيرومل مهرچند ۽ مينگهراج گربخشاڻيءَ جي حمايت ۾ ليک ڏنا. سڀني تنقيدن جا اهم نڪتا هئا ته هن هڪ هزار بيت رسالي مان خارج ڪيا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي عربي ۽ فارسي ٻولين جا ڏکيا لفظ ڪتب آندا آهن ۽ ڪجهه بيتن جون تمثيلون ۽ معنائون به غلط ڏنل آهن. مطلب ته انهيءَ ڊگهي بحث سان رسالي جي وڪري تي به شروع ۾ اثر پيو جنهن جو احوال ڀيرومل مهرچند پنهنجي ڪتاب”گربخشاڻي وارو رسالو منهنجي نظر ۾“ ڏنو آهي. اخبارن ۾ جيڪا تنقيد ٿي ان سان ڊاڪٽر گربخشاڻي، دلبرداشته ٿي ويو. ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته،”هن رسالي جي مضمون ۽ بيهڪ ۽ بناوٽ کي ڏسي چئبو ته سنڌي ساهت ۾ هيءُ ڪتاب هر طرح لاثاني آهي. کيس همٿائڻ گهرجي، گربخشاڻيءَ کي همٿائڻ گويا شاهه صاحب کي عزت ڏيڻي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڀلو چاهڻو آهي.“(2)
در حقيقت گربخشاڻي صاحب جو. وڏو سرمايو هن رسالي جي ڇپائيءَ تي لڳو ۽ هڪدم جهجهيءَ تنقيد کان پوءِ چوٿون جلد شايع ڪري نه سگهيو جنهن جو سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿيو. حالانڪه انهيءَ ٽئين جلد کان پوءِ گربخشاڻي صاحب 16 سال حيات هو. پر چوٿون جلد شايع ٿي نه سگهيو.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي تصوف سان گهڻي دلچسپي هئي، سندن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به انهيءَ موضوع تي آڌاريل آهي. هن جا وڏا شاهه عنايت صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. هو اڪثر گفتگو ۾ پڻ شاهه لطيف، مولانا رومي ۽ ٻين صوفي شاعرن جا بيت حوالي طور ڪم آڻيندو هو. کيس راڳ ۽ سنگيت بابت پڻ ڄاڻ هئي. خاص ڪري سندس لکيل لطيفي مقدمي مان پڻ اها خبر ملي ٿي. هن شاهه لطيف جي شاعريءَ کي سندس زندگيءَ جي واقعن سان وابسته ڪري سوانحي تنقيد جو بنياد وڌو. اهو سڌريل طريقو يورپ جي ملڪن ۾ رائج ڏسي ان تي عمل ڪيائين ۽ اهڙيءَ ته سهڻائيءَ سان لکيائين جو اڄ تقريبن هن ڪم کي هڪ صدي ٿيڻ تي آئي آهي پر انهيءَ رسالي جي افاديت ۽ اهميت اڄ به قائم آهي. مقدمي ۾ شاهه لطيف جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”شاهه عبداللطيف پنهنجي زماني ۾ هڪ يگانو فاضل ۽ عالم شخص هو. سندس ڪن قدرت جي ڪلام ڏي مائل هو ۽ سندس آڱر هڪ حاذق حڪيم جيئن، نوع انسان جي طبع جي نبض شناس، سندس روح جون رڳون، قدرت جي رتيءَ جيتري رهاڻ سان به تنبورن جي تارن جيئن واڄي اچي وينديون هيون“. (3)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو نامڪمل هوندي به اڄ تائين اهم خوبين سبب پسند ڪيو وڃي ٿو. سندن ٻين علمي ۽ ادبي ڪمن ۾ ”نور جهان“ ”روح رهاڻ“ ۽ ”لنواريءَ جا لال“ آهن. ”لنواريءَ جا لال“ ۾ چئن بزرگن جون سوانح عمريون ڏنل آهن. جي هن لنواري شريف جي ڪتب خاني مان مليل قلمي ڪتابن جي بنياد تي لکيون. جن بزرگن جو احوال آهي انهن ۾ سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان، خواجه گل محمد، محمد زمان ثاني ۽ خواجه محمد حسن آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي بنيادي طور تي هڪ صوفي منش انسان هو سندس ٿيسز
