مهاڳ
عنايت کٽياڻ جو ماضيءَ ۾ ادب سان لاڳاپا هئڻ ڪري سندس مطالعو وسيع آهي. جڏهن به هو ڪيڏانهن گهمڻ ويندو آهي ته پوءِ اچي انهيءَ سفر بابت، اتان جي ماڻهن، رهڻي ڪهڻي ۽ قديم آثارن تي بحث ڪندو آهي. دوستن جي صلاح سان عنايت انهن تي لکڻ شروع ڪيو ۽ تحريرن ۾ هن پنهنجا تجربا ماڻهن سان شيئر ڪيا. جڏهن به سندس ڪو مضمون ڪنهن اخبار ۾ ڇپجندو هو ته فون ڪري چوندو هو ۽ تاڪيد ڪندو هو ته ”مضمون پڙهو پر تبصرو ضرور ڪيو ۽ منهنجي خامين جي نشاندهي ڪريو“. عنايت جي اها روايت، پنهنجائپ هميشه چڳي لڳي. ادبي سرڪل نه هئڻ ڪري اسان پنهنجون لکڻيون هڪ ٻئي سان شيئر نٿا ڪري سگهون انهن تي بحث نٿا ڪري سگهون. هر علائقي ۾ دوست اهڙا سرڪل جوڙين، هفتي ۾ هڪ ڀيرو ويهي پنهنجن لکڻين تي ڇنڊ ڇاڻ ڪن، جنهن سان نوجوان لکندڙ کي هڪ ڏس ۽ رستو ملندو. انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي، جنهن سان تحقيقي ۽ تخليقي ادب ۾ جيڪو جمود آهي اهو ٽٽي سگهي ٿو.
عنايت کٽياڻ جو هي ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ عنايت جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجندڙ مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي سفري نوٽس سان گڏ تاريخي مضمون به آهن. جڏهن عنايت کٽياڻ ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته مصروفيتن جي باوجود هن نفيس ۽ پياري دوست کي جواب ڏيئي نه سگهيس.
عنايت کٽياڻ ۾ لکڻ جو ڏانءُ آهي. هن جي قلم ۾ مٺاس ۽ چاشني سان گڏ درد به آهي. عنايت پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو اڃان به وسيع ڪري ته تاريخي ادب جو هڪ بهترين سرمايو ثابت ٿي سگهندو. تاريخ خشڪ موضوع آهي، جنهن ڪري گهڻا نوان ۽ نوجوان ليکڪ ۽ پڙهندڙ هن پاسي گهٽ ڌيان ڏين ٿا. تاريخ ۽ تحقيق لاءِ مطالعو ۽ مشاهدو انتهائي ضروري آهي. تحقيق لاءِ انهن ماڳن مڪانن تائين پهچڻ ضروري آهي جن تي اسان لکڻ چاهيون ٿا نه ته اوهان تاريخ ۽ تحقيق سان انصاف نه ڪري سگهندا.
تاريخ خشڪ موضوع هئڻ ڪري گهٽ پڙهيو ويندو آهي. مون جڏهن تاريخ تي لکڻ شروع ڪيو ته هن کي نئون انداز ڏنو. هن کي سفرنامي طور دلچسپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن به ڪنهن تاريخي عمارت، ماڳ مڪان ڏانهن ويندو هوس. سفر جي احوال، ماڻهن جي مشاهدي، آسپاس جي تاريخ، رهڻي ڪهڻي، مسئلن جو ذڪر ڪري پنهنجي مطلب جي ڳالهه به لکي ويندو هوس، جنهن جي ڪري پڙهندڙن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. انهيءَ طريقي تي نقادن تنقيدون به ڪيو، منهنجو مقصد آهي ته پڙهندڙ آساني سان مون سان گڏ انهيءَ ماڳ، تاريخي جاءِ يا عمارت تائين پهچي، جيڪو طريقو ڪامياب رهيو، هاڻي گهڻا محقق، تاريخ جا لکندڙ انهيءَ طريقي کي اپنائي لکي رهيا آهن ته پڙهندڙن ۾ به واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ نوان لکندڙ تاريخ ڏانهن اچي رهيا آهن.
مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته عنايت به تاريخي مضمونن ۾ انهيءَ طريقي کي اختيار ڪيو آهي. ڪتاب ۾ تاريخي جاين ۽ ماڳن جو احوال سفري نوٽس آهن، جنهن سان پڙهندڙن کي بوريت جو احساس نه رهندو.
عنايت کٽياڻ، دوستن سان ٿر وڃي ٿو ته امر ڪوٽ کان ننگرپارڪر تائين پوري سفر جو داستان بيان ڪري ٿو ته تاريخ ۽ تحقيق جي ڳالهه به ڪري ٿو. ماڻهن سان انهن علائقن، ماڳن، مڪانن، مندرن، مسجدن ۽ جبلن بابت معلومات حاصل ڪري پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو.
عنايت جي لکڻي نهايت سادي ۽ معنيٰ سان ڀريل آهي. جنهن جي ڪري عنايت جو قديم تاريخي ماڳن ۽ ڪجهه تاريخي شخصيتن تي لکيل هي ڪتاب پڙهندڙ شوق سان پڙهندا ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ دلچسپ ۽ ڪارائتو پڻ آهي.
عنايت کٽياڻ جو هن ڪتاب ۾ سفري نوٽس سان گڏ تاريخ جا ترورا به آهن. هن ڪتاب جو پهريون مضمون، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي قلعي ”رني ڪوٽ“ بابت آهي. رني ڪوٽ تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. هر ڀيري هر لکندڙ ڪوٽ بابت نيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو. عنايت جو هي مضمون مختصر پر هڪ ڀرپور مضمون آهي. هو پنهنجي سفر سان گڏ سرسري طور ”رني ڪوٽ“، هن جي مختلف حصن، برجن ۽ نئن جو ذڪر ڪري ٿو.
رني ڪوٽ بابت مختلف رايا آهن. اڃان تائين محقق ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق نه آهن ته هي قلعو ڪهڙي دور ۾ ڪنهن ۽ ڪهڙن مقصدن لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟ ڪن محققن ڪوٽ کي ”ديوار ڪلهوڙا“ قرار ڏيئي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”رني ڪوٽ“ ڪلهوڙن حڪمرانن جو ٺاهيل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اشتياق انصاري ۽ ٻين جو خيال آهي ته هي ”ڪوٽ“ ٽالپرن جو ٺهرايل آهي. شمس الدين قريشي ۽ بدر ابڙي مطابق هي نيرون ڪوٽ آهي.
مير حسن علي خان ٽالپر ”1909ع – 1824ع“ پنهنجي سنڌي مثنويءَ ”شاهه نامه سنڌ“ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ”رني ڪوٽ“ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي حڪومتي دور (1244 – 1227هه) ۾ ٺهيو. قلعي جي اڏاوت تي 17 لک رپيا خرچ آيو. جيڪو نواب ولي محمد لغاريءَ جي نظرداريءَ ۾ مڪمل ٿيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مضمون ”سنڌ جو شاهي قلعو“ رني ڪوٽ، ۾ لکي ٿو ته، هي قلعو ٽالپرن جي دور ۾ تعمير ٿيو ۽ قلعو جو نالو ”علي آباد“ رکيو ويو. جيڪو 1815ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1819ع ۾ ٺهي راس ٿيو. بلوچ صاحب ان دور جي شاعر غلام علي مائل جي هڪ فارسي شعر جو حوالو ڏئي ٿو جنهن ۾ قعلي بابت، اڏاوت ۽ علي آباد جو ذڪر آهي.
