لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پَلَئه پايو سَچُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
Title Cover of book پَلَئه پايو سَچُ

دادا هولا رام هنس ۽ ”فلاسافي جيون جيئڻ جي“، تحقيقي نظر

دادا هولا رام هنس ۽ ”فلاسافي جيون جيئڻ جي“، تحقيقي نظر
موئن جو دڙي واري ماٿريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي ڪپ وٽ قمبر ۾ جنم وٺندڙ دادا هولا رام هنس ننڍيءَ عمر ۾ سنڌ کي خيرباد چيو بيشڪ کيس هتان جون يادگيريون جهجهيون نه رهيون پر کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عقيدت جي حد تائين محبت رهي. هن پنجاهه سالن کان به وڌيڪ عرصو ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا“ جي ساٿ سان سنڌي ٻولي ۽ ساهت جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي هر سال ٿيندڙ سيمينارن ۾ شرڪت ڪيائين. سندن اٿڻ ويهڻ وڏن ادبي شخصيتن جيئن اُتم، موتي پرڪاش، گوبند پنجابي، رام پنجواڻي ۽ ٻين ڪيترن سان رهيو. بيسٽ سنڌي سڀا معرفت پڻ وڏو ڪم ڪيائين سندن ڪتاب پڻ انهيءَ اداري مان گهڻي ڀاڱي ڇپيل آهن. هن ڪافي ڪتاب لکيا جن مان ڪيترا هندي، مرهٽي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. سندن ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“(شاهه، شيڪسپيئر ۽ مها ڪوي ڪاليداس) سنڌي ساهت گهر حيدرآباد شايع ڪيو. هڪ اهم ڪتاب”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“ جو سندن يادگيرين تي مشتمل آهي. 2004ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سچيون ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيا ليک لکيا اٿن. بنيادي طور فلسفيا نه خيال رکندڙ هولا رام صاحب جيون جيئڻ ۽ سهڻي جيوڻ جيئڻ جو قائل ۽ مثبت خيالن کي اهميت ڏيندڙ ۽ عمل ڪندڙ انسان رهيو. سندس چوڻ موجب ته:
”من کي ميزان ۾ رکڻ سان انسان وڏي آورجا ماڻي سگهي ٿو، سئو سالن تائين نِروڳي جيون جي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو من جو ميزان تن جي توازن کي آڻي ٿو. پنجويهن سالن کان لکان پيو ۽ لڳاتار لکان پيو. لکڻ کان وڌيڪ پڙهندو آهيان. شهر ۾ ساهتيه ئي منهنجو سونهون ۽ ساٿي آهي... اکر ئي منهنجي پونجي آهن. منهنجي لاءِ ته زندگي هڪ سُرهاڻ جو سفر آهي.“(1)
”فلاسافي جيون جيئڻ جي“ هولا رام صاحب جو بيسٽ سنڌي سڀا ممبئي وارن طرفان 2000ع ۾ ڇپايل ڪتاب آهي جو فلاسافيڪل مضمونن تي آڌاريل آهي. مضمون نويسي هڪ اهڙو پُر اثر مشغلو آهي جنهن جا گوناگون موضوع هجن ٿا. چاهي اهي مضمون ادب تي هجن يا اخلاق تي، مذهبي هجن يا فلسفي تي پر اهي پنهنجي پڙهندڙ تي جيڪو اثر ڇڏين ٿا انهي جي پويان لکندڙ جي شخصي هنر جو وڏو ڪمال ٿو هجي هن لاءِ موضوع مطابق مضمون جي ٻولي پيش ڪرڻ ضروري آهي. مضمون تاريخي آهي، سياسي، ادبي، علمي يا فلسفياڻو آهي ته ليکڪ کي ٻوليءَ جي حوالي سان اهو ڌيان ڌرڻو آهي ته هو موضوع مطابق لکي ڇو جو مضمون اهڙي صنف آهي جنهن ۾ مضمون نگار جو ادبي ۽ شخصي عڪس موجود هجي ٿو.
