منگها رام ملڪاڻيءَ جي”نثر جي تاريخ“، تحقيقي جائزو
منگها رام ملڪاڻيءَ جو نالو سنڌي علم وادب ۾ عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. هن عالم جو سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي جو هن ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جوڙي ورهاڱي کان اڳ جي نثري احوال کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو. منگها رام ملڪاڻيءَ جو جنم 14 ڊسمبر 1896ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس والد اُڌارام شيوڪرام ملڪاڻي عامل خاندان جو هڪ مشهور زميندار هو. سندن آڪهه روشن خيال هئڻ سبب هن خاندان جي نياڻين ان دور ۾ تعليم حاصل ڪئي، جڏهن عورتن جو لکڻ پڙهڻ اڃان عام نه هو. مشهور ليکڪا ريٽا شهاڻي سندن ڀائيٽي آهي. ملڪاڻي صاحب ناٽڪ نويس، مترجم، مضمون نگار، نقاد ۽ ادبي مورخ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ علمي طور محنتي شاگرد هو ته ڊي جي ڪاليج ۾ استاد ٿيڻ بعد ته سنڌي ٻولي ۽ ادب مضمون طور پڙهائڻ سان سندن وڏي دلچسپيءَ جو باعث بڻيا ۽ پوءِ حياتي انهيءَ کي ارپي ڇڏيائين. 84 سالن جي عمر ۾ 1 ڊسمبر 1980ع ۾ وفات ڪيائين. سندن ڇپيل ڪتابن جو تعداد 25 تائين آهي. جن ۾ ناٽڪن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي. هن سنڌي ناٽڪ کي جديد حقيقت نگاريءَ سان روشناس ڪرايو نظماڻو نثر پڻ لکيائين ته يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ۽ سفرنامو پڻ لکيائين کين نثر سان گهڻي دلچسپي هئي. انهي ڪري گهڻو نثر جي باري ۾ ڌار ڌار صنفن تي ڪيترائي تنقيدي ليک لکيائين جيڪي مختلف اهم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. سندن ڇپيل ڪتابن ۾. ”گم ٿيل صندوقڙي“. (1924) ”قسمت“ (1926) ”ايڪتا جو آلاپ“(ناٽڪ 1929) ”کن جي خطا“(1930) ”انار ڪلي“(ناٽڪ. 1930)”پنج ننڍڙا ناٽڪ“(1937) ”پنگتي پردا“(ناٽڪ. 1938) ”پريت جا گيت“ (ترجمو. 1940) ”گيتانجلي“(ترجمو. 1942) ”ادبي اصول“(1950) ”جيون چهچٽا“(ناٽڪ. 1962) ”پاپ ڪين پڃ“(ناٽڪ. 1957) ”پڇمي ياترا“(سفرنامو آمريڪا جو) (1963) ”کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن“.(ناٽڪ. 1967) ”سنڌي نثر جي تاريخ“(1968) ”جوانيءَ جا جذبا، پيري جون يادون“(نظماڻو نثر. 1975) ”آخري ڀيٽ“(ناٽڪ. 1975) ”سمنڊ جي گجڪار“(ناٽڪ. 1975) ”ساهتڪارن جون سمرتيون“(يادگيريون. 1979) ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“(1980) ”ڀارت ۾ ساهت جي سمالوچنا“(1982) ۽ ٻيا آهن.
ملڪاڻي صاحب جي ڪتابن ۾ گهڻي ڀاڱي جي ناٽڪ آهن، سي اسٽيج تي پڻ پيش ٿيا آهن. سندن ڇپيل ناٽڪن مان سنڌ ۾ موجودگهٽ آهن ۽ موجوده وقت ڇپيل ناٽڪن جو لاڙو به گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪو يقينن ناٽڪ جي اوسر لاءِ هاڃيڪار آهي. ملڪاڻي صاحب جو ڪتاب”ادبي اصول“ جو تنقيد نگاريءَ تي آهي، ڪافي مقبول ٿيو. هن ڪتاب ۾ نثر، نظم، ناول، ناٽڪ، مضمون ۽ تنقيد جي باري ۾ فني اصول ڄاڻايا ويا آهن. ته نثر ۽ نظم جي سڀني صنفن جو مختصر تاريخي جائزو پڻ ڏنل آهي. هي ڪتاب ادبي ۽ علمي حلقن کان سواءِ شاگردن ۽ استادن لاءِ پڻ مفيد رهيو ۽ نصاب جو حصو رهيو آهي.