Mysticisim in the early ninteenth century poetry of England
پڻ تصوف جي موضوع تي آڌاريل آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ناول“نورجهان” بامحاوره ۽ سليس نثر ۾ لکيل آهي جنهن ۾ اثرانگيزيءَ جا سڀ گڻ موجود آهن. اهو هڪ سچو تاريخي واقعو آهي. جنهن ۾ ناول نگار ڪردار نگاريءَ جا ڪمال، ٻوليءَ جي حُسن جا جلوه، وڻندڙ نموني پيش ڪيا آهن. جو اڄ پڻ پڙهندڙن جي دلچسپي هن ناول ۾ قائم آهي. هن ناول جي ٻوليءَ جا مثال هن ريت آهن“تحقيق محبت هڪ عجيب چيز آهي. محبت جي ڪيميا ٽامي کي زرين ۽ تلخيءَ کي شيرين، ڦاهيءَ کي تخت ۽ آهيءَ کي بخت، نار کي نور ۽ وير کي حور، بيماريءَ کي صحت ۽ قهر کي رحمت، مردي کي زنده ۽ شاهه کي بندو بنايو ڇڏي”.(4)
مهرالنساءَ شهزادي سليم کي، سمجهائيندي چوي ٿي ته“تون شاهي فرمان مڃي اڌيپور اُسهي، راجپوتن تي فتح حاصل ڪري، وطن ڏي واڳون ورائي ته شڪ نه آهي ته بادشاهه جي دل ڀڄي پوي”.(5)
هن ناول جي منظر نگاري، ڪردار نگاري ۽ ٻوليءَ جي سونهن، پهاڪا ۽ چوڻيون تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل جملا، نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ نموني لکيل آهن.
هن تاريخي ناول ۾ مغلن جي شان ۽ شوڪت جو احوال ته اڪبر بادشاهه ۽ سندس اڙٻنگ شهزادي سليم عرف نورالدين جهانگير جو منهن مقابل ٿيڻ لاءِ سنڀرڻ ۽ وري اڪبر جي حڪمت عمليءَ سان فساد کي ٽارڻ، مهرالنسا يعني راڻيءَ نور جهان جي ذهانت ۽ جهانگير جا انصاف مطلب ته ليکڪ اڪبر جو جلال، جهانگيري انصاف، نور جهان جي سمجهه ۽ سياڻپ، علي قلي بيگ جي خودداري ۽ غياث بيگ جي دور انديشيءَ کي اثرائتو ڪري پيش ڪيو. جو هي تاريخي ناول سنڌي ادب ۾ امر ٿي ويو.
ان کان سواءِ سندس ڪتاب”روح رهاڻ“، شاهه لطيف جي سورمين بابت آهي جن جو ذڪر رسالي ۾ ڪيل آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي سنڌي نثر تي ملڪو حاصل هو. هن بهترين نثر نگار کي حياتيءَ مهلت نه ڏني جيڪڏهن وڌيڪ وقت زنده رهي ها ته ٻيون لاڀائتيون تصنيفات سنڌي ادب جو حصو هجن ها. سندن ڪتاب هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر آهن. خاص طور، ”مقدمه لطيفي“ ۽ ”نور جهان“ ايم اي، پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جي ڪورس ۾ مقرر آهن. سندن اهي محققانه ڪاوشون هميشه ياد رهنديون.

حوالا:
1- ملڪاڻي منگها رام،”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو 1993ع، ص
2-”ڀيرومل مهرچند، گربخشاڻيءَ وارو رسالو منهنجي نظر ۾،“ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو 1995ع، ص 47
3-گربخشاڻي ڊاڪٽر، (ترتيب)”شاهه جو رسالو“ جلد پهريون ڪمشنر
ڇاپو، ڪراچي، 1923ع. ص.16.
4- گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر، ”نورجهان“، ورسٽي پبليڪيشن،
سنڌي شعبو، ڪراچي، 1971ع، ص-45-
5-ساڳيو حوالو، ص.66