مون پنهنجي ڪتاب”اٿي رائو ريل“ ۾ اها وضاحت تفصيلي طور ڪئي آهي پر هتي اهو حوالو دهرائيندي مختصر طور اهو چونديس ته، ”مضمون ۾ مضمون نگار پنهنجي خيالن ۽ ويچارن کي ڪنهن به موضوع تي پيش ڪري ٿو. جنهن ۾ سندس ڄاڻ، مطالعو ۽ دماغي شخصيت ظاهر ٿين ٿا ۽ اهو هڪ موضوع سان لاڳاپيل هئڻ ضروري آهي ۽ ان ۾ هاڪاري ۽ مثبت پيغام هئڻ گهرجن، جو ادب مثبت خيالن کي فوقيت ڏيئي، سماج جي سڌاري جو پيغام ثابت ٿئي ٿو.(2)
محترم هولا رام جو فلاسافيڪل مضمونن جو مجموعو هڪ اهڙو ئي سماج جي سڌاري جو پيغام آهي. هيءَ مختصر پر هڪ جامع ڪتاب آهي. جو هر گهر جي لائبريريءَ جي زينت هئڻ گهرجي. پنجيتاليهن مضمونن ۽ ڇانوي صفحن تي آڌاريل هن ڪتاب جو مواد گهاٽو ۽ ڪارائتو آهي. ٽائيٽل ڪور تي ڊگها وڻ ڏنل آهن جن منجهان سج جي روشني ليئا پائي رهي آهي. جنهن جي لاءِ ڄاڻايو ويو آهي ته وڻ ۽ سج ڄاڻ جا اهڃاڻ آهن.”فلاسافي جيون جيئن جي“ ڪتاب جي مضمونن جا موضوع، ”فلاسافي آهي. گيان ۽ سچ“، ”گيان ۽ سڃاڻپ“، ”آدمي خدا کان جدا نه آهي“.“ آتما امر آهي“، ”آتم وشواس“، ”ڪرم وڏو يا قسمت“، ”من ئي سچو سونهون آهي“. ”چنتائن کان ڪيئن ڇُٽجي“ ”صحتمند ۽ نروڳي آورجا ماڻڻ جا راز“، ”پورهيو به هڪ قسم جي پوڄا آهي“.”ارٿ شاستر“ ۽ ”اڄ جو انسان“ ”ٽيڪنالاجي“، ”وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون“ ۽ ٻيا مضمون آهن.
هي مضمون فلاسافي لفظ جي وضاحت سان گڏ، انساني حياتيءَ ۾ انهيءَ جي اهميت کي واضح ڪن ٿا ته گڏوگڏ حياتي گهارڻ جا مول متا پڻ ڄاڻائين ٿا.
انسان، انساني زندگي، ان جو سماجي ڪارج، بندي ۽ مالڪ جو تعلق، زندگي ۽ موت جو ڳانڍاپو، ڪائنات جي گود ۾ ويهي ڪائنات جا اسرار سمجهڻ، ڌيان ۽ گيان، علم، سمجهه، سياڻپ، سادگي، خوش مزاجي، سائنس ۽ سياست مطلب ته حياتيءَ جي گهڻن رُخن کي هن مختصر ڪتاب ۾ سهڻائيءَ سان سمايو ويو آهي ۽ ليکڪ موجب ته:
”فلاسافيءَ جي معنيٰ آهي سچائي ۽ سٺائيءَ لاءِ ڇڪ“
فلاسافر معنيٰ رهبر، گرو، اڳواڻ، فلاسافيءَ جو واسطو گيان سان آهي ۽ گيان جو واسطو ڏاهپ ۽ سڃاڻپ سان آهي ان ڪري فلاسافر کي ڏاهو به ڪري ڪوٺيندا آهن.
هن ڪتاب ۾ هندو ازم، تائو زم، ٻڌ يزم، سکزم، ڪرسچينٽي ۽ اسلام سان گڏ ٻين مذهبن جي رهبرن ۽ اڳواڻن ۽ ڌرمي ڪتابن جيئن، گيتا، رامائڻ، بائيبل، ڪلپ سوتر، زينڊ اويستا، قرآن پاڪ ۽ ٻين مان حوالا ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن ته مشهور شخصيتن، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، حضرت علي، حضرت عيسيٰ، رام ڪرشن، گرو نانڪ، ارسطو، افلاطون، سقراط، حافظ، جامي، شاهه لطيف، سنت ڪبير، رابعه بصري، شيخ سعدي، شيڪسپيئر، ڪارل مارڪس، گوئٽي، ٽالسٽاءِ، نيپولين بونا، پارٽ، ابراهيم لنڪن، ٽئگور، غالب، علامه اقبال، خليل جبران ۽ ٻين ڪيترن جي چوڻين کي بيان ڪيو ويو آهي.