سن 1845ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ ايڇ ڊبليو پريڊي هن قلعي بابت سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر کي رپورٽ پيش ڪئي هئي. هي رپورٽ برٽش انڊيا آفيس لائبريري لنڊن جي رڪارڊ ۾ محفوظ آهي. قلعي جي تعمير بابت هو لکي ٿو ته ”هي شاهي قلعو، ٽيهه سال اڳ مير مراد علي جي حڪم تي تعمير ٿيو.“ (ڏسو ڪوهستان جو سفر – بدر ابڙو – صفحو 401 ۽ 402)
رني ڪوٽ بابت سڀ کان پهرئين 1956ع ۾ ”آئينه قديم سنڌ“ جي ليکڪ ميان شمس الدين قريشي مطابق هي قلعو چچنامي وارو نيرون ڪوٽ آهي.
ڪرنل رشيد جو هڪ مقالو جيڪو 1965ع ۾ لاهور مان انگريزيءَ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن ٽالپرن جي دعويٰ کي رد ڪندي لکيو ته هي قلعو سٿين ۽ ساسانين جي دور جو آهي. 26 مارچ 1981ع تي رني ڪوٽ ۾ هڪ سيمينار ٿيو. هن موقعي تي مختلف مقالا پڙهيا ويا. جنهن ۾ محقق ڪنهن نتيجي تي نه پهتا ۽ بقول بدر ابڙي جي ته رني ڪوٽ بابت عالمن جي راءِ هن ريت ورهائجي ويئي.
رني ڪوٽ اخميني بادشاهت واري دور (500 ق.م کان 325 ق.م) ۾ ٺهيو
رني ڪوٽ سٿيو ساساني دور ۾ ٺهيو.
رني ڪوٽ عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪي (835ع) ۾ ٺهرايو.
رني ڪوٽ چچنامي وارو نيرون ڪوٽ (712ع) آهي.
رني ڪوٽ ٽالپرن جي دور ۾ ٺهيو (بدر ابڙو – ڪوهستان جو سير)
بدر ابڙي موجب ته اهو درست آهي ته رني ڪوٽ جي آخري ۽ مڪمل مرمت ۽ واڌارا ٽالپرن جي زماني ۾ نواب ولي محمد لغاري جي نگرانيءَ ۾ ٿيا. ڪوٽ جا مختلف حصا پنجن ڇهن نوابن جي هٿان پنجن سالن ۾ سن 1815ع کان 1819ع دوران ٻيهر ٺهي تيار ٿيا پر اهو درست نه آهي ته رني ڪوٽ ان کان اڳ موجود ئي ڪونه هو. شاهه پير گيٽ وٽ ديوار مان ثابت آهي ته ديوار مٿان ديوار ٺاهي وئي آهي. ٽالپرن کان سواءِ غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ اڏاوتون ٿيون آهن. رني ڪوٽ جي ديوارن تي انهن جي ڪاريگرن جا نشان موجود آهن. جن پوءِ ميان غلام شاهه جي مقبري تي ڪم ڪيو. بدر ابڙي مطابق هي نيرون ڪوٽ آهي. بدر لکي ٿو ته ”هن کي رني ڪوٽ مان ميريءَ جي ڀرسان اسلام جي شروعاتي ۽ سمن جي زماني جا سڪا به مليا آهن. (بدر ابڙو – ڪوهستان جو سير)
بهرحال رني ڪوٽ تي اڃان تحقيق هلندڙ آهي. هڪ ڏينهن محقق ضرور ڪنهن نتيجي تي پهچندا ته هي ڪوٽ ڪڏهن، ڪنهن ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهرايو؟ ڪابه حتمي ڳالهه هن وقت ڪرڻ ممڪن نه آهي.
ڪتاب جو ٻيو مضمون امر ڪوٽ / عمر ڪوٽ بابت آهي، جيڪو عنايت کٽياڻ جي ٿر ياترا جي شروعات آهي. عنايت امر ڪوٽ بابت به سرسري طور حوالن سميت ذڪر ڪيو آهي. پڙهندڙ کي تاريخ جي ڳٿين ۾ الجهائڻ بجاءِ فقط ايتري معلومات ڏئي ٿو جيڪو عام پڙهندڙ چاهين ٿا. جيڪا قلعي جي تاريخ ۽ هاڻوڪي حالت بابت هڪ بنيادي معلومات آهي. هو حر يادگار (هنڱوره معرڪي) بابت جيڪي ڪجهه لکي ٿو اهو پڙهڻ وٽان آهي، جنهن سان هن ملڪ تي حڪومت ڪندڙن جي مائينڊ سيٽ جي خبر پوي ٿي.
