سائين محمد ابراهيم جويو سان 30 نومبر 2007ع تي ٿيل هڪ ملاقات جو احوال
گهڻي عرصي کان دل ۾ سَڌ هيم ته سائين محمد ابراهيم جويو سان ملاقات ڪيان ۽ کين عرض ڪريان ته منهنجي ڪتاب تي”ٻه اکر“ لکي ڏين.(هن کان اڳ منهنجي ڪتابن جا مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مظهرالحق صديقي صاحب، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين اهم شخصيتن لکيا آهن) پر جويو صاحب جي تحرير جي شدت سان ڪمي محسوس پئي ڪيم سو سائينءَ کان جڏهن ٽائيم ورتو ويو، تڏهن پاڻ تمام خوشدليءَ سان اجازت ڏنائون ۽ گهر پهچڻ تي سهڻي نموني ڀليڪار ڪيائون ۽ وڃڻ مهل دروازي تائين ڇڏڻ آيا ۽ مٿي تي هٿ رکي دعائن جي ڇانو ۾ مون کي روانو ڪيائون. انهيءَ ٻن ڪلاڪن جي ملاقات منهنجي دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو. جويو سائينءَ جي لهجي جي ٿڌاڻ، ميٺاج، توريل تڪيل جملا ۽ شاهه صاحب جا بيت چوڻ، مطلب ته ائين پيو لڳي ڄڻ علم ۽ عرفان جو سمنڊ هجي. ڪنهن ڪنهن مهل سندن آواز، طبع جي ناسازيءَ سبب جهيڻو پڻ پئي ٿيو. پر ته به تمام وزنائتا جملا جن ڪنن کي هر دم متوجهه رکيو، مون سندن هڪ هڪ لفظ ۽ هڪ هڪ جملو هينئين سان هنڊايو. وڏي ڳالهه مون کي ذاتي طور پڻ پنهنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن(ڇپيل ڪتاب ۽ مسودا به آئون گڏ کڻي ويئي هيس.) تي ڪارائتا مشورا ڏنائون.
ٿوري ئي وقت ۾ مون کي اندازو ٿيو ته سنڌ ڌرتيءَ جي آجپي جي جدوجهد ڪندڙ، قومي تحريڪن جي روح روان، هن عظيم مفڪر ۽ دانشور جو نه فقط لطيفي فن سان بي انتها شغف آهي پر هيءُ شاهه جو عاشق سندس ئي پيغام کي هر دم ورجائيندڙ آهي. چوي پيو ته”سنڌ واسيو! علم سان، عمل سان، عقل سان، جدوجهد ۽ همٿ سان، اڳيان وڌو، محبتون پکيڙيو. نفرتن کان پاسو ڪريو، ويڇا وساريو، ولر ڪري وڌو. فقط ۽ فقط امن جا پيامبر ٿي،“ جويو صاحب جي حياتيءَ جو هر رُخ نهٺائي، انڪساري، نيڪ نيتي، محبت ۽ پيار تي مشتمل آهي. سندس ئي لفظن ۾ ته”مون سنڌ وطن ۾ پنهنجي زندگيءَ جا 100 سال گذاريا آهن. ان ڪري مون کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار آهي. مون سڄي ڄمار ڪنهن کي به نفرت جي نگاهه سان نه ڏٺو آهي. سنڌ وطن جي ماڻهن مون کي وڏو پيار ڏنو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن به گهڙي مايوس نه ٿيو آهيان.“
”شاهه، سچل سَامي“ جهڙو ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندڙ شاهه لطيف جي هن شيدائيءَ کي منهنجي ڪتابن جا عنوان پسند آيا ۽ مون کي چيائون ته”بابا توهان کي،”آديسين ادب آهي اکڙين ۾،“ ”اُٿي رائو ريل“، ”وکر سو وِهاءِ“ ۽”سون ورنيون سوڍيون“ نموني جا لطيفي عنوان رکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟”وري ”وکر سو وهاءِ“ جو مسودو کڻي پاڻ اهو سڄو بيت پڙهيائين. سندس وڏي آواز سان اُچاريل بيت مان مون کي اندازو ٿيو ته منهنجي مسودي تي لکيل عنوان ۾ لفظ وهاءِ جي”و“ تي زبر ڏنل آهي. يعني وَهاءِ“ ۽ سائين”وِهاءِ“ پيا اُچارين، مون پنهنجي غلطي محسوس ڪندي کانئن هڪدم پڇيو ته”سائين ڇا اهو لفظ وِهاءِ ٿيندو؟“ تڏهن مُرڪي وراڻيائين،”ها بابا!“مون جهڙي ادبي سيکڙاٽ جي غلطي ڪڍي ان کي شرمنده ڪرڻ جي بدران اهو بيت چٽائيءَ سان پڙهي غلط لفظ تي زور ڏئي تصحيح ڪرڻ جو اهو انداز منهنجي دل ۾ پيهي ويو.