منگها رام ملڪاڻي صاحب”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب 28 مئي 1961ع تي لکي پورو ڪيو پر ڪجهه سببن جي ڪري اهو ڇپجي نه سگهيو ۽ 1968ع ۾ شايع ٿيو. ستن فصلن ۽ 346 صفحن تي مبني هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر جي باري ۾ ڪارائتو احوال آهي. هن تاريخ جي ارپنا هُن پنهنجي استاد لعل چند امر ڏنو مل جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جي پهرين فصل ۾ سنڌي ٻولي ۽ آئيويٽا، اوائلي نثر، سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب، نئين عربي آئيويٽا جا موضوع آهن. ٻئي فصل ۾ ڪهاڻي نويسيءَ جي اوسر، وندر۽ سکيا وارين آکاڻين جو دور، تاريخي ۽ سماجي آکاڻين جو دور، ديسي آکاڻين جا ترجما، ماهوار رسالن جو دور، جديد حقيقت نگاريءَ وارين ڪهاڻين جو دور، فصل ٽيون، ناول نويسيءَ جي اوسر، اوائلي ترجمو ڪيل ناول، اوائلي خود ساخته ناول، ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا، هندوستاني شاهڪارن جا ترجما، ماهوار رسالن جو دور، ترجمو ڪيل ناول، سنڌ ۾ آخري خود ساخته ناول فصل چوٿون، ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر، اوائلي سنڌي ناٽڪ، پهرين سنڌ ڪاليج منڊلي، سنسڪرت کان ڌرمي ناٽڪ، شيڪسپيئر کان رومانوي ناٽڪ، سيرت جو فلسفو، ٻيون جهونيون ناٽڪ منڊليون، لوڪ ڪهاڻين تي ٻڌل ناٽڪ ۽ ٻيا موضوع ڏنل آهن. فصل پنجون، ننڍي ناٽڪي اوسر ۽ حقيقت نگاريءَ واري دور جو بيان آهي. فصل ڇهون مضمون نويسي جي اوسر، ڌرمي، اخلاقي ۽ پنگتي مضمونن جا ڪتاب، داخلي ۽ شخصي مضمونن جا ڪتاب، خارجي يا شخصي مضمونن جا ڪتاب ۽ ٻيا موضوع آهن. فصل ستون، تنقيد جي اوسر، سنڌي تنقيد جي ڪماليت، دائود پوٽي جي شاهه ڪريم جي رسالي تي مباحثو، سندس ابياتِ سنڌي تي مباحثو، سنڌي نثر ۽ نظم تي تنقيدي ڪتاب، ادبي تاريخ تي مضمون ۽ ڪتابن جو جائزو ڏنل آهي.
ملڪاڻي صاحب جي هيءَ نثر جي تاريخ فقط ۽ فقط 1947ع کان اڳ جي احوال، تي آڌاريل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ 346 صفحي تي لکيو اٿن ته:”اتي ورهاڱي تائين سنڌي نثر جي تاريخ ختم ٿي ٿيئي“. 1966ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ”نثر جي تاريخ “ شايع ٿي هئي. ٻنهي تاريخن ۾ سنڌي نثر جي باري ۾ ڪارائتو احوال ڏنل آهي. ملڪاڻي صاحب موجب ته کانئن اڳ 1937ع ۾”سنڌ جي ادبي تاريخ“ خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي شايع ٿيل هئي ته لطف الله بدويءَ جو، ”تذڪره لطفي“ به 1943ع ۾ نڪري چڪو هو جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ جو جهجهو احوال آهي. کين خيال ٿيو ته ڇو نه فقط سنڌي نثر جي تاريخ جوڙيان اهو سوچي هن ڪم جي شروعات ڪيائون. اڳيان اهو به لکيو اٿن ته:
”هاڻي هي ڪتاب سربستو ختم نه پر اڻ پورو سمجهڻ گهرجي ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته منجهس ڪيترا خال هوندا جي اڻ ڀريل رهجي ويا آهن. آخر هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ ههڙي اٿاهه موضوع سان پورو انصاف ڪرڻ ناممڪن آهي. وري به شڪر جو ايترو ذخيرو ڪٺو ٿي پيو آهي جو فخر پيو ٿيئي ته سنڌي نثر هرو ڀرو اهڙو مسڪين ڪونهي جهڙو سمجهندا هئاسون.“ (1)
تجزيي ڪرڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ملڪاڻي منگها رام صاحب جن جون نثر جون تاريخون تقريبن هڪ ئي ڏهاڪي ۾ لکيون ويون يعني 1961ع کان 68ع تائين انهيءَ کان اڳ ڪابه تاريخ خاص نثر جي احوال تي آڌاريل نه هئي. گهڻو پوءِ يعني 35 سالن کان پوءِ 2006ع ۾ منهنجو ڪتاب، ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ آيو. جنهن کي ڊاڪٽر الانا صاحب، سنڌي نثر جي تاريخ جو تسلسل شمار ڪيو. (ڏسو سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس: مهاڳ، ڊاڪٽر غلام علي الانا)
ملڪاڻي صاحب جي هن تاريخ ۾ آيل احوال، سلسليوار هوندي به سمجهڻ ۾ ڪافي مشڪلات پڻ درپيش اچي ٿي. نثر جي احوال ۾ لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين جو ذڪر ڪانهي. ڪيترن ڪتابن کي مضمون نويسيءَ جو شمار ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهي مختلف موضوعن تي آهن. جيئن سير ۽ سفر جا ڪتاب يا تاريخي ڪتاب آهن. هن تاريخ ۾ مواد گهاٽو ۽ جهجهو آهي. جملن جو گهاڙيٽو لاڳاپي وارو پر ڊگهو جملو هئڻ سبب سمجهڻ ۾ ڪي قدر مشڪل به اچي ٿي. ڊاڪٽر فهميده حسين هن نثر جي تاريخ تي رايو ڏيندي لکيو آهي ته:
”ملڪاڻي صاحب جن نثر جي مختلف صنفن جي نه فقط تاريخ جوڙي آهي بلڪه انهن جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي دور جي اهم ليکڪن ۽ انهن جي لکڻين تي باقاعده تنقيدي رايا ڏنا آهن. نه صرف ايترو پر مختلف فني گهرجن تي به ٿوري گهڻي روشني وڌي آهي ته جيئن تنقيد ڪرڻ وارن لاءِ اڳيان بنيادي نڪتا هجن”.(2)
مجموعي طور ملڪاڻي صاحب جي، سنڌي نثر جي تاريخ، هڪ اهم ڪتاب آهي. اوائيلي دور جي هندو لوڪن جي تصنيفات جو جائزو جيترو ملڪاڻي صاحب سٺو پيش ڪيو آهي. ايترو اڄ تائين ڪنهن نه ڪيو. ممڪن آهي جيڪڏهن هي صاحب تڪليف وٺي اوائلي معلومات نه ڏئي ها ته اڄ شايد ادبي تاريخن ۾ اڳيان هلي اها ڪمي هميشه لاءِ رهجي وڃي ها. انهيءَ لحاظ کان سندن هيءَ محنت جس لهڻي. هيءُ ڪتاب تحقيق ڪندڙن ۽ عالمن ڏي گهڻو ڪارائتو آهي. شاگردن لاءِ ڪجهه قدر دقيق به شمار ڪري سگهجي ٿو. نثر جي هن تاريخ جي ترتيب وڻندڙ آهي. نثر جي اهم صنفن کي جيڪي 1947ع تائين عروج ماڻي چڪيون هيون تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. موجود احوال ورهاڱي تائين آهي. هن ڪتاب تي کين آڪادمي ايوارڊ مليو. منگهارام ملڪاڻي صاحب کي مغربي ۽ مشرقي ادب ۽ ادبي لاڙن جي پروڙ هئي. سندس تنقيدي معيار اوچو هو. هن سنڌي ادب ۾ تنقيد جو حق ادا ڪيو.
حوالا:
1- ملڪاڻي منگهارام،“سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو 1993ع. ص-16
2- فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي
اڪيڊمي، 1997ع، ص-153