امر ڪوٽ کان پوءِ مضمون ”ٿر ياترا“ جيڪو عنايت کٽياڻ پنهنجن دوستن سان چوڙهيو جبل تائين ڪيو، جنهن ۾ ٿر، هتان جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي، ڏکن، گوڙي مندر، جين ڌرم بابت، مارئي، مارئيءَ جي کوهه ۽ ملير بابت، ننگر پارڪر، چوڙهيو جبل ۽ امر شهيد رولي ڪولهي بابت تاريخ جا ترورا ڏنا آهن ته هاڻوڪي دور ۾ ٿر جي زندگيءَ بابت پنهنجا مشاهدا پڙهندڙن سان شيئر ڪيا آهن. جيڪي تاريخ جي شاگرد جي معلومات لاءِ ڪافي آهن. عنايت سفر سان گڏ پڙهندڙ کي تاريخ جي ڏکين رستن ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
ٿر سموري جديد سماجي لاڙن ۽ سهولتن کان ڪوهين ڏور آهي. هي خطو قديم سنڌي سماج جو ڀرپور عڪس آهي ۽ هو اڄ به پر امن سماج ۾ ساهه کڻن ٿا جيڪا سنڌ جي اصل سڃاڻپ آهي. هاڻي جڏهن ٿر ۾ ڪوئلو نڪتو آهي ته ترقي جي نالي تي گوڙاڻي ڊيم وسيلي ٿر کي زهريلو ڪيو پيو وڃي جنهن جا اثر ٿر جي عام ماڻهن، ڪار وهنوار، معاشي مسئلن سان گڏ سماج تي به پوندا. شايد ٿر پنهنجي اصلي سڃاڻپ وڃائي وڃي.
ٿر ۾ پاڻي ڀريندڙ پاڻياري اڄ به هن جديد ۽ ارتقائي ترقي واري دور ۾ به ٽي سؤ فٽن جي اونهائيءَ وارن کوهن مان پاڻي حاصل ڪري ٿي. جن جي ڏکن ۽ تڪليفن جا اولڙا اوهان کي عنايت کٽياڻ جي هن ڪتاب ۾ ملندا.
عنايت کٽياڻ ۽ سندس دوستن جو هي سفر اپريل جي مهيني ۾ ڪيو هو. جيڪو سنڌي سال جو چيٽ جو مهينو آهي ۽ اڄ جڏهن هي مهاڳ لکان پيو ته چيٽ جو مهينو آهي. چيٽ لاءِ ٿر ۾ چوڻي مشهور آهي ته ”چيٽ لڱين ميٽ“. هن مهيني ۾ گرمي ۾ موجود پاڻياٺ نڪرڻ ڪري بدن ۾ سستي پيدا ٿيندي آهي. جنهن کي آرس ۽ سستيءَ جو مهينو به سڏين ٿا. هن مهيني ۾ شين جي کوٽ ڪري وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي. ٿر ۾ مشهور آهي جيڪو ماڻهو ”چيٽ جي پهرئين تاريخ تي ستو، تنهن کي سستي نه ڇڏيندي آهي.“ هن (چيٽ) مهيني ۾ ننڊ نڀاڳ جي نشاني آهي، جنهن لاءِ چيٽ جي سستي بابت اها چوڻي مشهور آهي ته ”چيٽ تتو ڀلو، ويساک لڳو ڀلو.“ ويساک مئي جو مهينو آهي، جنهن ۾ گرم لڪ لڳڻ ڪري بارش ۾ مدد ملندي آهي.