دادا هولا رام لکي ٿو ته:
”فنڪار، ڪلاڪار، سائنسدان، ديش ڀڳت، دانوير ۽ جيڪي به مهان انسان آهن انهن جي وڏي ۾ وڏي پونجي آهي، سٺا ويچار. ويچار شڪتيءَ جي پل تي ئي هو ناممڪن کي ممڪن بنائين ٿا. شاهڪار پيدا ڪن ٿا ۽ مهان ڪاريه ڪري ڏيکارين ٿا. خراب خيالن جي اثر هيٺ اچي انسان خراب ڪاريه ڪري ٿو. خراب ڪاريه انسان ۾ بي آرامي پيدا ڪري ٿو. بي آراميءَ سان تناءُ، ڊپ، چنتا، آخر بيماري ۽ ان کان پوءِ پرلوڪ، اهوئي آهي ٿورن خراب خيالن جو اُتهاس، اسين سنسار کي اهوئي ڏئي سگهنداسين جيڪو اسان جي اندر آهي. روحانيت انسان کي ٻل ۽ صحيح راهه ۽ رستو ٿي بخشي گهڻو پئسو انسان کي ڪٺور ٿو بنائي ۽ انسان جي سيوا ايشور جي سيوا آهي. “
اڳيان چون ٿا ته:، ”انسان جو ڄمڻ ائين آهي جيئن ٻوٽي جو اُسرڻ يا گل جو ٽڙڻ، اچو ته تياڳ ورتي ڌاري جيئري ئي هلڻ جي ڪلا سکون. پاڻ سڃاڻڻ معنيٰ آتما کي سڃاڻڻ ۽ آتما کي سڃاڻڻ معنيٰ ايشور کي سڃاڻڻ.“(3)
مطلب ته مضمون نگار هن ڪتاب ۾ مهان خيال ۽ سوچون سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيون آهن. سڄي ڪتاب موجب جيون جيئڻ هڪ فن آهي جنهن جي فلاسافي آهي ته اهڙو جيون گهارجي جو موت کي مات ڏئي وجهي. مقصدي زندگي ئي ڪامياب آهي، روزمره جي زندگيءَ ۾ مقرر نيم سان وقت ڪٽڻ، سادگي، عبادت، ورزش، مناسب غذا ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازيءَ کان بچاءُ، لين دين ۾ سچو رهڻ، ڪنهن ڪلا ۾ وقت گذارڻ، خوش مزاجي ۽ قربانيءَ جو جذبو ۽ ٻيون خوبيون ملائي هڪ سٺي حياتي گهاري سگهجي ٿي.
ڪتاب جي ٻولي آسان هوندي به ڪنهن ڪنهن جڳهه تي مشڪل آهي ڪجهه هندي لفظن جو استعمال آهي جي سنڌ ۾ رائج نه آهن پر ته به اهڙا لفظ ڳاڻيٽي ۾ گهٽ آهن ڪيترائي هندي لفظ سمجهه ۾ ايندڙ استعمال ٿيل آهن جيڪي موضوع جي مناسبت سان جملن جي سونهن وڌائيندڙ آهن. مجموعي طور هي هڪ اعليٰ ادبي فن پارو آهي ڪتاب جي آخر ۾ رابندر ناٿ ٽئگور جي گيتانجليءَ مان هيٺين پرارٿنا ڏنل آهي. جا ليکڪ جي بقول سندس دل جي آواز آهي.
”هي پرڀو! ان راهه تي وٺي هل، جتي مَنَ ۾ ڊپ نه هجي. گيان تي ڪو ٻنڌن نه هجي ۽ اخلاق جي ڪري سر اوچو هجي. جتي دنيا جهگڙن ۾ ورهايل نه هجي. الفاظ سچ جي ساکي ڀرين. جتي انسان پنهنجي ڪرم سان عامل بنجي، جتي ٻڌيءَ جو بول بالا هجي. جتي من تنهنجي ديا سان سٺن سٺن خيالن ۽ ُسڪَرِمَن طرف رهبري ڪري.“

حوالا:
1- هولا رام هنس، ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“ بيسٽ سنڌي سڀا
ممبئي، پشپ 47، سال 2004ع، ص. 7 ء۽ 8
2- ميمڻ پروين موسيٰ ، ڊاڪٽر، ”اٿي رائو ريل“ محمد موسيٰ ادبي
اڪيڊمي، حيدرآباد، 2008ع. ص. 22.
3- هولا رام هنس”جيون جيئڻ جي فلاسافي“، بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئي، سال 2000ع، ص. 56-41، 28 ۽ 26.