ڪتاب”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ جو مسودو ڏسي گهڻو پسند ڪيائون. خاص طور ڪتاب جو موضوع، ڪمپوزنگ، لطيفي بيتن تي لڳل اعرابن ۽ ترتيب تي اطمينان جو اظهار ڪندي، جويو صاحب مون کي چيو ته، ”هن کان اڳ هن قسم جو لطيفيات جو ڪم منهنجي نظر مان ڪونه گذريو آهي. توهان کي اهو آئيڊيا ڪيئن آيو؟ ته سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جا عنوان جمع ڪريو جيڪي لطيفيات مان ورتل آهن ۽ اهي بيت پڻ ڳولهيو ته ڪهڙي ُسر۽ داستان مان ورتل آهن. مون کي توهان جو هيءُ ڪم ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“ Appriciation ڏيندي انگريزي ۾ چيائون ته “Baba! You are a creative writer Iam proud of you, iam very pleased to meet you, one can not imagine such a different and inventive ideas that you have.”
جويو صاحب جا اهي جملا پنهنجي لاءِ مون کي وڏو اعزاز لڳا ۽ منهنجي همٿ پڻ وڌي، کين عرض ڪيم ته، سائين! مون کي ڪتاب تي ٻه”اکر“ لکي ڏيو. پر طبيعت ٺيڪ نه هئڻ سبب اها ها نه ڪيائين پر انهيءَ جو سبب واضح ڪندي وراڻيائين ته”بابا! آئون ڪنهن به ڪتاب تي تيستائين لکي ڪونه سگهندو آهيان جيستائين اهو مڪمل طور پڙهي نه وڃان ۽ آئون پڙهڻ کان سواءِ لکي ڪونه سگهندس ڳچ جيترو ڪم پيو آهي جيڪو ڪرڻ چاهيان ٿو پر طبيعت ناساز آهي ان ڪري نه پيو ڪري سگهان توهان جو ڪم خود ئي مڃتا ماڻيندو. مون کي ته خوشي آهي ته سنڌ جون نياڻيون هاڻي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ چڱو اڳتي پيون اچن. توهان محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي قلمي سفر کي وڌائي پنهنجي قوم ۽ خاص ڏيپلي شهر جو مانِ مٿانهون ڪري رهيا آهيو“.
منهنجي نظر ۾ جامي چانڊيو جا جملا سئو سيڪڙو صحيح آهن ته”محمد عثمان ڏيپلائي، غلام رباني آگرو، شيخ اياز، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجو، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ڪيترائي فڪري اڳواڻ اسان کي هن عظيم اسڪالر ۽ فڪري رهنما معرفت مليا آهن ۽ ڪيترن ادبي نوواردن کي پاڻ اڄ تائين سنئين دڳ لائي رهيا آهن“.
سنڌ جي هن مهان، مهربان ۽ ادب پرور شخص سان منهنجي ٿيل اها ملاقات حياتيءَ جو وڏو سرمايو ٿي ويئي. انهيءَ وقت اتي ممتاز علي ڀٽو پڻ ساڻن ملڻ آيو هو. گڏ ميڊيا وارا به هئا جن کي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو ويو هو. سائين اسان وٽان اُٿي ڪجهه دير لاءِ ڊرائينگ روم ۾ ويا پوءِ ڀٽو صاحب سندن بيڊ روم ۾ موجود لائبريري ڏسڻ آيو جتي اسين ويٺل هئاسين، ڪمري ۾ موجود ڪتابن جي شيلفن ڏانهن اشارو ڪري، جويو سائينءَ کان پڇيائين ته، ”توهان هيڏا سارا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن.“ سائينءَ مُرڪي وراڻيو ته”هر ڪتاب پڙهيل ۽ پروڙيل آهي ۽ ڪيترن کي مارڪ ڪيو اٿم ۽ مٿن ريمارڪس به لکيل آهن ۽ ضرورت پوڻ تي اهو ڪڍي وٺندو آهيان. مون کي ياد آهي ته ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪٿي ڇا ڇا لکيل آهي“.؟ سائينءَ جي مهمانن جي ڪري مون کانئن موڪلايو. 30 ڊسمبر 2007ع تي محمد ابراهيم جويو صاحب سان ٻن ڪلاڪن جي ٿيل انهيءَ ملاقات ۾، مون کانئن گهڻو ڪجهه پرايو ۽ وڏي رهنمائي ملي.