ٿر وارا هميشه وسڪاري جي اوسيئڙي ۾ رهندا آهن. وسڪاري ڪري وڇڙيل جي ملڻ جو آسرو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ڏڪار ۾ ٿري روزگار جي لاءِ ٿر ۾ پنهنجن کان وڇڙي سنڌ جي ٻين ماڳن ڏانهن ويندا آهن ۽ وسڪاري ۾ وري اچي ملندا آهن جنهن ڪري ٿر ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته ”ڏڪار وڇوڙو، ميلاپ وسڪارو“
ٿر ياترا کان پوءِ جيڪي مضمون آهن اهي سنڌ جي تاريخي قبرستان مڪلي بابت آهن، مختلف مقبرن، درگاهن بابت چڱي معلومات ڏنل آهي. مقبرن ۾ ڄام نندي، ڄام تماچي، دولهه دريا خان ۽ عيسيٰ خان ترخان جي مقبرن، انهن جي اڏاوت ۽ تاريخ بابت مختصر احوال ڏنل آهي ۽ حوالا پڻ ڏنا ويا آهن. ماتا ڀواني مندر جنهن جو تعلق ڪراچي جي رتنيشور مندر ۽ هنگلاج ماتا سان آهي. جيڪڏهن عنايت گنجي ٽڪر کان مڪلي، ڪراچي، ڀواني کان هنگلاج تائين کاهوڙين جي رستي جو مختصر ذڪر ڪري ها ته بهتر هجي ها پر عنايت جو موضوع فقط مڪلي جي مشهور درگاهن ۽ مقبرن تائين هو جنهن ۾ هڪ مقبرو ميان سيد علي شيرازيءَ جو به آهي جيڪو اسان جي تر جي جوکين جو مرشد ۽ ٺٽي جي شيرازين جو وڏو آهي. جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. مڪلي جي هڪ ڪنڊ تي ”ملان لٽر“ جو مقبرو به آهي ۽ اها ڳالهه به گهڻن ليکڪن لکي آهي ته نوري ۽ ڄام تماچيءَ جون قبرون به هتي آهن جن تي مان به هڪ ڀيرو وڃي چڪو آهيان. مائي مڪلي جي قبر به انهن جي ويجهو آهي. مضمون ۾ ڪلان ڪوٽ ۽ ساموئيءَ بابت به معلومات ڏنل آهي جيڪي سنڌ جا اهم تاريخي ماڳ آهن. ڪلان ڪوٽ هاڻي ختم ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ”ساموئي“ وارو ماڳ ضياءالحق جي دور ۾ سياسي رشوت طور ٺٽي جي سگهاري سياسي ڌر کي الاٽ ڪيو ويو. جتي هاڻي آثارن جي بجاءِ زراعت موجود آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ٽن شخصيتن بابت مضمون آهن جن مان پهريون مضمون صوفي شاهه عنايت لانگاهه شهيد بابت آهي جنهن ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿيل هن واقعي جا تفصيل ڏنل آهن جيڪو هن دور ۾ سيڪيولر سنڌ تي مذهب جي نالي تي هڪ خطرناڪ وار هو جنهن جا اثر اڄ به موجود آهن. عنايت کٽياڻ صوفي شاهه عنايت بابت لکي ٿو ته ”صوفي شاهه عنايت کي سنڌ جي تاريخ ۾ لانگاهه لکيو ويو آهي.“ ظاهر آهي ته هو لانگاهه آهي ته لاگاهه ئي لکيو ويندو. صوفي شاهه عنايت کي سيد ثابت ڪرڻ لاءِ هرو ڀرو هن جو سلسلو حضرت امام حسين سان ملائڻ جي ڪوشس ڪئي وڃي ٿي.
پروفيسر محمد علي مانجهي جي پي.ايڇ.ڊي جو مقالو ”صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر“ جيڪا ڪتابي صورت ۾ موجود آهي جنهن ۾ هو شجري بابت مختلف تاريخي ۽ مستند حوالن سان لکي ٿو ته ”شاهه عنايت شهيد جو شجرو مستند نموني ڪٿي به نٿو ملي. سڀ کان پهرين اسان کي سنڌ جي عظيم تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي جو ڏنل شجرو ملي ٿو، جيڪو هن پنهنجي شاهڪار تصنيف ”مقالات الشعراء“ (جيڪو هن شاهه شهيد جي شهادت کان فقط 44 سال پوءِ لکيو) ۾ ڏنو آهي سو هيٺين ريت آهي.
”صوفي شاهه عنايت ولد مخدوم فضل الله بن ملا يوسف بن ملا شهاب الدين بن ملا آجب بن مخدوم حضرت صدو لانگاهه.“
ملا آج (عجائب الدين) ۽ صدو لانگاه (صدر الدين لانگاهه) جيئن ته هي ڪتاب شاهه عنايت جي شهادت کان فقط 44 سال پوءِ لکيو ويو آهي تنهنڪري هن ۾ ڏنل شجرو صحيح لڳي ٿو.
مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاهه اُچ شريف مالتان جي مشهور لانگاهه خاندان جو هڪ مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اتي مشهور غوثيه درگاهه جا مريد هئا. مخدوم صدو لانگاهه درگاهه جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ نصريه ڳوٺ ۾ اچي رهيو، بعد ۾ اتان لڏي ميرانپور ۾ اچي قيام ڪيائين.
صوفي شاهه عنايت جنهن تحريڪ جو بنياد وڌو ”جوکيڙي سو کائي“ جنهن لاءِ هو ۽ هن جا هزارين ساٿي شهيد ٿيا. هو پورهيت ۽ هارين جو رکوالو هو. هاڻي هن جي درگاهه تي ڌاڳا، ڦيڻا، چندي جي پيتي ۽ گادي نشيني، شاهه عنايت انهن سڀني شين جي خلاف هو. هو محنت عظمت آهي جو قائل هو. آغا سليم جي ناول ”همه اوست، جو هڪ ڪردار ماڻڪ جا مغل فوجين هٿان زخمي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي هڪ دوست جي جهوليءَ ۾ ڪري چوي ٿو ته ”سائين کانپوءِ (سائين صوفي شاهه عنايت) سائين جي نالي درگاهون ٺهنديون، مجاور ويهندا، اوڳاڙيون ٿينديون، سائين جي نالي روحاني پرمار ٿيندي ۽ ماڻهو سائين جي پيغام کي وساري ڇڏيندا.“ آغا سليم ماڻڪ واتان اڄوڪي ماحول تي زبردست تجزيو ڪيو آهي ۽ اڄ هتي ائين ٿي رهيو آهي.
ڪتاب ۾ هڪ مضمون درياخان تي به آهي، درياخان تي اهو بحث گهڻي عرصي کان هلندڙ آهي ته هي اصل ۾ ڪير هو؟ ڇا مبارڪ خان ۽ درياخان الڳ الڳ شخصيتون آهن؟ ڪجهه هن کي لاشاري ڄاڻائين ٿا. بهرحال اها ڳالهه طئه ٿيل آهي ته قبوليو، درياخان ۽ مبارڪ هڪ شخص ئي آهي. مبارڪ سندس لقب هو.
ڪتاب جو آخري مضمون سنڌ عطار سچل سرمست تي آهي. جيڪو رواجي مضمون آهي، جنهن ۾ هڪ هنڌ عنايت کٽياڻ لکي ٿو ته ”سچل سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ هندي زبانن ۾ به شاعري ڪئي.“
سچل لاءِ اهو به مشهور ڪيو ويو ته هي هفت زبان شاعر هو. ڊاڪٽر عطا محمد حامي پنهنجي هڪ مقالي ”ڪجهه غلط روايتون“ ۾ انهي متعلق لکي ٿو ته سچل سائين جو ڪلام چئن بدران ستن زبانن ۾ آهي. اها غلط روايت آهي جنهن لاءِ حامي لکي ٿو ته ”راڻيپور ۾ سچل ڪاليج جي کلڻ کان اڳ ڪنهن به اديب عالم يا بزرگ جي معتقد اها دعويٰ نه ڪئي آهي. مرزا قليچ بيگ پهريون بزرگ آهي جنهن سچي سائين جي سنڌي، سرائڪي ۽ ريختي (اردو) ڪلام تي قلم کنيو آهي. ان به سچل سائين کي ستن زبانن جو شاعر نه سڏيو آهي. ان کان پوءِ وڏي معتقد اديب آغا غلام نبي سچل سائين تي هڪ ضخيم ڪتاب لکي به اهڙي دعويٰ نه ڪئي آهي. مرحوم آغا عبدالنبي به چٽيءَ طرح مڃيندو هو ته سچي سائين جو ڪلام صرف چئن زبانن سنڌي، سرائڪي، ريختي (اردو ۽ فارسي ۾ آهي. هڪ هندستاني فقيرياڻي عرف نماڻو فقير به هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آهي مگر هن به هفت زبان هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي. اهو ڳٻوڙو فقط پندرهن سالن کان پڙاڏي جي صورت وٺي، گرهوڙي جي پيشن گوئي وانگر سنڌ جي فضا ۾ گونجندو رهي ٿو. دعويٰ هميشه دليل سان ۽ روايت سدائين سند سان قبول ڪئي ويندي آهي. هن دعويٰ متعلق ڪا روايت يا دليل ڪونهي. سچل سائين جن جي وقت کان وٺي راڻيپور جي ڪاليج کلڻ تائين ڪنهن به اديب، عالم، شاعر يا بزرگ جي موجود ٿيل ڪلام به نٿو ٻڌائي ته ستن زبانن ۾ آهي. پوءِ رڳو هٽ ڌرمي ڪري علمي مسئلي تي ڌيان نه ڏيڻ ۾ ادبي خدمت ناهي. فقط چاچي علي اڪبر زرداري هڪ چوپڙي لکي آهي، جنهن پاڻ پنهنجي دعويٰ جي برخلاف دليل ڏنا آهن. سچي سائين جي ڪلام ۾ تضمين طور ڪٿي هڪ يا ٻه لفظ ڪنهن زبان جا آهن ته، ان شعر کي هن انهيءَ زبان جو ڄاڻايو آهي. انهن هڪ ٻن لفظن جي مقابلي ۾ سمورن سنڌي لفظن کي ڇڏي ڏنو اٿس. هو سچي سائين جي شعرن سان گڏ پنهنجا به اهڙائي شعر ڏيندو پاڻ کي هفت زبان ثابت ٿو ڪري ته پوءِ سچي سائين کي ته مزلر زبانو شاعر سمجهڻ گهرجي.
اهڙن هٿرادو دليلن سان ته سنڌ جو هر شاعر ويندي چاچي علي اڪبر تائين هفت زبان شاعر بڻجي ويندو. پوءِ اسان جي بزرگ جي تخصيص ڪهڙي ٿيندي. (ڊاڪٽر عطا محمد حامي. سچل سرمست جو آفاقي پيغام. مرتب ڊاڪٽر مخمور بخاري)
عنايت کٽياڻ جو هي پورهيو، تاريخ جي شاگردن لاءِ هڪ دڳ ضرور آهي، جنهن تي هلي هو تحقيق جا نوان در کوليندا.
تحقيق جي فن جا مختلف قسم ٿين ٿا. عنايت کٽياڻ جا هي مضمون اصل ۾ تجزياتي تاريخ تي ٻڌل تحقيق آهن. عنايت کٽياڻ جو هي ڪتاب سفري نوٽس سان گڏ بياني انداز آهي جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ مشاهداتي رنگ پڻ شامل آهن. دعا آهي ته عنايت هميشه ائين لکندو رهي.
گل حسن ڪلمتي
ملير ڪراچي
تاريخ 3 اپريل 2017ء